تازيون خبرون

تعليم جو ڪرندڙ معيار۽ حڪومتي زميواريون..!: غلام مصطفيٰ جمالي

تعليم هميشه ملڪ،معاشري ۽ قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها ڳالهه به بلڪل درست آهي ته تعليم کان سواءِ ڪو به ملڪ ڪو به معاشرو،۽ ڪا به قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي،قوم ۽ معاشري جي ترقي صرف ۽ صرف تعليم آهي. ڪنهن قوم يا ملڪ اندر تعليم وڪامڻ لڳي ته اها قوم ۽ ملڪ ترقي بجاءِ تباهي جي ڪناري پهچي ويندو آهي،۽ پوءِ جنهن کي انهي تباهي کان ڪير به بجاءِ نه ٿو سگهي.۽ اهڙي ئي ڪجهه صورتحال اسانجي ملڪ جي تعليم جي پڻ آهي.جيڪا ٻهڙاين مان ختم ٿي نظر پئي اچي.جڏهن ته شهري آبادي اندر اها تعليم پرائيوٽ اسڪولن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.جن اسڪولن جي فيءِ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ پئي اچي ۽ انهن اسڪولن اندر غريب جي ٻار لاءِ تعليم پرائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي.جڏهن ته اهڙي ماحول اندر تعليم نه هجڻ ڪري نه رڳو تعليمي ادارا تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن. پرملڪ جي ڪروڙين معصوم زندگين جي تعليم به تباهه ٿي رهي آهي.جڏهن ته مهاڳن اسڪولن ۾ ٻار پڙهائڻ والدين جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي.۽ والدين انهي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ فيءَ کان مجبور ٿي ڪري پنهنجي ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن مان ڪڍي ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائي رهيا آهن.وڌندڙ مهنگائي ۽ ڳري فئين ڪري والدين نه صرف پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ انهن جي مسقبل جي ڪري به تمام گهڻا پريشان آهن.پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته حڪومت جي طرفان تعليم جي عمل کي بهتر بنائڻ وارا ادارا ۽ سرڪاري ڪامورا اهڙي ته اگهور ننڊ ستل آهن جو کين تعليم جي تباهي جو منظر ڏسڻ ۾ ئي به پيو اچي.جڏهن اسان تعليم ۽ ايڪويهين صديءَ جي اندر چئلينج جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سڀ کان پهريائين ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون ته پوين صدين مان اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو آهي. جيڪڏهن ان جائزي ۾ اسان وڃائڻ کان وڌيڪ حاصل ڪيو آهي،!ته پوءِ اسان کي اڳئين صديءَ ۾ پير پائڻ وقت گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ڪونه پوندو، پر جيڪڏهن ڳالهه ان جي ابتڙ آهي ته پوءِ صورتحال نهايت ئي سنگين آهي، جنهن جا اثرات ايندڙ تعليم ۽ مستقبل تي تمام گهڻا هاڃيڪار پوندا.. جنهن لاءِ قوم کي انقلاب مان گذرڻو پوندو آهي. انقلاب جو نالو وٺندي ئي اسان جي ذهنن ۾  مار ڌاڙ، خون خرابي ۽ هر شيءِ کي مٽائي نئين اڏاوت جو  تصور ذهن ۾ ڦري ٿو اچي. حالانڪه ڳالهه ائين ڪونهي.

اسان وٽ انقلاب جي عمل جي باري ۾ گهڻين غلط فهمين ماڻهن کي ان کان ٽهائي رکيو آهي ۽ ان ٽاهه جي تسلسل هاڻي ته ماڻهن جي ذهن تان ان جو تصور به گهڻي قدر ميساري ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته انقلاب پنهنجي مخصوص عملي دائري سبب پنهنجي نوعيت ۾ هڪٻئي کان الڳ رهندا آيا آهن سياسي، اقتصادي، سماجي، تعليمي، سائنسي، فڪري ۽ ذهني انقلاب وغيره. اهو تصور بلڪل غلط آهي ته ڪنهن به قسم جو انقلاب پوين سڀني شين کي بلڪل ڊاهي ڇڏيندو آهي ، بلڪه ٿيندو ايئن آهي ته جيڪي شيون به انقلاب ۾ ڊهڻ جهڙيون هونديون آهن انقلاب انهن کي ڊاهيندو آهي ۽ جيڪي شيون انقلاب جي ان عمل ۾ رڪاوٽ نه ٿيون بڻجن يا ايندڙ تبديليءَ لاءِ ڪي به ناڪاري اثر نٿيون رکن ته انهن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويندو آهي. اسان ڳالهه پنهنجي تعليمي نظام جي پوئين دور جي جائزي وٺڻ جي ڪري رهيا هئاسون. انهيءَ جائزي لاءِ ڪا ڊگهي ڪاوش ڪرڻ جي ضرورت اسان کي هن ڪري به محسوس نٿي ٿئي جو موجوده تعليمي حالت جي حوالي سان ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي. سنڌي سماج جي سڀني طبقن جو انهيءَ تي اتفاق آهي ته هينئر اسان جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي،جڏهن ته سنڌ جي تعليم جو اهڙو حال آهي جو لفظن ۾ بيان به ڪرڻ جهڙو ناهي.

سنڌ جي اسڪولن تي هڪ نظر وجهنداسين ته هزارين نه پر لکين اسڪولي عمارتون زبون حالت ۾ نظر اينديون .جيڪي معصوم ٻارن جون زندگيون ڳڙڪائڻ لاءِ واڳون وارو وات ڦاڙيو ويٺيون آهن.۽ لکين اهڙا اسڪول ملندا جن اندر پاڻي پيئڻ جي سهولتون به موجود ناهي.جڏهن ته ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ بينچون  ناهن ويچارا معصوم ٻار پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهن.جڏهن ته ڪيترائي اهڙا به اسڪول آهن جن ۾ مقرر استاد سرڪاري پگهار به کڻي رهيا آهن پر انهن اسڪولن جو سرڪار وٽ رڪارڊ به موجود آهي پر انهن اسڪولن اندر نه ئي تعليم آهي ۽ نه ئي استاد ڊيوٽي ٿا ڪن ۽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي اهي اسڪول بند پيا آهن.جڏهن ته ڪيترا اهڙا به اسڪول آهن جن ۾ استاد ته موجود آهن پر انهن اسڪولن اندر ٻارن جو نالو نشان ئي ناهي.۽ انهن اسڪولن لاءِ ايندڙ فنيچر۽ ڪتاب ڪاپيون اسڪولن بجاءِ بازارن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن،انهي ڪري اها اسان جي بدقسمتي چئجي يا سرڪار جي نااهلي پر اهو سمورو سچ آهي ته انهي غفلت جي ڪري ڪروڙين ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي.اهو به سچ آهي ته انهي کان وڌيڪ بدقسمتي ڪهڙي چئبي جو جنهن ملڪ اندر وڏيرو ۽  جاگيردراڻي نظام هجي ۽ اتي تعليم کي هڪ عيب سمجهي انهي کان نفرت ڪئي وڃي ٿي.! ته پوءِ اها قوم ترقي ڪئين ٿي ڪري سگهي.اڳواڻ ايوانن ۾ ويهي ڪري چون ٿا ته پوري ملڪ اندر ٻين صوبن جي ڇڏي ڪري صرف ۽ صرف سنڌ جي تعليم تباه آهي ۽ سنڌي پوئتي پيل آهن.پر انهن کي ڪير سمجهائي ته انهن سنڌين کي پوئتي ڌڪڻ وارو ڪير آهي. انهن جي هٿن مان قلم بجاءِ گاهه جا ڏانٽا ڏيڻ وارا  ڪير.آهن، ڪو آهي جيڪو انهي سوال جو جواب واضاحت اسانکي سمجهائي.جڏهن ته اها ڳالهه به سچ آهي ته اسانجا وزير وڏيرا هڪ پرائيوٽ اسڪولن ۾ ٿيڻ واري تقريب ۾ مهمان خاص ٿيڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. پرانهن ڪڏهن سرڪاري اسڪول ۾ ٿيڻ واري تقريب ۾ ويهڻ گوارا ناهي ڪيو.مان سمجهان ٿو ته انهن وڏيرن ۽ وزيرن هميشه انهي ۾ آر محسوس ڪئي آهي.ڇو؟

آخر اسان جو اهڙو نّظام ڇو ٿي ويو آهي جو اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهيون.جڏهن ته ٿيڻ اهي کپي ته پرائيوٽ اسڪولن بجاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي رجان کي وڌائڻ لاءِ اهڙا پروگرام ضرورت طور تي رکيا وڃن ۽ انهن پروگرامن ۾ سرڪاري ادارن جي آفيسرن،وزيرن کي شرڪت ڪرڻ گهرجي.جيئن سرڪاري اسڪولن جي تعليم بهتر ٿي سگهي ۽ ٻار ۽ استاد ۾ تعليم لاءِ جذبو پيدا ٿي ۽ سندن ذهن اندر تعليم جو شعور سجاڳ ٿي،پر وري به افسوس ٿي رهيو آهي ته ائين اسان جي ملڪ اندر ٿيڻ ممڪن ئي نه پر ناممڪن آهي.اوهان اندازو لڳايو ته جنهن ديس اندر غريب کي ڀر ۾ ويهارڻ ۾ وزير وڏيرا آر محسوس ڪن، اهي ڪيئن چاهيندا ته غريب جو ٻار پڙهي ڪري اعليٰ مقام تائين پهچي.انهي ڪري انهن پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم لاءِ پرائيٽ اسڪولن ۾ پڙهايو ته جيئن غريب جي ٻار جو پاڇو به انهن جي ٻارن تي نه پوي.ڇا اهڙي معاشري ۾ تعليم سڌري سگهي ٿي.اهڙي معاشري اندر جهوپڙي ۾ رهندڙ غريب جو ٻار پڙهي ڪري اعليٰ مقام تائين پهچي سگهي ٿو،؟جڏهن ته پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جنهن اندر تعليمي تدرسي عمل بلڪل به درست ناهي.سنڌي نصاب مان سنڌي ختم ڪرڻ.پراڻي نصاب ۾ تبديليون ڪري کين ڏکيو ڪرڻ ۽ تعليميي نصاب ۾ اکرن جون غلطيون انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سرڪار تعليم جي طرف بلڪل به ڌيان نه ڏئي رهي آهي.اگر حڪومت جو ڌيان تعليم ڏانهن هجي ها ته تعليم اهڙي تباهي جي ڪناري تي هزگز نه پهچي ها.

مان سمجهان ٿو ته تعليم کي جيستائين معياري بنائڻ لاءِ حڪومت سنجيدا نه ٿيندي انهي وقت تائين نه تعليم ۾ سڌارو ايندو ۽ نه ئي اسان جي معاشري ۾ خوشحالي ٿيندي..هن وقت سنڌي قوم تعليم جي معيار تي پريشان ِضرور آهي پر مان سمجهان ٿو ته انهي مونجهاري جو حل حڪومت وٺ ضرور آهي ليڪن حڪومت انهي ڳالهه تي بلڪل به سنجيدا ناهي.جڏهن ته حڪومت جي گهرجي ته تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري.خاص طور سنڌ جي علائقن اندر جتي ڏينهن به ڏينهن تعليم ختم ٿيندي پئي وڃي.انهي ڪري حڪومت کي اهڙيون ٽيمون تشڪيل ڏيڻ گهرجن جيڪي پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪن، جت اسڪول بند آهن انهن اسڪولن کي کولائي انهن اندر تدرسي عمل کي شروع ڪيو وڃي ۽ جيڪي اسڪول زبون حالت ۾ آهن انهن جي مرمت ڪرائي انهي اسڪول کي تعليم جي قابل بنايو وڃي ته جئين اهي زبون اسڪول ڪنهن معصوم جي جان ضايع ٿيڻ جو ڪارڻ نه بڻجن.جڏهن ته استادن کي تعليم لاءِ باقده پابند ڪيو وڃي.انهي حڪومتي ڪرادر ڪرڻ تي تعليم ۾ سڌارو اچي سگهي ٿو.انهي لاءِ حڪومت کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي.اگر اهي نه ٿي سگهيو ته پوءِ سنڌ جي معصوم ٻارن جي مستقبل کي تمام گهڻو نقصان پهچي سگهي ٿو جنهن جو ڪارڻ صرف ۽ صرف اهي سياسي ڪامورا هوندا.جيڪي تعليم جي نالي تي قومي خزاني مان ڪڙورين رپين جي ڪرپشن ڪندا پيا اچن.۽ لفظن ۾ وڏيون ڳاليهون ڪري چوندا آهن ته اسان ملڪ اندر تعليم جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهي.انهي ڪري ملڪ جو هر فرد اهو ئي چاهي ٿو ته حڪومت صرف لفظن تائين محدود نه رهي.تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنجيدا ٿي.باقي ٺلهن بيانن مان نه ملڪ جي تعليم بهتر ٿيندي ۽ نه ئي قوم معاشرو،۽ ملڪ اندر ترقي ڪري سگهندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *