تازيون خبرون

اتر سنڌ سخت گرمي جي لپيٽ ۾ ….!!: سعيد احمد مڱريو

جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور ، قمبر شهداد ڪوٽ ، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ  ۽ سکر ضلعا  اهي اتر جا ضلعا آهن ، هن سڄي اترادي پٽي ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها گرمي وچولن ضلعن ، نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ۾ به ريڪارڊ ٽوڙ هوندي آهي ، هتان جا جهولا به ساڙيندڙ هوندا آهن اتر ۾ موسمي تبديلي ۽ گرمي پد جو اضافو صرف ۽ صرف ماحوليات جي تبديلي جي ڪري ٿئي ٿو ماحوليات اسان جي آسپاس وارين سمورين فضائي، آبي، زميني ۽ موسمي حالتن کي چئبو آهي. جنهن ماحول ۾ اسين ساهه کڻون ٿا يا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، جيڪڏهن اهو صاف هوندو ته اسان جي صحت سلامت رهندي، پر جيڪڏهن اهو ماحول گندو هوندو ته اسين بيمارين ۾ وڪوڙجي وينداسين. اسان جو ماحول ڏينهون ڏينهن گدلو ٿيندوٿو وڃي ، ماحولياتي ماهرن جو چوڻ  آ ته ماحول ۾ خرابي يا ان جي اندر الودگي جو وڌڻ جو سبب صنعتن ، مشينون يا گاڏين جي هلڻ سان جيڪو ڌونهون نڪرندو آهي ان ڌونهي سان ئي  ماحول جي اندر گدلاڻ پيدا ٿيڻ جا  امڪان وڌيڪ هوندا آهن پر  جيڪڏهن اسان اتر وارن ضلعن جو ماحوليات جي حساب سان ٿورو جائزو وٺون ته هتان جي موسم ڪجهه اهڙي طرح هوندي آ جيڪڏهن سردي جي موسم هجي ته به هتان جي سردي سخت ، گرمي هجي ته به هتان جي گرمي سخت ٻئي موسمون سخت هونديون آهن .

موسم جي اهڙي تبديلي  جي ڪري هتي ڪي ايڏا  وڏي پيماني تي ڪارخانا ، صنعتي ، ڌونهون ڪڍندڙ وڏيون مشينون يا فيڪٽريون نه هجڻ جي برابر آهن پر پوءِ به گرمي پد جو سخت ۽ آلودگي جو گهڻو مقدار هتان جي شهرن ۾ آهي ،  هتان جي ماحول ۾ تمام گهڻا مسئلا نظر ايندا، هتي جڏهن رَبيع جو فصل ڪڻڪ پوکي ويندي آهي ته پاڻي جو مقدار تمام گهٽ ملندو آهي هتان جا هاري ربيع جو فصل اڪثر ڪري بورينگ يا ٽيوبيل جي ذريعي پوکيندا آهن ، پاڻي جي اڻلڀ هجڻ جي ڪري اتر جي اڪثر علائقن ۾ زمين بنجر پئي ملندي ،  پاڻي جي کوٽ جي ڪري زمينون  خشڪ پئي نظر اينديون ،  جيئن هتي  وري خريف  جي فصل سارين جي ڳالهه ڪيون ته ان دوران وري اسان ٿورو سنڌ جي اتر واري پٽي جو معائنو ڪنداسين ته هر طرف پاڻي ئي پاڻي ملندو جتي سم ، تلاءَ ، ڪلراٺو پاڻي ، سينور گندو گاهه  ايئن پئي نظر ايندو جيئن هتي ڪا آبادي ئي ڪون ٿيندي هجي . هاڻي هتي سوال ايهو ٿو پيدا ٿي ته انهن ماحولياتي مسئلن جا ذميوار ڪير آهن ؟  اسان پاڻ  آهيون يا وقت جي سرڪار ، منهنجي مطابق ماحوليات کي خراب ڪرڻ وارا گهڻي قدر اسان پاڻ ذميوار آهيون ، اسان وقت جي سرڪار تي الزام ته هڻندا رهندا آهيون  پر ڪٿي اسان جون پنهنجون ذاتي به ذميواريون هونديون آهن ،

اسان سمجهون ٿا ته وقت جي حڪومت   ٻين حقن ڏيڻ کان  ته محروم رکيو آ پر ڪٿي اسان جون پنهنجون  ذاتي به ڪوتاهيون آهن  مثال طور جيئن  اسان پنهنجن گهرن جي سامنهون ڪچرو ڦٽي ڪنداسين ، اتي ڪچري جا ڍهير لڳائيندا رهنداسين پر صفا ڪرڻ جو ڪو احساس ڪون ٿيندو نه ئي ڪو خيال ڪنداسين  ، جيئن وري ڏٺو وڃي ته شهرن ۾ وڏا وڏا بنگلا ته ٺهرايا وڃن ٿا پر پنهنجي گهر يا بنگلي اڳيان ننڊڙي باغيچي جو ڪو خلا نه چڏينداسين ته جيئن ان ۾ ننڊا ننڊا ٻوٽا پوکجن يا پارڪ ، جيڪڏهن ٿورو خال به نظر ايندو ته اتي به ڪجهه نه ڪجهه ٺهرائي ڇڏيندا سين ،  وڏي ڳالهه اها به آهي ته ان  بنگلي جو مين دروازو  روڊ تي رکنداسين جيئن معتبر ماڻهون جو هوندو ته پوءِ عام ماڻهون ويچاريو تڪليف پيو برداشت ڪندو رهندو پر ان کي ڪجهه ڪون چوندو . اهڙي قسم جا هتي انيڪ مثال پيا ملندا بحرحال  ماحوليات کي بهتر ڪرڻ وارا اسان پاڻ آهيون اسان کي ڪجهه ذميواريون مخلصي سان نڀائڻون پونديون ، جيڪڏهن هينئر اسان اتر جي ضلعن جي ڳالهه ڪيون ته هتي آبهوا ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي چڪي آ اتر سنڌ جي پٽي ۾ پوين ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي بد 40 کان 50 سينٽي ڊگري رهي آهي . گرمي جو ايترو هجڻ ان جو سبب ايهو آهي جوهتي وڻ وڍيا ويا آهن وڻن جي ڪٽائي جي ڪري ھر سال سنڌ ۾ گرمي پد ۾ واڌ ٿي ايندي وڃي هتي شهرن توڙي ڳوٺن  ۽ زرخيز زمينن مان باغ ۽ وڻ وڍيا ويا آهن ، ڪنهن دور ۾ اتر سنڌ ۾ ٻيلا گهڻي مقدار ۾ هوندا هئا جيڪي ٻيلا هزارين سالن کان سنڌ جي سونهن ۽ خوشحاليءَ جي علامت رهيا آهن جنهن سان سنڌ جي ماحوليات انتهائي موافق ۽ سٺي رهندي آئي آهي پر سنڌ جي ٻيلن کي هڪ سازش تحت رٿابنديءَ سان ختم ڪيو ويو آهي جيڪا ڳالهه سنڌ لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي آهي ، ترقي يافته ملڪن ۾ ماحوليات جي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان سوچيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرام پڻ جوڙيا ويندا آهن جيئن اهي ان مسئلي کي حل ڪري سگهن ، پر هتي نه حڪومت  ٿي ان تي سوچي نه ئي عوام ان مسئلي جي حل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ، جيڪڏهن اسان کي پنهنجو ماحول ، آبهوا يا ايندڙ وقت اهڙي قسم جي سخت گرمي کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيون ته پوءِ سڀ کان پهرين ته اسين پنهنجي ويجهڙائيءَ واري ماحول تي ڌيان ڏيون. ان کي صاف سٿرو بنايون ۽ پنهنجي ذات، گهر، گهٽي، پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي ماحول کي گدلي ٿيڻ کان بچايون.

سنڌ جو ماحول بچائڻ لاءِ پنهنجي گھرن اوطاقن پاڙن گھٽين شهرن روڊن ۽ چوراهن تي وڻن پوکڻ جي مهم جو هڪ آغاز پڻ ڪيون ته جيئن ننڊن ٻارن توڙي وڏن ماڻهن کي اهڙي عمل جي ڄاڻ اچي ته وڻ به هڪ بهترين ماحول دوست هوندو آهي .   ٻيو هتان جي باشعور ماڻهن جي مٿان اها ذميواري آهي ته اهو پنهنجي پاڙن اوطاقن ۾ نم،ٽالهي جا وڻ پوکين ۽ اهي ڳوٺ ۽ شهر جيڪي ڪچي ۽ درياهه جي ڀر ۾ آهن اتان جي رهاڪن جي مٿان ايهو  فرض آهي ته اهي ڪچي ۾ درياهه جي ڪنارن سان ٻٻر جي چيچڪن کي ڇٽي سنڌ جي سونهن ٻيلن کي ٻيهر وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ، ٻيلن جي وڍجڻ جو نتيجو اڄ ايهو آهي جو اتر  سنڌ جي ضلعن ۾ ڪجھ سالن کان تمام گھڻي گرمي ۽ تپش ٿي رهي آهي ۽ ٻيلن جي نه هجڻ سبب سنڌ ۾ مينهن پڻ نٿا پون جنهن سان ڪيتريون ئي بيماريون سنڌ ۾ ڦهلجڻ سان گڏ سنڌ جو جر پڻ تيزيءَ سان زهريلو ٿي چڪو آهي جيئن ته هي هڪ سنگين ۽ انساني هوالي سان عالمي مسئلو آهي . اتر سنڌ ۾ سخت گرمي جي ڪري گهڻون ماڻهون ، جانور ۽ پکي  پاڻي جي پيئڻ جي لاءِ پريشان آهن ، اسان سڀن تي ايهو فرض آهي ته رستن ، روڊن جتان ماڻهن جو گهڻون گذر سفر آهي اتي پاڻي جا مٽڪا ڀري رکون ۽ پنهنجن گهرن جي ڇتين تي پاڻي جا ٿانو ڀري رکون ته جيئن پکي پي ڪري زندگي جو وهنوار جاري رکي سگهن . ماحوليات جي ان تبديلي تي سنجيدگي سان سوچڻ کپي ۽  جلد ڪي اپاءُ وٺڻ گهرجن ايئن نه ٿي جو ايندڙ وقت ان کان وڌيڪ تباهه ڪن ثابت ٿي   اتر سنڌ جا اهي  ماحولياتي اثرات  سنڌ جي ٻين حصن تي به اثر انداز ٿي سگهن ٿا.

Email: saeed@hho.org.pk

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *