تازيون خبرون

تهران لاءِ نئين صبح جو پيغام :وسعت الله خان

ايران جو جوهري پروگرام 58 سال پراڻو آهي. 1957ع ۾ آمريڪا جي آئزن هاور انتظاميه ايٽم براءِ امن جي اسڪيم تحت پاڪستان ۽ ايران سميت ڪيترن ترقي پذير ملڪن کي پنج ميگاواٽ قوت جي ريسرچ ري ايڪٽر فراهم ڪيا, جن جي لاءِ مواد به آمريڪا ڏيندو هو.

1968ع ۾ جوهري ڦهلاءُ جي روڪ واري عالمي معاهدي تي ابتدائي صحيح ڪندڙن ۾ ايران به شامل هو.

سمجهوتي تي ڌرين کي پابند ڪيو ويو ته ايٽمي سرگرميون، جوهري توانائي جي بين الاقوامي اداري (آءِ اي اي اي) جي قانون ۽ نگراني هيٺ هونديون. (اسرائيل، پاڪستان ۽ ڀارت ان سمجهوتي تي اڄ تائين صحيح ناهي ڪئي.)

شاهه ايران محمد رضا شاهه پهلوي 1974ع ۾ اعلان ڪيو هو ته تيل هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو، تنهن ڪري ان جي اڳواٽ حڪمت عملي طور تي ايران 1994ع تائين 23 هزار ميگاواٽ ايٽمي بجلي پيدا ڪندو. 8 آمريڪي ڪمپنين سميت درجنين اولهه جي ادارن کان ٽينڊر طلب ڪيا ويا. هڪ جرمن ڪمپني سيمنز پاران بوشهر ۾ 1200 ميگاواٽ جي پهرين پلانٽ جي تعمير شروع ڪري به ڇڏي.

مئي 1974ع ۾ ڀارت پهريون ايٽمي ڌماڪو ڪيو. هڪ مهيني کانپوءِ رضا شاهه پهلوي فرانسيسي اخبار لي ماند کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ايران دنيا جي توقع کان ڪجهه پهرين پاڻ کي ايٽمي هٿيارن سان مسلح ڪري وٺندو.هي اهو زمانو هو، جڏهن ايران آمريڪا جو علائقائي پوليس مين ۽ خطي جي واحد غير اعلانيه جوهري قوت اسرائيل جو سفارتي ساٿاري هو.جون 1974ع ۾ آمريڪي دفاع واري کاتي هڪ اندروني ياداشت ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن شاهه پنهنجي جوهري بجلي گهرن جي عظيم الشان منصوبي کي مڪمل ڪري وٺي ٿو ته ايترو استعمال ٿيل پلوٽونيم پيدا ٿيندو، جو ڇهه سئو کان ست سئو هٿيارن جي لاءِ ڪافي آهي.شاهه کي ايٽمي هٿيارن جي خيال کان پري ۽ سويلين ايٽمي رستي تي رکڻ جي لاءِ آمريڪين هڪ تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن شاهه ايٽمي مواد جي ري پروسيسنگ ملڪ جي اندر ڪرڻ پسند ڪري ته پوءِ آمريڪا سان گڏ هڪ گڏيل ري پروسيسنگ پلانٽ لڳائي يا پوءِ آمريڪا سان پنهنجي جوهري پلانٽس جي لاءِ ٻارڻ ان شرط تي وٺي ته استعمال ٿيل ٻارڻ آمريڪا کي واپس ڪيو ويندو.

1978ع ۾ صدر جمي ڪارٽر جي تهران واري دوري جي موقعي تي جوهري تعاون جو هڪ جامع سمجهوتو به اصولن طئي ڪيو ويو پر حالتون ايتري تيزيءَ سان تبديل ٿيون جو شاهه جي حڪومت به نه رهي ۽ هڪ نئون ايران اڀريو ۽ ڪارٽر کي به ٻوڙي ويو.

آيت الله خميني تهران ۾ لهندي ئي آمريڪا کي شيطان قرار ڏنو ۽ ايٽمي هٿيارن جي تياري، ذخيري ۽ استعمال کي حرام قرار ڏيڻ جي فتويٰ به جاري ڪئي (ان کانپوءِ 2005ع ۾ علي خامنه اي ان فتويٰ جي تجديد ڪئي). ”شيطان بزرگ“ تهران يونيورسٽي جي ريسرچ ري ايڪٽر جي لاءِ افزوده يورينيم جي فراهمي روڪي ڇڏي.آمريڪي ڪمپنين جوهري بجلي گهرن جي منصوبي مان فورن هٿ ڪڍي ورتا. فرانس پنهنجي هڪ ري پروسيسنگ ڪمپني ۾ اڳوڻي شاهي حڪومت جي 10 سيڪڙو شيئرز منجمند ڪري ڇڏيا ۽ جرمن ڪمپني سيمنز آمريڪي دٻاءُ تي بوشهر ۾ جوهري بجلي گهر جي تعمير جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. ان کانپوءِ عراق- ايران جنگ دوران عراقي جنگي جهازن بوشهر پلانٽ جي ڍانچي تي پڻ بمباري ڪئي.1984ع ۾ ايران اعلان ڪيو هو ته جوهري عدم ڦهلاءُ جي عالمي سمجهوتي (اين پي ٽي) جي حدن ۾ رهندي پرامن جوهري سرگرميون جاري رکندو. ارجنٽينا، چين ۽ سوويت يونين سان غير فوجي جوهري تعاون جا سمجهوتا ٿيا.هڪ روسي ڪمپني کي بوشهر بجلي گهر جي تعمير مڪمل ڪرڻ جو ٺيڪو هو. ايران اهو موقف رکيو ته هن کي اين پي ٽي تحت غير فوجي مقصدن جي لاءِ يورينيم جي افزودگي جو حق حاصل آهي.

1998ع ۾ جڏهن پاڪستان ڀارت جي جواب ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته پنج ڏينهن کانپوءِ ايراني وزير خارجه ڪمال خرازي اسلام آباد پهچي نواز شريف حڪومت کي ان ڪارنامي تي مبارڪباد ڏني.

تنهن وقت هڪ راز آمريڪين جي ڄاڻ ۾ اچي چڪو هو پر نواز شريف حڪومت ان راز کان بي خبر هئي. يعني ڊاڪٽر قدير نيٽ ورڪ جي توسط سان ايران کي يورينيم جي افزودگي جي لاءِ آءِ آر ون ماڊل جي سينٽري فيوجز ۽ جوهري هٿيارن جي چيني ڊرائنگز جي فراهمي جو راز.

آءِ اَي اِي اَي 2003ع ۾ پنهنجي رپورٽ ۾ پهريون ڀيرو انڪشاف ڪيو ته نطنز جي جوهري مرڪز ۾ فوجي استعمال جي انتهائي افزوده يورينيم جا آثار مليا آهن.ايران جو موقف هو ته هي آثار استعمال ٿيل پاڪستاني سينٽري فيوجز جا آهن ۽ ايران عدم اعتماد جي فضا واري پيش نظر عارضي طور تي يورينيم جي واڌ جو عمل به روڪي ڇڏيو پر آءِ اي اي بضد رهي ته ڪجهه ته آهي جنهن جي پرديداري ٿي رهي آهي.2006ع ۾ ايران جو ڪيس آءِ اي اي اي جي بورڊ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي سامهون پيش ڪيو ۽ ائين ايران تي مرحليوار ايٽمي، فوجي ۽ معاشي پابنديون لاڳو ٿينديون ويون.ان عرصي دوران ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿيا پر صدر احمد نزاد ۽ آمريڪي صدر بش جي بي لچڪ روين ڪو به بريڪ ٿرو ٿيڻ نه ڏنو.دنيا جي پوري توجه ايراني جوهري پروگرام تي مرڪوز رهندي اهو سوال اٿارڻ جي ڪنهن کي به فرصت نه رهي ته اسرائيل جي جوهري اسلحي خاني جو به ڪجهه ڪيو وڃي، جتي فيڊريشن آف آمريڪن سائنٽسٽس جي 1987ع جي اندازي مطابق 80 ايٽمي هٿيار تيار پيا هئا ۽ اڄ 2015ع آهي.قصو مختصر انتهائي ٿڪائيندڙ ڳالهين جي دور بعد سوئيس شهر لوزان ۾ 24 مارچ تي سلامتي ڪونسل جا پنج مستقل ميمبر جرمني ۽ ايران جي وچ ۾ جنهن جامع سمجهوتي جو خاڪو طئي ڪيو ويو، جنهن ۾ ايران جو اهو بنيادي مطالبو تسليم ڪيو ويو ته هن کي سويلين مقصدن جي لاءِ يورينيم جي 3.67 سيڪڙو تائين افزودگي جو حق آهي. (ايٽمي هٿيار سازي جي لاءِ 90 سيڪڙو تائين افزودگي ضروري آهي ۽ ايران 20 سيڪڙو تائين افزودگي جي صلاحيت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي).

ان جي عيوض ايران کي پنهنجي يورينيم افزوده ڪرڻ واري سينٽري فيوجز جو تعداد 19 هزار مان گهٽائي 6 هزار تائين ڪرڻو هوندو. ايران پراڻي آءِ آر ون کانسواءِ ٻئي ڪنهن سينٽري فيوجز جو استعمال ڪري نه سگهندو. ايران پنهنجو 10 هزار ڪلوگرام افزوده يورينيم جو ذخيرو گهٽ ڪري 3 سئو ڪلوگرام تائين کڻي ايندو. ايران صرف نطنز جو پلانٽ جوهري افزودگي جي لاءِ استعمال ڪندو ۽ فردو جو جوهري مرڪز صرف تحقيق ۽ ترقي جي مقصدن جي لاءِ استعمال ٿيندو. ارڪ جي پلوٽونيم ساز پلانٽ ۾ تبديليون ٿينديون ته جيئن ان ۾ صرف انرجي گريڊ جو پلوٽونيم تيار ٿي سگهي. ارڪ جو هيوي واٽر ري ايڪٽر استعمال نه ٿي سگهندو ۽ استعمال ٿيل پلوٽونيم ٻاهرين ملڪ اماڻيو ويندو.

ان کانسواءِ آءِ اي اي اي جي معائنو ڪندڙ ٽيمن کي سمورن جوهري هنڌن، يورينيم جي کاڻن، ڪارخانن ۽ سپلاءِ جي کاتن ۽ ٻئي استعمال جي ٽيڪنالوجي جي اچانڪ جاچ جو بنا روڪ ٽوڪ جي حق هوندو. شروع ۾ هي سمجهوتو 15 سال جي عرصي جي لاءِ هوندو. جيئن ئي آءِ اي اي اي تصديق ڪندي ته سمجهوتي تي مڪمل عمل ٿي رهيو آهي، ايران جي خلاف پابندين جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ سلامتي ڪونسل درخواست ڪندي.۽ پوءِ 30 جون حتمي سمجهوتي جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي وئي پر علي خامنه اي سميت اعليٰ ايراني روحاني ۽ سياسي قيادت جو مطالبو هو ته حتمي سمجهوتي تي صحيح ٿيڻ شرط ئي ايران جي خلاف اقتصادي پابنديون مرحليوار کڻڻ بجاءِ هڪ ئي ڀيري ختم ڪرڻ گهرجن.ان جي عيوض مغرب جي فائيو پلس ٽو مذاڪراتي ٽيم مطالبو ڪيو ته جوهري توانائي جو معائنو ڪندڙ انسپيڪٽرن کي بنا روڪ ٽوڪ جي سمورن ايٽمي ۽ فوجي نوعيت جي تنصيبات جي معائني جي اجازت هجڻ گهرجي.

ان معاملي تي جُون ۾ شروع ٿيندڙ ويانا مذاڪرات جي حتمي دور ۾ ڪڙي سوديبازي ٿي. آخرڪار ان مهم کي پورو ڪيو ويو.

پر ڪهاڻي اڃان ختم ناهي ٿي. اسرائيل، سعودي عرب ۽ آمريڪي ڪانگريس ان سمجهوتي مان خوش ناهن. اسرائيل ايران جي سويلين جوهري پروگرام کي جڙ کان ختم ڪرڻ تائين مطمئن نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اسرائيل خطي ۾ اڪيلو ايٽمي قوت رهڻ چاهي ٿو يعني ”سنجھیاں ہو جاون گلیاں تے وچ مرزا یار پھرے۔“

سعودي عرب نه صرف ايراني جوهري صلاحيت جو مڪمل خاتمو چاهي ٿو بلڪه ان کي اهو پڻ فڪر آهي ته پابندي جي خاتمي کانپوءِ جڏهن روزانو 5 لک بيرل کان وڌيڪ ايراني تيل مارڪيٽ ۾ ايندو ته تيل جي قيمت وڌيڪ غير يقيني هوندي ۽ جڏهن ايران جي اقتصادي پريشانين ۾ گهٽتائي ٿيندي ته شام، لبنان ۽ عراق ۽ يمن سميت ان جي علائقائي، سياسي، فوجي اثر ۾ وڌيڪ اضافو به ناگزير آهي.

سڀ کان وڏي آزمائش هاڻ اها آهي ته ايران جي اندر سخت گير مذهبي عنصر ان سمجهوتي کي ڪيتري قدر قبول ڪن ٿا ۽ اسرائيل ڏانهن لچڪ رکندڙ آمريڪي ڪانگريس اسرائيل کي مطمئن ڪندي ڪڏهن ۽ ڪيئن سمجهوتي ۾ واڌارو ڪندي

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *