تازيون خبرون

اسان ۽ اسان جا دهشتگرد: نذير ناجي

اهو آهي نوڪر شاهيءَ جو ذهن جو ڳجهيون ايجنسيون هڪ ٻئي پٺيان رپورٽون ڏئي رهيون هيون ته دهشت گرد ڪنهن تعليمي اداري تي حملو ڪرڻ وارا آهن، جن ڏينهن ۾ حملن جي اڳ ڪٿي ڪئي ٿي وئي، انهن ئي ڏينهن ۾ باچا خان جي ورسي به هئي. پاڪستان جي سياسي جماعتن ۾ اي اين پي واحد آهي، جنهن سڌيءَ ريت دهشت گردن سان ٽڪر کاڌو. ان جو حوالو مان گذريل ڪالم ۾ ڏئي چڪو آهيان. اڄ مان نوڪري شاهيءَ جي طور طريقي ۽ رويي جي ڳالهه ڪندس. انتظاميا جي سربراهي ڪندڙ ڪوبه تجربيڪار آفيسر موجود هجي ها ته ڳجهن ادارن جي رپورٽ ڏسي ئي سندس ذهن ۾ پهريون خيال اهو اچي ها ته باچا خان جي ورسيءَ جي موقعي تي ساڻس نسبت رکندڙ ادارن ۾ يقيني طور ڪانه ڪا تقريب ضرور ٿيندي. اهڙن سمورن ميڙاڪن بابت معلومات حاصل ڪئي وڃي ها جيڪي باچا خان جي ورسيءَ جي موقعي تي رکيل هجن ها. اهڙن ميڙاڪن جا تفصيل جڏهن اچن ها ته انهن ۾ باچا خان يونيورسٽيءَ جو نالو به ضرور اچي ها. ڇو جو ان موقعي تي باچا خان جي ياد ۾ هڪ مشاعرو به ٿيڻو هو. ضلعي انتظاميا ۾ ڪوبه ماهر آفيسر موجود هجي ها ته پشاور چارسده جو جائزو وٺندي ان جي نظر باچا خان يونيورسٽيءَ تي ضرور پئي ها ۽ ان لاءِ لازمي هجي ها ته اهو باچا خان يونيورسٽيءَ ۽ اتي ٿيندڙ مشاعري جي پروگرام تي نشان هڻي ها. سڀ کان اهم نشانو ٻن سببن جي ڪري باچا خان يونيورسٽي بڻجي ها، هڪ ته يونيورسٽيءَ جي نالي جي ڪري ۽ ٻيو ته باچا خان جي نالي ۾ ٿيندڙ مشاعري جي ڪري دهشت گردن ۽ اي اين پي ۾ پراڻي ڇڪتاڻ آهي. ان جي هڪ تاريخ آهي. اي اين پي جيستائين خيبر پختونخواهه ۾ اقتدار ۾ رهي، ان دهشت گردن جي ڪوششن کي ڪيئي ڀيرا ناڪام بڻايو ۽ دهشت گردن به موقعو ملندي ئي اي اين پيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون زندگيون کسيون. فطري گهرج هئي ته باچا خان يونيورسٽيءَ جي تحفظ لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن ها. جيڪڏهن اهڙا انتظام ٿين ها ته ڪو سبب نه هو ته چارئي دهشت گرد، امن امان لاءِ مقرر سڪيورٽي آفيسرن جي پڪڙ ۾ نه اچن ها.

اسان کي دهشت گردن سان وڙهندي 15 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي. مسجدن، درگاهن، اسڪولن ۽ڪاليجن کي خاص ڪري دهشت گرد نشانو بڻائن ٿا. گڏ ٿيل ڳجهي معلومات جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن امڪاني هدفن جي نشاندهي ڪري سڪيورٽيءَ جي سمورن ادارن جي سربراهن جي گڏجاڻيءَ ۾ حفاظتي انتظامن تي غور ڪيو وڃي. ها ۽ ڳجهي پوليس، معمول جي پوليس، دهشت گرديءَ جي ٽوڙ وارا ڳجهين ايجنسين جا تربيت يافتا ماهر دهشت گرديءَ جي امڪاني ڪارروائي تي فوري جوابي ڪارروائي جو ڄار وڇائن ها ته ڪو جواز نه هو جو چارئي دهشت گرد ڪارروائي کان اڳ ئي منطقي انجام کي پهچن ها. اهي يا ته گهيري ۾ اچڻ کانپوءِ ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ۽ ڀڄڻ جو رستو نه ملين ها ته خودڪش ڌماڪو ڪري جهنم جا راهي ٿين ها. ان جا ٻه نتيجا لازمي نڪرن ها. هڪ ته بي گناهه شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد محفوظ رهن ها ۽ ٻيو ته واردات لاءِ آيل دهشت گردن مان ڪونه ڪو جيئرو ئي سوگهو ٿي وڃي ها ۽ سندن گروپ يا شاخ بابت ڪارائتي معلومات حاصل ٿي سگهي ها.

مان ننڍپڻ ۾ ئي تحريڪ پاڪستان جي زماني ۾ سرگرم هئس، مجلسن جلوسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سرگرم رهندو هوس. آزاديءَ جي اعلان جي چند هفتن کانپوءِ اسان جي شهر فريدڪوٽ ۾ مسلمانن پنهنجي تحفظ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون. آر ايس ايس مدتن کان اهو ڪم ڪري رهي هئي. اسان مسلمانن به شهر کان پري ڪنهن هنڌ مزاحمت ۽ ويڙهه جي تربيت وٺن شروع ڪئي هئي. منهنجي والد کي پوليس ۾ هئڻ سبب ڄاڻ هئي. شروعاتي چند هفتن ۾ هو انهن تربيتي مشقن ۾ نوجوانن کي سيکاريندو رهيو. ان دوران بااثر ماڻهن کي خبر پئجي وئي ته فريدڪوٽ ۾ وڳوڙين کي سرعام وڳوڙن جو موقعو نه ڏنو ويندو. هندن ۽ سکن فيصلو ڪيو ته مسلمانن کي خيريت سان فريدڪوٽ مان نڪري پاڪستان پهچڻ جو موقعو ڏنو ويندو. جڏهن يقين ٿي ويو ته منهنجي والد صاحب، پنهنجي خاندان يعني اسان کي وٺي بهاولنگر  آيو ۽ ورهاڱي وقت به فريدڪوٽ جي ماڻهن پنهنجو واعدو پورو ڪيو ۽ شهر جا سڀئي مسلمان خيريت سان پاڪستان پهچي ويا. پنجاب ۾ ٿيل قتلام ننڍي کنڊ جو بدترين الميو هو. پر ان ۾ به هڪ شهر فريدڪوٽ اهڙو هو جتي خوني لُٽيرن ۽ قاتلن عير مسلم آباديءَ تي وارداتون ڪرڻ کان روڪيو، اها مقامي آبادي هندن ۽ سکن تي مشتمل هئي. اڄ به ڀارت ۾ آر ايس ايس، شيو سينا ۽ ڪيئي انتهاپسند هندو تنظيمون، دهشت گرديءَ جي هوڏ تي قائم رهن ٿيون پر اتان جي انتظاميا وڏي پيماني تي رتوڇاڻ ٿيڻ نه ٿي ڏني. واضح رهي ته دهشت گردن جو نه ته ڪو مذهب ٿيندو آهي نه ئي ڪو اخلاقي نظام. ڀارت ۾ عام طور سندن نشانو مسلمان يا عيسائي بڻجن ٿا. پر هر جاءِ جي مقامي انتظاميا، اهڙي طرح وحشياڻو قتلام ڪندڙن کي موقعو نه ٿي ڏئي، جيئن هتي اسلام جو نالو وٺندڙ، اهل اسلام کي نشانو بڻائن ٿا. هندستان جي دهشت گرد تنظيمن ۽ پاڪستاني دهشت گردن جي وارداتن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ته اوهان کي سوا ارب انسانن جي آباديءَ ۾ ايترا مقتول نه ملندا، جيترا قتل پاڪستان ۾ ٿيا آهن. مان پاڪستاني معاشري جي خوبي نه پر اتي جي انتظاميا جي عمده تربيت جو حوالو ڏئي رهيو آهيان.

گذريل 68 سالن دوران تعصبي ۽ پرتشدد هندو تنظيمون به وجود ۾ آيون ۽ انهن جا اثر اتي جي بيورو ڪريسيءَ تي به پيا پر اڄ به ڀارت ۾ انتظاميا معاملن تي مقرر بيورو ڪريسي رتوڇاڻ جي هوڏ تي قائم جنونيت کي روڪڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب رهي ٿي. جڏهن ته اسان جي انتظاميا ۾ ورلي ئي انتظامي مهارت رکندڙ اهڙا آفيسر ملندا جيترا ڀارت ۾ آهن. اسان وٽ اقليتي نالي ماتر آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ عيسائين سميت اقليتي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. انگن اکرن جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اسان وٽ اقليتن جي حالت گهڻي بُري آهي، خاص ڪري سنڌ م.. سو چوڻ جو مطلب ته جيڪڏهن سٺي انتظاميا هجي ته جيترو نقصان دهشت گرد اڄ اسان کي پهچائي رهيا آهن، ان جو ڏهه سيڪڙو به نه ٿا پهچائي سگهن. بدقسمتي هيءَ آهي ته عوام ۽ بيورو ڪريسيءَ ۾ گڏيل اعتماد ٽٽي چڪو آهي. ان باوجود پشاور ۽ چارسده جي عوام اڳيان اچي هٿين خالي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تحفظ ڪيو.

ٻيو ته ڇڏيو صرف پوليس کي ئي جيڪڏهن سٺيون پگهارون ۽ سٺي تربيت ڏني وڃي ۽ ضلعي انتظاميا تربيت يافتا ۽ فرض شناس ٿي وڃي ته ڇا جا دهشت گرد؟ ڇا جا قانون ٽوڙيندڙ؟ اهي ئي افغاني ۽ قبيلائي ماڻهو هئا، جن منجهان ڪيترن کي اوهان پرامن زندگي گذاريندي ڏٺو هوندو. جيڪڏهن انتظاميا معاملا هلائيندڙ بيورو ڪريسي، پوليس ۽ تپيدارن جي پشيوراڻي تربيت مطابق ڪم وٺندڙ آفيسر موجود هجن ته ڪرپشن ۾ ٻڏل سياستدانن جون حڪومتون به درست ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي پون. ڪرپشن ۽ لاقانونيت ان وقت چوٽ چڙهن ٿا جڏهن نوڪر شاهي سياستدانن جي ذاتي خدمتگار بڻجي وڃي. ڳالهه ڪٿان کان شروع ٿي ۽ ڪٿي وڃي کُٽي پر ان اندر جيڪو خيال ۽ تسلسل موجود آهي سو غور سان ڏسڻ سان ضرور نظر ايندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *