تازيون خبرون

اسڪاٽلينڊ ريفرينڊم ۽ قومپرستيءَ جو اڀار: عبدالخالق جوڻيجو

18 سيپٽمبر 2014 تي اسڪاٽلينڊ جي برطانيه کان آزادي بابت ٿيندڙ ريفرينڊم کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ لکيل پنهنجي مصمون جي پڄاڻي مون اردوءَ جي ان شعر سان ڪئي هُئي ته” گر جيت گئي تو ڪيا ڪهنا، هاري بهي تو بازي مات نهين“. اهو  ريفرينڊم ٿي ويو ۽ ان ۾ آزادي پسند هارائي ويا. هاڻي ڏسجي ته ڇا ريفرينڊم هارائڻ  سان اسڪاٽلينڊ جا قومپرست آزاديءَ جي جنگ هارائي ويا ؟ ۽ اهو به ته باقي دنيا ۾ هلندڙ ۽ اڀرندڙ قومي آزاديءَ جي تحريڪ تي ريفرينڊم جا ڪهڙا اثر پيا آهن؟.پهرين بلڪل مختصر نظر  ريفرينڊم جي مهم تي-جيڪڏهن پاڪستان جي معيار تي پرکجي ته اهو ريفرينڊم انتهائي صاف، شفاف ۽ غير جانبدار ٿيو ۽ سڌي طرح قانون جي ڪابه ڀڃڪڙي ڪانه ٿي ۽ اسڪاٽس نيشنل پارٽيءَ جي قيادت نتيجي کي تسليم به ڪيو پر جيڪڏهن قومپرست ڪارڪنن جي ردِ عمل کي ڏسجي ۽ غير جانبدار ليکڪن جي تبصرن ۽ تجزين تي نظر وجھجي ته انتهائي نفاست سان پر نظر ايندڙ طريقن سان نتيجن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.آزادي پسندن پنهنجي مهم مثبت بنيادن تي هلائي جڏهن مخالفن منفي هربا هلايا. قومپرستن جي قوت”اميد“ هئي جڏهن ته مرڪزيت پسندن ”خوف“ جي  هٿيار کي استعمال ڪيو. جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته هي مالياتي سرمائيداريءَ جو دور آهي ۽ لنڊن  ان جو تمام وڏو ڪرمز آهي. تنهن ڪري لنڊن ۾ قائم سمورن مالياتي ادارن اسڪاٽلينڊ جي ماڻهن کي ”ها“ ووٽ جي صورت ۾ شديد مالي نقصان جا دڙڪا ڏنا جڏهن ته اينڊنبرا ۾ قائم مالياتي ادارن ۽ بئنڪن آزاديءَ جي صورت ۾ پنهنجا ٽپڙ ويڙهي لنڊن ڀڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. يورپي يونين به سموري برطانيه جي مدد لاءِ ميدان ۾ لهي پئي خاص ڪري اهي حڪومتون جن جي پنهنجي ملڪن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون هلندڙ آهن. ان کان علاوه سرمائيدار دنيا جو سردار آمريڪا به بادشاهت کي برقرار رکڻ لاءِ  برقرار نظر آيو. مزي جي ڳالهه ته (اتر) آئرلينڊ جي خودمختياريءَ جي مسئلي تي آمريڪا بهادر آئرلينڊ جي پاسي جھڪيل هئو. آئرش ريپبلڪن  آرمي (IRA) ۽ يشن فين  کي آمريڪا مان زبردست مدد ملندي رهي ۽ خودمختياريءَ بابت ٿيندڙ گُڊ فرائيڊي (GOOD FRIDAY) معاهدي ڪرائڻ۾ به امريڪا جو اهم ڪردار هئو. اهو سڀ ان ڪري ته ان وقت جي امريڪي صدر بل ڪلنٽن سميت امريڪين جو هڪ وڏو تعداد آئرش نسل سان واسطو رکندڙ آهي. ان مان چڱي نموني پتو پوي ٿو ته امريڪا ڪيترو ”اصول ۽ انصاف“ جو رکوالو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته برطانيه، يورپ ۽ آمريڪا جي ميڊيا (جيڪي پاڻ کي آزاد ۽ غير جانبدار چورائيندا آهن) به آزاديءَ جي مخالفت  ۾ ڀرپور مهم هلائي، جنهن بابت طارق علي جو چوڻ آهي ته”اهڙي مهم تي جيڪر گوئبلز به ريس ڪري“.هاڻي ڏسون ٿا ته ريفرينڊم کانپوءِ جي ڪهڙي صورتحال آهي، اسڪاٽلينڊ جي قومي حقن واري تحريڪ ان ريفرينڊم مان ڇا حاصل ڪيو، برطانيه عظميٰ ۽ متحده بادشاهت جو مستقبل ڇا آهي ۽ يورپ سميت سڄي دنيا جي قومپرست تحريڪن تي ان ريفرينڊم جا ڪهڙا اثر پيا آهن ۽ پوندا.ان ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي ته دنيا ۾ ”جيت“ جو ڪو متبادل آهي ئي ڪونه، پر هار ۽ جيت جا ڪهڙا پهلو آهن اهو ڳولهڻ جي ڳالهه آهي. سڀ کان پهرين ۾ اهم ڳالهه ته اها آهي ته بحيثيت هڪ قوم اسڪاٽلينڊ جي جداگانه حيثيت کي مڃيو ويو آهي ۽ ان حيثيت ۾ ان جي قومي حق خواداريت کي نه صرف تسليم ڪيو ويو آهي پر اهو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو به ڏنو ويو آهي. اصل ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه هوندي ئي اها آهي ته ڪنهن قوم جو خواداريت وارو  حق تسليم ڪيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي، باقي فيصلو ته اتان جو عوام ئي ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته عوام ئي Sovereign يعني اقتدارِ اعليٰ جو مالڪ هوندو آهي. جديد دنيا ۾ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي حقِ خواداريت جي مسلمه حيثيت ۽ بين الاقوامي قانون ۾ اهميت ايتري آهي ته هندستان جي مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ خاطر  محمد علي جناح ۽ ٻين ليڊرن کي به ان ئي حقِ خواداريت جو سهارو وٺڻو پيو، جيتوڻيڪ پاڪستان جي تحريڪ ان  معيار تي پوري اچي ئي ڪانه پئي ڇاڪاڻ ته جديد دنيا ۾ پوليٽيڪل سائنس ۽ قوم جي مڃيل وصف تحت مسلمان ڪا قوم آهي ئي ڪانه ته پوءِ هڪ قوم وارو حقِ خواداريت ڇا جو، پر وقت جي سپر پاور برطانيه جي انهن کي حمايت حاصل  هُئي. ٻئي طرف هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي به پاڪستان جي حمايت کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ حقِ خواداريت واري ”لينني “ اصول کي آڏو آڻڻو پيو. سو 18 سيپٽمبر جي ريفرينڊم ذريعي برطانيه بهادر اسڪاٽ ماڻهن جي اقتدار اعليٰ کي تسليم ڪري چڪوآهي. هاڻي اهو اسڪاٽ عوام تي آهي ته اِهي جڏهن به چاهين آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا.هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته نه رڳو اسڪاٽش قوم جي حيثيت کي مڃيو ويو آهي ۽ نه صرف خواداريت جو حق استعمال ڪيوويو آهي پر 45 سيڪڙو عوام آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ به ڏنو اهي ۽ اهو ان پسمنظر ۾ ته ٽي سئو سالن جي الحاق کان آزاديءَ جي باقاعده مهم ٽي سال هلي.پنهنجي ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي اسڪاٽش قومپرست ڇهه سيڪڙو جي فرق کي ڪهڙي وقت به ختم ڪري سگهن ٿا. ان خيال کان ئي انگريز حڪمران خوفزدهه آهن ڇاڪاڻ ته اهي ڄاڻن ٿا ته سندن ساٿاري ڪئناڊا کان آزادي حاصل ڪرڻ خاطر ڪرايل پهرئين ريفرينڊم ۾ ڪيوبيڪ جي قومپرستن کي صرف 25 سيڪڙو حمايت حاصل ٿي سگهي پر 15 سالن کانپوءِ ڪرايل ٻئي ريفرينڊم ۾ 49.4 سيڪڙو ڪيوبيڪ عوام آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.جيئن مٿي ٻڌايو ويو ته برطانوي بادشاهت جي حامين آزاديءَ کان پري رکڻ لاءِ اسڪاٽش عوام کي خوفزدهه ڪرڻ جي مهم هلائي پر کين خبر ئي نه پئي ته آزاديءَ جي اتساهه ۽ جذبي جي طاقت کان هو پاڻ خوفزدهه ٿي ويا. انهن جي خوف، گهٻراهٽ ۽ مايوسيءَ جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته ريفرينڊم کان صرف ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ برطانيه جي ٽنهي مک سياسي پارٽين جي ليڊرن گڏيل اعلان نامو جاري ڪيو ته جيڪڏهن اسڪاٽلينڊ جا ماڻهون ”نه“ ۾ ووٽ ڏيندا ته انهن کي وڌ کان وڌ اختيار منتقل ڪيا ويندا. ان پئڪيج کي Devo-max چيو وڃي ٿو. دلچسپ ڳالهه ته جڏهن ريفرينڊم جوسوالن امو طئي ڪيو  پئي ويو ته ان وقت ها ۽ نه کان علاوه ٽيون نقطو اهو ئي Devo-max رکڻ جي تجويز به ٽيبل تي هئي پر ان کي برطانوي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته کيس ان وقت پڪو يقين هئو ته اسڪاٽلينڊ جا ماڻهون آزاديءَ کي رد ڪندا تنهن ڪري اجايو وڌيڪ اختيار ڇو ڏجن. اها تبديلي نتيجن کان قطع نظر رڳو ريفرينڊم ٿيڻ جو ڪمال آهي.هار ۽ جيت جو مزو اهو آهي. هاڻي بال انگريزن جي ڪورٽ ۾ آهي. اسڪاٽلينڊ ٻنهي صورتن ۾ فائدي ۾ آهي.برطانيه هاڻي سخت سياسي ۽ اخلاقي دٻاءُ ۾ آهي ته ڪيل واعدا پورا ڪري. جيڪڏهن وعدن تي عمل ڪندي اڃا وڌيڪ اختيار منتقل ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ صورتحال اها هوندي ته قانوني طرح ته اسڪاٽلينڊ برطانيه جو حصو هوندو پر عملي طور آزاديءَ کان چند قدم ئي پوئتي هوندو. پر جيڪڏهن وعدن تي مڪمل طور عمل نه ٿو ڪيو وڃي ته اها صورت آزاديءَ جي ٻرندڙ باهه کي اڃا وڌيڪ ڀڙڪائيندي. ان کان علاوه ريفرينڊم ۽ وڌيڪ اخيتارين جا اعلان، ان صورتحال باقي برطانيه ۾ به هلچل مچائي ڇڏي آهي. آئرلينڊ ويلس کي به وڌيڪ خودمختياري ڏيڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن. ايتري تائين جو خود انگلينڊ ۾ به ساڄي ڌر (Rightists) ساڳيا اسڪاٽلينڊ جهڙا اختيار گهري رهيا آهن. انهن سان وري ٻيو مسئلو آهي.اُهي سمجھن ٿا ته”اسان کان گهٽ حيثيت وارن اسڪاٽ ماڻهن کي وڌيڪ اختيار هجن ته پوءِ اسان دنيا تي حڪمراني ڪندڙن کي ڇو گهٽ هجن مطلب ته برطانوي بادشاهت وقتي طور ٽٽڻ کان ته بچي ويئي پر ڪمزور ٿيڻ کان ان کي ڪوئي نٿو بچائي سگهي ۽ سماج کي سمجھندڙ ۽ مستقبل تي نظررکڻ واراته اهو ٿا چون ته ”متحده بادشاهت“ جو ٽٽڻ رڳو ملتوي ٿيو آهي.هاڻي اچون ٿا يورپ ۽ باقي دنيا ڏانهن. (مغربي) يورپ جا صنعتي طور ترقي يا فته ۽ مالي طور مستحڪم ملڪ جيڪي عالمي جنگين جي نتيجي ۾ قائم ٿيل سرحدن  کي نه رڳو محفوظ پر مقدس تصور ڪندا هئا. انهن کي به اسڪاٽلينڊ جي ريفرينڊم سان ڦڦڙي وٺي ويئي ۽ اهي مقدس سرحدون لڏندي محسوس ٿيون.’نه‘ ووٽ جي باوجود انهن جي نعرو آهي ته’جيڪڏهن اسڪاٽلينڊ ۾ ريفرينڊم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اسان وٽ ڇونه‘ اسپين ۾ ڪئٽالونيا،  باسق ۽ بيلجئم ۾ فلينڊرس وارن جون ته ڪافي پراڻيون ۽ مشهو تحريڪون آهن جن ۾ هاڻي وڌيڪ اتساهه آيو  آهي پر ڪيترين ڪمزور ۽ غير معروف قومي تحريڪن ۾ به اسڪاٽلينڊ جي ’انقلاب‘ سان نئون روح ڦوڪجي ويو آهي. ۽ (شايد) ٻي عالمي جنگ کانپوءِ پهريون دفعو عالمي ميڊيا ۾ انهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي. جهڙوڪ آسٽريا ۽ اٽليءَ جي وچ تي ٽائرول، فرانس جي عملداريءَ هيٺ ڀونچ سمنڊ  ننڍڙو ٻيٽ ڪور سيڪا، فرانس جي ئي اولهندي ڪناري تي سائو ستابو برطاني جو خطو، اتان جا ماڻهون به پنهنجي منفرد شناخت ۽ عليحده حيثيت ۽ حقن جي بحاليءَ جو مطالبو ڪرڻ لڳا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر اسڪينڊينيويا جا ملڪ جيڪي ماڻهن جي خوشحالي ۽ اطمينان جي حوالي سان دنيا  ۾ مشهور آهن. اتي به فنلينڊ ۾ رهندڙ سوئيڊش ماڻهو پنهنجي جدا شناخت ۽ حيثيت تي زور ڏيئي رهيا آهن. يا يورپ جو سڀ کان وڏو، خوشحال ۽ طاقتور ملڪ جرمني آهي اتي به بويريا جي رياست ۾ خودمختياريءَ جي تحريڪ زور وٺي رهي آهي.ايشيا تي نظر وجھون ٿا ته چين ۾ سنڪيانگ جاييگر، انڊونيشيا ۾ اَچي ۽ پپوا، ٿائلينڊ ۽ پٽاني ۽ سريلنڪا ۾ نامل تحريڪون وري نئين سر دنيا جي منظر تي اڀرندي نظر اچي رهيون آهن. عراق جا ڪرد ته اڳ ۾ ئي ذري گهٽ پنهنجي آزاد رياست قائم ڪري چڪا آهن ۽ مڪمل آزاديءَ لاءِ به ريفرينڊم جو اصولي فيصلو ڪري چڪا آهن. جڏهن ته پاڙيسري ملڪن ترڪي، شام ۽ ايران ۾ تقسيم ڪيل ڪرد به خودمختار حيثيت ڏانهن تيزيءَ سان قدم وڌائي رهيا آهن

. افريقه جي ملڪ مغربي صحارا جي آزاديءَ  لاءِ ريفرينڊم ته اقوام متحده سميت عالمي برادريءَ طرفان تسليم ۽ طئي ٿيل آهي پر ڪن سببن ڪري ان تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ به هاڻي يقيني طور دٻاءُ وڌندو.اسان کي سڀ کان ويجھو (جاگرافيائي توڻي سياسي طور) مسئلو ڪشمير جو آهي. ڪشمير جي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ خاطر ريفرينڊم جو فيصلو اقوام متحده جي معرفت 65 سال اڳ ۾ ٿي چُڪو هئو پر ان تي اڄ ڏينهن تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي جون حڪومتون ذميوار آهن. هندستان سڄي دنيا سان ڪيل وعدي تان مڪرندي ڪشمير کي پنهنجو لازمي حصو ٿو چوي ۽ ريفرينڊم کان انڪار ٿو ڪري جڏهن ته پاڪستان وري حقِ خواداريت جي نفي ڪندي ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائڻ ٿو گهري. اهڙي طرح ٻئي حڪومتون ڪشمير معاملي کي ڪشميري قوم جي مستقبل بابت فيصلي جي بجاءِ هڪ سرحدي تنازعي طور ڏسن ٿيون. بهرحال 65 سالن دوران ڪشميرين جو قومي مسئلو ڪڏهن گرم ڪڏهن ٿڌي نموني علائقائي ۽ عالمي سطح تي اٿندو رهيو آهي ۽ ڪشمير جي قومي تحريڪ به ڪڏهن تيز ڪڏهن آهستي هلندي رهي آهي. اسڪاٽلينڊ جي ريفرينڊم جو اثر ڪشمير تي به لازمي طور پوڻو هئو ۽ ان جا آثار نظر به اچي رهيا آهن. ڪشميري قومپرستن نئين سر ۽ وڌيڪ زورائتي نموني حقِ خواداريت جي استعمال جو مطالبو ڪيو آهي. اُهي چون ٿا ته اسڪاٽلينڊ وانگر پر امن ۽ غير جانبدار ريفرينڊم ذريعي ڪشمير جي مسئلي جو به حل ڪڍيو وڃي. اُهي هندستان سان گڏ برطانيه کي به ڪشمير مسئلي لاءِ ذميوار قرار ڏيندي ان کان به گهرُ ڪري رهيا آهن ته اهي پنهنجي تاريخي، سياسي ۽ اخلاقي ذميواري قبول ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.پاڪستاني سرڪار طرفان ڪشميرين جي جيڪا لفظي حمايت ٿيندي رهي هئي اها به گذريل ڪافي سالن کان ڍري ٿي چڪي آهي. پنجاب ۾ پيدا ٿيل بورزواري طبقو پنهنجي تجارتي/معاشي مفادن خاطر هندستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي خواهش ۽ ڪوشش ۾ ڪشمير معاملي کان پاسيرو ٿيندو پئي ويو. علائقائي يا عالمي فورمن تي پاڪستان ڪشميرجي مسئلي کي يا ته کڻندو ئي ڪونه هئو يا وري ڀارت جي لائين تي هلندي ان کي ٻه طرفو معاملو قرار ڏيندو هئو. ڪافي سالن کان پوءِ پهريون دفعو پاڪستان جي وزيراعظم (نواز شريف) اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ نه رڳو ڪشمير جي مسئلي کي پنهنجي تقرير ۾ کنيو پر قومي حقِ خواداريت تحت اقوامِ متحده جي قرار داد مطابق ريفرينڊم جي به گهرُ ڪئي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو پاڪستان جي اندروني صورتحال جي ڪري ٿيوآهي پر مان وثوق سان چوان ٿو ته پاليسي جي ان تبديليءَ جي پويان اسڪاٽلينڊ جي ريفرينڊم جو اثر به يقيني طور هڪڙو عنصر آهي.انهن سڀني مثبت ۽ اتساهه ڏياريندڙ ڳالهين ۽ عنصرن سان گڏ اسڪاٽلينڊ جي ريفرينڊم جي حوالي سان اسان سنڌين لاءِ هڪ منفي، پريشان ڪندڙ ۽ اکيون کولائيندڙ عنصر به سامهون آيو آهي. جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته هن ريفرينڊم سڄي دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. ايترو شايد عالمي ميڊيا ۾ بحث مباحثو ريفرينڊم کان اڳ نه ٿيو هوندو جيترو بعد ۾ ٿي رهيو آهي. اخبارون، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ سوشل ميڊيا تبصرن ۽ تجزين سان ڀريا پيدا آهن جن ۾ دنيا اندر قومي حقن جي تحريڪن جي حال ۽مستقبل جو جائزو ورتو پيو وڃي. ان سموري بحث مباحثي جي هڪ حصي طور مون اٽڪل ويهارو کن مضمون ۽ رپورٽون پڙهيا ۽ ٻڌيون هونديون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن مان ڪنهن هڪ ۾به سنڌ جو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو ذڪر ناهي. جڏهن زمين جي ننڍڙن ٽڪرن ۽ ٻه اڍائي لک آباديءَ تي مشتمل غير معروف خطن جو ذڪر ٿيندو هجي ۽ 58 هزار چورس ميلن ۽ چار ڪروڙ آباديءَ واري سنڌ قوم جيڪا انساني تاريخ جي چئن عظيم ترين ۽ قديم ترين تهذيبن منجھان هڪ جي وارث هجي ان جي ڳالهه ئي نه ٿئي ته اها صورتحال رڙيون ڪري چئي رهي آهي ته اسان کي پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ کپي، اسان کي بحيثيت قوم ۽ خاص طور تي بحيثيت قومي تحريڪ پنهنجو خود تنقيدي جائزو وٺڻ کپي.

اسان منجھان ڪجهه دوست شايد چون ته ’اها سنڌي قوم جي خلاف سازش آهي‘ پر ياد رکڻ گهرجي ته ان رويي سان  اسان صرف پنهجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي ٿا سگهون. اهو به نه وسارڻ کپي ته سازشي ٿيوري کي پاڻ تي سوار ڪندڙ ماڻهون اهڙي خطرناڪ رستي تي اکيون ٻوٽي هلندا رهندا آهن. جنهن جي منزل صرف تباهي هوندي آهي. پاڪستان جي رياست به پنهنجي وجود جي پهرئين ڏينهن کان ’سازش‘جي نظريي تي هلي رهي آهي. ڀارت جي سازش، افغانستان جي سازش، سوويت يونين جي سازش، اسرائيل جي سازش، قومپرستن/علحدگي پسندن جي سازش، ڪميونسٽن جي سازش. . . . ۽ پوءِ مخالف پارٽين جي سازش، ايتري تائين ته پنهنجي پارٽيءَ جي اندر سازش، ان رستي تي هلندي پاڪستان ڪٿي پهتو آهي ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي. ٻئي طرف جرمنيءَ جو مثال آهي. ٻي عالمگير جنگ جي تباهيءَ تي اهي چئي پئي سگهيا ته اها يهودين جي سازش آهي يا امريڪا، برطانيه ۽ روس جي گڏيل سازش آهي پر ان جي بجاءِ انهن بحيثيت قوم جي پاڻ کي ذميوار قرار ڏنو، پاڻ کان درستيءَ جي شروعات ڪيائون. . .  .۽ اڄ اها جرمني هڪ دفعو وري اقتصادي سپر پاور بڻجي چڪي آهي ۽ سياسي سپر پاور بڻجڻ طرف وڃي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي قومن جي تاريخ تي نظر رکندڙ ۽ تاريخي عمل کي سمجھندڙ سائين جي ايم سيد سدائين چوندو هئو ته ’جيڪڏهن آزاد ٿيڻ/رهڻ چاهيو ٿا ته پنهنجو پاڻ کي سڌاريو‘

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *