تازيون خبرون

اچو ته خوشين ۽ مسرتن جا روشن سج اڀاريون؛ ڪامريڊ منان چانڊيو وارهه

ماضي وانگي 2016 جو سال ٻين سالن جيان پنهنجي پڃاڻي تي پهتو ۽ اڄ 2017 جو پهريون ڏينهن آهي، ظاهر آهي ته گذريل سال جي 365 ڏينهن دوران پوري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اتان جي عوام لاءِ ڪيترائي وڻندڙ  ۽ اڻ وڻندڙ ڏينهن گذريا هوندا. ڪٿي خوشين جا خرار هوندا ته وري ڪٿي مسئلن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جا مڻ هوندا، اهڙي ريت ڪٿي سڪار ڪٿي ڏڪار جا به ڏينهن گذريا هوندا. مطلب ته ويچاري آدم ذات ڏکيا توڙي سکيا ڏينهن بسر ڪري وڃي نئين سال تي پهتي آهي اهو به ضرور ٿيو هوندو ته جيئن ٻين ملڪن جا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي پنهنجي حڪمرانن ۽ انتظامي عملدارن جي ظلم ۽ ستم جا شڪار ٿيا هوندا تيئن پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو به ساڳي عذاب ۽ اهنج مان گذريا هوندا، پاڻ ٻي دنيا پاڪستان ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي عوام جي ڏکن توڙي سکن ۾ انساني ناتي ڀاڱي ڀائيوار آهيون ۽ خاص ڪري انهن سان ٿيندڙ نا انصافين تي رنجيده آهيون پر جيڪي سنڌ ۽ سنڌين سان سور آهن انهن جو ڳاڻيٽو ۽ وزن تمام گهڻو ۽ وڏو هوندو، چوڻ جو مطلب ته 2016 جي سڄي سال جي سورن جو سفر 2017 تي اچي پهتو آهي. سنڌ ۽ سنڌين سان ورهين کان وٺي جيڪي ويڌنون ۽ ويساهه گهاتيون ٿينديون پيون اچن انهن ويلن جي وچور تي اچڻ کان پهريون اهو ڏسنداسين ته بين الاقوامي طور تي دنيا جو عظيم عوامي انقلابي اڳواڻ، جڳ مشهور گوريلا ويڙه جي سپهه سالار چي گويرا جو پڳ مٽ يار ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو آمريڪي سامراج ۽ ان جي اتحادين جي هنيانءَ تي ذري گهٽ مني صدي تائين مڱ ڏريندو نوي سال جي ڄمار ۾ فطرتي موت مري ويو.

جيتوڻيڪ ڪامريڊ کي مارڻ لاءِ 600 کان وڌيڪ ظاهر ۽ ڳجهه حملا ڪرايا ويا. 2016 جي سال دوران ترڪيءَ ۾ صدر رجب اردگان خلاف فوجي بغاوت کي عوام ناڪام بنائي ڇڏيو. آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ اتان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدارتي عورت اميدوار هيلري ڪلنٽن کي انتهاپسند ڊونلڊ ٽرمپ شڪست ڏني ۽ ان کان علاوه ڪيترائي ڀيانڪ واقعا رونما ٿيا جن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا پر سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ سانحه آمريڪي سامراج جي اشاري تي شام جي صدر بشارلاسد جي حڪومت خلسف دهشتگرديءَ ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين ماڻهو جلاوطن ٿيا ۽ شامين سان ٿيندڙ اهڙي نسوري ڪربلا کان علاوه پڻ آمريڪا ڪيترن ئي ٻين ملڪن جن ۾ خاص ڪري مسلم ملڪ اچي وڃن ٿا اتي پڻ هزارين ماڻهن کي موت جي واديءَ تائين پهچائي ڇڏيو. اسان جڏهن پنهنجي ملڪ جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف خيبر کان ڪراچيءَ تائين آپريشن ٿيندو رهيو ان آپريشن ۾ سوين دهشتگرد مارجي ويا ۽ پڪڙيا ويا پر پوءِ به دهشتگردن پنهنجون ظالمانه ۽ صفاڪانه ڪارروايون جاري رکيون جن ۾ اڻ ڳڻيا بي گناهه ماڻهو نه ڪيل گناهن جي سزا ۾ مارجي ويا. دهشتگردن جي نشاني تي سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جو گادي وارو شهر ڪوئيٽا رهيو. جتي ملڪ ۾ سوين هزارين ماڻهو دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيا اتي وري حادثن ۾ پڻ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جن ۾ پي آءِ اي جهاز وارو حادثو سرفهرست آهي. مٿي ڄاڻايل ڏکوئيندڙ واقعن کي هڪ طرف رکي ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته 2016 جو سڄو سال عمران خان ميان صاحب لاءِ مٿي جو سور رهيو پهريون هن (ن) ليگ سرڪار تي گذريل چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻندي پوءِ پاناما ليڪس واري معاملي تي شور مچائيندي جلسن، ڌرڻين ۽ هڙتالن تي پنهنجي سياسي توانائي صرف ڪئي پر کيس هڙ به حاصل ڪو نه ٿي. انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ مفاهمتي فارمولي جي بادشاهه جناب آصف زرداري صاحب ڏيڍ ساله خود ساخته جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وريو ۽ محترمه جي نائين ورسي واري جلسي ۾ پنهنجي جيالن کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته هو ۽ سندس لاڏلو فرزند قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ لڙي ۽ کٽي ايوان ۾ پهچي ميان نواز شريف کي سبق سيکاريندا، شابس آهي همراه کي جو هن ميان صاحب کان اقتداري ڪرسي کسڻ جي ڳالهه نه ڪئي.

اسين هاڻ اچون ٿا 2016 سال دوران سنڌ جي صورتحال تي ته جتي سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل سنڌ سرڪار سنڌي قوم جي قومي وسيلن جهڙوڪ پاڻي، تيل، گيس، بجلي، ڪوئلي، قيمتي پٿر، نيشنل توڙي انڊس هاءِ وي ۽ ٻي معدنيات جي وفاق پاران ڦرلٽ جي آڏو سنڌ سرڪار ڍال بڻجي نه سگهي آهي اتي وري خود ان سرڪار جي منسٽرن، مشيرن، چونڊيل نمائندن، ڀوتارن ۽ ڪامورن پڻ سنڌي عوام جي رت ست چوسڻ ۾ گهٽ ڪا نه ڪئي آهي. مثال طور تي مارئي جي ملڪ ٿر ۾ سوين ابهم ٻارڙا بک، بيماري ۽ بدحالي وگھي مرندا رهيا، ڪشمور کان ڪراچيءَ ۽ ڪارونجهر کان ڪاڇي تائين سوين سسئيون، سهڻيون، موملون، مارئيون، بختاورون ۽ ٻاگھيون ڪاروڪاريءَ جي مدي خارج رسم ۽ من گھڙت الزامن تحت گولين جو کاڄ ۽ ڪهاڙيون سان ڪسبيون رهيون،

نام نهاد قبيلائي ذاتين پاتين جي جھيڙن جھڳڙن ۽ پلاند جي آڙ ۾ اڻ ڳڻيا سنڌي ڪونڌر ڪٺا ويا. گذريل سال سنڌ جا شهر گند ڪچري جا ڍير روڊ رستا ٽٽل ڀڳل ۽ کنڊرات جو ڏيک ڏيندا رهيا، سنڌ ۾ سوين هزارين نوڪريون بازار جي وکر وانگي دڪان تي وڪرو ٿينديون رهيون. سنڌ جي ننڍن زميندارن، آبادگارن ۽ هارين کي هڪ طرف زرعي زمينن لاءِ مندائتو ۽ ضرورت موجب پاڻي ڪو نه مليو، ٻئي طرف زرعي دوائون، ٻج ۽ ڀاڻ مهانگو سو پڻ نقلي ملندو رهيو، ٽئين طرف هنن جي تيار ٿيل فصلن جا مناسب اگھ ڪو نه مليا. سنڌ جي تعليم، صحت، پوليس ۽ ٻين اهم کاتين جو ٻيڙو وچ سير ۾ ٻڏندو رهيو ٻي اهم ۽ ڏک واري ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي نياڻي فضيلا سرڪي، ننڍڙو ٻالڪ ساحل ڪوريجو، نوجوان عمران جوکيو ۽ ٻين ڪيترن ئي اغوا ٿيل نوجوانن جا والدين پنهنجي ٻچڙن جي بازيابي لاءِ ٻاڪاريندا رهيا پر کين جگر جا ٽڪر ڪو نه مليا، چوڻ جو مطلب ته سنڌ ۾ چوطرف سڃ، بک، بدامني، بدعنواني، بدانتظامي واڪا ڪندي يا ڪاري بڻجي مسڪين، بيوس ۽ امن پسند سنڌين جو هنيانءٌ کائيندي رهي. اهڙي انياءَ ۽ ايذاءَ تي زرداري صاحب ۽ سنڌ سرڪار کي پنهنجي ووٽرن ۽ عوام تي ڪا ئي ڪهل ڪو نه آهي ته ڇا اهڙن عذابن ۽ اهنجن واري صورتحال تي سنڌ جا باشعور، باضمير، باڪردار، ساڃاه وند فرد ۽ ڌريون گوڏن تي هٿ رکي ڪنڌ هيٺ ڪري لکئي جو ليک سمجهي ويهي رهن. نه قطعي نه اچو ته سڀئي سنڌي ماڻهو قبيلائي، ذات پات ۽ برادري واري سوچ کي ترڪ ڪري خودغرضي، لاپرواهي، غيرذميواري ۽ ڦٻاڦٻان واري انفرادي سوچ کي دفن ڪري سنڌي قوم، عوام ۽ ماڻهن جي سمورن بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ مڙي مٺ ٿي ظالم ۽ ڦورو قوتن جي سامهون رُڪ جي ديوار بڻجي وڃون جيڪڏهن پاڻ اهي مثبت قدم کنيا ۽ حوصلا بلند ڪيا ته پوءِ يقين ڄاڻو ته 2017 جو سال سنڌ ۽ سنڌين جي سورن جو انت آڻيندو،  خوشين ۽ مسرتن جا روشن سج اڀاريندو.

*****

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *