تازيون خبرون

“اڌ اکري” يا “هٿ جي صفائي”….!: شفيق الرحمان شاڪر

اهي جن جي سياسي جلسن کي اسان سونهن بخشيندا آهيون،جن کي اسان پنهنجي روح جو  رهبر بنائي پنهنجا ووٽ مٿانئن گھور ڪندا آهيون ۽ کين اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ جي ڏاڪڻ بڻبا آهيون.اهي جڏهن اسان جي ٽيڪس جي ئي پيسن مان ڪجھه اسڪيمون اسان کي عنايت ڪندا آهن ته اسان پنهنجي مٿان انهن جو اهو عظيم“ احسان” سمجھندا آهيون.اسان جا اهي ئي نمائندا بار بار پاڻ به اسان تي سندن اهڙا احسان ڳڻائيندا رهندا آهن.ڪا اسپتال يا اسڪول ٺهرايائون، ڪا گھٽي يا رستو تعمير ڪرايائون ته پوري تقرير انهيء ئي عظيم احسان جي موضوع چوڌاري گھمندي نظر ايندي.جلسن ۾ انهيء جو ئي جلوو جرڪندو نظر ايندو ۽ اسان جي پئسن مان ئي ڏنل مهانگن اشتهارن ۾ انهن نمائندن جون اٺ جيڏيون تصويرون مرڪندي ملنديون.ٻين لفظن ۾ هنن جو مطلب اهو هوندو آهي ته “ اوهان ان سهولت جي لائق نه هئا پر ڇا ياد ڪندا جو اسان اوهان تي اهو ٿورو ڪري ڇڏيو.”اسان به اهڙاسادا آهيون جو سندن انهن فرمانن تي نچڻ،ٽپا ڏيڻ ۽ جھمريون  هڻڻ لڳندا آهيون. انهيء جو مطلب اهو ڪونهي ته اهي عوامي ڀلائيء جا ڪم ڪا اهميت  نٿا رکن.سٺا ڪم آهن،ضرور ٿيڻ گھرجن پر هڪ هٿ سان عوام کي ڪجھه ڏيڻ ۽ ٻئي هٿ سان انهن جو کيسو کنڀي ۽ انهنجو پيٽ پٽي وٺڻ ڪهڙي عوامي ڀلائيء جي وصف ۾ اچي ٿو؟توهان پري نه وڃو،صرف گذريل ڪجھه مهينن ۾ پيٽرول ۽ تيل جي اگھن ۾ ٿيل واڌ ڏسو ته حڪمرانن طرفان عوامي اوني ۽ ڀلائيء جون سموريون قلعيون کلي وڃن ٿيون.

عوام جي بنيادي ضرورتن جي شين جون قيمتون وڌائڻ ۾ آخر ڪنهنجي “سازش” آهي؟ويچاري غريب عوام جي ڳڻتيء ۾ اهي روزانو صرف ٻه ڪلو پنهنجو وزن وڌائين ٿا.مختلف ترقياتي منصوبا اچن ٿا،مختلف اسڪيمون منظور ٿين ٿيون پر ميدان تي خرچ ڪيترو ٿئي ٿو ۽ ڪيترو پئسو ڪرپشن جي صورت ۾ اصل “حقدارن“ جي وچ ۾ حصا پتيون ٿئي ٿو،اهو هاڻي ڪو لڪيل راز نه رهيو آهي. مزي جي ڳالهه اها ته جيڪو به بد عنوانيء جي اهڙن الزامن ۾ نامزد ٿئي ٿو يا پڪڙجي ٿو ته اهو پنهن جي پاڪ ۽ پوتر هئڻ جا قسم کڻڻ لڳي ٿو.پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ ۽ عوام جي هيء تباه ٿيل حالت آخر ڪنهن جو ڪرشمو آهي؟ماڻهن جي اڪثريت جيڪر اڄ به ٻن وقتن جي  مانيء لاء محتاج آهي ته ان ڪارنامي  جو سهرو آخر ڪنهن جي سر تي آهي؟جيڪر نوجوان،مائرون ۽ پيئر بک ۽ بي روزگاريء کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ته انهن کي ان طرف ڌڪڻ واري راڪاس مان رسو ڪنهن ڪڍيو؟اڄ جيڪي حڪمران پنهنجي مظلوميت جون ڪهاڻيون بڌائي ماڻهن کان داد وصول ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪڏهن عوام جي مظلوميت به ياد آئي آهي؟اڄ جن کي رياستي نظام ۾ خرابيون ئي خرابيون نظر اچي رهيون آهن انهن هڪ ڊگھو عرصو حڪمران رهندي انهن خرابين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟جواب سولو آهي ته اڳي صرف عوام ڦاسندو هو ۽ هاڻي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اها اشرافيا پاڻ قانون جي ٻنڌڻ ۾ آئي آهي.جنهن ڪري انهن کي سڀ “خرابيون ”سمجهه ۾ويٺيون آهن ۽ کين “سڌارن” جي سوچ آئي آهي. ٻئي طرف عوام جي اڪثريت ڪرپشن جي ان پوري قصي ۾ لاتعلق ۽ لاپرواه بڻيل نظر اچي ٿي.انهن جي نظر ۾ اهي عوامي نمائندا جيڪر ڪو پئسو کائين به ٿا ته اهو “ سرڪاري پئسو” آهي،عوام جو پئسو ٿورو ئي آهي!جڏهن ته عوام اکين سان ڏسندو رهي ٿوته اهي جيڪي هر اليڪشن ۾ ڪروڙين روپيا پاڻيء جيان هارين ٿا، اهو پئسو واپس ڪٿان وصول ڪن ٿا؟ هتي مسئلو اهو آهي جو جيستائين قانون ٻئي لاء متحرڪ هجي ته قانون سٺو پر اهوئي قانون پنهنجي سر مٿان اچي وڃي ته ساڳيو قانون “ڪارو” بڻجيو وڃي.

جيستائين احتساب جا هٿ ٻئي جي ڳڄيء ۾ هجن ته اهڙو احتساب ملڪ جي بهتريء لاء ضروري آهي پراحتساب جو اهو ئي پير پنهنجي پڇ تي اچي ته اهو احتساب نه پر “انتقام” بڻجيو وڃي.عوام کي آسائشون نه پر زندگيء جون رڳو بنيادي ضرورتون مهيا ڪرڻ لاء اڃا اسان کي آخر ڪيترين اليڪشنن کي ڀوڳڻو آهي؟ عوام جي تقدير بدلجڻ جي راهه ۾ آخر ڪيترين عظيم ۽ خطرناڪ “سازشن” جون بارودي سرنگون وڇايل آهن؟ سماج جو نوجوان طبقو هن وقت جنهن ذهني،نفسياتي ۽ معاشي دٻاء ۽ مايوسيء مان گذري رهيو آهي ان جو اندازو شايد اڃا تائين هن حڪمران لڏي کي نه ٿي سگھيو آهي.اهي انهن تعليمي ڊگرين جو ڇا ڪن جيڪي هنن جي  بکايل ڪٽنبن کي ٻن وقتن جي ماني مهيا نٿيون ڪري سگھن.توهان انهن مان ڪهڙي جوش،جذبي ۽ تعميري سرگرمين جي اميد رکي سگھو ٿا جيڪي زندگيء جي هن تيز رفتار ڊوڙ ۾  مايوس ٿي ٿڪجي ويهي رهيا آهن.انهن کي توهان حالتن جي ستم ظريفيء حوالي ڪري ڇڏيو آهي.انهن لاء عزت ڀرئي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميداري ناهي ته پوء ڪنهن جي آهي؟ ٻئي طرف هن اشرافيا جا افعال ڏسو جن جون عياشيون ۽ فضول خرچيون کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. خبر ناهي ڪهڙي دنيا جي مخلوق آهن .پوء به هنن جون اهي رڙيون ته ساڻن ظلم ٿي ويو، سندن خلاف سازشون ڪيون پييون وڃن،کانئن انتقام ورتو پيو وڃي.اهي نامعقول قصا، اهي بي بنياد ڪهاڻيون ۽ اهي رٽيل افسانا بڌي بڌي ڪن ئي پچي پيا آهن.

ماڻهن کي اهو ٻڌايو ته اوهان باربار چونڊون کٽڻ کان پوء حڪمرانيء جي هيڏي ڊگھي عرصي ۾ عوام جي ڀلائيء لاء ڪهڙا پاپڙ ويليا آهن؟ قانونساز ادارن ۾ عوام جي حقيقي بهبود لاء ڪيتري قانونسازي ۽ پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن جي تحفظ لاء ڪيتري ديده دليري ۽ داداگيري ڏيکاري آهي؟عوام جي روزمره جي زندگيء مان  اهنج  ۽ تڪليفون گھٽائڻ لاء ڪهڙا شاندار قدم کنيا ويا ۽ پنهنجن زندگين کي وڌيڪ پرآسائش بنائڻ لاء ڇاڇا ڪيو ويو؟ڳالهه ڪنهن اڪيلي حڪمران جي نه پر پوري حڪمران اشرافيا جي آهي. هن نام نهاد جمهوريت انهن جي سوچن ۽ روين ۾ آخر ڪهڙيون بنيادي تبديليون آنديون آهن؟عدالتن تي الزام هڻڻ،ٻين ادارن کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ يا سازشن جا ڊگھا افسانا ٻڌائڻ سان عوام جا  سڀ اصل مسئلا حل ٿي ويندا؟جڏهن مظلوم هئڻ جا دعويدار بار بار وڏي بي رحميء سان غريب عوام تي پاڻ پيٽرول بم ڪيرائين ٿا ان وقت انهن کي ڪجھه ته عوام جي مظلوميت جوبه احساس هئڻ گھرجي پر اهو احساس ناهي، باقي اها سموري ڊرامي بازي هو هميشه کان عوام سان ڪندا رهيا آهن.ووٽ ۽ عوامي همدرديون حاصل ڪرڻ لاء انهن وٽ سوين نت نوان رانديڪا آهن.ملڪ ۽ عوام تي عظيم احسانن ۽ شاندار ڪارنامن جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي.اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائي انهن کي غيرضروري  معاملن ۾ منجھائڻ ان اشرافيا جي کاٻي هٿ جو کيل آهي ۽ اهو ئي کيل هو هاڻي به کيڏي رهيا آهن ”،پناما نه اقاما،اقاما نه پناما،نيب ظالم،عدالتون جانبدار،جي آئي ٽي دشمن،ادارا ستمگر،” مطلب ته ملڪ ۾ هر شيء هنن جي خلاف آهي ۽ ڪوبه ادارو صحيح ناهي.وري ڪيڏي جرئت ۽ بهادريء سان اعلان ڪن ٿا ته “ ڪو ڏهن روپين جي ڪرپشن ثابت ته ڪري ڏيکاري.” انهن وٽ اهائي ته جادوئي ٽوپي آهي جو ادارن توڙي عوام کي سڀ ڪجھه معلوم هئڻ باوجود سندن ڪرپشن ثابت نٿي ٿي سگھي.ان کي چئبو آهي“ اڌ اکري”  يا  “هٿ جي صفائي“….!

انهن جي عوام کان هميشه جيان اهائي  معصوم فرمائش آهي ته اهي جڏهن ٽهڪ ڏين ته عوام به واڇون ٽيڙي ۽ ٻٽيهي پٽي انهن سان گڏ ٽهڪ ڏئي ۽ جڏهن اهي روئن ته عوام به ڪيڪاڙيون ڪري انهن سان گڏ ماتم ڪرڻ لڳي پر شايد هينئر انهيء اشرافيا کي پنهنجو ماتم پاڻ ڪرڻو پوندو جو عوام وٽ ماتم ڪرڻ لاء سندن پنهنجا سور ئي ڪافي آهن.

فيض احمد فيض جي لفظن ۾ ته

“اور  ڀي  غم هين  زماني  مين  محبت ڪي سوا،

راحتين اور ڀي هين وصل ڪي راحت ڪي سوا،

مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ ”

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *