تازيون خبرون

امتحان ۾ ڪارتوسي سامراجيت: ڇا تعليمي معيار ڪڏهن بهتر ٿي سگهندو؟: شوڪت لوهار

تعليمي بگاڙ جي ٻين معاملن تي پوءِ ٿا ڳالهايون، پر جهٽ گهڙي لاءِ اچو اسان سڀئي پنهنجي مَن اندر ۾ جهاتي پائي ڏِسون ته هِي جيڪو ڪجهه اسين ڪري رهيا آهيون، ڇا اِهو ڪنهن به طرح قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان جائز آهي. هي ڪاپي ڪلچر جو زهر، جيڪو اسان پنهنجي نوجوان نسل جي نڙين ۾ لاهي رهيا آهيون، توهان ڇا ٿا سمجهو ته انهيءَ سان ڪهڙا معياري ماڻهو ٺهندا؟ ڪهڙا اهڙا ماڻهو تيار ٿيندا، جيڪي وڌندڙ ۽ ٿڪائيندڙ مسئلن جي هِن انبار لاءِ ڀرجهلو ٿي سگهندا؟

جيڪڏهن اوهان مان واقعي ڪو اهلِ دل ۽ اهلِ قلم انسان پنهنجي شعور ۽ ضمير جي سچائي سان هِن امتحاني طريقيڪار جو انڪار ڪري ته ڇا اسان وٽ ڪاپي ٿي سگهي ٿي؟ هِن ڏوهه ۾ اسين سڀئي برابر جا شريڪ آهيون. اسان جيڪي چئني طرفن کان مسئلن جي ور چڙهي چڪا آهيون ۽ ڏينهون ڏينهن انهن مسئلن جي دلدل ۾ وڃون ٿا غرق ٿيندا. اسان جيڪڏهن ٻيو ڪٿي نه تڏهن به پنهنجي ضمير جي عدالت آڏو ته جوابده ضرور آهيون.

23 مارچ تي اسان وڏا جشن ملهايا ۽ ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ دشمن لاءِ موت جو پروانو سڏائيندڙ خطرناڪ هٿيارن جو نماءُ ڪري ڏيکاريو، پر هِي جيڪو ڪجهه امتحانن ۾ اسين ڪري رهيا آهيون، اِهو دنيا ۾ اسان جي ڪهڙي ناماچري پيدا ڪندو؟

انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته علم حقيقت ۾ انسان جي ٽئين اک آهي. علم انسان کي اُهي اُهي ادراڪ ڏئي ٿو، جنهن لاءِ ماڻهو سوچيندي ٿڪجي وڃي. علم شناس ۽ ساڃاهه جو نالو آهي، علم پرک ۽ پرڀات جو نالو آهي، جيڪا غلاميءَ جهڙي ڪاري رات کان نجات جو ڪارڻ بڻجندي آهي. صحيح علم جي حاصلات ماڻهو ۾ تنقيدي شعور جي اجاگر ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجندي آهي. تنقيدي شعور ماڻهو کي سنئين واٽ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ اُهي قومون دنيا ۾ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ جهڙيون ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجون صلاحيتون تعليم حاصل ڪرڻ تي خرچ ڪنديون آهن. بدقسمتي سان اسان وٽ تعليم ڪڏهن به سرڪار جي اهڙي اوليت ڪونه رهي آهي، جهڙي نموني پاڙيسري ملڪن يا ايستائين جو سارڪ ۾ شامل ملڪن وٽ آهي. اسين پنهنجي تعليمي نظام ۽ تدريسي طريقيڪار کي يورپ ۽ آمريڪا سان ڀيٽ ڪرڻ کان ته رهياسين پر رڳو اسين پاڙيسري ملڪن يا آفريڪا جي ملڪن جي قطار ۾ بيهي سگهون، تڏهن به بهتر آهي، پر افسوس ته ائين آهي ڪونه، خبر ناهي ته ڇا آهي. هِڪ رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ آهي، جنهن کي ڪهڙي مهل ڪهڙو ڌنار، ڪهڙي مهل ڪهڙو ڌنار، خبر ناهي ڪهڙي غفا ۾ وڃي ٿو ڌوڪيندو.

اسين پائيڊ پائپر جي انهي ڪٿا جا ڪردار بڻجي ان جي پٺيان خاموشي سان ان جي سُر ۾ سرمست بڻجي اڳيان وڌندا رهون ٿا، پوءِ ڀلي هُو اسان کي ڪنهن درياهه يا سمنڊ ۾ لوڙهي اسان جي قسمت تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏي.

ڪتابي ڳالهين ۽ حوالن کان هٽي ڪري ڏسجي جهڙي نموني اسين سڀ ڪاپي ڪلچر جي ناسور جي خلاف هوندي به امتحان واري ڏينهن تي يا امتحان واري موسم ۾ انهن ڳالهين کي پٺي ڏئي سڀئي انهي ڊوڙ ۾ آهيون ”منهنجي ننڍڙي يا ننڍڙي جو پيپر الائي ڪيئن ٿيو، خبر ناهي ته ان وٽ سوال جو جواب پهتو الائي نه؟“ هي ڇا آهي؟ انهيءَ مڪروهه ۽ ڪُڌي ڪرت سان اسين ڇا ٿا سمجهون ته اسان جو ننڍڙو يا ننڍڙي جيڪڏهن اي ون گريڊ ۾ اچي به ويا ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو؟ ڇا هِن ڪارتوسي طريقي سان پاس ڪيل نسلن کي اِها سمجهه ۽ ساڃاهه به ٿيندي ته هِي جيڪو اسين گريڊ جو کارو ڪلهي تي کنيو آهي، انهيءَ ۾ ڪيترا سٺا ۽ ڪيترا گندا آنا آهن؟ ڇا اسين واقعي به پڙهيل لکيل آهيون؟ ڇا انهي کي پڙهائي چئجي ٿو؟

اسان جو ٻار اي گريڊ، اي ون گريڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ به هِڪ سادو خط/ اي ميل نه لکي سگهي، ڇا جُملا صحيح نموني سان ڳالهائي نه سگهي. پنهنجي تعارف ڪرائڻ مهل به ان کي خشڪيون پيون چڙهن ۽ هُو خوداعتمادي ۽ پنهنجو شعوري تشخص ئي وڃائي ويهي ته اِهو علم، اِها تعليم ڪهڙي ڪم جي؟

پهريائين ته عرض اِهو رکجي ته اسان جي ملڪ جي سڄي ساري تعليم دنيا کان ڪئين سال پٺ تي آهي، وري جيڪا حالت اسان جي صوبي سنڌ ۾ آهي، ان جهڙو حشر ته شايد ئي ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ ٿيندو هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ تعليمي ادارا انهن ۾ پڙهائجندڙ نصاب ۽ انهيءَ نصاب مان لاڀ؛ اهي سڀئي پاسا اهڙا آهن، جن تي تفصيلي ڳالهائي سگهجي ٿو.

ڇاڪاڻ ته هِڪ پاسي جهڙي معيار جي چؤ پر ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪري ٿو، اسان وٽ سماجي طور تي ان جي ڪا عزت ڪا ويليو ڪونه آهي، جيتري اسان وٽ ڊوگر ۽ يونيڪ جون گائيڊون وٺي مقابلي جو امتحان پاس ڪندڙ بيورو ڪريٽ جي آهي؟ هُو، جنهن ۾ ڪابه تنقيدي سوچ ڪونه آهي، اِهو ڪهڙا جهاز ٺاهي ڏيندو.

اسان وٽ پنجين ڪلاس کان وٺي ٻارهين ڪلاس تائين ساليانو امتحاني طريقو رائج آهي، جنهن ۾ ڪجهه درجا ته اهڙا آهن، جتي هڪڙي اسڪول جا استاد ٻين اسڪولن ۾ وڃي ماني کائي ايندا آهن ۽ زباني طريقي سان خانه پوري ڪندا آهن ۽ اِهو ٿيو امتحان، اها ٿي شاگرد جي ذهانت جي جاچ! ٻيو طريقو اِهو آهي جنهن سان هِڪ مخصوص پيپر سيٽ ڪري شاگرد کان مختلف مضمونن جا سوال پڇيا ويندا آهن، جن جا کيس جواب امتحاني ڪاپي تي لکڻا هوندا آهن. هَلو جيڪڏهن شاگرد اِهي سوالن جا جواب به ياد ڪري امتحاني ڪاپي تي ڇاپي اچي، تڏهن به اسان لک کٽيا، پر ان جي بلڪل ابتڙ انهن سوالن کي ڏسي جواب لکڻ لاءِ گائيڊن مان ڪارتوس ڦاڙي جواب کي امتحاني ڪاپي تي اُتاريو ويندو آهي ۽ اهو طريقو اسان جي ڪاليجن ۾ سورنهين درجي تائين مروج آهي ۽ اُن کي پاڙان اُکوڙڻ هينئر ائين ئي ناممڪن ٿي چڪو آهي، جيئن وفاقي حڪومت لاءِ لوڊشيڊنگ جو خاتمو!

امتحان وارن ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ رنگ برنگي گائيڊون ۽ حل ٿيل پرچا موجود هوندا آهن. انهي کان علاوه فوٽو اسٽيٽ مشينن وسيلي مائيڪرو يعني ننڍڙي سائيز جا ڪرايل نوٽس پڻ موجود هوندا آهن، انهيءَ کان علاوه نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ مائٽ خاص طور تي پنهنجي ٻار لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪندا آهن، ان کي صحيح طريقي سان ڪارتوس پهچرائي ڪاپي ڪرائي وڃي، جيئن هُو سٺا نمبر کڻي سگهي ۽ اڳتي هلي ڦاڙها ماري. اهڙي طرح يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جي حالت به اهڙي ئي ٿئي ٿي. ڪاليج جا استاد هر هڪ شاگرد کي ٺيڪي تي وٺن ٿا، انهن ٻارن جي والدين کان في پرچو توڙي سڀئي پرچا گڏائي هِڪ مخصوص رقم اڳواٽ ئي روڙي وڃي ٿي، باقي جيڪي ٿورا ڪي گهڻا مون جهڙا بي واها اميدوار هوندا آهن، اِهي امتحان ۾ اندر گائيڊون ۽ حل ٿيل پرچا کڻي ويندا آهن، ٻي صورت ۾ هلندڙ امتحان ۾ به ڊيل ڪرڻ جي سهولت موجود هوندي آهي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار اسڪول ڪاليج جا پٽيوالا ۽ استاد صاحبان سڀ شامل هوندا آهن. اهڙي طرح اسڪولي عمارتن، ڪاليجن ۾ امتحانن وارن ڏينهن ۾ ايتري رونق هوندي آهي جو ڄڻ لڳندو آهي ته ڪو ميلو لڳل هجي. اهڙي صورتحال ۾ اوهان کي اِهو منظر ڏسڻ  ايندو آهي جو اوچتو ٽيم نالي هِڪ فرشتن جو جٿو جيڪي امتحاني ناظم ۽ بورڊن طرفان مقرر ڪيل ڪي اهڙا ”دان شور“ يا تعلقي يا ضلعي جو ڪو عملدار پڻ ٿي سگهي ٿو، اچي ڪڙڪندا آهن ۽ امتحاني مرڪز ۾ ٿرٿلو پئجي ويندو آهي. وارو وارو ”ٽيم ٽيم“ انهيءَ آواز کانپوءِ امتحاني مرڪز ۾ جيڪا بي حرمتي انهي علم جي ٿيندي آهي، جيڪو ڳاڙهين، پيلين گائيڊن ۾ شامل هوندو آهي، اُن جو نوٽيس ڪهڙي نوٽس بورڊ تي هڻجي يا ڪنهن جي ضمير مٿان ان جو بار رکجي جو اسلاميات جي سوالن جي جوابن کي ڪٿي ڪٿي لڪايو ويندو آهي، تڏهن اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان هوندا آهيون، اِهو هڪ وڏو الميو آهي.

ٽيم نالي اُنهي مخلوق کي سڄو سال ڪڏهن به انهيءَ ڇاپي هنيل اسڪول يا ڪاليج جي ياد ڪونه ايندي آهي جو ڪنهن کان وڃي پڇا ڳاڇا ڪجي ته پڙهائي ٿي رهي آهي يا نه، باقي امتحان دوران وڃي گوگرن تان مٽي لاهڻ سان ڪجهه به ڪونه ٿيندو.

هي امتحاني منظرنامو هِڪ شاگرد جي علم يا حاصل ڪيل شعور جو تعين يا جاچ ڪرڻ جي بدران هِڪ مذاق لڳندو آهي. گذريل سال هِڪ ضلعي عملدار هِڪ شاگرد کي ڪاپي ڪرڻ تي ٿـــڦ وهائي ڪڍي هئي، جنهن جو بعد ۾ گهڻو چرچو ٿيو هو. اصل ۾ اِها چماٽ ان شاگرد جي منهن تي نه حقيقت ۾ پنهنجي منهن تي هنئي هئي، جو هن ڪاپي جي سامراجيت کي روڪڻ لاءِ اِهو حل ٺيڪ نه هو.

اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ڪاپي ڪلچر جي سامراجيت ختم ٿي سگهي ٿي. ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ هڪ نج انتظامي مسئلو آهي. سنڌ ۾ موجود يونيورسٽين ۾ ڪاپي ڪونه ٿيندي آهي، فوجي ادارن ۾ ڪاپي ڪونه  ٿيندي، جيڪڏهن اسين روڪڻ تي اچون ته هي مسئلو حل جوڳو ضرور آهي، باقي امتحاني ڏينهن ۾ ٽيم ٺاهي ڇاپا هڻڻ سان اسان فقط سي آءِ ڊي ڊرامي جو ورجاءُ ئي ڪنداسين. باقي امتحاني سرشتي ۾ ڪوبه ستارو ڪونه اچي سگهندو.

واقعي والدين، استاد ۽ شاگرد امتحان ۾ ڪارتوسي سامراجيت کي روڪڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيڻ گهرجن، پر انهي کان علاوه هي جيئن ته نج پاليسي ٺاهيندڙن جو مسئلو آهي، جيڪڏهن امتحاني سرشتي کي ٽه-ماهي، ڇهه ماهي امتحان ۾ ٽوڙيو وڃي ۽ سوالن جو طريقو موضوعي بقا ۽ معروضي ڪيو وڃي ۽ ان کي مشين ذريعي چڪاسيو وڃي ته ڪاپي جي ناسور مان ڇوٽڪارو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

بورڊن مان پئسن تي ملندڙ گريڊن طرف به گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. بورڊن ۾ جيڪا ڪرپشن آهي ۽ پئسن عيوض مرضي جو گريڊ وٺڻ عام آهي، مرڪزي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ان طرف به ڏسڻو پوندو، پوءِ وڃي ڪنهن بهتريءَ جي اُميد ڪري سگهجي ٿي، باقي هي جيڪو ڪجهه اسين پڙهي رهيا آهيون ۽ طوطا بڻجي اڳيان وڌي رهيا آهيون، اِهو هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن لاءِ آپريشن ضرب عضب جي ضرورت آهي.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *