تازيون خبرون

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي…: سليم جروار

گذريل رات جو 11 بجي ڌاري اسڪردو جي دوست مظفر حسين وزير فون ڪري ڏکوئيندڙ لهجي ۾ ٻڌايو ته ”زمان خان محسود شهيد هو گئي هين…..“ اعتبار نه پيو اچي. ڪيبل بند هئڻ ڪري فوراً نيٽ تي ميڊيا جا چئنل ڳولڻ لڳس ته بي. بي. سي کان ويندي سمورن ملڪي چئنلن تي سندس تصوير سميت شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿيل هئي، زمان خان محسود جو تعلق وزيرستان جي علائقي ٽانڪ سان هو. اهڙي خطرناڪ علائقي ۾ هُو اخبارن سان لاڳاپيل صحافي هئڻ سان گڏ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ متحرڪ ڪارڪن پڻ هو. انهيءَ ناتي ساڻس دوستي به هئي. گذريل مهيني جي آخري هفتي ۾ اسلام آباد ۾ ايڇ. آر. سي. پي پاران ٿيندڙ ورڪشاپ ۾ گڏ هئاسين، 28 آڪٽوبر تي منجهند ڌاري اسان ٻه ٽي ساٿي هوٽل جي گيٽ مان نڪري روانا ٿي رهيا هئاسين، هي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري رهيو هو. مون هڪل ڪري پڇيو مانس ته: ”لالا يه ڪهان سي آئي هي….“ ته مسڪرائيندي مذاق ۾ چوڻ لڳو ته وزيرستان سي اس پر آيا هون…. بس منهنجي اها ساڻس آخري ڳالهه ۽ منهنجي سامهون سندس آخري مسڪراهٽ هئي. انساني حقن واري ڪميشن جي زير انتظام انهيءَ ورڪشاپ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ساٿي آيل هئا، پر هن ڀيري هو سمورن ۾ نرالو لڳي رهيو هو. ان جو سبب سندس روايتي پٺاڻڪي پڳڙي هئي، جيڪا هُو آخري ٻه ڏينهن مسلسل ٻڌي آيو هو. وڏي تُري سان ٻڌل پڳڙي سندس شخصيت ۾ اضافو ڪري رهي هئي، آخري ڏينهن يعني 27 آڪٽوبر تي هو اها پڳڙي ٻين دوستن جي مٿي تي وجهي ساڻن فوٽو ڪڍرائيندو رهيو ۽ سندس قتل جي خبر سان گڏ ڪافي چئنلز تي اها ئي پڳڙي ٻڌل تصوير هلندي رهي،

زمان خان محسود جو اهو ئي هن فاني دنيا جو آخري ڊگهو سفر ثابت ٿيو ۽ پنهنجي ماڳ پهچڻ بعد وزيرستان جي سنگدل ۽ انسان دشمن هٿن هن مسڪرائيندڙ انسان دوست چهري کي هميشه هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو، زمان خان جي قتل کان هڪ ڏينهن پهرين دنيا ۾ صحافين جي تحفظ جي حوالي سان ڏيهاڙو ملهايو ويو ۽ پاڪستاLن کي صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪن مان نائون نمبر قرار ڏنو ويو ۽ سچ ۾ هي ملڪ جيڪو عام شهرين جي جانين ۽ حقن جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ان ملڪ اندر وري عام شهرين جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ بنيادي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي هدف بنائڻ به ڏکيو ناهي. شهرن، ٻهراڙين ۽ روڊ رستن تي بي سهارا ۽ خالي هٿين هلندڙ اهي صحافي ۽ انساني حقن جا ڪارڪن هر جاءِ تي ان سفاڪ هٿن لاءِ آسان ٽارگيٽ بڻجي رهيا آهن، انساني حقن جي تنظيم ۾ ڪم ڪرڻ دوران اسان پنهنجا ڪي ئي ساٿي وڇڙندي ڏٺا، باجوڙ جي زرطيف آفريدي، ملتان جي راشد رحمٰن، بلوچستان ۾ صديق عيدو ۽ نعيم صابر کانپوءِ زمان محسود اهي ساٿي هئا، جن سان سالن جو ساٿ هليو ۽ هن اڙانگهي سفر ۾ راتيون ۽ ڏينهن گڏ گذاريا. اهي ساٿي ڏينهن ڏٺي جو ٽارگيٽ بنجي ويا، پر ڪنهن به دوست مايوس ٿي خوف کائي پير پوئتي نه ڪيا. رياستي ادارن کان ويندي طالبان دهشتگردن ۽ انا پرست چوڌرين ۽ وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊ بنيل اهي ساٿي پنهنجو ڪم جاري رکندا اچن، جبري گم ٿيندڙ جوانن جي نشاندهي هجي يا سماج جي پيڙهيل طبقن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل اهي ساٿي بغير ڪنهن معاوضي يا لالچ جي رپورٽنگ ڪندا رهيا آهن، پر افسوس ته هن رياست انهن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن جي بي گناهه خون سان انصاف به ناهي ڪيو، يتيمن، بي سهارا ۽ لاوارثن جيان مارجي ويل ساٿين جي ڏک ۽ سوڳ ۾ بچي ويل ساٿي احتجاج ته ڪري سگهن ٿا. کين ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ميڻ بتيون ته ٻاري سگهن ٿا، پر ساڻن انصاف ڪرڻ ته رياست جي ذميواري آهي، بدقسمتيءَ سان ٻين جي حقن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙن لاءِ ڄڻ انصاف جا در بند آهن.

پاڪستان ۾ مارجي ويل صحافين کي مڃتا ڏيندي پئرس جهڙي شهر ۾ ته روڊ ان جي نالي منسوب ٿي سگهن ٿا، پر هن ملڪ ۾ ته انهن لاءِ اهو به نٿو ڪيو وڃي. آخر اهڙو رويو ڇو؟اهو اهڙو سوال آهي، جيڪو پنهنجوپاڻ سان ڪري خاموش ٿي وڃجي ٿو. بيشڪ زندگي جو انت اچڻو آهي. ڪنهن به صورت ۾ زندگي کي فنا ٿيڻو آهي، پر سماج ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪندڙ ۽ سماج ۾ حقن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردارن جو غير فطري موت ان مشن ۽ مقصد کي ناڪام ڪرڻ جي اهڙي سازش آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي لڳي ٿو ته رياست پاڻ به سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث آهي. ويجهي ماضي ۾ ڪيترن ئي صحافين کي نشانو بنايو ويو، ڪراچي جهڙي شهر ۾ صحافي محفوظ ناهن، پر حمله آور سيڪنڊن ۾ گم ٿي وڃن ٿا، انهن واقعن جا شاهد بي دردي سان رستي تان هٽايا وڃن ٿا، ڪروڙين روپين جا سرمائيدار مالڪ، وڏي پگهارن تي ويٺل ”بوس“ ته ايئرڪنڊيشن آفيسن مان حڪم جاري ڪري ”بريڪنگ نيوز“ وٺن ٿا، پر بريڪنگ نيوز ڏيندڙ صحافي جي وڃڻ پڄاڻا انهن جي گهر وارن ۽ ٻچن جي ڪهڙي حالت آهي، ڪو خبر وٺڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. پوءِ به اهي باضمير انسان پنهنجي ڪم ۾ ڪو سمجهوتو ناهن ڪندا. سندن روح ۽ ضمير ۾ پلجندڙ سچائي وارو اهو جراثيم کين موت ۽ اذيت طرف ڌڪيندو رهي ٿو. سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به خاموشي کانئن برداشت ناهي ٿيندي. زمان خان اخبارن، چئنلز ۽ انساني حقن واري ڪميشن تائين علائقي ۾ ٿيندڙ اقربا پروري، ناانصافي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي جون خبرون پهچائڻ سان گڏ انٽرنيٽ جهڙي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽوئيٽر تي ”گومل نيوز“ جي نالي سان اڪائونٽ ٺاهي. پل پل جي خبر دنيا تائين پهچائيندو رهيو، پر اڄ اها گومل نيوز سندس شهادت واري خبر کان به بي خبر آهي ڇو ته ان تي خبرون لوڊ ڪندڙ آڱريون ٻئي ڪنهن جي آڱرين جو نشانو بنجي ويون ۽ گومل نيوز وارو صفحو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورو جو ڪورو پيل آهي……

ماضي ۾ اهڙين ڊگهين شهادتن جيان اسان زمان خان جي شهادت تي به غم ۽ ڏک ڪنداسين، احتجاج ڪري سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪري سگهون ٿا، سندس خالي ڇڏيل صحافتي جاءِ تي ٻيو جاءِ وٺي ويندو، پر سندس ٽن معصوم نياڻين، ٻن پٽن ۽ بيوه بنيل گهرواري کي ته زندگي جو هر لمحو اذيت ڏيندو رهندو، شايد هن ملڪ ۽ هن سماج ۾ اهو سلسلو هلندو رهندو، جنهن جو انت اچڻو به آهي الئه نه…. پوءِ به قلم خاموش ناهي رهڻو. جنهن قلم ۾ اها طاقت آهي جو دنيا ۾ دهشت جي علامت بنيل هٿيارن سان ليس دهشتگرد به خوفزده آهن اهي ٻين سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ ان قلم کي خاموش ڪرڻ ۾ رُڌل آهن

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *