تازيون خبرون

تو پڄاڻان سپرين: ماھم سنڌي / ميرپورخاص

اسانجي جنم ڀومي سنڌ جيڪا شاندار تھذيب، ثقافت، ٻولي، صوفي ازم، سيڪيولرزم،  عدم تشدد ، مذھبن جي برابري ، انسانيت جي اونچائي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۔  انھي سنڌ  اندر  سائين جي ايم سيد بابت اسان سڀ گھڻي کان  گھڻا بھادري ۽ عقلمندي جا مثال  ، پھاڪا ۽ چوڻيون توڙي شاعريون  ۽ مضمون ٻڌنڌا  ۽ پڙھندا پيا اچون .  ڪو ورلي به اھڙو ليکڪ سنڌ جو نه ھوندو جنھن سيد جي ڪردار جي واکاڻ پنھنجي  قلم جي ذريعي نه ڪئي ھجي . سيد بابت مضمون سنڌ جي تاريخ جا اڻ کٽندڙ سلسلا آھن . ائين چئجي ته سيد سنڌ جو آئينو آھي ته غلط نه ٿيندو . ڪنھن ليکڪ ائين به چيو ھيو ته سيد ھر موضوع مذھب،  قوميت،  ٻولي ، آزادي جي جدوجھد  ۽ عشق بابت ايڏو ته جاکوڙيو آھي جو سيد جي ھر ھڪ جاکوڙ تي اڄوڪن شاگردن کي الڳ الڳ مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ گھرجي . ھي ھڪ حقيقت تي مبني ڳالھ آھي ته ڪنھن به وقت سان تعالق رکندڙ ڪوئي پھاڪو ھجي ، ڪائي چوڻي يا ڪنھن شاعر جي ذھن ۾ جڙندڙ ڪي شاعري جو مصرائون ھجن ، اُھي سڀ ان دؤر جي عڪاسي ھونديون آھن . اسين جئين ته جٿ به شاھ عبدالطيف جي شاعري يا کڻي نالو به ٻڌون ته ھڪدم اسان سميت ٻيا به سمجھي ويندا ته اھو سنڌ سان تعلق رکي ٿو ، اھو سنڌ جو لال لطيف سنڌ ديس کي  پوري عالم  سميت دعا ڪندڙ صوفي بزرگ آھي  . ڌرتي جي پنھنجي  بھادر ۽ بردبار ڪردارن  سان سُڃاڻ  ۽ قومي  ليڊرن  جي وري پنھنجي ڌرتي جي نالي سان  سڃاڻپ ھڪ انتھائي خاص  ۽  لازم ملزوم وارو رشتو  آھي  ،  اھي ھڪٻئي سان سڃاتا وڃن ٿا . جئين اسين مھاتما گانڌي جو نالو ٻڌون ته ھڪدم ھندوستان جو پسمنظر ذھن ۾ جڙڻ لڳندو آھي ،  خميني جو نالو ٻڌنڌي ئي ايران طرف اسانجون خيالي نظرون وينديون آھن . خليل جبران جو نالو ايندي ئي لبنان جا سھڻا منظر ۽ ان جي نيسان واري گُل ٽڙڻ جي موسم دل ودماغ کي معطر ڪرڻ لڳي ويندي آھي .  فيڊرل ڪاسترو ،  لينين ،  نيلسن منڊيلا ، ڪارل مارڪس ،  چي گويرا ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جيڪي اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناھن پر اسين جڏھن به نالو ٻڌون ته اتي جي ملڪ ۽ ڌرتي جو نقشو جڙي پوندو آھي . اسين سنڌ جي نالي اڪثر اھو چوندا رھون ٿا ته اھا شاھ لطيف ، سچل ، قلندر ،  صوفي عنايت شھيد ،  دودي سومري ، راجا ڏاھر ،  ھوشو شيدي  جي ڌرتي آھي . ان جو سادو مطلب اھو آھي ته اھي اھڙيون ته شخصيتون ھيون جن تي ھڙئي سنڌي قوم کي اڄ به فخر آھي . اھڙي طرح مائي بختاور ھجي ، ٿرپارڪر جي مارئي ھجي ،  روپلو ڪولھي ھجي ، سيد صبغت الله شاھ سورھيه بادشاھ ھجي ،  انھن جا نالا کڻندي اسين اندر ۾ اھا خوشي محسوس ڪريون ٿا جيڪا پنھنجائپ جي ھوندي آھي جنھن تي فخر ڪري ڳاٽ اونچو ڪري سگھجي .

17 جنوري 1904ع تي سن  شھر ،  ضلعي دادو سنڌوءَ  جي ساڄي ڪپ تي  سائين جي ايم سيد (غلام مرتضي شاھ سنائي ) جو جنم  ، ان بعد ان جي سحر انگيز شخصيت اڄ به اھڙو ئي فخر ھر سنڌي کي ڏياري ٿي جنھن کي پنھنجي ڌرتي سان لڳاءُ آھي  . ان جي حيثيت اسان وٽ پيغمبر سنڌ واري آھي . اسين ان کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني پڻ سمجھون ٿا . سائين جي ايم سيد جو جوش ۽ ولولو ، ان  جي سياسي ڏاھپ ،  ان جي دور انديشي ،  ان جي  ادبي پرک ،  ان جون مذھبن جي ٽڪراءُ بابت سمجھاڻيون ۽ ان جي  گھڻ  رخي شخصيت سنڌ لاء سڀاڳي ئي رھي آھي . اڄ سائين جي ايم سيد جي 22ھين ورسي آھي  . ان کي ھن دنيا مان رخصت ٿئي پورا 22 سال گزري ويا آھن . ان جي رخصتي 91 سالن جي ڄمار ۾ 25 اپريل 1995ع تي ٿي ھئي . سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو بيشڪ اسان لاء وڏو ھاڃو آھي ان جي جڳھ ڪير والاري نه سگھندو . سائين جي ايم سيد جي وجود جو رُعب ۽ اثر ئي پنھنجو ھيو جو مخالف به سندن تعريف سوا نه رھي سگھندا ھئا . اڄ به اھا ڳالھ ھر ڪو مڃي ٿو  ته 1944ع ۾ جيڪر سيد صاحب مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿي ، پاڪستان جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاء ڪوششون نه وٺي ھا ته ، اڄ تائين اھو بل ڪاغذ جو  ٽڪرو ٿيو پيو رُلندو ھجي ھا .

سائين جي ايم سيد جو جسماني وڇوڙو ھڪ وڏو قومي ھاڃو آھي ، جنھن جو اسانکي اڳ کان وڌيڪ ھاڻي  احساس آھي . سائين جي ايم سيد جي  جسماني خاموشي بعد ڄڻ اڄ به ان بعد يتيم ٿيل سنڌي قوم اڃا تائين ڪو بلند آواز اٿاري نه پئي سگھي . سيد صاحب پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ جدوجھد ھئي ھڪ تحريڪ ھئي  ،  ھڪ ٻرندڙ مشعل ھئي ، ھڪ اميد ھئي . جئين جو سائين جي ايم سيد موڪلاڻي ڪري سَن جي سونھري زمين  تي سنڌو جي ساڄي ڪپ جي ڀر ۾ ،  سنڌ جي پاڪيزه مٽي کي چادر جيان اوڙھي وڃي آرامي ٿيو آھي ، ان بعد ان جي لفظن ۽ ان جي سياسي توڙي اخلاقي تحريڪ ڄڻ ته ماٺيڻي پئجي وئي آھي . جئين جو ڪو وقتائتي طوفان سمنڊ جي ڇولين مان سڪون ڪڍي انھن کي گجگوڙ تي اٿاري ڇڏي ٿو ۽ طوفان جي واپسي بعد ساڳي ئي ساگر  منجھ چپ چاپ ٿي ويندي آھي ، تئين ئي سيد جي موڪلائڻ بعد سنڌ وياڪل ٿي پئي آھي . ڪو به ماڻھو سدا جئيڻو ۽ رھڻو ناھي ۽ اسين به ائين سمجھون ٿا ۽ سيد لاء اھي لفظ پر اميد ٿي چونداسين ته

وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو

پر ان جي باوجود به سيد جي نظريي کي ڪو اھڙو جانشين نه پيو ملي جيڪو ان کي اڳتي ھلي کڻي سگھي ، اھا ڳالھ صبر ڪرڻ کان گھڻو مٿي چڙھيل آھي . سيد جي خاموشي بعد سيد جي پوئلڳن سان ٿيل نانصافين جو ازالو ذري برابر به نه پيو  ٿئي . ھر سنڌي جي اندر ۾ ھڪ آتش فشان پيو ٻري پر اڃا تائين صرف خاموشي سان ٻري پيو ڦاٽڻ جي ھمت ڌاري ئي نه پيو سگھي . اھو سيد ئي ھيو جنھن  شروعاتي حمايت  ته ڪئي پر پوء ، پاڪستان جي 1947ع ۾ آزادي بعد سيد صاحب  جلد ئي ان ڪمزور  ٻه قومي نظرئي تي جڙيل  ٺھراءُ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳو . ڇوته ان ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي بقا کي پاڪستان مان سخت  خطرو آھي . ھن ڄاڻي ورتو ته  سنڌ جي شاندار تھذيب ، ان جي جدا آزاد روايتن ،  ان جي اھنسا واري پراڻي ريتن کي  ختم ڪرڻ جي سازش پاڪستان  جي نالي تي ڪئي ويندي . سائين جي ايم سيد بنگال جي 1971ع  ۾ آزادي بعد ڄاڻي ورتو ته سنڌي ، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن سان  ھڪ مفاد تحت ٺڳي ڪري پنجابي سرمائيدارن کي نوازيو ويو آھي .  جنھن سبب سائين جي ايم سيد سڌو الڳ رستو ٺاھي پنھنجي قوم جي آزادي لاء ڄڻ ته سر عام جنگ جو طبلو وڄائي ڇڏيو  . 1972ع ۾  قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ  جو بنياد  وڌائين ، جنھن جو متن سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ان جو سياسي روح سنڌين جو ھڪ جڳھ تي گڏجي سنڌ جي مقصدن لاء وڙھڻ ھيو ،  اُھا اڄ ڀاڱن ۾ ورھائجي وئي آھي .  سنڌ کي الڳ وطن ڪرڻ جي نعري ھيٺ سنڌوديش جي تحريڪ ھلائي وئي ،  جيڪا ھاڻي پنھنجو اصل زور وڃائي رھي آھي شايد ان ڪري جو اسان وچ ۾ رھنمائي ڪرڻ وارو سائين جي ايم سيد ڪونھي .  ان جا ڇڏيل پيغام، تقريرون ،  ڪتاب ۽ ان جو ٺاھيل سنڌوديش بابت فڪري ڍانچو اسان لاء ايڏو خاص ناھي رھيو . سيد سان گڏ رھندڙ ان جا سڀئي پوئلڳ ڌار ڌار رستا ڪري پنھنجي اوليتن تي مفادن خاطر وڙھي رھيا آھن  ، جنھن سبب گھڻي ڀاڱي اختلاف پيدا ٿي رھيا  ۽  تحريڪ ۾ اڳوڻو زور ٽٽي ويو آھي . سائين جي ايم سيد جي زندگي دوران ھن  پنھنجي سياسي بصيرت ذريعي سنڌ کي ھڪ اھڙي امن گاھ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي آزادي تي ڪو مصلحت نه ٿي سگھي .  سائين جي ايم سيد عشق ۽ محبت جي فلسفي کي پڻ ڏاڍو ڳايو آھي . ھن مزاجي کان ويندي حقيقي عشق کي پنھنجي سمجھ موجب سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ھئي . سائين جي ايم سيد موجب جڏھن عشق جي ٻالڪپڻ ۽ جواني ھجي ٿي ته اھو ھڪ فرد تائين ھوندو آھي ،  پر بلوغت بعد عشق فرد نه بلڪه قوم ۽ قوم جي مجموعي مفادن سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو  . پوء عشق ڌرتي،  پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي قومي ورثي ۽ ٻولي سان ٿي ويندو آھي . سائين جي ايم سيد انھن موضوعن تي وڏي تحقيق ڪري بحث ڇيڙيا جن تي اڄ اسين لفظ ڳالھائڻ کان به ڊڄي ٿا پئون . سائين جي ايم سيد  سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ ، ڌارين جي آبادڪاري ،  مڪمل خودمختياري ، ٻولي جي اصل اھميت ،   ڪلچر ، پاڻي چوري جو تحفظ سميت ھن سنڌ جي ھر ان مسئلي تي کُلي ڳالھايو به ۽ جدوجھد به ڪئي جيڪي ان وقت ۾ پيش آيا پئي . ھڪ ليڊر ۽ رھنما پنھنجي ايندڙ ڪئي نسلن لاء مشعل راھ ڇڏي وڃي ٿو ۽ اھي ھدايتون ڇڏي وڃي ٿو جيڪي صدين تائين پيون سبق ڏينديون آھن . اڄ سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ان جو جماعتون جيڪي  گھڻيون تڻيون سائين جي ايم سيد جي نظرئي ھيٺ ٺھي ان کي پنھنجو سياسي ابو تسليم ڪري رھيو آھن ، اڄ انھن جو پاڻ ۾ تضاد ۽ ھڪ مسئلي تي گڏ ٿي نه بيھڻ ھڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي.اڄوڪي دور ۾ ائين پيو ڏسجي ته ڪا به تحريڪ ايڏي زور آور ناھي جو نئي طريقي سان پنھنجي مقصد خاطر وڙھي . بلڪه اڄ اُھي سڀ پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي بس بچائڻ ۾ پورا آھن . ڇا اھا ھڪ قسم جي  ڪمزوري نه چئبي ؟ قومپرست ڪارڪن روز مختلف جڳھين تان کنڀجيو وڃن ٿا ۽ سڄي جدوجھد ان ۾ ھوندي آھي ته شل جئيرو انھن کي واپس موٽائي سگھون . خفيه ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون ڪنھن ۾ به ھٿ وجھڻ کان ڪيٻائين ئي نٿيون ۽ پنھنجي مَن مستي تحت انھن جا  مزاڪ جاري آھن. ڪيترائي قومپرست ڪارڪن چيچري ماريا وڃن ٿا ، گھٽين ڳلين تان بلڪه تعليمي درسگاھن تان اُھي گُم ڪيا پيا وڃن پر سندن ڪير واھر وسيلو پڇاڻي وارو ناھي . جيڪا سنڌ گئس ڪمائي  وفاق ڏي آمدني  اماڻي ٿي ان وٽ نه گئس آھي ،  نه پاڻي ، نه ئي بجلي . سنڌ ته پوئين دور ۾ به ايڏي ڏکي نه ھئي جيتري ھاڻ آھي . اسين اڄ ايڏا مجبور آھيون جو پنھنجي ترقي جي نا ، بلڪه بقا جي،  پنھنجي قوميت جي جنگ انھن ڌارين سان پيا وڙھون جيڪي ھتان جا ڪڏھن ھئا ئي نه ،  پر چالاڪين سان ھاڻ سنڌ ۾ بادشاھت پيا ڪن . اسين ايڏا بي وس آھيون جو پنھنجي قوميت کي بچائڻ لاء اڄ اعلان ۽ ميڙاڪا پيا ڪريون ته مھرباني ڪري آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو ، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اھو ئي ته اسان کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون . اسانکي کٽڪو آھي ته  اردو ڳالھائيندڙ مھاجر ۽ ٻيا افغاني پٺاڻ ايترا وڌي ويا آھن جو سنڌ ڌرتي تي انھن جي اڪثريت ٿي وئي ھوندي. سائين جي ايم سيد پنھنجي جاکوڙ جيڪا شروعاتي طور مسلمانن جي قوم جي آزادي جي جدوجھد ھئي . جنھن ۾ سائين جن شريڪ ٿيو پر وقت ان کي سڀئي سبق پڙھائي ڇڏيا ته ڪئين آزادي بعد پنجابي سامراج سنڌ ۽ سنڌ جي ھر حق مٿان مسلط ٿيل آھي . سائين جي ايم سيد وڏو خدشو ظاھر ڪيو ھيو ته جيڪي اوھان اڄ انھن طالبانن کي پناھون ڏئي گھرايو پيا سي سڀاڻي وڏا نانگ بڻجي اوھان جا ٻچا پڻ کائي ويندا . سچ پچ ته اھي وڏا نانگ ٿي سنڌ ۾ ڦھلجي سنڌ جي امن کي وڏو ڇيھو رسائي رھيا آھن .  پنھنجي ڦڻن جي زھر سان ڪڏھن شڪارپور ، ڪڏھن جيڪب آباد ،  ته ڪڏھن سيوھڻ ۾ قلندر جي نگري  کي ڏنگي رت ھاڻو ڳاڙھو پيا ڪن  ۔   دشمنن  جي ھڪ ڌماڪي سان اسانجي صوفي ڌرتي رت ۾ رنگجي ماتم ڪرڻ لڳي وڃي ٿي . اڄ سنڌ جا ڌڻي ھوندي به سنڌي ٻين جي رحم وڪرم تي محتاج آھن  . سنڌ جي روايت اپنائيندي جڏھن صوفي راڳن تي رقص ڪيو پئي ويو ته سيوھڻ اندر ٿيل ڌماڪي 80 کان مٿي ماڻھن کي کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ دشمنن اھو واضح ڪيو ته سنڌ کي اسين پنھنجي دھشت ۾ پورو جڪڙي چڪا آھيون . سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون نالي اھڙا رھائشي علائقا جڙجي رھيا آھن جن ۾ سنڌين جي مخالف ويھي موجون ڪندا . سنڌو جو پاڻي جنھن تي اڳ ئي اھڙي رٿابندي ڪيل آھي جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ صفا گھٽ اچي ٿو ۽ وچ واٽ تي چوري ٿيو وڃي ان تي ڪالاباغ وٽ ڊئم اڏي ، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش پٺي پويان جاري آھي . اين ايف سي ايوارڊ ذريعي  رڳو مفاد پنجاب جي حصي ۾ آھي . سي پيڪ جي اھم راھداري منصوبي تحت به سنڌ کي ڪو خاص فائدو نه ڏنو ويندو . وفاق ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي اڌ کان گھٽ نمائندگي موجب به ان جون مخصوص سيٽون به انھن کي ناھن مليل ۽ ھو پنھنجي حق کان به محروم آھن .  انھن سڀني مسئلن تي  اڄ احتجاج  ته ٿئي پيو ڌرڻا ۽ نعرا ته لڳن پيا پر ڪو به مسئلو نيست نابود ٿي راھ تان ھٽجي نه سگھيو آھي .

سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي دوران قومي تحريڪ ۾ انھن ان وقت  جيڪي مسئلا موجود ھيا ان   مسئلن تي کلي ڳالھيائين ۽ جڏھن ڏٺائين ته پنجابين کان سواء دوکي جو ڪجھ نه ورندو ته نيٺ پوء سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪيائين جنھن ۾ سڄو خاڪو ٺاھي ،  سڄي رٿابندي ٿيل ھئي ته سنڌي ڇو ۽ ڇا لاء پنھنجي سنڌ کي الڳ وطن ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني چاھين ٿا . سائين موجب “سنڌ جي غلامي جو باعث پاڪستان جو نظريو آھي . انھي دوکي کان ٻاھر نڪري سنڌي قوم کي ضرورت آھي ته پاڻ کي قومپرستي جي رنگ ۾ رڱي ڇڏين “ . پر اھو سائين جي ايم سيد جو ڏٺل خواب ۽ اھا پرجوش تحريڪ اڄ ماٺيڻي آھي . اڄ اھا تحريڪ ڄڻ ڪو ڪنھن موسمي لٽ اندر دٻجي وئي آھي .  ڪنھن تيز ھوا جي جھونڪي بعد اجھامندڙ وسامندڙ ان ڏيئي جھڙي آھي ، جيڪا اھا ڪوشش نٿي ڪري ته ڪو پنھنجي شعلن سان دشمنن کي ساڙجي ، پر اھا  ئي ان جي جدوجھد ھوندي آھي ته بس پاڻ بچائي سگھان ، پنھنجو جئيندان قائم رکي سگھان . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ چئبي جو سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽري پڙھندڙ نورين لغاري تي اڄ دشمنن جا زھر ڀريا لفظ ايڏو اثر ڪري ويا جو ھو پاڻمرادو انھن سان شامل ٿيڻ لاء نڪري پئي آھي ۽ ھو بي ڏوھ انسانن کي مارڻ لاء جتن ڪندي ٿي وتي  . سائين جي ايم سيد بعد  سيڪيولر سنڌ ھڪ طرف ان جھڙي عظيم ھستي کي ڳولھي پئي ٻي طرف بلڪل ماٺيڻي ۽ ھنسا جي ھيٺ جبر ۽ انتھاپسندي ڀوڳي پئي. اڄ  ورسي سنڌ جي سيد کي بس ايترو ئي پيغام ڏينداسين  ته تو پڄاڻا سپرين  سنڌ سوکي نه آھي .

mahamsindhi05@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *