تازيون خبرون

ثقافتي ڏهاڙو: اسان ڪٿي بيٺل آهيون؟: رشيد سومرو

سنڌ ۾ هر سال جيان هن سال به ثقافتي ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. ثقافتي رسمون، گيتن، لولين، ٻولين ۽ ٻين تقريبن ذريعي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ثقافت کي جلا بخشڻ لاءِ سنڌ جو هر ننڍو توڙي وڏو فرق شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي قومي ڏهاڙي کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي چڪا آهن.

ڪنهن به قوم جي حقيقي سڃاڻپ ان جي تهذيب، ثقافت، اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، ٻولي ۽ ان جي سماجي قدرن مان پوي ٿي، سنڌي قوم توڙي انهن جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي عرصي تي مبني آهي. ثقافت صرف گيت ڳائڻ ۽ نچڻ ٽپڻ جو نالو نه آهي پر ثقافت تهذيب جي انهن سمورن پهلوئن جي پرک ۽ تحفظ جو نالو آهي، جنهن مان سماج ۾ قوم جي سڃاڻپ ٿيندي هجي. سنڌي تهذيب آرين جي سنڌ ۾ آمد کان به اڳي جي آهي، راجا پورس کان ويندي موجوده دور تائين مختلف دور آيا، پر انهن دورن ۾ مختلف سماجي تبديلين اچڻ جي باوجود سنڌي ثقافت اڄ به زنده آهي. ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو اڄ دنيا جي ٻين قومن جي لباسن کان منفرد ۽ مختلف آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌي ماڻهو هزارن ماڻهن ۾ پڌرو هوندو آهي.

سنڌي ادب ۾ ڪچهري، مچ ڪچهرين، سگهڙ ڪچهرين، اوطاق ڪچهرين کان ويندي دنبوري تي سر آلاپڻ، بانسري تي راڳ ڇيڙڻ ۽ ڌنون وڄائڻ توڙي چنگ تي نرالا سر آلاپڻ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو اهو جز رهيا آهن، پر هن وقت جڏهن اسان ثقافتي ڏهاڙا ملهايون ٿا ته انهن ۾ مذڪوره عنصرن کان وڌيڪ ناچ گانن کي وڌيڪ ترجيح ڏيئي سنڌي ثقافت سان ڄڻ مذاق ڪيو ٿو وڃي.

ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جنڊي جي هنر، ڪاشيگري، ڪنڀارڪي ڪرت، ماٽي ۾ لسي ولوڙڻ جهڙين رمزن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ثقافتي پوشاڪ اوڍڻ ۽ ان کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ئي حقيقي ثقافتي عڪس آهي نه ڪي اسٽيجن تي بيهي نياڻين کي نچائي واهه واهه ڪرڻ سنڌي ثقافت آهي. جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن کي اسان جي ان نقطئه نظر تي اعتراض به هوندو پر جي حقيقتن جي آئيني ۾ توري تڪيو ته اسان وارو نقطئه نظر صحيح نظر ايندو.سنڌي اديبن، ليکڪن، مؤرخن، شاعرن، ڪلاڪارن جي هنري محنت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻولي جي رمزن کي صحيح نموني نشانبر ڪرڻ ئي حقيقي ثقافتي رنگ آهن، جنهن کان شايد اسان ڪوهين ڏور آهيون. ڀلي ثقافتي ڏينهن تي ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وڃن پر انهن جو محور ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ هئڻ گهرجي.

لطيفي وايون، بيت، گيت، غزل، داستان، ڪلاسيڪل سماجي اصولن ۽ آدرشن کي جيڪڏهن پس پشت رکي صرف نچڻ تي زور ڏيون ته اها قومي زيادتي هوندي. ثقافتي ڏهاڙن تي جن سماجي شخصيتن نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ٻولي ۽ تهذيب جي واڌ ويجهه لاءِ پتوڙيو، انهن کي به ياد ڪيو وڃي ۽ انهن جي خدمتن کي دنيا سامهون آندو وڃي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي حقيقي ثقافتي اصولن جو پتو پوي. ڀڳت ڪنور رام کان ويندي، استاد جمن تائين ڀلوڙ قومي راڳين، لطيف اياز کان ويندي منشي تائين قومي شاعرن کي عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ گهرجي، جن جي طفيل اڄ به سنڌي ٻولي قائم و دائم آهي.

جديد دور ۾ ثقافتي ريتن، رسمن ۽ اصولن کان اڻ واقف ماڻهو سگريٽ جي ڪش کي مٺ سان ڇڪڻ ۽ نسوار جي وزن کي منهن ۾ وجهي سمجهي ٿو ته هو ثقافتي اصولن جو پاسدار آهي ته اهو غلط آهي. موهن جي دڙي، ڪوٽڏيجي، رني ڪوٽ جي قلعن، ميرن جي صاحبي ۽ مڪلي جي ٽڪرين جي سياسي تاريخ رکڻ ۽ ان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي منتقل ڪرڻ حقيقي ثقافت آهي. سنڌ جي عظيم بزرگن شاعرن ۽ سورمائن، لطيف، صوفي شاهه عنايت، نوري ڄام تماچي، دولهه دريا خان ۽ روپلو ڪولهي کي پرکڻ ۽ پڙهڻ حقيقي ثقافت جا انمول رنگ آهن، جنهن کان گهڻي حد تائين اسان ناواقف آهيون، انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي اصلوڪي ۽ حقيقي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استادن، عالمن، ميڊيا توڙي سنڌ جي سڀني گهڻ گهرن کي اڳتي اچڻ گهرجي ته جيئن هن ڌرتي جي حقيقي تهذيب کان اسان سڀئي روشناس ٿي سگهون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *