تازيون خبرون

امام حسين عليه السلام جي عظمت ۽ سوره ڪوثر:  اعجاز ممنائي

قرآن مجيد جي سوره الڪوثر جي باري ۾ مفسرين مختلف راءِ پيش ڪئي آهي ڪي چون ٿا ته ڪوثر مان مراد حوض ڪوثر آهي اها راءِ سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي ان جو ڪافي جيّد علمائن پڻ ذڪر ڪيو آهي ليڪن جيڪڏهن اسان حوض ڪوثر جي باري ۾ آيل آيتن جو مطالعو ڪريون ته تقريبن مڙني روايتن ۾ حوضِ ڪوثر جو لفظ استعمال ٿيو آهي ڪٿي به ڪوثر لفظ نه آيو آهي ان ڳالهه کي مدِنظر رکندي چئي سگھجي ٿو ته هن آيت ۾ ڪوثر مان مراد ڪا ٻي شيءِ آهي جيڪا الله تعاليٰ محمّد وآل محمّد عليهم السّلام کي عطا ڪئي آهي اهڙي طرح تحقيقي مطالعي ۾ عربي گرامر جي اعتبار کان حوض الڪوثر ۾ حوض مضاف آهي ۽ الڪوثر مضاف اليه آهي ۽ ڪوثر جي حوض جي ذريعي سان تفسير ڪرڻ مضاف اليه جي تفسير مضاف سان ڪرڻ آهي ۽ اهو عربي گرامر جي لحاظ کان عجيب ۽ نادر آهي ها باقي عربي گرامر ۾ مضاف جي تفسير ۽ تعين مضاف اليه سان ڪئي وڃي ٿي اهڙي طرح اهو چوڻ به غلط نه آهي انا اعطيناڪ الڪوثر ۾ لفظ ڪوثر کان اڳ حوض محذوف ۽ مقدر آهي ڇوته ڪنهن شيءِ جو مقدور ۽ محذوف قرار ڏيڻ ڪنهن اهڙي علامت جو محتاج آهي جيڪو ان جي مقدور ۽ محذوف تي دلالت ڪري جڏهن ته هن سوره ۾ ڪابه اهڙي علامت ناهي جيڪا ان ڳالهه تي دلالت ڪري ته هتي الڪوثر مان مراد حوض ڪوثر آهي ٻي راءِ اها آهي ته هن سوره ڪوثر مان مراد ذريت رسول خدا آهي ان جو دليل اهو آهي ته هن سوره جي پهرين آيت ۾ آهي انا اعطينٰڪ الڪوثر يعني بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪئي ۽ آخري آيت ۾ آهي ته انّ شانئڪ هوالابتر يعني بيشڪ تنهنجو نسل بي نسل آهي ان راءِ جي تائيد ۽ تصديق اهي اقوال ڪن ٿا جن ۾ چيو ويو ته هن سوره جي نازل ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته رسول خدا صه جن جي فرزند کان پوءِ يا فرزند جي وفات کان اڳ هڪ ملعون کين بي نسل سڏيو جنهن تي خداوند ڪريم کي جلال اچي ويو ۽ هيء سوره نازل فرمائي ۽ گستاخ رسول کي بي نسل ۽ رسول خدا کي ڪثير اولاد جي خوشخبري ڏني .ٽين راءِ مطابق ڪوثر مان مراد تمام گھڻيون نيڪيون ڪرڻ وارو ۽ زياده عطا ڪرڻ وارو آهي بس معنيٰ جي اعتبار ڪوثر مان مراد ڪا اهڙي مخصوص ۽ معين شخصيت آهي جنهن جي باري ۾ رسول خدا صه جن کي الله تعاليٰ مخاطب ٿي فرمائي رهيو آهي ”بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو آهي “ڪوثر جي تشريح ۽ تفسير ۾ وارد هجڻ وارين راين ۾ هيء روايتون مشهور هيون جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه رايتن ۾ ملي ٿو ته حضرت امام حسن عليه السلام جي شهادت کان پوءِ تمام گھڻي جود و سخا ۽ ڪرم جي ڪري امام حسين عليه السلام کي ماڻهو الڪوثر جي لقب سان ياد ڪندا هئا انهن روايتن کي مدنظر جيڪڏهن سوره الڪوثر مان مرد امام حسين عليه السلام کي ورتو وڃي ته غلط نه هوندو خاص طور تي ان سلسلي ۾ جن اقوالن ۽ مشهور روايتن جو اسان ذڪر ڪيو آهي اهي سڀ جو سڀ امام حسين عليه السلام طرف واپس اچن ٿيون ۽ انهن مڙني روايتن جو محور به امام حسين عليه السلام جن جي ذات ۽ شخصيت ئي آهي چاهي ڪوثر مان مراد حوض ڪوثر ورتي وڃي يا ڪوثر مان مراد ڪثرت ذريت ورتي وڃي يا ڪوثر مان مراد زياده نيڪي ڪرڻ وارا  ۽ تمام گھڻو عطا ڪرڻ يا بخشش وارو ورتو وڃي اهي تمام معنائون امام حسين عليه السلام جي ذات اقدس جي مناسبت سان تعلق رکن ٿيون جيڪڏهن ڪوثر مان مراد ڪثرت ذريت آهي ته رسول الله جي ڪثرت اولاد ۽ ذريت امام حسين عليه اسلام جي صلب مان آهي اگر ڪوثر مان مراد ڪثريت خير ۽ ڪثرت عطا آهي ته امام حسين عليه السلام جي جود و سخا ۽ اعمال خير ونيڪي جي روايتن سان ڀري پئي آهي اهڙي طرح جيڪڏهن ڪوثر مان مراد حوض ڪوثر آهي ته به ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته امام حسين عليه السلام پنهنجي مقدس انقلاب ذريعي تمام مسلمانن بلڪه عالم انسانيت لاءِ حوض ڪوثر تي پهچڻ جو رستو نهايت آسان ۽ وسيع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ به ڪوئي شڪ نه آهي ته  ساقيانِ ڪوثر ۾ امام حسين عليه السلام به شامل آهن بس اهي تمام معنائن جو مرڪز ۽ محور امام حسين عليه السلام جن آهن ڇوته امام حسين عليه السلام پنهنجي مقدس انقلاب جي ذريعي ڪوثر جي تمام معنائن ۾ هر ڀلائي جا مصداق آهن اها امام حسين عليه السلام جن ذات مقدس ئي آهي جن اسلام جي بقا ۽ دين جي احياءَ جي لاءِ هر طرح جي قرباني ڏئي قيامت تائين اهڙو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي هيءُ انقلاب اهڙي دور ۾ برپا ٿيو جڏهن بني اميه ۽ ان جي نمڪ خوار دين اسلام کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام تر وسائلن کلي ختم ڪرڻ کان پوءِ اهو گمان ڪرڻ لڳا هئا ته انهن دين اسلام ۽ رسول اڪرم صه جي ڏنل تمام تعليمات کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ حالات اتي وڃي پهتا ته يزيد ابن معاويه ملعون اعلانيه طور تي ڪفر ۽ شرڪ جو هن لفظن ۾ اعلان ڪرڻ لڳو ته” بني هاشم حڪومت خاطر ڊرامو ڪيو آهي نه ئي ڪا خبر آئي آهي نه ئي ڪو وحي نازل ٿيو آهي “ يزيد ملعون اهو سمجهيو هو ته شايد ان جي اها زبان ڳالهائڻ سان خدا جي دين ۽ رسالت جو خاتمو اچي ويندو لهٰذا ان اعلانيه طور تي سرعام رسالت ۽ وحيءَ جو انڪار شروع  ڪري ڇڏيو ۽ واقعه ڪربلا کان پوءِ ابن زبعري جي يوم احد وارو هيءُ شعر پڙهڻ لڳو:

ليت اشياخي ببدر شهدوا

جزع الخزرج من وقع الاسل

يعني : ڪاش جنگ بدر ۾ مرڻ وارا منهنجا بزرگ ڏسن ته نيزن تي سوار (جنگ احد) ۾ قبيله خزرج کي ڪيئن شڪست ملي آهي تاريخ جي ڪتابن ۾ يزيد ملعون جا ان کان سواءِ به ڪيترا ئي ڪفر آميز شعر ملن ٿا جن مان مشهور هنن ڪتابن ۾ آهن 1:سيرت النبويته مولف ابن هشام جلد 3 صفحه 143، مقتل الخوازمي جلد 2 صفحه 58، الفتوح جلد 2 صفحه 182، مناقب لا بن شهر آشوب جلد 4 صفحه 144 وغيره

يزيد اهو سمجھندو هو ته هن اسلام جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي پر اسلام اڄ ڏينهن تائين پنهنجي تعليمات سان گڏ باقي آهي ۽ قيامت تائين باقي رهندو دنيا جو ڪوبه اهڙو شهر، ڳوٺ ،واهڻ يا وستي ناهي جتي اشهد ان لا الٰه الا الله ۽ اشهد ان محمد الرسول الله جو ذڪر نه ٿيندو هجي ڇوته فتح اها ناهي ته انسان ويڙهه جي ميدان مان محفوظ واپس موٽي اچي يا پنهنجي مخالف کي قتل ڪري اچي پر فتح اها آهي ته پنهنجي مقصد کي اڳتي وڌائي ۽ دشمن کي سندس مقصد حاصل ٿيڻ نه ڏئي جيئن مولا اميرالمومنين امام علي عليه السلام جن نهج البلاغه ۾ فرمايو ته ”جنهن تي گناهه فتح حاصل ڪئي اهو فاتح ناهي ۽ برائيءَ ذريعي فاتح حقيقتن ۾ هارايل آهي “ انڪري امام حسين عليه السلام ۽ سندسن ساٿي هڪ خوني ويڙهه ۾ شهادت جي عظيم نور تائين پهتا ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجو مقدس حدف هر طرح سان ان شهادت ذريعي حاصل ڪيائون سندن مقصد هي هو ته پنهنجي ذميواري ادا ڪن ۽ بني اميه جي اسلام دشمن ۽ دور جاهليت مطابق هلندڙ حڪومت جا وکا پڌرا ٿين ۽ مسلمانن جي عام سوچ جاڳي پئي امام حسين عليه السلام ۽ ان جا ساٿي ان مقصد ۾ مڪمل طور ڪامياب ٿي ويا اموي سردارن ۽ قاتلانِ امام جي ذلت ان حد تائين وڃي پهتي جو آخر ڪجهه سالن گذرڻ بني اميه جي ماڻهن جي اها جرئت نه رهي جو پنهنجو تعارف ڪرائي پر سندن مردن جا لاش قبرن مان ٻاهر ڪڍي ساڙيا ويا ڪربلا جي واقعي کان اڳ جهڙي طرح ان خبيث خاندان کي امت ۾ عروج ٿي مليو ڪربلا جي واقعي کان پوءِ جلد ئي ابوسفيان جي خاندان جا تختا نڪري ويا پروفيسر نيڪلسن تاريخ سياسي اسلام جلد 1 ۾ لکي ٿو ته ڪربلا جو حادثو خود بني اميه لاءِ پريشاني ۽ پشيمانيءَ جو سبب بڻجي ويو سڀ حق جا پيروڪار امام حسين عليه السلام جي انتقام لاءِ هم زبان ٿي ويا ڇوته امام حسين عليه هڪ جسم جو نالو نه پر هڪ مڪتب جو نالو آهي جيڪو سر ڪٽجڻ کان وڌيڪ سربلند ٿيو ڪربلا جي ميدان تي امام حسين عليه السلام جو بدن خون سان رنگين ٿيو ۽ سندس حق ٻوليندڙ زبان خاموش ڪئي ويئي پر حقيقت ۾ امام حسين عليه السلام اڳ کان به وڌيڪ دنيا ۾ گونجندو رهيو ان عظيم انسان پنهنجي شهادت ذريعي تاريخ ۾ هلچل ۽ زبردست انقلاب برپا ڪري ڇڏيو جنهن يزيد ۽ يزيديت کي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو جيئن ڪنهن شاعر خوب چيو آهي :

حسان، حسين به ظاهر اگرچه شد مغلوب ، شڪست اوست ڪه در گرزمانه پيروزاست

زخون سرخ قلبت نوري جهيدن گرفت ، ڪه ظلمت جهل را، صاعقه آسا برد

اي حسان ، ظاهر ۾ حسين شڪست کاڌي پر سندس ئي شجست آهي جيڪا هر دور ۾ فاتح آهي پنهنجي دل جي ريٽي رت مان نوري لاٽ ٻري جنهن جهالت جي اونداهه کي چمڪاٽ وانگر ٽوڙيو.

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *