تازيون خبرون

اميدن جي ڏارن تي ٽهڪ ٽڙن ٿا!:خالد ٻانڀڻ

ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، دل جي ڳالهه ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني آهي، حالت ڪجهه اهڙي آهي جو پنهنجو پاڻ کان به وسري ويا آهيون. زمانو ڀلي وساري ڇڏي پر هڪ تون نه وسارين ته بهتر ٿيندو. اهڙيون ڳالهيون اهڙا جملا ٻڌي ٻڌي ڪڏهن دل کٽي ٿي ويندي آهي. کٽا ته پاڻ اڳ ئي هن سماج ۾ آهيون، ڇو ته جيڪو وهي واپري ۽ اکين جي اڳيان کوڙ اهڙيون اڻ برابريءَ واريون حالتون ڏسي طبيعت ۾کٽاڻ ڀرجي ويندي آهي. شڪارپور واري کٽاڻ نه پر اندر جي ڪيفيت بيچينيءَ جي موسم، اڄڪلهه ڏاڍي رهي ٿي. هونئن به سيپٽمبر جو مهينو موسم جي تبديليءَ وارو ۽ ڏاڍو اداس ڪندڙ هوندو آهي. ٿڌڙين جي موسم اچي پئي، ڪسر سر نسري ويو آهي پر سچو سر جڏهن نسرندو، تڏهن وڃي ساهه جي گهيري ۾ڪي سُڪون گهڙيون اينديون! لطيف سرڪار جو شعر آهي ته،

سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نِسريا،

تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.

اسان وٽ هاڻي موسم ۾ جيڪي تبديليون اچن ٿيون يا جن ڪيفيتن سان اونهاري سياري جو فرق محسوس ٿيندو آهي، اسان تن کي ياد رکڻ ڇڏي ڏنو آهي. جُون مهيني ۾ڪنهن انب جي  ڏار تي ويهي ڪوئل ڪوڪ ڪندي هئي ته اسان کي مينهَن جي مند اچڻ جي سڌ پئجي ويندي هئي. سيپٽمبر مهيني ۾جڏهن ڪسر نسرندا آهن ته سچن سرن جي نسرڻ جو اوسيئڙو ٿي پوندو آهي. ڇو ته ڪسر نسرڻ جي ڏهاڙن ۾ گهُٽ واري گرمي وڌي ويندي آهي پر جڏهن سچو سر نِسرندو آهي ته سياري جي آمد ٿي ويندي آهي. هونئن به سيپٽمبر پاڻ کي الاءِ ڇو اداس ڪري ڇڏيندو آهي. من جي بت خاني ۾ پاڻ سان مخاطب ٿيندي به زمانا گذري ويندا آهن. حال جون حقيقتون ڪرڻ لاءِ وقت ئي ڄڻ موڪلائي ويو آهي. هر ڪو ماضي ياد ڪندي ٿڌو شوڪارو ڀريندو آهي. مون سوشل ويب سائيڊ تي هڪ ڦٽل اسڪول جي حالت واري فوٽوءَ مٿان سٽون  پڙهيون ته شاندار ماضي رکندڙ حال ۾ اجڙي ويل. تڏهن اهو محسوس ٿيو ته جتي دنيا روزانو ترقي ڏانهن وڃي ٿي، اتي اسان کنڊرات ڏانهن ڄڻ موٽ پيا کائون!

هن سنڌ جون کوڙ اهڙيون ڳجهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي دل جي ڳالهين وانگر سلي به نٿا سگهون. پنهنجو پاڻ کان خفا ٿي ويل هي جهان، جنهن جو انگ انگ رليءَ وانگر اڊڙي ويو آهي. هر حصي مان غربت، بُک، بدحالي، بيروزگاري، بي حسي ليئا ٿي پائي. هاڻي ته پوپٽن به مکڙين تي ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي! ڪوئل به ڄڻ ڏارن کان ڪوڪو ڪرڻ وساري ڇڏيو هجي! تترن جا تکا تيز آواز نٿا اچن، منظرن ۾ رتوڇاڻ ڀرجي وئي آهي! وقت جي گاڏي هڪ طرفي رفتار سان ڊڪندي پئي وڃي ۽ پوئتي ڪيترائي خالي منظر رهجندا پيا وڃن. سُڪون امن واري زيتون جي ٽاري ٿوهر بڻجي ويو آهي. مان مايوس ناهيان، نه وري نااُميد آهيان. هڪ ڏينهن سمورين روشن خيال سوچن تان پردا کڄندا. اميدن جي انڊلٺ ضرور اڀرڻي آهي. قيد جون تنهائيون ختم ٿي وينديون پر اسان پنهنجي حصي جو اهڙي تبديلي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا  ٿا ڪيون؟

ڪڏهن پاڻ تي تنقيد به ٿيڻ گهرجي. کٽ تي آرامي ٿي سمهڻ سان اهو ويهي سوچجي ته سڀ ڪجهه پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو. اهو ڪڏهن ناهي ٿيڻو. ان لاءِ جدوجهد، همت، حوصلي، سهڪار ۽ ساٿ جي ضرورت آهي. ائين جيئن ٻن اکين جي اشارن ۾ هڪ جهڙو قرب گهرجي، نه ته هڪ طرفي اکين جي محبت کوڙ اکيون اجاڙي ڇڏي ٿي. ڇا ڪجي پاڻ سان ڌوڪا نٿا ڪري سگهجن. وقت جي وٿين مان جهاتي پائي ڏسون ٿا ته ڄڻ مڪليءَ جو قبرستان آهي، جتي ڪوئي دعا گهرڻ لاءِ نه پر تفريح لاءِ اچي ٿو. ڌارين حڪمرانن جي اجاڙ، حالتن تي ٽهڪ ڏيون ٿا. ڇو ته ظالم جي قبر تي خير جي دعا ناهي گهربي، ائين جيئن ڪجهه عرصو اڳ اسان جو اسلام آباد وڃڻ ٿيو هو ته فيصل مسجد گهمڻ کانپوءِ جڏهن ضياءَ جي قبر ڏٺي سون ته اتي ڪو ماڻهو ڪونه هو، پر هڪڙو جانور قبر اندر ستو پيو هو، تڏهن ڪا گهڻي حيرت ته ڪونه ٿي پر جنهن ظالم سنڌ جو سماج، ڪلچر تباهه ڪيو، ان جي قبر تي اڄ رڳو جانور آهن، ته اهو سوچڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ جو مقام آهي. ماڻهو زماني جو بادشاهه آهي پر جڏهن مٽيءَ ۾ وڃي ملي ٿو، فخر جا سڀ در بند ٿي وڃن ٿا. سائين اياز گل جي غزل جون سٽون آهن ته،

مون کي ماري پناهه ۾ رکجانءِ

ڪا ته نيڪي گناهه ۾ رکجاءِ!

ها بس پٺتي رهجي وڃن ته اهي ڪي نيڪيون، چڱايون هجن، جن جي خوشبوء سان سارو عالم اداسين مان نڪري اچي، روئيندڙ اکين مان ٽهڪن جا ٽانڊاڻ جيڪر ٽمڪن. پروين شاڪر چيو آهي ته،

بهت رويا وه هم کو ياد ڪر ڪي

هماري زندگي برياد ڪر ڪي،

بدن ميرا ڇوا ٿا اس ني ليڪن

گيا روح ڪو آباد ڪر ڪي.

ها ڪڏهن نرم هٿن جا لمس گلابن جي پتين جهڙا لڳندا آهن. رابيلن جي مهڪ کڻي ايندڙ سوچ جي دروازي تي ڪاميابين جي ٺڪ ٺڪ جا آواز ٻڌندا آهيون، تڏهن کوڙ ساريون ڪهاڻيون جنم وٺنديون آهن. بس وقت جي هن وشال آسمان هيٺان ۽ دلين واري ڌرتي جي مٿان سدائين نڪور تجربن ۽ ترقين جا انگور ڦٽندا رهن. سياري جي آمد، ان جي آجيان ۾ اسان اتاولا ٿيندا هون، دکين دلين تي، چهرن تي زماني جي گرمين جا زور ٽُٽڻ شروع ٿي ويا آهن. ڇو ته سيارو سفر ۾ آهي باقي ڪجهه پهچڻ لاءِ پنڌ اٿس، تيستائين مان به قلم بند ڪري ان جو اوهان سان گڏ انتظار ڪيان ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *