تازيون خبرون

”اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار“: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ويٺي شينهن به بک مرن، اٿي گدڙ به ڍؤ“ معنيٰ ته ويٺي، ڏاڍي ماڻهوءَ کي به ڪجهه ڪو نه ملندو پر هٿ پير هڻڻ سان هيڻو به ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري وٺندو. زندگي مستقل ۽ مسلسل جدوجهد جو نالو هئڻ سان گڏ اڻ مئيءَ محنت جو سبق آهي. جنهن سبب کان ئي نيون نيون ايجادون عمل ۾ آيون آهن، جو هن ترقي جي رفتار تي خود انساني ذهن پڻ حيران آهي. زندگيءَ ۾ محنت ئي ڪاميابيءَ جو معراج ۽ مقصد جو حاصل آهي. ڪوشش سان مشڪل نصب العين به ضرور حاصل ٿيندو آهي. ثابت قدمي، مستقل ۽ اڻ ورچ ڪوشش ڪڏهن به لاحاصل نه ٿيندي آهي. محنت انسانيت جي ڪمال جو اهڃاڻ، هن جهان جو جنسار ۽ سنسار جو سينگار آهي، جنهن سان برپٽ ۾ بازارون ۽ جهنگلن ۾ گاهه ۽ گلزاريون نظر اچن ٿيون. اها محنت انساني چرپر آهي، واندي ويهڻ سان آخرڪار نامرادي نصيب ٿيندي آهي.

انسان پنهنجي اوائلي دؤر کان سبق سکي ۽ سوچي ته هڪ معمولي ڦيٿي ٺاهڻ وارو انسان جنهن جي کاڌي جي ابتدا وڻن جي پنن سان ٿي، جنهن جي رهائش جبلن جي غارن کان شروع ٿي. اڄ هو اڀ ڇهندڙ عمارتن جو مالڪ ۽ مستقل و مسلسل نين ايجادن جي ڪوششن ۾ ڪوشان آهي.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،

متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

اڄ جو انسان ڀٽ ڌڻيءَ جي مٿئين بيت تي عمل پيرا آهي. هو ڄاڻي ٿو ته زندگي محدود آهي ۽ کيس لامحدود ڪري ڪامياب ٿيڻو آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن هو حرڪت ۾ هجي. انهيءَ ڪري چوندا آهن ”حرڪت ۾ برڪت آهي.“ جيڪو حرڪت ۾ هوندو، ڪڏهن ڏکيو ڏينهن نه ڏسندو. الله تعاليٰ کي به اهو عمل، جو  مسلسل ۽ مستقل ڪيو وڃي، وڌيڪ پسند آهي. بنسبت انهيءَ عمل جي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪجي. عبادت مان ئي مثال وٺون. علم جي نعمت کي ئي ڏسون، انهن کي مستقل حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ئي اُڪاري پار ٿي ڪري.

هن دنيا ۾ جيئڻ جي جياپي لاءِ اسين ان جا محتاج آهيون. انهيءَ ڪري ئي چوندا آهن ته ”اَنَ آهي ته ايمان آهي.“ سنسار جي سڄي ڊوڙ ۽ ڪوششون رزق جي ڳولها لاءِ آهن. بک ته بدحالي، هيڻائي ۽ نيستي آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته بک جي ڪري ڪڌا ڪرتوت به عمل ۾ اچن ٿا. اها به چوڻي آهي ته ”بک بڇڙو ٽول داناهه ديوانا ڪري.“ بک ۾ نيڪن ۽ ڏاهن کان به سمجهه موڪلائي ويندي آهي ۽ هو غلط ڪمن جا مرتڪب ٿي ويندا آهن. صرف بدحالي ۽ بک جي ڪري، معنيٰ ته ان ايمان جي سلامتيءَ جي نشاني آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪوشش، جستجو ۽ محنت جي ضرورت آهي.

رب پاڪ هر شيءِ تي قادر ۽ رزاق آهي. ”ماڪوڙيءَ کي ڪِڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ“ ڏيندڙ آهي. سندس قدرت کان عبث ڪونهي ته هو گهر ويٺي انسان کي رزق نه ڏئي. آسمان مان ”من و سلويٰ“ ”آخر ڪنهن لاٿو“ اهو رب رحيم هر شيءِ تي قادر هئڻ جي باوجود، انسان کي رزق آسمان مان ڇو نٿو موڪلي؟ زمين تي مهيا ڇو ٿو ڪري؟ سڄي جڳ کي خلقيندڙ پالڻهار وٽ ته ڪنهن شيءِ جي کوٽ ناهي، هو چاهي ته جبلَ ان جا ٺاهي، ماکيءَ ۽ کير جون نهرون جاري ڪري پر هو چاهي ٿو ته جيئن سندس قدرت جي ڪارسازي هلندڙ ۽ جاري ساري آهي، تيئن انسان به محنت ۾ مشغول رهي ۽ محنت جي عظمت سان سلطاني سهاڳ ماڻي.

جدوجهد، چرپر ۽ ڪوششن ۾ جيڪو اهو جذبو ڪارفرما آهي سو آهي دل جي مضبوطيءَ جو، جيئن:

”سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ“

ڪڏهن ڪڏهن طاقتور انسان به مقصدن ۾ حائل رڪاوٽن تي ڊڄي ارادن کان هٽي پري ٿي ويندا آهن، پر ڪي ناتوان به سهڻيءَ وانگيان ارادي جا اٽل هئڻ سان نيٺ وڃي توڙ رسندا آهن. اهڙيءَ ريت مشڪلاتون خود ئي حل ٿي ۽ رڪاوٽون راهه مان هٽي وينديون آهن. انهيءَ ڪري مشڪل ۽ مهل محنت جو مرڪ آهي ۽ محنت ۾ ئي عظمت آهي. حيلي سان وسيلو پيدا ٿيندو ۽ ڌڻي ئي واهر ڪندو آهي. انهيءَ تي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

مَ رُو، رڙ، مَ ڪي هنجون هار،

اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار.

آڙ جي هن آزار ۾، حيلا ڪر هزار،

ته پاڻيهي پالڻهار، واهر ڪنديئي وچ ۾.

هٿ پير هڻڻ سان قومون ويل وقت ورائي اوج ۽ ڪمال حاصل ڪنديون آهن. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جپان ۽ جرمنيءَ ۾ وڏي تباهي آندي پر انهن قومن کي صد آفرين آهي جو هو صرف ماضيءَ جي شان جو سوچي اڪتفا ڪري ڪونه ويٺا. پنهنجي هيڻي حال جو احساس ڪري مستقبل جي ايتري ته زبردست پلاننگ ڪيائون جو شاندار صنعتي ۽ زرعي ترقي حاصل ڪري، اڄ اهي ملڪن دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. اسان کي انهيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. اسين عظيم تهذيب يافته خطن جا والي ۽ وارث آهيون، جنهن جا قديم آثار شاهد آهن پر هاڻي اسان جي عظمت ماضيءَ کي مانائتو بيان ڪرڻ ۾ نه پر حال کي مضبوط بنائي شاندار مستقبل لاءِ اڳيان وڌڻ ۾ آهي، جنهن لاءِ شرط صرف محنت جو سچو جذبو آهي.

انهيءَ جذبي جي سنڌي قوم کي سخت ضرورت آهي. شاندار ماضي انهيءَ جي ضمانت ڪانهي ته اسان جو مستقبل به شاندار هوندو. مستقبل اسان جي حال سان ٿو ٺهي ۽ حال کي مضبوط بنائڻ ۽ اڳيان جو سوچڻ ۽ رٿون رٿڻ اسان جو فرض آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو به انتظار نه ڪندا آهن. وقت هلندڙ شيءِ آهي جنهن کي روڪي نٿو سگهجي. ائين نه ٿئي ته وقت کي اسين واريءَ وانگر هٿن جي وٿين مان وڃائي ويهون ۽ ترقي پذير قوم سڏايون. اڃا وقت ويو نه آهي ۽ سجاڳي ضروري آهي. اچو ته گڏجي عهد ڪريون. اسان کي عملي طور محنت ڪري، پنهنجي ۽ پنهنجيءَ ايندڙ نسل لاءِ جدوجهد ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. تقدير کي ڏوهه ڏيڻ بجاءِ تدبير تي ڀاڙڻو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *