تازيون خبرون

انسان، انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

انسان ڇا آهي؟ سندس وجود جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ ڌڻيءَ سڳوري کيس ٻيءَ مخلوق کان ممتاز حيثيت ۽ اعليٰ اشرف جو رتبو ڇو عطا ڪيو آهي؟“ ”حيوانيت“ ۽ ”انسانيت“ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا انسان پنهنجو اعليٰ شرف قبول ڪري نڀايو آهي؟ جيڪڏهن هو ڪل ڪائنات جي مخلوقن ۾ اعزازي حيثيت رکي ٿو ته ان جو سبب ڇا آهي؟

انهن سوالن جا جواب گهڻا تفصيل طلب آهن پر مختصرن ايترو چئي سگهجي ٿو ته رب پاڪ جي پيدا ڪيل هن احسن مخلوق کي ڌڻيءَ سڳوري ڪائنات جي وجود جو سبب ڄاڻايو آهي، کيس عقل/ سمجهه جا انيڪ خزانا ڏئي، هن زمين جو والي ۽ وارث ڪري فرمايو آهي ته:

”بيشڪ اسان هُن (انسان) کي اعليٰ کان اعليٰ درجي تي بڻايو ۽ کيس ادنيٰ درجي تي رکيوسين.“

هاڻي هتي وڏي غور جو مقام آهي ته اهو انسان اشرف المخلوق جيڪو اعليٰ درجي تي رکيل آهي، سو جڏهن نفساني خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو، تڏهن حيوانيت جو مرتڪب ٿي، پنهنجي درجي تان ڪري، بي وقعت ٿي وڃي ٿو.

مٿانهون هر زماني ۾ فقط يزدان هوندو آ،

سدائين پنهنجي عادت ۾ ڪريل شيطان هوندو آ،

ڪٿي اعليٰ ڪٿي ادنيٰ، ڪڏهن نوري ڪڏهن ناري،

عظيم انسان هوندو آ، خسيس انسان هوندو آ.

لفظ ”انسانيت“ انساني نيڪ گڻن جي مڪمل تصوير آهي. ڪردار جون اعليٰ خوبيون، جن ۾ خاص طور پيار، محبت، رحم دلي، نيڪي، سادگي، شرافت، سچائي، قناعت، همدردي، عدل ۽ انصاف، صبر ۽ شڪر، عزم ۽ استقلال، امانت داري، مهمان نوازي، شجاعت، بهادري ۽ ٻيون خاصيتون کيس مٿانهين درجي تي پهچائين ٿيون. مٿين نيڪ گڻن ۽ عملن جو هي گڏيل گلدستو ”انسانيت“ سڏجي ٿو، جنهن جي هر گل جو واس وڻندڙ آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ مٿيون خوبيون نه آهن بلڪه ان جي بجاءِ، ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، دولاب، خود غرضي ۽ ظالميت سندس وطيرو آهي ته هو انسان جي بجاءِ حيوان ۽ سندس وجود انسانذات لاءِ تڪليف جو باعث آهي. دنيا جا سڀ مذهب چڱائين ۽ نيڪين جي پرچار ڪندڙ آهن. اهي سڀ مذهب الڳ الڳ آهن، جيڪي انسانن کي الڳ الڳ فرقن ۾ ته ورهائين ٿا پر انهن سڀني مذهبن جون فلاسافيون کين ڳنڍين ٿيون. ڪنهن به مذهب ۾ نفرت جي سکيا شامل نه آهي، بلڪه انهن ۾ ته پيار، محبت، امن، آتشيءَ جا پيغام آهن، جيڪي فقط ۽ فقط ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ سيکارين ٿا ته پوءِ اڄ جيڪا بک، افلاس، بيماري، بدحالي، انسانيت کي جڪڙي بيٺي آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ دنيا جي 6 سئو ڪروڙ کان به وڏي انگ جي آدم مان هر پنجن انسانن تي هڪ انسان بکيو ڇو ٿو گهاري؟ ڪيترائي انسان پيڙائن ۽ عذابن سبب ان اجل جو شڪار ٿا ٿين. صرف انهيءَ ڪري جو ماڻهن مذهبن کي مفادن تحت استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هنن جي انساني جامي مان نڪري وڃڻ ڪري، فرقابنديون، تعصب، ذاتي مفاد ۽ خود غرضيون چؤطرف ڇانيل آهن. خاڪ مان پيدا ٿيل انسان، انسانيت جي شرف کي سمجهندي به عمل پيرا ٿيڻ کان لنوائي ٿو. کيس ڪئين نصيحتون ملن ٿيون، پر هو ڌيان نٿو ڌري.

انسانيت جي خدمت خدا جي خدمت آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو ته ”جڏهن تون پنهنجي انسان ڀاءُ کي پيار نٿو ڪرين، جنهن کي تو ڏٺو آهي ته تون اڻ ڏٺي خدا سان ڪيئن ٿو پيار ڪري سگهين.“

چوندا آهن ته پيار سان پيار پيدا ٿئي ٿو. دل ڏيئي دل وٺڻي آهي. رب پاڪ به پنهنجي عبادت ۾ ذڪر کي افضل ۽ ياد کي مشروط ڄاڻايو آهي، پوءِ انسان جيڪڏهن انسانيت جي ڀلي ۽ هن ڪائنات جي سک، ڌرتيءَ جي چين ۽ امن لاءِ، انسانذات کي پيار ڪري، خدمت ڪري ۽ هڪ ٻئي کي ڪم اچي ته يقينن سچي ۽ سهڻي جيون جو مزو ماڻيندو. سندس دل صحيح طور تي روحانيت ڏي پڻ راغب ٿيندي. ڏٺو وڃي ته ديني عبادتون ته ايمان جي اجارڻ لاءِ آهن، پر انسانيت جي گڻن کي اپنائڻ سان اندر اجري اوجل ٿو ٿئي. هڪ حديث پاڪ جو ترجمو آهي ته ”توهان ۾ چڱو آهي، جيڪو ٻين لاءِ فائديمند ۽ ڀلائيءَ وارو آهي.“

انسانيت جي ڪم ايندڙ، نيڪ قول و فعل وارا ڪم جاري رهندڙ صدقي وانگر هميشه قائم رهندڙ آهي.

هڪ انگريزي چوڻي آهي ته:

Virtue is its Own

OR

It is always time to do good.

نيڪيءَ جو ڪو به وقت مقرر نه آهي. انسانيت جي ڪم اچڻ عبادت کان افضل ۽ هن دنيا جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. جڏهن ”هيءَ دنيا مانجهانديءَ جو ماڳ“ آهي. ”رات ٿوري ۽ ساٺ گهڻا“ آهن ته پوءِ اسين ڇو هتي هميشه رهڻ جو ٿا سوچيون؟ زندگيءَ ۾ کٽراڳ وڌائي بي چينيون ۽ ڪلفتون ٿا حاصل ڪيون.

اڄ ماڻهو ڪوڙي مان ۽ شان لاءِ لکين ٿو لٽائي ۽ اهي لک ڪمائڻ لاءِ ناجائز وسيلا ٿو ڪتب آڻي. اهڙيءَ ريت نيڪيءَ ۽ بديءَ جا تفاوت لتاڙيندي هو اڳيان وڌندو ٿو وڃي.

جر تي ڦوٽو جيئن جهڙي جيون کي دائمي بڻائڻ ٿو چاهي. ظاهري بقا جي جوش ۾ هو فنا جي فلسفي تي نٿو سوچي. قلزم اندر قطري جي حيثيت هوندي به هو پاڻ ۾ سمنڊ سمائڻ ٿو چاهي. آخر ائين ڇو آهي؟

شيخ اياز حياتيءَ جي حقيقت کي سلطان باهوءَ سان مخاطب ٿيندي هن چئو سٽي ۾ هن ريت سمجهايو آهي.

باهو، ڪاهوءَ تي بيهان، يا مان هڙپا ۾، هوُ،

هر شي آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان ڇا ۾، هوُ،

انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو دريا ۾، هُو،

ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي، ذرو صحرا ۾، هُو.

لکُ به آهي ڪک برابر، سڀ لئه موت پڄاڻان، هُو،

پوءِ حياتيءَ کان ڇا آهي، آنءُ اهو ڪي ڄاڻان، هُو،

پوئين ننڊ جڏهن تو ايندي، هوندءِ ڪو نه وهاڻان هُو،

ڪيڏي ڀينگ لڳن ٿا سارا، ڌرتيءَ هيٺان ڀاڻان هو.

حقيقت ۾ فاني انسان جي بقا فقط ۽ فقط انسانيت جي جذبي جي بچاءَ ۾ آهي. اسان کي گهرجي ته انسانيت جي بقا ۽ هن سنسار جي سونهن کي قائم رکڻ لاءِ امن، محبت ۽ پيار جي جيون جي ترغيب پکيڙي، پنهنجن کي آماده ڪريون ته سچيءَ زندگيءَ جو مزو پيار، رحم ۽ خدمت ۾ آهي. ديا ۽ فراخدليءَ جي شروعات پنهنجي گهر ۽ آسپاس کان ڪري انهيءَ عمل کي ڪائناتي بڻايون. هيءَ ڌرتي هڪ ملڪ مثل ۽ سڄي دنيا هڪ ڪٽنب آهي. سڀ انسان ڀائر آهن، پوءِ هي ملڪن جون سرحدون ڦٻائڻ لاءِ بهانا بازيون ۽ انساني تباهه ڪاريءَ لاءِ پيدا ڪيل ساز و سامان ڇو آهن؟ ڇا اسين انسانيت تي رحم نٿا ڪري سگهون يا اسان جو اندر وارو انسان مري ويو آهي؟ امن امان کي قائم رکڻ جي آڙ ۾ بدامنيون وڌي رهيون آهن؟ ڏٺو وڃي ته انسانيت جي سک ۽ چين لاءِ اڃان به ڏيهي توڙي پرڏيهي طور وڏين عملي ڪوششن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ جنگين کي ٻنجو ڏئي، ائٽمي توانائيءَ جي اجائي ڊوڙ تي غور ڪرڻ گهرجي، ته جيئن نڪوريون فضائون اسان جو استقبال ڪن.

نه جنگين جا ڀونچال ڀوُنءِ کي بڇيو،

نه ٽئنڪن جي ملبي ۾ دٻجي وڃو،

مشينن جي دونهين کان اڳتي وڌو،

نڪورين فضائن ۾ نڪري وڃو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *