تازيون خبرون

امير تهذيب جا وارث غريب شهري:عبدالرسول آريسر

سنڌ ۾ جيئن ئي برساتون پوڻ شروع ٿيون تيئن عوام ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي ۽ گرمي ۾ به گهٽتائي اچي وئي. موسم ڏاڍي لطف اندوز ٿيڻ لڳي، ماڻهن به موسم جو خوب مزو ماڻيو، جڏهن ته برسات کي ماڻهو رب جي رحمت سمجهندا آهن، واقعي ئي انهيءَ کان وڌيڪ ڪا به رحمت نٿي ٿي سگهي، ڇو ته برسات کي ماڻهو توڙي هر ساهه واري شيءِ ساريندي آهي، انهيءَ جو مزو به ماڻيندي آهي، اها هڪ قدرت جي بي مثال نعمت آهي، جنهن تي هر ساهه واري شيءِ جي زندگي منحصر Depend ڪري ٿي. برسات جي ذريعي ئي زندگي ممڪن آهي، تنهن ڪري برسات جو اُلڪو هر ڪنهن کي رهندو آهي، پر هتي جون حالتون ڏاڍيون تشويشناڪ آهن، جتي ٿوري برسات پوڻ کانپوءِ جيئڻ جنجال بڻجيو پوي ۽ برسات رحمت جي بجاءِ زحمت ٿيو وڃي. هن وقت سنڌ جي ڪافي شهرن ۽ انهيءَ جي آس پاس وارن علائقن جي حالت برسات پوڻ کانپوءِ بدتر ٿي پئي آهي. تازو ٿورين برساتن جي ڪري شهر گٽرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، هرطرف روڊ ۽ رستا پاڻي سان ڀريا پيا آهن، ڪيتريون ئي زندگيون اجل جو شڪار ٿي چڪيون آهن، اهڙي صورت ۾ زندگي جو سڄو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو آهي.

تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿيڻ ڪري پاڻي سنڌو درياهه جو رخ اختيار ڪري چڪو آهي، اهڙي حالت ۾ آبپاشي کاتي گڊو وٽ ننڍي ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن دريائي ٻوڏ ٿئي ٿي ته حالتون ويتر خطرناڪ ثابت ٿينديون، پر هن وقت شهرن ۾ جهڙي طرح عوام ڀوڳي رهيو آهي، اهي حالتون ڪيئي سوال پيدا ڪري رهيون آهن ته اڃا تائين عوامي حڪومت ڪي جوڳا اپاءَ ناهي وٺي سگهي ۽ ميونسپالٽي هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام لڳي رهي آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جهڙوڪ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وغيره ۾ ٻارهن مهينا برساتون پيون پونديون آهن، انهن ملڪن جي حوالي سان ڪڏهن به ائين نه ٻڌو ويو آهي جو ننڍڙي پئماني وارين يا وقفي سان پوندڙ برساتون زحمت جو سبب ثابت ٿيون هجن، اتي جي عوام لاءِ برسات ڪا مصيبت بڻجي هجي، اتي زندگي جي ٻئي ڪاروهنوار کي سائيڊ تي رکي رڳو ڪرڪيٽ جو مثال وٺنداسين ته اتي ڪافي اهڙا گرائونڊ آهن جتي برسات کي مدِ نظر رکندي خاص منصوبابندي تحت ميدانن مٿان ڇتيون اڏايون ويون آهن. حالانڪه ڪرڪيٽ ڪا بنيادي ضرورت نه آهي، پر جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته برسات جي ڪري راند ۾ رڪاوٽ پيش اچي ٿي ۽ راند جي شوقينن ۾ نااميدي پيدا ٿئي ٿي، تنهن ڪري راند جي لحاظ کان ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن جو قدر ڪندي انهن کي هر سهولت عطا ڪئي وئي آهي، جيئن ڪٿي تڪليف محسوس نه ٿئي ۽ نه وري ڪو انتظاميه جي حوالي سان نااهلي جو سوچي سگهي. راند جا شوقين برسات دوران راند جو مزو ماڻيندي ڏاڍي چاهه سان راند به ڏسندا آهن ۽ راند ختم ٿيڻ کانپوءِ بغير ڪنهن پريشاني، خطري ۽ خوف کان گهرن طرف روانا ٿيندا آهن. ڇو ته کين برسات پوڻ کانپوءِ روڊن تي پاڻي جو هجڻ يا گندگي کي منهن ناهي ڏيڻو پوندو ۽ نه ئي اهڙو ڪو ٽينشن هوندو آهي، نيڪالي جو سسٽم ايترو اعليٰ نموني جو بڻايل آهي جو برسات جو پاڻي هڪدم نيڪال ٿي ويندو آهي ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ اهو محسوس ئي ناهي ٿيندو ته ڪا هتي برسات پئي آهي ۽ زندگي جو سارو ڪاروهنوار ساڳئي انداز ۾ هلندو رهندو آهي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي، جنهن جي ڪري اڄ اهي ملڪ نه صرف ترقي يافته آهن بلڪه پنهنجي انتظامي بصيرت جي ڪري رول ماڊل آهن.

ٻئي طرف هي ملڪ پاڪستان آهي جيڪو وسيلن سان مالامال آهي، جتي جي تهذيب ۽ تاريخ رهنمائي جي لاءِ قابل فهم آهي، جيئن ته سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ويجهو قائم ”موئن جو دڙو“ شهر هڪ وڏو تهذيبي ورثو آهي، اهو 5 هزار سال پراڻو شهر هو، جيڪڏهن ان جي انتظامي ڪمن تي نظر وجهنداسين ته حيرانگي محسوس ٿيندي، انهي وقت جي جوڙيل نيڪالي جو سسٽم ۽ روڊ رستا ڏاڍا عاليشان نموني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جيڪي ماڻهن جي سهولتن کي نظر ۾ رکي ڪري جوڙيا ويا هئا. مطلب ته انهي وقت جي ڪاريگري ۽ منصوبابندي قابل تعريف آهي ۽ اڄ جي انتظاميه لاءِ پڻ مشعل راهه آهي، پر ان جي برعڪس هتي اڄ جا جديد روڊ رستا ۽ نيڪال جو عمل آهي، جنهن جي ڪري عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف صديون پراڻو نظام آهي، جنهن تي ڌرتي ڌڻين کي وڏو فخر آهي ته اسان تهذيب يافته آهيون، جنهن جي سونهن ۽ خوبصورتي تي عوام مور بڻجي رقص ڪري ٿو. حقيقت جي دنيا ۾ واقعي ئي اهڙي قسم جا لازوال ماڳ خوش نصيب قومن جي ورثي ۾ ايندا آهن، جيئن ته هر ايندڙ نئون نسل انهيءَ جو قدر ڪندي ان جي پوئيواري ڪندو ته ڪيترن ئي مسئلن مان جان ڇڏائي سگهي ٿو، انهن ماڳن مطابق ترقي ۽ تعمير لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي ويندي تڏهن ئي ڪاميابي نصيب ٿيندي ۽ موجوده مسئلن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ ڪافي بهتري ٿي سگهي ٿي، پر بدقسمتي سان هتي طرزِ عمل نرالو آهي، جتي ترقياتي منصوبابندي ته ڪئي وڃي ٿي پر اها عوام جي لاءِ ويتر تڪليف جو سبب بڻجي ٿي، جيئن تازو پيل برساتن نه صرف انتظاميه جي نااهلي جي پت وائکي ڪئي آهي، پر ڪو به ڪاريگري جي بنياد تي سرشتو نه آهي. خاص طور تي شهرن ۾ ٿوري پيل برسات اذيت بڻجي پئي آهي، روڊ رستا گٽرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري عوام پريشاني سان مصيبتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال جي نتيجي ۾ ڪيترائي موتمار حادثا ۽ واقعا پيش اچي رهيا آهن.

دڪاندار، خريدار توڙي مريضن کي به گوڏي جيڏي پاڻي مان گذرڻو پئي ٿو ۽ نمازي به ساڳي تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ڪنهن وقت انهن جا ڪپڙا ناپاڪ ٿيو پون، انهيءَ کان علاوه مينهن کانپوءِ پاڻي بيهڻ جي ڪري ڪيتريون ئي موذي بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، اسپتالن ۾ مريضن جي رش وڌي رهي آهي، جتي خاص طور تي الٽي ۽ پيٽ جي تڪليفن وارن مريضن جو وڌيڪ اضافو آهي، جنهن ۾ ٻار سڀ کان وڌيڪ اهڙين بيمارين جا شڪار ٿي چڪا آهن، ٻيو اسپتالن جي سهولتن جي سڀني کي خبر آهي، جتي بجلي نه هئڻ جي برابر آهي. مطلب ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن وقت بجلي اچانڪ اچي ٿي ته اها موت بڻجي اچي ٿي. ڇو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪيتريون ئي جانيون ٿي چڪيون آهن ۽ پاڻي رستن تان نيڪال ڪرڻ لاءِ هڪ ته مشينن جي کوٽ آهي، جيڪڏهن ڪٿي مشينون دستياب آهن ته اتي بجلي نه آهي. بجلي نه هئڻ ڪري گئس ۾ به گهٽتائي ٿي پئي ٿي، جنهن ڪري گهريلو صارفين کي رڌ پچاءَ ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

انهيءَ کانسواءِ نيڪال جو سسٽم تقريبن ڊانواڊول ۽ تباهه لڳو پيو آهي، برسات جي پاڻي سان گڏوگڏ گٽرن ۾ به ٻوڏ ٿي پئي آهي، جيڪڏهن برسات جا لنگهه بند هوندا آهن، واهن ۽ نالن جي صفائي ٿيل نه هوندي ته پاڻي اٿل کائيندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻي هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو پوي، ان جي برعڪس جيڪڏهن رستو صاف ۽ لهنديءَ وارو هوندو، واهن ۽ نالن ۾ صفائي هوندي ته پاڻي هيٺين جڳهن ڏانهن ويندو ۽ پنهنجي منزل تي پهچندو، پر هتي معاملو الٽو آهي، في الحال عوام تڪليفن جي گهيري ۾ آهي، جتي روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري حادثا به ٿي رهيا آهن. بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ عروج تي آهي، گهڻن علائقن ۾ انتظاميه به غائب آهي، اڃا برساتون گهٽ پيون آهن، پر مصيبتون ۽ پريشانيون ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن، ٻئي طرف دريائي ٻوڏ جو خطرو ٿي رهيو آهي، بس رب خير ڪري!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *