تازيون خبرون

اکين ۾ اوجاڳن جي لکيل ڪهاڻي……..: پروفيسر منير ڊومڪي

انسان ۽ ٻين مخلوقن ۾ ٻين ڪيترن ئي فرقن مان هڪ اهو به فرق آهي ته انسان ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ مخلوق هوندي آهي.انسان نه فقط ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ بلڪه پنهنجي ڪهاڻين کي سرجيندڙ به هوندا آهن،جڏهن ته فطرت جي ٻي مخلوق ان ڏانءُ کان محروم آهي.اڄوڪي اسان پنهنجي هن لکڻيءَ ۾ شاعر بدر انصاريءَ جي شاعريءَ جي مجموعي ”سانڍ سپنا سانوري “مان هن جي نامياري غزل”محبت جي لکيل ڪهاڻي“تي هڪ نظر وجهنداسين. بدر انصاري شاعريءَ جي غزل واري صنف جو لاڙڪاڻي جو نئون اڀرندڙ خوبصورت تخليقڪار آهي.هن جي غزل جي شاعري غنائيت سان معمور آهي.فني حوالي کان هن جي غزل جو پهريون شعر ۽ آخري شعر اڪثر معني خيز ۽ فڪر جي گھرائپ سان سرجيل هوندا آهن.وڌيڪ اهو ته هو پنهنجي غزل ۾ ساده،سهڻا ۽ دل کي ڇهيندڙ لفظ ڪتب آڻي ٿو،جيڪي لفظ سڌو سئنون پڙهندڙن جي دلين تي گھر ڪري ڇڏين ٿا.ادب ۾ ڪنهن به ننڍي يا وڏي ڪهاڻيءَ کي لکندڙ کي يا ته ڪهاڻيڪار چئبو آهي،ڊرامه نويس،يا ناول نگار يا وري ڪو شاعر.پر پهرين ٽنهي ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾ شاعر کي ٿورڙي سرسي وڌيڪ هوندي آهي،اهو ان ڪري جو شاعر وٽ ڏات جي اها وسيع دولت هوندي آهي جو هو ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي خواهه پوءِ اها ڪيتري به وڏي ڇو نه هجي،ان ڪهاڻيءَ کي چند ۽ مختصر لفظن ۾ بيان ڪرڻ جوهن کي نه فقط گر اچي ٿو،پر دلفريب موسيقيءَ سان ڀريل لفظن جي ذريعي هوان مختصر داستان سان نڀاءُ ڪرڻ جواسلوب  به خوب ڄاڻي ٿو.

پيار جي پيڙاءَ مان گذرندڙعاشق جي ننڊ هن کان هر وقت رُٺل هوندي آهي،هن جي انهن سورن ۽ دردن جي داستانن کي ڪنهن کي جيڪڏهن ڏسڻو ۽ پڙهڻو آهي ته ان عاشق لاچار جي اڪثر اوجاڳيل نيڻن کي ڏسي پڙهي سگھجي ٿو ته دنيا وارن جي اڳيان رنگين نظر ايندڙ محبت جي لڪيل حقيقت ڪجهه ٻي هوندي آهي،اها اِها ته محبت خوشين جي نه،بلڪه سمنڊ جيڏي وسيع ڳوڙهن جي لکيل ڪهاڻي هوندي آهي.اها محبت جي هڪ اهڙي حقيقت آهي،جنهن جي باري ۾ اسان کي شاعر بدر انصاري جي هن غزل جي پهرين شعر ”مطلع“مان خبر پوي ٿي.بظاهر پڙهندڙن کي غزل جي هن مطلع ۾ اداسي ۽ مايوسيءَ جو عنصر نظر اچي ٿو،پر ٻئي پاسي شاعر پڙهندڙن کي محبت جي اصل ڪهاڻي کان به آشنا ڪرائي ٿو:

اکين ۾ اوجاڳن جي لکيل ڪهاڻي،

پڙهي آهي ڳوڙهن جي لکيل ڪهاڻي.

درد ٻن قسمن جا هوندا آهن،هڪڙا ظاهري درد ۽ ٻيا باطني درد.ظاهري درد دنيا وارن کي نظر ايندا آهن،جڏهن ته باطني درد عشق ڪندڙ جي اندر جا درد هوندا آهن.عاشق جڏهن ان ڏک جو اظهار وڏي واڪي ڪري ته هن جي اندر جي درد جي صدا کي دنيا ۾ ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي،نه دلبر نه دنيا وارا.ته پوءِ هو بيوس پنهنجي اندر جي دنيا جي دردن ۽ اڌمن جي لکيل ڪهاڻي آخر ٻڌائي ته ڪنهن کي ٻڌائي؟!هن جي اندر جي اڌمن جي ڪهاڻي هميشه هن جي اندر ئي رهجي ويندي آهي.

صدا درد واري نه پنهنجي ٻڌي آ،

اندر ۾ آ اڌمن جي لکيل ڪهاڻي.

لازوال عشق يادن جي لکيل ڪهاڻي هوندي آهي.اهي يادون جيڪي عاشق ۽ محبوب جي هڪ ٻئي کان وڇڙڻ کانپوءِ ڪل ميراث هونديون آهن. محبوب سان گھاريل لمحا جيڪي بعد ۾ يادن جو روپ ڌارين ٿا ،تنهائي جي عالم ۾ محبوب جي خال کي ڀرڻ واريون اهي خوبصورت يادون ائين سمجهو ته آشنه کي اڪيلو رهڻ نٿا ڏين.ڀلا!جيڪو عاشق پل پل پنهنجي تنهائي کي دلربا جي نانءَ سان آباد ڪري،اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هو تنها هجي؟نه هرگز نه:

نه سمجهوائين آئون تنها رهان ٿو،

آ پل پل ۾ يادن جي لکيل ڪهاڻي.

بدر انصاريءَ جي مٿين بيان ڪيل غزل جو مٿيون ٽيون بند هن جي سموري غزل جو ”شاهه بند“ آهي.

وڇڙڻ اڪثر محبت جو مقدر هوندي آهي،پراهو به سچ آهي ته محبت واعدن جي لکيل ڪهاڻي به هوندي آهي،محبوب جا عاشق سان ڪيل اهي وچن ته ”اچبو ضرور اچبو،ملبو ضرور ملبو“.شاعر بدر انصاريءَ جي غزل جي اڳين سٽن ۾ مهه جبين لاءِ هر وقت بي چين ۽ ڪوشان رهندڙ عاشق جي دل ۾ اها آس ۽ اميد جا ديپ جلن ٿا ته هن جي ماهه نور اجهو هن سان واعدا وچن پورا ڪرڻ لاءِ هن ڏانهن ملڻ اچي ٿي،پرساڳئي وقت محبوب کي هن جي ڪيل واعدن وچنن جي ياد به ڏيرائي وڃي ٿي.

اجهوتون اچين ٿو ائين دل چوي ٿي،

آهي ياد واعدن جي لکيل ڪهاڻي.

غزل ”محبت جي لکيل ڪهاڻي“ جي مطلع ۾ پڙهندڙن کي اداسي ۽ مايوسي جو عنصر ته ملي ٿو،پر هن ئي غزل جي آخري شعر”مقطع“۾ شاعر بدر انصاري زندگيءَ کان ناخوش ۽ خفا رهندڙ ماڻهو توڙي محبت ڪندڙن کي ان حقيقت کان به آگاهه ڪري ٿو ته ٺيڪ آ!عشق و محبت جي دنيا سورن،دردن ۽ ڳوڙهن جي دنيا آهي ته به ان حالت ۾ به زندگيءَ کي پرجهڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي،جيڪي پراميد هوندا آهن،جيون انهن لاءِ خوشين جي لکيل ڪهاڻي به هوندي آهي .

الئه ڇو پڙهي ئي نٿو ڪو بدر اڄ،

آ جيون ۾ گلڙن جي لکيل ڪهاڻي.

Muneer03337569110@gmail.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *