تازيون خبرون

بيت المقدس مامرو ۽ آمريڪا جي گڏيل قومن ۾ شڪست: مسرورسيال  

آمريڪا پنهنجين غلط پاليسين سبب دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ان جو واضع ثبوت گڏيل قومن جي سلامتي واري اجلاس ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ آمريڪا کي بري شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي ڍهراءُ جي حق ۾ 128 ووٽ آيا مخالفت ۾ رڳو 9 ووٽ جڏهن ته 35 ملڪن ووٽ ۾ حصو ئي نه ورتو آمريڪا جي پوري ڪوشس هئي ته ٺهراءُ جي مخالفت ۾ اڪثريتي ووٽ اچن ان لاءِ هن ڌمڪين وارو انداز به اختيار ڪيو ۽ ملڪن جي امداد بند ڪرڻ واري ڌمڪي به ڏني پر ڌمڪي جو ڪوبه اثر نظر نه آيو ۽ آمريڪا پاران بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ واري اعلان کي رد ڪيو ويو .ڏسجي ته آمريڪا جي هي پاليسي ڪا هاڻ جي ناهي پر اڳ ئي اهڙي پاليسي جڙيل هئي ۽ هر دور جي صدر اڳيان رکي پئي  وئي پر ان وقت جي آمريڪي صدر حالتن کي نطر ۾ رکندي اهڙي اعلان ڪرڻ کان لنوائيندا رهيا جڏهن کان ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو صدر ٿيو آهي هن تڪراري پاليسين کي پنهنجي ٽيبل رکي ڇڏيو آهي  واري واري سان انهن  جو اعلان ڪندو پيو  وڃي جنهن سبب آمريڪا خلاف هڪ نئو ماحول جڙندو وڃي ٿو جئين اڳ  مختلف دورن ۾ حالتن مطابق ماحول جوڙيندا آيا ۽ مختلف ملڪن ۾ مداخلت ڪندا آيا جڏهن ايران ۾ ٻه هزار قديم شهنشاهي نظام کي شڪست ڏئي اسلامي انقلاب ڪامياب ٿيو ته آمريڪا ايران ۾ خميني جي آيل اسلامي انقلاب کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ايران کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ تڪراي پاليسي ڏني ان وقت عراق جي صدر صدام حسين کي مهري طور استعمال ڪيو ۽ ايران خلاف جارحيت ڪرائي ۽ دنيا ۾ پنهنجي بيٺڪي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عرب ملڪن سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن کي پڻ ايران خلاف استعمال ڪيو ويو

ايران جي اسلامي انقلاب جي باني حضرت آيت الله روح الله خميني چيو هو ته آمريڪا شيطانِ بزرگ آهي مطلب آمريڪا وڏو شيطان آهي تڏهن آمريڪا نواز عرب ۽ ٻيا مسلمان ملڪ هن جملي کي ڄڻ ڪفريه جملو سمجھي ايران خلاف آمريڪي مهم جو حصو بڻجي ويا هئا ۽ آمريڪا دوستي ۾ ايران دشمني تي لهي آيا هئا ان جي نتيجي ۾ عراق جي ان وقت جي حڪمران صدر  صدام جي  پٺي ٺپي ايران مٿان جارحيت ڪرائي وئي هئي تازو انقلاب جا زخم اڃا ختم نه ٿيا هئا ته وري مٿن جنگ مڙهي وئي ايران مٿان پابنديون لڳايون ويو هيون ۽ صدام جي ڀرپور مدد ڪئي وئي هئي نتيجي ۾ 9 سال جنگ جاري رهڻ کانپوءِ جنگ جو خاتمو ٿيو ته آمريڪا صدام کي خطرو قرار ڏيڻ لاءِ وري نئين شرارت ڪئي ڪويت مٿان صدام هٿان قبضو ڪرائي عراق ۾ مداخلت جو رستو ٺاهيو اهڙي طرح افغانستان ۾ مداخلت لاءِ طالبان جي حمايت ڪئي هئي کانئن به جيڪي ڪم ورتا ويا اُهي به تاريخ جو حصو آهن جنهن جو اصل سبب وري به ايران سان گڏ پاڪستان کي سوڙهو ڪرڻو هو پر پاڪستان ته آمريڪي پاليسين جو رکوالو بڻجندو رهيو ۽ چوڪيداري وارو ڪم ڪندو رهيو يارهن  اليون واقعي کان پوءِ افغانستان ۾ مداخلت جو رستو ملڻ شرط افغانستان ۾ گهڙي آيو جيڪو اڃا تائين موجود آهي هن وقت شام ۾ جيڪا هن شرارت ڪئي اُها به کيس راس نه آئي سعودي عرب به سندس نشاني تي آهي پر هن وقت به سعودي حڪمران آمريڪا جا ٻڌا ٻانها بڻيل آهن سعودي جون حالتون به چڱيون ناهن ۽ سعودي هن وقت گھرو ويڙھه طرف وڌي رهيو آهي ان جو مقصد به آمريڪي پاليسي آهي ان ڪري ته عربن کي مڪمل طور ڪمزور ڪري ۽ مسلمانن ۾ فرقي واريت کي هوا ڏئي انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي کين ڪمزور ڪيو پيو وڃي  هاڻ انهيءَ صورتحال کي ڏسي آمريڪا جي تڪراري صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ وڏي شرارت جو بنياد وڌو آهي مطلب بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ  قرار ڏيندي پنهنجو سفارت خانو تل ابيب مان بيت المقدس ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان  تڪرار اڀري اٿيو آهي اهڙي عمل سان مسلمان ملڪن جي اڪثريت ۾ ڳڻتي ڇائجي وئي آهي پر آمريڪا کي اسلامي ملڪن جي ڳڻتي جي پرواھه ئي ناهي ، جي پرواھه هجي ها ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ها بيت المقدس جيڪو مسلمانن سميت ٽن الهامي ڪتاب رکندڙ مذهبن لاءِ مقدس آهي ۽ هي ئي مقدس جاءِ آهي جنهن جي لاءِ صلبي جنگيون لڳيون هنيون 1948ع ۾ جڏهن برطانيه آمريت فلسطين جي ڌرتي کي ڌرتيءِ ڌڻين کان کسڻ لاءِ ٻه اڌ ڪيا  فلسطين جي سرزمين تي اسرائيل نالي رياست جو بنياد وڌو ويو تڏهن کان فلسطين پنهنجي جدوجھد جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو هو اسرائيلي رياست جي وجودکي ناجائز وجود قرار ڏنو ويو ان ناجائز وجود خلاف جيتوڻيڪ اسلامي ملڪن سميت نظرياتي ملڪن آواز اٿاريو ۽ هن جي  وجود کي به  ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو پر تنهن هوندي به اڳتي هلي سعودي عرب سميت ڪيترائي اسلامي ملڪ ڳجھه ڳوھه ۾ اسرائيل کي تسليم ڪري ويٺا هئا جڏهن ته ڪجھه اسلامي ملڪن ظاهري طور به تسليم ڪيو ايران ، شام سميت ڪيترائي ملڪ اڄ به ڪنهن به قيمت تي اسرائيلي ناجائز وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن پر فلسطين جي مالي توڙي اخلاقي مدد ڪندا رهيا آهن هن وقت به ايران ئي آهي جيڪو اسلامي ملڪن منجھان طاقتور ۽ مزاحمتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اسرائيل به پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ايران کي سمجھي رهيو آهي ان سان گڏ عرب ملڪ جتي اڄ به شاهي حڪومتون آهن پنهنجي لاءِ خطرو سمجھن ٿا ان ڪري اسرائيل جون ڳجھيون ايجنسيون ۽ عرب ملڪن جي دولت ايران خلاف استعمال ٿي رهي آهي . هن صورتحال ۾ جتي عراق ۽ شام ۾ داعش جي ناڪامين ۽ پسپائي کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته داعش توڙي ٻين شيطاني قوتن جي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ هڪ نئين شرارت ڪئي وئي آهي اِها شرارت آمريڪا کي مهانگي پوندي سندس اهڙي اعلان سان ڪيترائي عرب ملڪ پڻ غير محفوظ ٿي ويندا نتيجي ۾ عربن جي اڪثريت متحد ٿي ويندي ۽ اُهي ايران جي ويجھو ايندا اهڙي طرح اسلامي ملڪن جو اتحاد به وري نئين طريقي سان مضبوط ٿي سامهون ايندو ان سان گڏ فلسطين ۾ پڻ ماٺ پيل آزادي تحريڪ پڻ جاڳي پوندي حذب الله سميت سموريون انقلابي تنظيمون صف بنديون ڪنديون جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا سمورا وسيلا ايران توڙي ايران حمايتين خلاف استعمال ڪندا جنهن سان هڪ وڏو بحران پيدا ٿيندو ۽ امڪان آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿئي خير ڊونلڊ ٽرمپ پاران بيت المقدس کي اسرائيلي گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ واري اعلان سان جيڪا ڳڻتي پيدا ٿي آهي اُها اسلامي ملڪن توڙي عرب جي اڪثر ملڪن کي متحد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو  جنهن جو اندازو شايد ڊونلڊ ٽرمپ کي نه هوندو کيس اندازو تڏهن پوندو جڏهن آمريڪا خلاف نفرت ۾ انهن ملڪن ۾ به اضافو ٿيندو جن کي هُو پنهنجي جاگير سمجھندو رهيو آهي ۽ خود آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي هن فيصلي تي  تنقيد  جو منهن ڏسڻو پوندو امڪان آهن ته آمريڪا اهڙي فيصلي کي واپس به وٺي ڇڏي پر اُهو فلسطين حمايت ملڪن جو متحد ٿيڻ تي ممڪن آهي ۽ آمريڪا توڙي اسرائيل خلاف مضبوط تحريڪ هلائڻ ۾ ممڪن آهي…..  ڏسڻو اِهو آهي ته اسلامي ملڪ توڙي عرب ملڪ آمريڪا جي مخالفت ۾ صف بندي ڪن ٿا يا نه ، فلسطين جي آزادي ۽ اسرائيل جي غاصبيت خلاف هڪ ٿين ٿا يا نه  اِهو سوال هر طرف کان ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ چيو پئي ويو ته  جيڪڏهن ائين ٿي پيو ۽ متحد ٿي ويا ته آمريڪا به پنهنجين پاليسن تي نظر ثاني ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ ڪيل فيصلن تي عمل درآمد روڪي ڇڏيندوجيڪڏهن بدقسمتي سان اسلامي ملڪ متحد نه ٿيا ته پوءِ آمريڪا پنهنجي جارحيت جو سلسلو ائين آساني سان جاري رکندو ايندو جئين هڪ صدي کان جاري رکيون پيو اچي ، خير ان جو جواب ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واري اجلاس  ۾ آمريڪا سميت سندس اتحادي ملڪن کي ملي ويو آهي ته سندن پاليسي خلاف 128 ملڪن ووٽ ڏئي سندس پاليسي کي رد ڪري ڇڏيو آهي انهن ۾ آمريڪا جا ويجھا ساٿي ملڪ به آهن جن ۾ برطانيا ، فرانس ، جاپان وغيره  شامل آهن  ، آمريڪا گڏيل قومن ۾ پنهنجي شڪست کي به پنهنجي ڏاڍ واري رويي سان ڏسي رهيو آهي ۽ آمريڪي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن ووٽنگ جو اثر آمريڪا تي نه پوندو ۽ هو پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪندو اِهائي هڪ جارحيت رکندڙ جي سوچ هوندي آهي پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته آمريڪا پنهنجي شڪست تي پريشان ضرور آهي جيڪڏهن هن پاليسي تبديل نه ڪئي ته پوءِ آمريڪا پاڻ تبديل ٿي ويندو ۽ ۽ دنيا ۾ پڻ تبديلي اچي ويندي ممڪن آهي آمريڪا مخالف بلاڪ طاقتور ٿي سامهون اچي ۽ دنيا ۾ هڪ طاقتور بجاءِ ٻه طاقتور بلاڪ سامهون اچي وڃن ..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *