تازيون خبرون

الک نرنجن پوڙهو ماڻهو ۽ بَر : لياقت علي ٿهيم

”سائين ڪتاب ٿا لکو ڇا؟“ سمن سرڪار جي کوسي خدمتگذار مونکي مزار جي ڏاڪڻين تي نوٽس لکندي ڏسي چيو. مون ساڻس دعا سلام ڪئي ۽ هڪٻئي جي ذات ٻڌڻ بعد سرائيڪي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيوسين. هن کي ڪنهن ڪم سان وڃڻو هو سو کيس ٻين ساٿين پريان سڏ پئي ڪيا. موڪلائڻ مهل ماني ۽ چانهن جي صلاح ڪيائين. هي کوسا گذريل هڪ صدي کان هتان جا مجاور آهن. سمن شاهه کين بر جا بگھڙ سڏيندو هو.

سمن شاهه جي پراڻي مزار ٻوڏن ۽ سيلي ۾ ڊهي پوڻ بعد، ڪجھه ورهيه اڳ هي نئون روضو سرن جي هڪ ويڪري ۽ مٿاهين ٿلهي مٿان، هوبهو جناح صاحب جي مزار جي طرز تي تعمير ڪيو ويو آهي، يعني چئني پاسن کان چار وڏا دروازا ۽ چئني ڪنڊن ۾ ٿلها پيل پاوا ۽ انهن پيل پاون ۾ ننڍا در لڳل، گنبند گھڻو مٿي ۽ تمام ويڪرو جنهن ۾ ڪاشِي ۽ ڪائيَ جو ڪم ڪيل آهي. ڪنڊ وارن چئن ڪمرن اندر ننڍڙا پينگھا، ٻيڙيون ۽ مور جا پر رکيل آهن. هن روضي جا گنبند سفيد رنگ جا آهن ۽ طرز تعمير پڻ مسلمان پيرن جي درگاهن جهڙي ناهي.

مزار جي ساڄي پاسي اڌ ايڪڙ ايراضي ۾ گھوڙن جي تانبيلي جهڙو ڇاپرو آهي، جنهن اندر ٻه عورتون ۽ هڪ نوجوان مرد ويٺو آهي. انهن مان هڪ عورت شايد انهي مرد جي ماءُ آهي، جو مائي ويٺي آهي ۽ هو سندس جهولي ۾ ڪنڌ لڪائي ويٺو آهي. ٻي مائيءَ جي ڀر ۾ ڪاٺين جي باهه پئي ٿي ٻري. شايد ماني ٿي پچائي. باقي سموري مسافر خاني اندر ۽ ٻاهر ميدان تي، ڪتن جا ولر ويٺا آهن. هي مسافر خانو پهرين ڪچي لانڍي هوندي هئي، جنهن کي سمن شاهه جي اوڏ مريدن تعمير ڪيو هو.

مزار جي پٺئين ڀاڱي ۾ هڪ پراڻو قبرستان آهي، جنهن ۾اندر وڃڻ لاءِ سڌي قطار ۾ سروٽا رکي رستو ٺاهيو ويو آهي جن تي پير رکي اندر وڃي سگھجي ٿو نه ته توهان سيلي جي گپ ۾ ڦاسي پوندا. ڳوٺ ٻاهران، ٽي چار ايڪڙن ۾ (ميلي ۾ لڳندڙ دڪانن) جا ڦٽل دڪا ٺهيل آهن. هن ميلي جي سماجي موبلٽي (ماڻهن جو اچڻ وڃڻ، خريداري ۽ سفر) هم چورس ٻه سؤ ڪلوميٽرن تائين هوندي آهي. سمنڊ هتان کان ستاويھ اٺاويھه ڪلوميٽرن تي آهي.

درگاهه ڀرسان پراڻي مسيت آهي، جنهن جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿانوَن جا کارا، ماني ۽ ٻوڙ ڍڪي رکڻ لاءِ دٻڪيون، اَنُ پيهڻ جو جنڊ، نار ۾ وهڻ واريون لوٽيون، پلال ۽ مال جو ڇيڻو ميڙڻ واريون ڏانداريون ۽ اردو ٻولي ۾ حڪمت جو هڪ ڪتاب پيل آهن. ميدان جي بلڪل وچ تي پٿر جو هڪ ڳاڙهو ڪڪڙ، ٽي فوٽ کن ڊگھي دڪي تي کُتل آهي.

اڄ کان ڪو نوي سال اڳ، ٺيڪ هن هنڌ، سمن شاهه رات جو باهه ٻاري ويهندو هو.

آڳاٽي سنڌ جو هڪ ناميارو ليکڪ ۽ زميندار، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، سمن شاهه جو همعصر هو ۽ ماتلي کان ٽنڊي باگي طرف ويندي ڪيئي ڀيرا سمن شاهه سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون. رئيس جي سوانح ”ڪيئي ڪتاب“ جي ٻئي جلد ۾ انهن ملاقاتن جو بيان ڏنل آهي. هن سوانح مطابق، سمن شاهه شروعاتي زندگي ۾ ڪپڙي لٽي، کائڻ پيئڻ ۽ ”ٻين دنياوي شين“ جو شوقين ماڻهو هو پر پوءِ ڪنهن نينگري تي سندس نظارو ٿي پيو، جنهن ۾ ناڪام ٿيو. هاڻي خدا کي خبر آهي ته انهي مرحلي تي ڪنهن روحاني رمز سان روشناس ٿيو يا ڪو ٻيو چڪر هو، پر سمن شاهه ۾ ”تبديلي اچي وئي“.

رئيس موجب، سمن شاهه ڪڪڙ جي گوشت جو شوقين هوندو هو تنهنڪري مريدن کان ڪڪڙ طلب ڪندو هو. جڏهن ڪڪڙ جي ٻوڙ جو پيالو ڀرجي ايندو هوس ته انهي ۾ سلفي جي ڇار وجهندو هو ۽ انهي کي ملائي ماني سان کائيندو هو.

پر مرشد جي فوڊ پيٽرن کان علاوه، هن مزار تي ڪڪڙ صدقي ۾ ڏيڻ جو هڪ معاشي سبب به هو: ٻين پيرن تي توهان کي وهٽ، ڇيلو، سون، پيسا يا ڪن صورتن ۾ اولاد ڏيڻو پوندو پر سمن سرڪار تي توهان ڪڪڙ ڏئي دل جي مراد يا گھربل نتيجا حاصل ڪري سگھو ٿا. ماڻهو ڪڪڙ ڌاريندا آهن ۽ انهي ٻانگي کي تيستائين ڪُهڻ جي اجازت نه هوندي آهي، جيستائين درگاهه تائين نه پهچي. ٻين درگاهن جي ڀيٽ ۾ سمن سرڪار، سستو پير سمجھيو ويندو هو.

ٻيو، هن سموري تر ۾ ڪا درگاهه ڪانه هئي. ويجھي ۾ ويجھي (سوين ڪلوميٽر پري) درگاهه ٿر ۾ راضي شاهه جي هئي. وڏيرن، وبائن ۽ ويراني ۾ دل کي دلاسو ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي بهرحال مرشد دستياب گھرجي. هي هڪ طرح سان هتي جي ڪولهين، ڀيلن ۽ ٻين مسلمان هارين جو قائد آهي، جنهن کين هڪ ڌار درگاهه جو خواب حقيقت ڪري ڏيکاريو.

شايد بر ڳولي اڪيلو جيئڻ، ڪپڙا نه پهرڻ يعني ڪجھه به نه طلبڻ، مجذوب ٿيڻ، ٻوڙ ۾ سُلفيءَ جي خاڪ ملائي کائڻ انهي وقت جي حاوي معاشرتي طرز زندگي کي رد ڪرڻ هو. يا اڃان ئي ڪو ٻيو، نه ٻڌائڻ جهڙو مسئلو هو. پر اها آزادي بهرحال ايڏي آسان ڪانه هئي. چون ٿا ته ڪپڙا لاهي هلڻ سببان ماڻهن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو. ماڻهن جي تعدين کان ڀڄي ڪيئي وسنديون مٽايائين پر ماڻهن منجهائنس هٿ نه ڪڍيا. يعني اها حالت هئي جو ڳوٺ ڀرسان اهڙي تلاو ۾ اندر وڃي لڪو جتي واڳون رهندا هئا. انهي بعد پنگرئي ڀرسان ڪارو واهه نالي هڪ اهڙي جھنگ ۾ وڃي رهيو جيڪو بگھڙن ڪري مشهور هوندو هو پر پوءِ به ماڻهن کيس معاف نه ڪيو ۽ جتان لنگھندو هو اتان فقرا ڦٽي ڪندڙ ماڻهن جا ولر سندس پٺيان پئجي ويندا هئا.

آخر، بدنامي جي انهي سماجي مهم کان ڀڄي، هن بر ڏانهن هجرت ڪري آيو ۽ اچي ويراني ۾ پناهه ورتائين جتي کيس غربت ۾ غرق ٿيل رعيت ملي ۽ هتي اهڙي ته ڀڳي سڄي ڪيائين، نپٽن کي پٽڙا، نامردن کي مڙسي ڏيڻ جون اهڙيون ڪرامتون ڪيائين جو سمن سرڪار سڏجڻ ۾ آيو.

سال 1812 ۽ 1836 ۾ ڪڇ ۾ ڪالرا جو ڪال ڪاهي پيو هو. سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن ۾ انهي ڪالرا ڳوٺن جا ڳوٺن ماري وڌا. ارڙهن سئو ٻٽيهن واري وبا ۾ ته سنڌ جا حاڪم ٽالپر مير حيدرآباد ڇڏي ٻهراڙين ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ ٽن مهينن تائين شهر ۾ ڪونه آيا. ٻيو، 1932 ۾ سکر بئراج ٺهيو. بيراج ٺهڻ بعد زرعي جنسن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، انهن کي وڏن شهرن موڪلڻ لاءِ ننڍن شهرن ۾ آبادي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ شروع ٿي، سنڌ ۾ ننڍا ننڍا شهر وڌڻ لڳا ڇاڪاڻ ته اناج کي هڪ هنڌ رکڻ لاءِ حڪومت کي مرڪز گھربل هئا.

سکر بئراج ٺهڻ بعد بدين جي هن علائقي ۾ وونئڻ پوکجڻ لڳي. پر انهي سان گڏ هتي ڪڻڪ جام پوکجي ۽ ٻني جي ڪم ۾ گھڻو ڪري ڪولهي ۽ ڀيل آهن. پنگريو شهر هن علائقي جي اهم اناج منڊي بنيو. وبائي بيمارين ۽ نون بئراجن ٺهڻ جي نتيجي ۾ (پڻ) ڪڇ جا غير مسلم هاري هن پاسي لڏي آيا ۽ مسلمان ارسٽوڪريسي جو هارپو اچي ڪيائون.

ماڻهن ۾ هڪڙو خوف ڪالرائن جو، ٻيو وڏيرن جو ۽ ٻيا بي شمار، اڻ ڏٺل ڀئو جيڪي هن بر ۾ فطري طور ڏينهن رات پڌرا ٿي سگھن ٿا.

شايد گھڻو ڪجھه نه، پر انسان جي ابدي دربدري، ڀٽڪڻ ۽ پوءِ هڪ هنڌ ويهي ساهي کڻڻ واري لمبي ڪهاڻي جو ٿورو گھڻو شائبو هن پير جي حياتي ۾ نظر اچي ٿو. ۽ سنڌي معاشري ۾ ماڻهن سان جيڪا تعدي ڪئي وڃي ٿي، انهي جي ٿوري گھڻي ثابتي پڻ.

سمن شاهه تي لکيل ڪجھه مختصر سوانحي ڪمينٽريز ۾ آرائين آبادگارن جو ذڪر ملي ٿو، جن سندس سرگرمين ۽ رهڻي ڪهڻي جي انداز تي سخت اعتراض ڪيو هو ۽ کيس پنگرئي مان ڪڍڻ لاءِ انگريز ميجسٽريٽ کي وٺي آيا هئا. اهي آرائين آبادگار به سنڌ ۾ ڪئنال سسٽم بعد هتي آيا آهن، جو انگريزن کي وڏي اسڪيل تي زمين آباد ڪرڻ لاءِ گھڻن ماڻهن جي ضرورت هئي (اها ساڳي حڪمت عملي سانگھڙ ۾ پڻ ڪئي وئي).

اڄڪلھه هن تر ۾، انهن آرائين آبادگارن جا گادي نشين، لشڪر طيبه ۽ ٻيو جهادي فيڪٽر تمام سرگرم آهي. جماعت الدعوه جا ڪارين ترارن وارا جهولندڙ جھنڊا توهان کي سمن شاهه جي مزار طرف ويندڙ روڊ تي جتي ڪٿي نظر ايندا. پنگرئي جي ڀرسان ڳوٺن ۾ هنن جا متحرڪ يونٽ آهن ۽ ڀروارن ڳوٺن ۾ ڪجھه سال اڳ چئن سنڌي ڇوڪرن جا لاش به آندا ويا هئا، جيڪي انڊين آرمي سان ڪشمير اندر چڪرين ۾ مري ويا هئا.

بقول رئيس عبدالڪريم نظاماڻي جي سوانح جي، سمن شاهه جي ميلي جي شروعات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سندن ساٿين پير جمن شاهه، ڪامريڊ عبدالقادر ڪئي. انهيءَ پهرئين ميلي ۾ هاري ڪانفرنس سڏائي وئي هئي، جتي هارين تقريرون ڪيون هيون. اڄ به سمن شاهه جي مريدن جو وڏو حلقو غير مسلم هارين جو آهي. هي توهان جيڪا سمن شاهه جي مقبول ۽ واحد تصوير ڏسندا آهيو، جنهن ۾ هو ڊاڪٽر اقبال وانگر کاڏي هيٺان ٺونٺ ڏئي ويٺو هوندو آهي، سا سندس هڪ هندو مريد، گلاب راءِ جي ڪڍرايل آهي. (هي فوٽو ڇڪڻ لاءِ گلاب راءِ، 1930 ڌاري حيدرآباد مان فوٽوگرافر وٺي آيو هو).

شايد ڪامريڊ جتوئي کي، سمن شاهه ڪَلٽ ۾ ڪا ٿوري گھڻي ڪلاس وار به نظر آئي…

سمن شاهه جي روضي جي ڏاڪڻن تان اٿي مان مزار جي پٺ ۾ ٺهيل پراڻي مسيت ٻاهران قبرن تي لکيل تاريخون پڙهڻ لڳس. چوڌاري کبڙ ۽ ديوي جا وڻ آهن. تمام گھڻي گرمي آهي. پريان هڪ منڊو هاري آهستي آهستي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي… ۽ قبرن چوڌاري، ڪٺل ڳاڙهن ٻانگن جي کنڀن ۽ هڏن جا ڍير ائين پيل آهن، ڄڻ ته ڪڪڙن جي بازار ۾ ڪو بم ڦاٽو هجي.

رئيس ڪريم بخش جي سمن شاھ سان آخري ملاقات 1929 ۾ ٿي.

”مون کي ڏسي آڱر مٿي ڪيائين، پوءِ انهي کي دل تي رکندي سرائيڪي ۾ چيائين:“

”توکي تنهنجي سوال جو جواب مليو؟“

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *