تازيون خبرون

تو کان پوءِ ايندڙ هر نئو سال تنهنجي ياد جو نوحو کڻي اچي ٿو: مسرورسيال    

چار سال گذري ويا تنهنجي لبن تان مرڪ نه هٽي آهي تون اڄ به مرڪندي هر شهري ڏانهن نهارين ٿو ائين لڳي رهيو آهي تنهنجي مرڪ ڪٿي شهرين جي بي حسي تي ڪو پيغام ته ناهي ، ها مون کي ياد آ  جڏهن ڪير تو اڳيان  وڏيون ڳالهيون  ڪندو هو ۽ ٻٽاڪون هڻندو هو  ته تون مرڪندي کانئن نهاريندو هئين ، شهر جي چوواٽن تي تنهنجون لڳل تصويرون به مرڪندڙ انداز واريون آهن ڪٿي تون شهرين جون وڏيون ڳالهيون ۽ ٻٽاڪون ته نه ٻڌي رهيو آهين .. ها بلڪل مون کي ته ائين لڳي رهيو آهي ، تنهنجي شهادت کان پوءِ ائين لڳي رهيو هو تنهنجا قاتل بچي نه سگھندا … پر بچي ويا …. ڪئين بچيا ، ڪنهن بچايا اُها به تون ڄاڻندو هوندي ۽ هن ڳالھه کان به باخبر آهين ته اسان جي معاشري  جي وڏي ستم ظريفي اِها هجي ٿي ته ڪير به مظلوم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نٿو هجي ، ڪير مقتول جي حمايت ۾ نٿو هجي پر جيڪڏهن هجي به ٿو ته لفاظي حد تائين ….! ها قاتل کي بچائڻ لاءِ هر هڪ نڪري اچي ٿو نه رڳو نڪري اچي ٿو پر پنهنجي سموري طاقت سان نڪري اچي ٿو ، جنهن سبب مظلوم جو آواز مظلوم بڻجي وڃي ٿو قاتل جي حمايت به ڏاڍن جا ڪوٽ پهري اچي ٿي توکي به ته چار سال گذري ويا آهن رات جي رهزنن پٺيان وار ڪري تنهنجي جسم ۾ گولي پار ڪري هليا ويا هئا سا به ان رات جنهن رات دنيا نئين سال جون خوشيون ملهائي رهي هئي ، ها هر سال جيان رات جا 12 وڄندي ئي هٿيارن جا منهن کوليا وڃن ٿا جن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي اڄ به ساڳيا ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ خوف ورائي ويندو آهي دل مان اُهي دعائون نڪرنديون آهن ته مولاءَ سڀن کي محفوظ رک وري ڪو شان نه ماريو وڃي .مونکي اِها به حيرت هوندي هئي ته شهرجي چوواٽن تي تنهنجون مرڪندڙ انداز واريون تصويرون ڇو لڳايون وينديون آهن هي ڪير لڳائيندو آهي جڏهن مون غور ڪيو ته پڪ ٿيم ته هي تصويرون ان ڪري لڳايون وينديون آهن ته هن شهر جي خوف ۾ ورتل شهرين ڏانهن تون بي خوفائتو ٿي ڏسندو رھه ۽ کين اِهو پيغام ڏيندو رھه ته گولي کائيندي پنهنجي جان گھوريندي به آءُ خوفائتو ناهيا .. ته منهنجي شهر جا رهواسي تون طاقت هوندي به خوف جي ور چڙهيل ڇو آهين …. هي تصويرون تنهنجون ادڙيون لڳرائي رهيون آهن ۽ اِهو به پيغام ڏئي رهيون آهن ته قاتل تون ڀل ته ڏھه ڪوٽن ۾ پاڻ لڪائيندو رھه پر اسان جي ڀاءُ جو مرڪندڙ چهرو تو کي لڪڻ جا ٿاڪ مٽائڻ تي مجبور ڪندو رهندو ۽ هڪ  ڏينهن ان ٿاڪ تي اچي پهچندي جتان پڪڙيو ويندينءِ . شهيد شان ڏهر جو قاتل بزدل ئي آهي ان ڪري ته ان چار سال گذرڻ باوجود پاڻ کي ظاهر نه ڪيو آهي اسان کي ڏک اِهو ئي وڏو آهي ته اسان جي  پياري بهادر، بي ڊپي  دوست جو قاتل ڀاڙي ، بزدل نڪتو . هي به قدرت جو اصول آهي ته سچائي کي ڪوڙ هٿان ظاهري شڪست ڏئي سچائي جي آزمائش ڪندو آهي سو شان ڏهر اُهو سچ آهي جيڪو قلم جي نوڪ مان نڪرندو آهي جنهن سان مظلومن جي آواز کي طاقت ملندي آهي جنهن جي قلم مان نڪرندڙ مس کي شهيد جي خون کان به وڌيڪ فضيلت ڏني وئي آهي ، ان ڪري ته شهيد پنهنجي خون جو نذرانو ڏئي پاڻ ابدي زندگي ماڻي ٿو پر عالم پنهنجي قلم جي تحرير سان هزارين زندگين کي جئدان ڏئي ٿو شان جي قلم ڪيترن زندگين کي جئدان ڏنو آهي اُها انهن مظلومن کي خبر جن لاءِ هو قلمي ويڙھه ڪندو هو آخري وقت به شهر جي ميڊيڪل سٽي بلاڪ ۾ انهن مظلومن جي مدد لاءِ بيٺل رهيو جو اتي مريض بيٺل هئا جن کي سخت مدد جي ضرورت هئي ، جيڪا مدد شان ڪئي هئي سا مدد جان جي نذراني تائين تڪميل وٺي ٿي . شان ڏهر جنهن جو نالو ذاڪر حسين هو سندس ادبي  نالو تخلص  شان هو ۽ ذاڪر به ذڪر ڪندڙ هوندو آهي مطلب شان بيان ڪندڙ هوندو آهي تون به ته ذاڪر سان گڏ شان بيان ڪندڙ هئي مولا غازي عباس علمدار عليه السلام  جي علم پاڪ تي تنهنجي اُها نوڙت به ياد اٿم جڏهن تون هڪ وڏي مصيبت ۾ ڦاٿل هئين پر علم پاڪ جي زيارت کان پوءِ مرڪندو نظر ايندو هئين ائين لڳندو هو ته ڪا مصيبت يا پريشاني باقي ناهي رهي ، محرم ۾ عزاداري  تنهنجي دل ۾ موجود ڪربلا جي عڪاسي ڪندڙ هوندي هئي ، تنهنجا اُهي جملا به ياد آهن جيڪي مون کي چيا هئا …. اسين ڪيترن ئي رستن تي ڊوڙندا وتون پاڻ کي ڪيترو به لبرل ۽ سوشلسٽ سمجھون پر ڊوڙندي ڊوڙندي به واٽ ٻي نٿي ملي اچي مولاءَ جي در تي پهچي وڃون ٿا اسين ڪيترو به پاڻ کي  مختلف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پر اسان جي سڃاڻپ وري به هڪ عزادار واري ئي آهي ، وري پوءِ پاڻ ئي سوال ڪندي چوندو هنئين ته جڏهن واٽ انهيءَ تي اچڻو آهي ته ٻيا رستا ڇوٿا وٺجن خير رستا سڀ ڏٺاسين … خبر پئي ته …. اسان جو رستو اُهو ئي آهي جيڪو ڪربلا ڏانهن وڃي ٿو . شان ڏهر وڏو عرصو ڪراچي ۾ گذاريو ۽ اتي ئي صحافت ڪئي پر جڏهن پنهنجي ڳوٺ واپس وريو ته هن ڳوٺ کي پنهنجي سوچن جو مرڪز بڻايو هو ، هڪ ڏينهن جڏهن شان قلم خريد ڪيا ۽ اسڪولن جا دورا ڪيا ڪلاسن ۾ وڃي استادن کي قلم ڏئي کين قوم جي ٻچڙن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون هيون ۽ هن چيو ته مون وٽ اوهان کي ٻيو ڪجھه ڏيڻ لاءِ ناهي هي قلم به ٿوري قيمت وارو آهي پر هن جو مقام ۽ شان وڏو آهي . استادن تنهنجي هن طريقي کي ساراهيو هيو

تون چاهين پيو ته باڊھه مان ئي صحافت ڪرين ها  پر مون سميت دوستن جو اسرار هو ته تنهنجي لاءِ لاڙڪاڻو وڌيڪ بهتر آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اردو جي هڪ نجي ٽي وي چينل جو بيورو چيف ٿي ٿوري عرصي ۾ لاڙڪاڻي جي  صحافت ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ اهڙو نالو پيدا ڪيو جو صحافين ۽ صحافت لاءِ فخر بڻجي وئي . اسان کي اوهان تي فخر آهي ته شان جو وڏو شان آهي تنهنجو شان بيان ڪرڻ لاءِ تنهنجون ڀيئنر ادي فوزيه ڏهر ادي نعيمه ڏهر تنهنجي جنم ڀومي ۾ اچي تنهنجون يادون تازيون ڪن ٿيون ها شان تون وڏي شان وارو آهين جو تنهنجون ڀيئنر ڀائرن وارو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن تنهنجي قاتل جي ڳولا ۽ تنهنجي خون سان انصاف لاءِ مسلسل جدوجھد ۾ آهن سندن جدوجھد ڀاءُ جي سچائي ۽ بيگناهي کي ثابت ڪرڻ آهي ۽ قاتل کي دنيا ۾ نروار ڪرڻ آهي اِهو طريقو ۽ حوصلو هنن ڪربلا کان ورتو آهي کين خبر آهي ته ڀائرن جي بيگناهي کي ڪهڙي انداز سان ثابت ڪرڻو هوندو آهي ، تنهنجي شهادت کان پوءِ قاتلن جا پيرا کڄڻ بند نه ٿيا آهن ان ڪري به ته تون ذاڪر حسين هئين ۽ اِهو ئي تنهنجو وڏو شان هو ذڪر ڪڏهن بند ٿيڻو ناهي ڪڏهن تنهنجي صورت ۾ ته ڪڏهن ادي فوزيه ۽ ادي نعيمه جي صورت ۾ جاري رهڻو آهي ، جيڪي بيگناھه ڀاءُ جي قتل تي هڪ ذاڪره بڻجي سندس بيگناهي کي بيان ڪنديون رهن ٿيون . اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن قاتل وائکا ٿيندا ۽ تنهنجي قتل جون حقيقتون سامهون اينديون .

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *