تازيون خبرون

استاد بخاريءَ جي 23 هين ورسي جي مناسبت سان…ملان کي مسلمان ڪري ڏي ته مڃان: دلشاد ڀٽو

اڄ منهنجي فڪري ۽ روحاني مرشد ۽ استاد جي 23هين ورسي آهي، ورهيه ويهامي ويا ڪل ئي نه پئي، هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن استاد بخاري تي ڪينسر جهڙي ازدها بيماري وار ڪيو هو،  استاد بخاري نه رڳو ارڏو، سرڪش، مهاديو، هيٺلو، انقلابي فڪري شاعر هو پر هو وڏو فلسفي به هو، ان زماني ۾ استاد بخاريءَ جي علاج لاءِ مون هڪڙو مضمون لکيو هو ته”استاد بخاريءَ جي نجهرندڙ طبيعت ۽ سرڪار جي سرد مهري“ توڙي جو هن بيباڪ ۽ خود دار شاعر هو. مونکي هن روڪيو هو ته منهنجي علاج لاءِ سرڪار کي اپيلون نه ڪيون وڃن، هن مضمون ۾ مون پهرئين دعويٰ ڪئي هئي ته استاد بخاري شاهه لطيف کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر آهي، هي سيڪنڊ لطيف آهي، ان زماني ۾ شاعرن جي برميچڻ، قد ڪاٺ، مهانتا ۽ وڏائي جي هڪ ڊوڙ هلندي هئي ۽ ان وقت انهن شاعرن پنهنجي مداحن ۽ همنوائن جا ٽولا ٺاهي رکيا هئا، گروپ بندي هوندي هئي، سنڌ جي انهن مهان شاعرن جي مداحن تنقيد جي بندوقن جا سڌا فائر مون تي ڪيا ته شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير حيدري، تاجل بيوس، ڦلاڻو ڦلاڻو اوهان کان وسري ويا جو استاد بخاري هن صدي جو وڏو شاعر ٿي ويو ، تخليق، ڏات ۽ ڏانءُ جي ماپ لاءِ ڪي به پيرا ميٽر مقرر ٿيل نه آهن ٻيو شخصيت ڪيترو عوامي مقبوليت حاصل ڪري سگھن ٿيون انهن جو فيصلو وقت جون حالتون ۽ عوام ڪندو آهي، سنڌ جي شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ ڏات ڏڻين کي گھٽ يا وڌ عوامي موٽ ملندي رهي آهي، سرد جنگ واري زماني دوران جڏهن دنيا اندر طبقاتي جنگ شروع هئي ۽ برصغير ۾ ادب  واضح طور کاٻي ڌر ۾ساڄي ڌر جي رخن ۾ تخليق ٿيندو هو، جيڪي پنهنجي شاعري، نشر ڪهاڻي ۾ مظلوم، پيڙهيل طبقي، هاري ۽ مزدور جي ڳالهه ڪندا هئا، اهي باغي، مزاحمتي، انقلابي ۽ مظلوم طبقي جا حامي سمجھا ويندا هئا، ٻيا جيڪي درباري، سرڪاري مراعتون،  لٺ ۽ چَٺ، عهدا ۽ اعزاز ماڻيندا هئا ۽ سرڪار جي ظلم ۽ بربريت تي پرده پوشي، ادب مِر سرڪار جاڳڻ ۽ گيت ڳائيندا هئا، انهن کي ساڄي ڌر جو تخليقار سڃاتو ويندو هو، هي تمام ڊگھو بحث آهي پر اسان وٽ جيڪي به شاعر، اديب، دانشور تخليق ڪار ۽ ڏات ڌڻي سرڪار جي ٺٺ ٺانگر ۽ ڳاڙهو ٻوڙ ڇڏي مظلوم جي طرف ٿي بيٺا اهي هميشه ظلم، زيادتي، جيل، سختين ۽ ڪاٺ ۾ رهيا آهن ۽ استاد بخاري انهن مان هو، ڪنهن به سياسي، ادبي، ثقافتي جلسي، پروگرام، تقريب استاد بخاري جي شاعريءَ جي محتاج هوندي آهي، اسٽيج استاد بخاري جي شاعري ۾ عام سادي سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، هن پنهنجي شاعري ۾ اعليٰ ڪمال جي حرفت وارن لفظن جو استعمال ڪيو آهي پر سندس شاعري ٻڌندڙ ن جي روح ۾ ٻيو ست ٿيو وڃي، ستل جذبن کي جاڳائي وجھي ٿي، استاد بخاري جي شاعري ۾ ردر، تڙپ، ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان عشق، انقلابي سوچ، فڪر، مستقبل جاگس ڏسيل آهن، هو سنڌ جو عظيم باغي شاعر آهي ۽ نه رڳو هن وقت جو پر ايندڙ وقت جو به شاعر آهي، سندس شاعري ۾ لازواليت، دائميت ۽ آفاقيت آهي، اهوئي سبب آهي جو استاد حڪمرانن جي اک جو ڪنڊو رهيو نه کيس وائيس چانسلر، ڪنهن بورڊ جو چيئرمين، حسن ڪارڪردگي جي صدارتي ايوارڊ جي خواهش رهي، هو چوندو هو نالو ٺاهڻ به ڏکيو آهي پر ان کي بچائڻ انتهائي ڏکيو آهي جڏهن استاد بخاري جي ڪتاب” لهر لهر درياءَ “جي مهوورت ٿي رهي هئي دادو جيم خانه حال ۾ ته ڪيترن ئي ايڪڙن تي مشتمل هن گرائونڊ ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه هئي، خبر نه آهي ڪٿان اچي خلق گڏ ٿي، گرائونڊ تي لڳل وڻن تي ماڻهو چڙهي ويا، گرائونڊ جي ديوار ماڻهن ٽوڙي وڌي ڪنهن به شاعر کي ايڏي عوامي موٽ ۽ مهانتا مون زندگي ۾ نه ڏٺي آهي، ان وقت ضياءُ الحق جي قهري مارشلا هئي ۽ دادو جي ويٺنام ضلعي ۾ استاد بخاري پنهنجو مشهور نظم ”اهي ڪير آهن اهي ڪچي، ڪاڇي پليا شير آهن“ پڙهيو، مون کي ياد آهي ته اسٽيج تي بيهي ضياءُ جي اگهاڙي آمريت کي للڪاريو هو ۽ چيو هو ته آءُ قومپرست آهيان، سنڌپرست آهيان، ضياءُ کي همت آهي ته مونکي گرفتار ڪري، بخاري هڪ ئي وقت نه رڳو علمي ۽ قلمي جنگ پئي وڙهيو پر عملي ميدان ۾ هڪ ڌرتي جو سپاهي وارو فرض ادا ڪري رهيو هو، هو غير متنازعه شاعر هو ، سرڪار کان سواءِ سڀني قومپرستن ۽ ترقي پسندن جي جلسن ۾ ويندو هو ۽ بخاري جي شرڪت سان انهن جلسن کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا، جڏهن مون استاد بخاري جي سيڪنڊ لطيف جي دعويٰ ڪئي ۽ ان مٿان تنقيد ٿي، هو جڏهن لاڏاڻو ڪري ويو سندس ورسي ٿي ته محترم رسول بخش پليجو صاحب سندس ورسي جي صدارت ڪندي اعتراف ڪيو ته ڀٽائي کان پوءِ استاد بخاري هن دؤر جو وڏو شاعر آهي، استاد بخاري جو آءُ وڏو نقاد رهيو آهي ۽ سندس جيئري مون سندس مٿان بي انتها تنقيد ڪئي، ان وقت آءُ ننڍڙي عمر وارو وات ڳاڙهو لکاري هئس، بخاريءَ صاحب جڏهن علاج ڪرائي واپس آيو ته مونگي گھرايائين ۽ سائين مونگي چيو ته آءُ تنهنجو  Wounded Soldier (زخمي سپاهي) آهيان، مون سندس نٻل ۽ ڪمزور هٿ چميا، سندس جذبن ۾ ڪٿي به بيماري ۽ موت جو منظر نه آيو، هو ڏاڍو بهادر ۽ حوصله مند هو، استاد بخاري نه رڳو فڪري، انقلابي ۽ آدرشي شاعر آهي پر هو سونهن ۽ حسن پرست شاعر هو، سندس شاعري جڏهن ٻڌو تڏهن تازي، نڪور ۽ حالتن سان ٽهڪندڙ هوندي.

حقيقت بياني گلا ٿي پوي ٿي

حقيقت پسند ثنا ٿي پوي ٿي،

ڪجي ڪيئن ”استاد“ ڪيڏانهن وڃجي،

حقيقت لڪائڻ خطا ٿي پوي ٿي،

مون چيو ته استاد بخاري هر دؤر  جو شاعر آهي، اڄ کان ڏهائيون پوئتي سندس شاعري ورهيه گذري وڃڻ کان پوءِ جڏهن پڙهو تڏهن سمجھيو ته ڄڻ اڄ جي حالتن تي ٺهڪي ٿي،

ڀٽڪي عوام۾ آ، پويان لڳڻ جي عادت،

عيار رهبري ۾ ماڻهن ٺڳڻ جي عادت،

اغيار تيز آهن، تنظيم سان وڌن پيا

يارن ۾ پئجي وئي آهي، نعرن هئڻ جي عادت.

مٿئين چؤسٽي ۾ استاد بخاري سنڌ جي سياسي قيادت جو جائزو ورتو آهي، سنڌ جي سياسي، قيادت جي مڪاري، عياري، نااهلي ۽ ٺڳي جو جائزو ورتو آهي، حقيقت هي آهي ته ڪيترا ڏهاڪا گذري ويا آهن پر سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت وچم ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي آهي، استاد بخاري هن قوم ۽ قيادت کي هڪڙو آئينو ڏيکاريو آهي پر استاد بخاري نه رڳو حالتن تي افسوس جو اظهار ڪندي نشاندهي ڪري ٿو پر ساڳئي وقت هو ان مان نڪرڻ جا گس به ڏسي ٿو،

مرڻ کان ڊڄي، زندگي ٿا گھرو،

ٻرڻ کان ڀڄي، روشني ٿا گھرو،

بنا ڪاوش جي ڪرشمو ٿئي ڇو؟

ڏکن کان لڪي پوءِ خوشي ٿا گھرو.

استاد جي شاعري سنڌين لاءِ مشتعل راه آهي توڙي جو هو تمام پڙهيو ڳڙهيو يا وڏي گھراڻي سان تعلق رکندڙ ماڻهو نه هو پر سندس ڏات، ڏانءُ ۽ سادي ٻولي جي جڙاوت کيس تمام وڏو ڪري ڇڏيو.

استاد توڙي جو عالمي ادب يا ملڪي سياسي حالتن کي ڪتابن ۾ گھٽ پڙهيو هو پر هن ايندڙ وقت تي تمام گھري نظر رکي پئي، کيس حالتن جو ادراڪ هو، مون چيو ته برصغير ۾ کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جون نه رڳو سياسي پارٽيون هيون پر انهن لاڙن ۽ خيالن جا وڏي تعداد ۾ اديب، شاعر، دانشور ۽ ساهتڪار به هئا، کاٻي ڌر يا پورهيت طبقي، مظلوم ۽ محڪوم جو آواز اٿارڻ وارن باغي شاعرن، اديبن،سياسي اڳواڻن ۽ متحرڪ قوتن کي ملحد، ڪافر، دهريو ۽ ماديت پسند چيو ويندو هو ۽ انهن لاءِ فتويٰ نڪرندي هئي، پر ائين نه ٿيندو هو ته کيس واجب القتل قرار ڏنو ويو هجي پر جيڪڏهن اهڙي فتويٰ آئي به هوندي ته گھٽ واقعا ٿيا هوندا، باقي جيل، روپوشي، ڪيس داخل ٿيڻ، ڪتابن تي پابندي يا تڙي پار معمول هو، پر سرد جنگ دوران ۽ ان کان پوءِ ۽ جيئن هن وقت مذهبي، انتهاپسندي، جنون، تنگ نظري، مذهبي اڻ سهپ ملڪ ۽ دنيا ۾ ڪاهي پئي آهي، هر طرف فرقه واريت ۽ هڪٻئي کي ڪافر قرار ڏيڻ عام رواج ٿي ويو آهي، مسجدن، امام بارگاهن، عبادت گاهن ۽ مزارن تي حملا ٿي رهيا آهن، هر طرف مذهب جي نالي ۾ رتوڇاڻ آهي، فتويٰ بازي ۽ جنت جون ٽڪيٽون ورهائجن پيون ان صورتحال کي استاد بخاري ڪيترائي سال پهرئين پرکي ورتو هو، استاد بخاري کي خبر هئي ته ايندڙ وقت ۾ مذهبي جنونيت وڌندي، هن چيو ته

موتين جو ٿالهه ڀري ڏي ته مڃان،

ظالم جي سيني تي مُنڱَ ڏري ڏي ته مڃان،

ڪافر کي مسلمان ڪرڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي،

ملان کي مسلمان ڪري ڏي ته مڃان.

سو استاد بخاري کي گھڻو وقت اڳ ۾ ئي خبر هئي ته دنيا فتني ۽ فساد طرف وڌندي ۽ ان سڄي جنگ و جدل جو اصل محرڪ ملان ئي بنجندو، استاد بخاري نه رڳو هن صدئي جو وڏو آفاقي شاعر آهي پر استاد بخاري جي شاعري جيستائين ملڪ، سنڌ ۽ دنيا جون حالتون اهڙيون رهنديون تيستائين سندس شاعري انهن حالتن سان ٺهڪندي ايندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *