تازيون خبرون

”تاج محل“ ڪيئن سڙي رک ٿيو؟: عاجز جمالي

ڪراچيءَ جي شاهراهه فيصل جي اهم هنڌ تي ڪراچيءَ جي مشهور هوٽل ”تاج محل“ آهي، جنهن جو نئون نالو هوٽل ريجنٽ پلازه آهي. تاج محل ۾ اڳي ڪرائون پلازه به هو. تاج محل جهڙي جڙاوت سان اڇي رنگ واري هن عمارت جا ڪيترائي رنگ بدليا، نالا بدليا ۽ مالڪ به بدليا. هي هوٽل شهر جي جنهن هنڌ تي موجود آهي، اها سيڪيورٽي جي حوالي سان انتهائي اهم جڳهه آهي. هوٽل سان لڳ ئي ڪور هيڊ ڪوارٽر آهي، جتي سنڌ جو ڪور ڪمانڊر رهندو آهي. هوٽل جي سامهون موجود سموريون عمارتون حساس ادارن ۽ سيڪيورٽي ادارن جون آهن. هوٽل جي پٺئين پاسي کان جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ جناح اسپتال آهي. هن عمارت جي آمهون سامهون ساڄي کاٻي سموريون عمارتون اهم آهن. هي مشهور چار اسٽار هوٽل آهي. شهر جي رش کان پري ۽ شاهراهه فيصل تي هجڻ سبب هيءَ هوٽل پرڏيهين لاءِ پڻ پُرڪشش آهي. ڪراچيءَ جي ٻن وڏين هوٽلن کانپوءِ ٽئين چوٿين نمبر تي هن هوٽل جو نالو آهي. هيءَ ايڏي عمارت آهي جو هن جي ڪمرن ۾ چار پنج سئو ماڻهو هڪ ئي وقت رهي سگهن ٿا. هوٽل جي ريسٽورنٽ ۾ سئو سوا ماڻهو ماني کائي سگهن ٿا. ان کان علاوه ڪانفرنس هال سيمينارز لاءِ چار پنج وڏا هال، سوئمنگ پول، جم ۽ اُهي سڀ لوازمات موجود اٿس، جيڪي دنيا جي وڏين هوٽلن ۾ هوندا آهن. يعني هوٽل اندر  ”ننڍڙي جنت“ جنهن ۾ زندگيءَ جي هر آسائش ميسر هُجي. هن هوٽل ۾ رات گذاريندڙ ڪو غريب نه هوندو، ڇو ته هي مهانگي هوٽل آهي. آچر جي شام جو هوٽل ۾ ڪافي مهمانن جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو، جن جا ڪمرا اڳي ئي بُڪ ٿيل هئا. صحت کاتي جي ٽُڪن واري مرڪزي پروگرام اي پي آءِ طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي ضلعي هيلٿ آفيسرن (ڊي ايڇ اوز) سميت لاڳاپيل ڊاڪٽر، پوليو لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي عهديدارن سميت پراجيڪٽ سان لاڳاپيل ڪافي ماڻهن لاءِ ڪمرا هئا، هنن سمورن مهمانن کي ٻئي ڏينهن يعني سومر جي صبح نيرن کانپوءِ ڪانفرنس هال ۾ رٿيل سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻو هو. هن سيمينار ۾ صحت کاتي جا پنجاهه کان سٺ ۽ ڪُل سئو کن ماڻهن جي شرڪت ٿيڻي هئي. هوٽل جي ڪمرن ۾ موجود مهمانن ۾ جيون ساٿين جا جوڙا به هئا ته ڪرڪيٽ جا رانديگر به هئا. چين ۽ جاپان سميت مختلف ملڪن جا پرڏيهي مهمان چڍيون پائي سمهي رهيا هئا. مهمانن ۾ آفيسر به هئا ته ايئر هوسٽسز به هيون، ڊاڪٽرز به هئا ته نرسون به هيون. هر قسم، هر قوم ۽ نسل جا مهمان رات جي مانيءَ کانپوءِ ڪمرن ۾ هليا ويا، ڪي سمهي رهيا ته ڪي سمهڻ جي تيارين ۾ هئا، ڪي هوش ۾ هئا، ڪي مدهوشيءَ جي عالم ۾- ڪي خوابن جي واديءَ ۾ هئا ته ڪي جاڳندڙ اکڙين سان خواب اُڻي رهيا هئا، ٻئي ڏينهن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا پر هن ننڍڙي جنت ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ذهنن ۾ غلطيءَ سان به اهو خيال نه ڄميو هوندو ته خوابن جي جنت ڪڏهن دوزخ ڪيئن بڻجي ويندي آهي. کين خيال تڏهن آيو جڏهن سندن ساهه ٻوساٽجڻ لڳو يا کين باهه جو سيڪ اچڻ لڳو. ها تاج محل کي باهه لڳي چڪي هئي. خواب، خواهشون، اُميدون، مستقبل ۽ زندگيون سڙ ڻ لڳيون. ڏسندي ئي ڏسندي شعلا ڀڙڪڻ لڳا. شيشن جي عمارتن ۾ باهه جا اُلا، ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هُئي. ڪمرن ۾ سُتل ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، چڍيون، گوڏون،  شلوار قميص ۽ پينٽ شرٽون پاتل مرد، عورتون، هر طر ف ڊوڙڻ جي ڪوشش، ڪو رستو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيڏانهن ڊوڙجي.

سنڌ جي قومپرست سياسي ڪارڪن، ڊاڪٽر رحيم سولنگي ڪجهه دوستن جا فون کڙڪايا، ٽي وي چينل جي رپورٽرن سان رابطو ڪيو. ماضيءَ ۾ ڇهه گوليون کاڌل حياتيءَ جي جنگ کٽيندڙ ڊاڪٽر رحيم سولنگي زندگيءَ جي جنگ هارائي رهيو هو پر هُن صحافيءَ کي فون تي ٻڌايو ته وارو ڪريو اسان کي ٻاهر ڪڍو. هوٽل کان 15 ڪلوميٽر ملير ۾ رهندڙ منهنجو دوست ارباب چانڊيو رات جو ٽين وڳي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيو. سندس چواڻي هُن پوليس، رينجرز، فائر برگيڊ ۽ ٽي وي جي آفيس فون ڪري اطلاع ڏنو ته تاج محل ۾ باهه لڳي چُڪي آهي. ٽي وي جي سيٽلائيٽ وين، ڪئميرا ۽ رپورٽر سان ته پهچي ويا، ايڌيءَ جون ايمبولينسون به پهچڻ شروع ٿيون پر باهه ڀڙڪي رهي هئي، ماڻهن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون هجن ۽ ڀڄ ڀڄان هجي. ارباب چانڊيوٻڌايو ته هُن ٻيهر ڊاڪٽر رحيم سولنگي کي فون ڪيو ته هُن کيس ٻڌايو ته ”يار هاڻي ساهه پيو ٻوساٽجي ڳالهائي نه پيو سگهان.“ فون بند ٿي ويو. ارباب وري فون ڪيو پر فون جي گهنٽي وڄي رهي هئي پر شايد ڊاڪٽر رحيم سولنگيءَ جي زندگيءَ جي گهنٽي وڄڻ بند ٿي وئي، شايد دل جي ڌڙڪن دونهي ۾ گهُٽجي رهي هئي. تصور نٿو ڪري سگهجي ته اُنهن 12 ڄڻن جي ڪيفيت ڇا هوندي ۽ نه ڪير اسان کي اها ڪيفيت ٻڌائي سگهي ٿو. ڇو ته ٻارهن گهرن جا تاج محل سڙي رک ٿي چڪا هئا، جيڪي بچيا انهن جون ڄنگهون ٻانهون ڀڄي پيون، ڇو جو ماڻهن ٽپا ڏنا، شيشا ڀڃي  پاڻ کي هيٺ اڇلايو.

جناح اسپتال ۾ جن چئن پنجن زخمين سان ڳالهه ٿي ان مان اهو اندازو سولائي سان ڪري سگهجي ٿو ته هوٽل جي انتظاميه انتهائي لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو. سندن لاپرواهيءَ جو گناهه جيئرن انسانن جي سڙڻ جو ڪارڻ بڻيو. ان ڪري  امڪان اهو آهي ته هر سال ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ هن هوٽل جا ميمڻ سيٺ عدالت تائين ضرور گهلبا. زخمين جي ڳالهين ٻڌڻ ۽ صحافتي زندگيءَ ۾ ڪراچي شهر ۾ باهه جا هزارين واقعا رپورٽ ڪرڻ جي تجربي جي بنياد تي مان اها ڳالهه سومر جي صبح 9 وڳي پنهنجي ٽي وي چينل تي چئي هئي ته هن واقعي ۾ تخريبڪاريءَ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي پر ان ئي رات 8 وڳي وائيس آف آمريڪا ريڊيو تي مون اها ڳالهه وثوق سان چئي هئي ته هي سانحو حادثو گهٽ پيو  لڳي. باهه لڳڻ جي ڀيٽ ۾ باهه لڳائڻ جو عمل وڌيڪ نظر پيو اچي. ٽيلي فون لائين تي موجود هوٽل جي ڊائريڪٽر فنانس منهنجي ڳالهه کي رد ڪندي چيو هو ته واقعو نه غلطي آهي نه ئي تخريبڪاري بس حادثو آهي. هاڻي اچون ٿا انهن ڪڙين حقيقتن تي جيڪي هن سانحي جي پسمنظر، پيش منظر يعني ماضي، حال ۽ مستقبل سان واڳيل آهن.

منظرنامو:

ٻڌايو وڃي ٿو ته رات اڍائي وڳي ڌاري هوٽل جي ننڍي بورچي خاني ۾ باهه لڳي، جيڪا 3 وڳي تائين سڄي هوٽل کي وڪوڙي وئي. سوال اهو آهي ته ڇا هوٽل جي انتظاميه کي جڏهن خبر پئي ته باهه لڳي آهي، پوءِ انهن هوٽل ۾ رهيل مسافرن کي آگھاهه ڇو نه ڪيو؟ هڪ زخمي  ’ايم جي‘ ٻڌائي ٿو ته ”رات 2 وڳي کانپوءِ اسان گهنٽي وڄائي، هوٽل جو ويٽر (بيرو) آيو، اسان کيس چيو ته “منرل واٽر“  (پاڻي) جي بوتل آڻي ڏني وڃي پر ويٽر افراتفري ۾ اهو چئي رهيو هو ته هن وقت ڪجهه به نه ملي سگهندو.“ ايم جي جو خيال هو ته سندس اندازي موجب ان ويٽر کي خبر هئي ته هوٽل جي بورچي خاني ۾ باهه لڳل آهي پر مسافرن کان اها ڳالهه لڪائي وئي. شايد هوٽل انتظاميا اهو سمجهيو ته ننڍي باهه آهي جلد ڪنٽرل ٿي ويندو. ٻي اهم ڳالهه آهي ته وڏين هوٽلن يا وڏين عمارتن ۾ ”فائر الارم“ هنگامي بنيادن تي سائرن وڄائيندڙ اوزر لڳل هوندا آهن. دونهون اچڻ سان ئي اُهي  وڄڻ شروع ڪندا آهن پر زخمين موجب اهڙو سائرن هُنن نه ٻڌو. ٽين ڳالهه ته هر ڪمري ۾ ”فائر ڊيڊيڪٽر“ نالي هڪ ننڍڙي اليڪٽرانڪ گهنٽي ڪمري جي ڇت يا ڪنهن ڀت ۾ لڳل هوندي آهي. ڪمري ۾ سگريٽ جو دونهون به ڀرجي وڃي ته اها مشين ”ٽين ٽين ٽين“ جا آواز ڪڍڻ شروع ڪندي آهي. تاج محل هوٽل جي ڪمرن ۾ ”فائر ڊيڊيڪٽر“ ناهي لڳل. چوٿين ڳالهه ته هر وڏي  عمارت ۾ هنگامي بنيادن تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ ”اخراج“ ٻاهر نڪرڻ جو رستو هوندو آهي پر هن هوٽل ۾ جڏهن باهه لڳي ته ڪنهن به مسافر کي اهڙو رستو نظر نه آيو، جيڪڏهن ائين هجي ها ته ڀلا ماڻهو چوٿين ماڙ تان شيشا ڀڃي پاڻ کي هيٺ ڇو اُڇلائين ها. هي سڀ ڳالهيون هوٽل انتظاميا جي لاپرواهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ معلوم ٿيو آهي ته انهن رخن تي پوليس به تحقيقات ڪري رهي آهي، پر جيڪڏهن ڪا به تخريبڪاري ٿي هوندي ته پوءِ ڄاڻايل ڳالهيون ڪم نه اينديون.

تخريبڪاري ڇو؟

پهريون سوال ته رات جو ٻه اڍائي وڳي هوٽل جي چُلهي يا بورچي خاني ۾ ڪهڙو ڪم هو ، مسافر ته سڀ ڪمرن ۾ سُتل هئا ۽ ريسٽورنٽ به بند ٿي چُڪي هئي. ٻيو اهم سوال ته زمين تي موجود بورچي خاني جي چُلهي ۾ لڳل باهه اڌ ڪلاڪ جي اندر اندر چوٿين پنجين ماڙ تائين ڪيئن پهچي وئي. مٿين ماڙن جي شيشن مان باهه جا شعلا ڪيئن ڀڙڪي رهيا هئا؟ ڪراچيءَ ۾ لڳندڙ باهه جي واقعن ۾ ڪيميڪل جي باهه ڪافي اهم هوندي آهي. ڪراچيءَ ۾ باهه جا جيترا به وڏا سانحا ٿيا آهن، انهن ۾ هڪ مخصوص ڪيميڪل جو استعمال ٿيو آهي، ان ڪيميڪل سبب ڏهه پندرهن منٽن ۾ باهه سڄي عمارت کي وڪوڙي ڇڏيندي آهي. ڪيميڪل جي باهه هڪ رٿابندي تحت لڳائي ويندي آهي. اهڙي باهه لڳائڻ جو مطلب ئي وڏو واقعو ڪرڻ يا اُن سڄي عمارت کي ساڙڻ هوندو آهي. تاج محل هوٽل جي سانحي ۾ ڪمرن اندر مسافرن جي ساهه ٻوساٽجڻ جو وڏو سبب ايئرڪنڊيشنر لائين ذريعي ڪمرن ۾ دونهون ڀرجڻ ٻڌايو پيو وڃي. ان جو  صاف مطلب آهي ته جڏهن باهه لڳي چُڪي هئي، اڌ ڪلاڪ جي اندر به ڪنهن ايئرڪنڊيشنڊ جي سينٽرل لائين بند نه ڪئي، ان ڪري هر ڪمري ۾ دونهون ڀرجي ويو، ان عمل ۾ به غفلت کان وڌيڪ رٿابندي لڳي ٿي.

تخريبڪاريءَ جو سبب؟

جڏهن مان اهو چوان ٿو ته تخريب ڪاري ٿي سگهي ٿي، ته اهو سوال ٿيندو، ڀلا تخريبڪاريءَ جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هن هوٽل بابت ٽي چار ڳالهيون معلوم ٿيون آهن، اُهي تخريبڪاري يا باهه لڳائڻ لاءِ اهم نقطا آهن. پهرين ڳالهه اها آهي ته هوٽل جي مالڪن وچ ۾ ملڪيت تي تڪرار هلندڙ آهي. هي تڪرار ڀائرن جي وچ ۾ هلندڙ آهي ۽ مامرو عدالت تائين پهتل آهي. ملڪيت جو تنازعو خطرنڪ تڪرارن مان هڪ هوندو آهي. ٻي ڳالهه هوٽل پاسي کان پيل خالي پلاٽ آهي، جيڪو هن هوٽل جي پارڪنگ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هي اربين روپين جو پلاٽ آهي. هن پلاٽ تي ماضي ۾ جهڳڙا به ٿيندا رهيا آهن. هوٽل انتظاميه ۽ ڪجهه ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ رهي آهي. هوٽل انتظاميه اربين روپين جي پلاٽ تي مالڪيءَ جي دعويدار آهي ۽ پلاٽ مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. ٽيون سبب بلديه فئڪٽري گارمينٽ فئڪٽريءَ جهڙو ٿي سگهي ٿو، يعني ڀتو! ڪراچيءَ جي موجوده صورتحال کي ڏسي ڪجهه ماڻهو هن کي ڪمزور سبب چئي سگهن ٿا، ڇو ته ڪراچي آپريشن جو هلي رهيو آهي، پر تلخ حقيقت هيءَ به آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن دوران به ”ڀتا اوڳاڙي“ جاري آهي. اڳي کان گهٽ آهي پر وڏي سطح تي ڀتا وصول ڪندڙ هن ئي شهر ۾ موجود آهن، سو هنن ڪارڻن کي سامهون رکي تحقيقات ڪرڻ بهرحال تحقيقاتي ادارن جو ڪم آهي، پر تجربو ٻڌائي ٿو ته هوٽل ۾ لڳل باهه جو واقعو اهڙو سادو يا بس حادثو نه ٿو لڳي، جيئن ٻڌايو پيو وڃي. هن حادثي پٺيان ڪيترائي ڳجها هٿ ٿي سگهن ٿا. ڪيترائي راز ٿي سگهن ٿا، ڪيترائي انڪشاف ٿي سگهن ٿا. باهه لڳڻ وقت موجود اسٽاف کي گرفتار ڪري تحقيقات ڪرڻ سان به شايد رستا ملي وڃن پر امڪان اهو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هن سانحي جا تفصيل جڏهن سامهون ايندا ته ثابت ٿي ويندو ته هي سانحو ”حادثو“ نه پر ڪجهه ٻيو آهي.

aajizjamalijamali@yahoo.com

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *