تازيون خبرون

انسان ۽ انسانيت…….: فرزانه نورمحمد چانڊيو/لاڙڪاڻو

انسان ۽ انسانيت هي ٻئي ڏسڻ ۾ عام لفظ پر حقيقت ۾ وڏي معنيٰ رکندڙ اهن، هي لفظ هڪ جهڙا پر معنيٰ ۾ مختلف ٿين ٿا هڪڳ ڳالهه جيڪا انسان کي ڌرتي کان مختلف ٿي ڪري سان آهي عقل، ڏاهپ ۽ سمجهه سوجهه، جيڪا انسان کي انسان هجڻ جو رتبو عطا ٿو ڪري، نه ته جيڪي توهان خاصخيتون بيان ڪيون اهن اهي سڀ جانورن ۾ پڻ آهن، ان ڪري انسان هڪ الڳ ئي مخلوق  آهي، جنهنجو دنيا جي ڪنهن به شئي سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن اهو عقل نه هجي ها ته اڄ انسان پٿر جي چڻنگ مان باهه حاصل ڪرڻ کان ويندي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي توانائي حاصل نه ڪري سگهجي ها، ان ڪري انسان جي فطرت کي اڃان سمجهڻ لاءِ ڪي صديون گهرجن ته اصل انسان آهي ڪهڙي بلا، اهو ڪيئن وجود ۾ آيو.؟

هاڻي هتي وڏي غور جو مقام آهي ته اهو انسان اشرف المخلوق جيڪو اعليٰ درجي تي رکيل آهي، سو جڏهن نفساني خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو، تڏهن حيوانيت جو مرتڪب ٿي، پنهنجي درجي تان ڪري، بي وقعت ٿي وڃي ٿو.. لفظ “انسانيت” انساني نيڪ گڻن جي مڪمل تصوير آهي. ڪردار جون اعليٰ خوبيون، جن ۾ خاص طور پيار، محبت، رحم دلي، نيڪي، سادگي، شرافت، سچائي، قناعت، همدردي، عدل ۽ انصاف، صبر ۽ شڪر، عزم ۽ استقلال، امانت داري، مهمان نوازي، شجاعت، بهادري ۽ ٻيون خاصيتون کيس مٿانهين درجي تي پهچائين ٿيون. مٿين نيڪ گڻن ۽ عملن جو هي گڏيل گلدستو ”انسانيت“ سڏجي ٿو، جنهن جي هر گل جو واس وڻندڙ آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ مٿيون خوبيون نه آهن بلڪه ان جي بجاءِ، ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، دولاب، خود غرضي ۽ ظالميت سندس وطيرو آهي ته هو انسان جي بجاءِ حيوان ۽ سندس وجود انسانذات لاءِ تڪليف جو باعث آهي. دنيا جا سڀ مذهب چڱائين ۽ نيڪين جي پرچار ڪندڙ آهن. اهي سڀ مذهب الڳ الڳ آهن، جيڪي انسانن کي الڳ الڳ فرقن ۾ ته ورهائين ٿا پر انهن سڀني مذهبن جون فلاسافيون کين ڳنڍين ٿيون. ڪنهن به مذهب ۾ نفرت جي سکيا شامل نه آهي، بلڪه انهن ۾ ته پيار، محبت، امن، آتشيءَ جا پيغام آهن، جيڪي فقط ۽ فقط ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ سيکارين ٿا ته پوءِ اڄ جيڪا بک، افلاس، بيماري، بدحالي، انسانيت کي جڪڙي بيٺي آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ دنيا جا ڪروڙين ماڻهو هر پنجن انسانن تي هڪ انسان بکيو ڇو ٿو گهاري؟ ڪيترائي انسان پيڙائن ۽ عذابن سبب ان اجل جو شڪار ٿا ٿين. صرف انهيءَ ڪري جو ماڻهن مذهبن کي مفادن تحت استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هنن جي انساني جامي مان نڪري وڃڻ ڪري، فرقابنديون، تعصب، ذاتي مفاد ۽ خود غرضيون چؤطرف ڇانيل آهن. خاڪ مان پيدا ٿيل انسان، انسانيت جي شرف کي سمجهندي به عمل پيرا ٿيڻ کان لنوائي ٿو. کيس ڪئين نصيحتون ملن ٿيون، پر هو ڌيان نٿو ڌري. انسانيت جي خدمت خدا جي خدمت آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو ته ”جڏهن تون پنهنجي انسان ڀاءُ کي پيار نٿو ڪرين، جنهن کي تو ڏٺو آهي ته تون اڻ ڏٺي خدا سان ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهين.“ چوندا آهن ته پيار سان پيار پيدا ٿئي ٿو. دل ڏيئي دل وٺڻي آهي. رب پاڪ به پنهنجي عبادت ۾ ذڪر کي افضل ۽ ياد کي مشروط ڄاڻايو آهي، پوءِ انسان جيڪڏهن انسانيت جي ڀلي ۽ هن ڪائنات جي سک، ڌرتيءَ جي چين ۽ امن لاءِ، انسانذات کي پيار ڪري، خدمت ڪري ۽ هڪ ٻئي کي ڪم اچي ته يقينن سچي ۽ سهڻي جيون جو مزو ماڻيندو. سندس دل صحيح طور تي روحانيت ڏي پڻ راغب ٿيندي. ڏٺو وڃي ته ديني عبادتون ته ايمان جي اجارڻ لاءِ آهن، پر انسانيت جي گڻن کي اپنائڻ سان اندر اجري اوجل ٿو ٿئي.  حقيقت ۾ فاني انسان جي بقا فقط ۽ فقط انسانيت جي جذبي جي بچاءَ ۾ آهي. اسان کي گهرجي ته انسانيت جي بقا ۽ هن سنسار جي سونهن کي قائم رکڻ لاءِ امن، محبت ۽ پيار جي جيون جي ترغيب پکيڙي، پنهنجن کي آماده ڪريون ته سچيءَ زندگيءَ جو مزو پيار، رحم ۽ خدمت ۾ آهي. ديا ۽ فراخدليءَ جي شروعات پنهنجي گهر ۽ آسپاس کان ڪري انهيءَ عمل کي ڪائناتي بڻايون. هيءَ ڌرتي هڪ ملڪ مثل ۽ سڄي دنيا هڪ ڪٽنب آهي. سڀ انسان ڀائر آهن،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *