تازيون خبرون

بنگالين جو قتل عام ۽ بنگلاديش جو قيام!: ڪامريڊمنان چانڊيو

اڄ کان 46 سال اڳ 16 ڊسمبر 1971ع تي دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ۽ آزاد ملڪ بنگلاديش، نڪري نروار ۽ نموندار ٿيو، ۽ اهڙي ريت 14 آگسٽ 1947ع تي قائم ٿيل پاڪستان 24 سالن جي چئن مهينن ۽ ٻن ڏينهن واري ڦوهه جواني ۾ ٻه اڌ ٿي ويو. هتي افسوس جي ڳالھ اها پڻ آھي، ته جتي بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کي هڪ فوجي جنرل مشتاق احمد 7 آگسٽ 1975ع تي بنگالي قوم جي هيري کي قتل ڪرائي حڪومت تي قضبو ڪرائي ورتو. اتي وري 4 اپريل 1979ع تي اولھ پاڪستان کي مشڪل حالتن مان اڪاري نئين سر ترقي ۽ تعمير جي راهه تي گامزن ڪندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا راڄ مڙھي، کيس جنرل ضياءُ الحق عدالت هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو. اسان جي نظر ۾ انهن ٻنهي عوامي اڳواڻن جي غير فطري وڇوڙي کان پوءِ اتان جي عوام کي انهن جهڙا معتبر ۽ محبوب ليڊر اڄ تائين ڪونه مليا آھن. جيتوڻيڪ شيخ مجيب الرحمان جي فوجي غاصبن جي وحشيت کان بچيل اڪيلي نياڻي شيخ حسينا واجد پنهنجي عظيم پيءُ جي شھادت کان پوءِ هن وقت تائين ٻه ٽي ڀيرا حڪومت سنڀالي آھي. ۽ ساڳي ريت ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي اعليٰ پائي جي سياستدان جي ڌيءُ پنهنجي والد جي شھادت کان پوءِ ٻه دفعا ملڪ جي اقتدار تائين رسڻ کان پوءِ نيٺ ان کي به قاتل قوتن شهيد ڪري ڇڏيو. ڪيڏي نه ستم ظريفي ۽ دردناڪ ڪهاڻي آھي، ته هڪ طرف شيخ مجيب جي پوري خاندان سواءِ شيخ حسينا واجد جي، کي قتل ڪيو ويو. ته ٻئي پاسي وري ذوالفقارعلي ڀٽو کي ٻن فرزندن، هڪ نياڻي سميت به بيدردي سان ماريو ويو. ۽ ھن جي گهرواري کي به اڻ سڌي طرح موت جي مونهن ۾ ڏنو ويو. چوڻ جو مطلب ته اڳوڻي گڏيل پاڪستان ۽ پوءِ اوڀر ۽ اولھ واري پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ مقبول سياسي ليڊرن کي فيملي سميت اتان جي ظالم ۽ جلاد قوتن مارائي ڇڏڻ کان پوءِ وڃي اهو سمجهو ته هاڻي انهن جو ناءُ نشان ۽ سياست ختم ٿي ويندي. پر اڄ تائين به انهن جي نالي ۽ ڪيل عوامي خدمتن جي عيوض سندن پارٽيون موجود آھن. خير اها ٻئي ڳالھ آھي ته اڄ به بنگلاديش ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ سندس ڌيءُ جي قيادت هيٺ حڪومت هلائي رهي آھي. ۽ اسان وٽ ڀٽو جي پارٽي کي سندس موجودهه محترمين ۽ معززين، پوري پاڪستان مان سياسي، حڪومتي ۽ تنظيمي لڏو کڻائي، اچي سنڌ جي ٻھراڙين تائين سو به ڀوتارن جي رحم ڪرم تي محدود ڪري ڇڏيو آھي. بهرحال ٻن سياسي اڳواڻن ۽ سندن گهراڻن جي ڏنل قربانين ۽ انهن جي سياست جي وارثن سندن ڪيترو قدر ڪيو ۽ ڀرم رکيو، اهو ڪنهن جي اکين کان اوجهل ناهي. پر پاڻ ڳالھ پيا ڪيون بنگلاديش جي قيام جي، ته اسان کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته اڄوڪي ڏينهن تي بنگلاديش جي باني ۽ بنگالي قوم جي هيري شيخ مجيب جي نياڻي ۽ بنگالي قوم سان، لکين بنگالين جي شھادت تي عذر خواهي ڪيون يا ملڪ جي قيام ۽ قوم جي آزادي تي کين مبارڪ باد ڏيون. ڇو ته ٻنهين واقعن جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت آھي. ان ڪري ڀٽائي جي بيت جي هڪ سٽ، کين ارپيون ٿا.

ڏيکاريس ڏکن گوندر گس پرينءَ جو. يا گهوريا سک ڏکن ريءَ.

ڏٺو وڃي ته بنگلاديش جي قيام جا ته بظاهر ڪارڻ 1979ع جي اليڪشن ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ جي شاندار سوڀ کان پوءِ اقتدار اولھ کان اوڀر پاڪستان ڏانهن منتقل نه ڪرڻ هئا، پر ان کان اڳ ملڪ تي اردو ٻولي مڙھڻ واري سوال تي بنگالي قوم کي سخت اعتراز هئا. ان کان سواءِ اتان جي سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ تعليمي مامرن تي به بنگالين کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ تي پڻ بنگالي اولھ پاڪستان، خاص ڪري پنجابي مهاجر لابي ۽ اسٽيبليشمنٽ جي روين تي کين تحفظات هئا. ان ڪري انهن پنهنجو ووٽ هڪ طرفو شيخ مجيب جي پارٽي کي ڏئي ڪامياب ڪري اقتدار جي منتقلي جي انتظار ۾ هئا، ته جيئن ھو پاءُ صدءَ کان وٺي گهڻائي ۾ هوندي به ٿورائي وارن جي حڪومتي، سياسي، انتظامي، معاشي، ٻولي ۽ ثقافتي حوالي سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ بي واجبين جو ازالو ڪري سگهن. اها حقيقت هئي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي بنگالي هئي. جنهن جو تناسب 54 سيڪڙو هيو. جڏھن ته اردو جو ست سيڪڙو ۽ باقي ٻين قومن جهڙوڪ؛ سنڌين، پنجابين، بلوچن، پختونن ۽ سرائڪين جو تناسب لڳ ڀڳ 39 فيصد هيو. ته پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگهيو پئي ته ست سيڪڙو وارث ٻولي 93 سيڪڙو وارين ٻولين تي مڙھي سگهجي؟ هڪ طرف ٻولي واري مامري تي بنگالين سان ايڏي ساري ناانصافي ٿي رهي هئي، ته ٻئي طرف وري هنن جي معاشي ڦر لٽ به چوٽان چوٽ ھئي.

اسان وٽ مثال طور تي بنگال جڏھن پاڪستان جي وحدت ۾ شامل ٿيو، ته ان جي سراسري ڪل پيداوار تيرنھن بلين کان وڌيڪ هئي. جڏھن ته اولھ پاڪستان جي يارنھن بلين رپين جي لڳ ڀگ هئي. ۽ جڏھن بنگال تي فوج ڪشي شروع تي ته بنگال جي سراسري پيداوار اولھ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي. يعني بنگال جي جي ڊي پي 23 سالن ۾ تيرنھن بلين مان وڌي 20 بلين تي پهتي ۽ اولھ پاڪستان جي 11 بلين مان وڌي 27 بلين تي پهتي. جنهن مان صاف ظاهر هيو ته پاڪستان جي وحدت ۾ شامل ٿيڻ بعد بنگال جي معاشي ترقي جمود جو شڪار رهي. ۽ اولھ پاڪستان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اوڀر پاڪستان ۽ بنگالي قوم کي اولھ وارن هٿ وٺي پوئتي ڌڪي، هنن جي ٻولي ثقافت ۽ معاشي مامرن ۾ استحصال ڪري رهيا هئا. اهي ئي سبب هئا جو بنگالي قوم پنهنجي آئيني، جمهوري ۽ اقتصادي حقن جي حاصلات لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هئا. هڪ طرف بنگالي قوم اولھ وارن جي وڌيڪ بالادستي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا، ته ٻئي طرف اولھ وارن پڻ اهو پڪو پھ ڪيو هيو، ته اقتدار ڪنهن به صورت ۾ اوڀر وارن کي ناهي ڏيڻو.

اهڙي سنگين صورتحال هئڻ ڪري ڌرين ئي پنهنجي پنهنجي حساب ۽ طاقت کان بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. بس پوءِ جڏھن چونڊن ۾ شيخ مجيب جي واضح اڪثريت هئڻ باوجود اقتدار منتقل نه ڪيو ويو ته بنگالين اهڙي عمل خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي، ۽ ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ 25 مارچ 1971ع تي پاڪستاني فوج ڍاڪا شھر تي ڪاهه ڪري هڪ رات ۾ گهٽ ۾گهٽ ست هزار شھرين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اهڙي وحشياڻي حملي ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جا 200 شاگرد هڪ ئي وقت قتل ڪيا ويا. جنهن وقت يونيورسٽي تي حملو ٿي رهيو هيو، ان وقت وري ٻيا فوجي دستا شھر جي ٻئي حصي ۾ پوليس جي هيڊ ڪوارٽرن تي ڪڙڪي پيا جنهن ڪري 11 سئو پوليس وارا پڻ قتل ٿيا. ڏٺو وڃي ته بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ لکين ماڻھو بيدردي سان ماريا ويا. هتي پاڻ ڪجھ ڏکوئيندڙ واقعن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا. هڪ ڳوٺ ۾ پاڪستاني فوج ڳوٺاڻن کي چيو ته فوجي جوانن لاءِ رت کپي، ان کان پوءِ ۽ ڪيترين ئي ڳوٺاڻن کي کٽن تي سمهاري، کانئن ايتري تائين رت ڪڍڻ شروع ڪيو ويو، تان جو سندن سمورو رت وهي وڃڻ کان پوءِ اهي مري نٿي ويا. بنگلاديش ۾ جتي ماڻھن جو ڪوس ڪيو ويو، اتي وري اٽڪل ٻه لک اهڙيون عورتون هيون جن سان پاڪستاني فوجين ۽ انهن جي ڇاڙتن البدر ۽ الشمس وارن زوري زنائون ڪيون. جن کي وري پنهنجي مڙسن اهو چئي، ته توهان هاڻي اسان کان حرام ٿي ويون آهيو. ساڻن لاتعلقي جو اظھار ڪري ڇڏيو.

اسان هتي بنگالين جي ٿيل قتل بابت ڀٽو صاحب جا ڪجھ چيل الفاظ لکڻ ضروري سمجهون ٿا. ”اوڀر پاڪستان ۾ جيڪي ڀيانڪ واقعا ٿيا ۽ جا قيامت ٿي گذري، اهو سڀ ڪجھ هڪ خوفناڪ خواب پيو لڳي. اسان ان جو تصور ڪرڻ به نٿا چاهيون. مان وري ڪڏھن به اهو ساڳيو ماڻھون ٿي نه سگهندس، جيڪو انهن واقعن کان اڳ هيس. اڄ به اسين انهن ڳالهين جو سوچيون ٿا ته ننڊون ڦٽيو پون. اسين ڪي جهنگلي ڪو نه آهيون. اسان سڌريل انسان آهيون، پر اسان ڪن جهنگلين جي چنبي ۾ اچي وياسين. مون اول ئي شيخ مجيب کي ٻڌايو آھي، ته جو ڪجھ ٿيو آھي. ان تي اسان کي سخت افسوس آھي. انهن واقعن تي رڳو ويچار ڪرڻ سان به منهنجا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. جو ڪجھ ٿيو آھي. ان تي مون کي ۽ اسان سڀني کي ڏک رسيو آھي“ صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو. ڪئنيڊا جي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن سان ڪيل انٽرويو. 23 جنوري 1972ع.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *