تازيون خبرون

ابتو زمانو اچي ويو…!!: منير ڊومڪي

اڄوڪي هن مختصر لکڻيءَ ۾ اسان پنجابي ٻوليءَ جي معروف صوفي شاعر بُهلي شاهه(1680_1758)جي مشهور ڪافي ” اُلٽي هوئي زماني آئي“کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش ڪنداسين.هن ڪافيءَ جي وڏي خصوصيت اها آهي ته هي لڳ ڀڳ 3 صديون پهريان جي لکيل ڪافي آهي،پرهن ۾ بيان ٿيل خيال اڄ جي دور جو عڪاس به آهن.بُلهي شاهه جي هيءَ ڪافي نصحيت آميز مثالن ۽ تمثيلي شاعريءَ سان معمور آهي.شاعرتي دنيا جو سچ ان وقت عيان ٿئي ٿو،جڏهن سڄو زمانو ابتو ٿي وڃي ٿو.ابتو ڪيئن؟جڏهن شاعر اهو ڳوڙهو مشاهدو ڪري ٿو ته انسانن جي آباد ڪيل هن دنيا مان اهي سڀ آدرش ۽ اقدار تقريبن وڃائجي ويا آهن،جيڪي انساني صحتمند سماج کي اڏڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن.

اُلٽي هوئي زماني آئي،تان مين بهيت سجڻ دي پائي!

جڏهن الٽي گنگا وهندي آهي ته پوءِ زماني جي هر شيءِ ۾ ٽيڙ ايندي آهي.ٿلهه کانپوءِ هن ڪافي جي پهرين مصرعي ۾ بظاهر ته شاعربُهلي شاهه پکي ۽ گگدامن جي دنيا ۾ جديد دور جي آمد سان ٿيندڙ تبديلن جو ذڪر ڪري ٿو،پر پرندن ۽ جانورن جا نالاڪتب آڻي تمثيلي طور هوماڻهن جي دنيا ۽ دور تي به تنقيد جا تکا تيروهائي ٿو.

ڪان لگڙان نُون مارن لگي،چِڙيان جُرّي ڍهائي،

گھوڙي چُگڻ ارُوڙيان تي، گدّون خوِيد پوائي!

ته اهڙوزمانو اچي ويو آهي،جنهن ۾ ڪانگ،جن ڪانگن کي ڊيڄارڻ لاءِ ۽ انهن کان بچائڻ لاءِ هاري ويچارا پنهنجي پچيل فصل جي وچ ۾ مصنوعي هڪ ماڻهو جو بت ٺاهي لڳائيندا آهن،جنهن مصنوعي بُت کان اڳي دور جا ڪانوءَ ڊڄي ڀڄي ويندا هئا ۽ فصل جي ويجهو ئي نه ايندا هئا،ته هاڻي اهي ڪانوءَ ان مصنوعي بُت کي چُڳي چُڳي نستوڪري ماري ڇڏين ٿا.نه فقط اهو،اڳي باز جهرڪين کي ماريندا هئا ۽ هاڻي اهي جهرڪيون انهن بازن کي کائن ٿيون،جديد دور اهڙو اُلٽو ٿي ويو آهي!ڀلا!جنهن دور ۾ گهوڙا گڏهن جو کاڌو کائن ۽ گڏهه گھوڙن جا خلَ پهري انهن جا ڪردار ادا ڪن، ته پوءِ ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ته ٿيندو نه” اُلٽي هوئي زماني آئي“.

انسانن جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي شناخت ڪيئن پيدا ٿي؟اها ايئن ته جڏهن ماڻهو جهنگلي جانور مان تبديل ٿي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪٽنب وارو ادارو قائم ڪري انسان واري زندگي بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.انساني خانداني زندگي نه فقط ماڻهو کي ذاتي تحفظ جو احساس ڏيندي آهي پر محبت جي قدرن کي درست ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾ هر وقت مدد به ڏيندي آهي،ته هن ڪافي جي اڳين بند ۾شاعر بُلهي شاهه اڄ جي ماڻهن سان سلهاڙيل انساني نسلي اندروني زندگيءَ جي اجاڙ جا سبب ٻڌائي ٿو:

آپتيان وچ الفت ناهين،ڪيا چاچي.ڪيا تائي؟

پُيو پُتران اِتفاق نه ڪائي،ڌِيّان نال نه مَائي!

اڄوڪو رواجي دورايڏو بگڙجي ويوآهي،جو خانداني قدر به تلف ڪيا ويا آهن.ڪنهن دور ۾”فيملي“ زندگي جيڪا ايڪي اتحاد ۽ محبت جي اهڃاڻ هوندي هئي، هاڻي ان خانداني زندگيءَ مان محبتون موڪلائي ويون آهن.اڄڪلهه جي اولاد نه ماءُ پيءُ جي چئي ۾ آهي،نه ئي چاچن،مامن،چاچين ۽ ماسين جي اها عزت ڪئي وڃي ٿي،جنهن عزت جا اهي مستحق آهن.ٻار والدين ۽ ڪٽنب جي ٻين بزرگن جي صدين کان ٻڌايل صحيح رستن کي ترڪ ڪندا،ته پوءِ ان ۾انهن جي ترقي نه بلڪه تنزلي آهي.

جڏهن خاندان جي ويجهن فردن ۾ محبت جو مقدار وڃي ٻُڻي بچي ۽ پيءُ ماءُ ۽ اولاد جهڙي شرين ۽ مقدس رشتي ۾ به ڏار پئجي وڃن،پنهنجائپ جي پرجوش احساسن بدران لاتعلقي جو احساس وڌي وڃي،ڪٽنب جو وجود داءُ تي لڳي وڃي،ته پوءِ مذهبي،سياسي ۽ سماجي ڏاها سڀ سمجهي ڇڏين ته معاشري جو زوال به اڻ ٽر هوندو.

صوفي شاعر بُهلي شاهه پنهنجي هن ڪافي جي ذريعي انساني قدر وڃائجي وڃڻ جو ڏک ته ڪري ئي ٿو،پران سان گڏ اهو پڻ نشاندهي ڪري ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا اقدار ڪن جڳهن تان ڪيئن کسڪي ويا آهن.جڏهن خانداني قدرشناسي ختم ٿي وئي هجي،ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته معاشرتي قدر قائم دائم هوندا؟!

سچّيان نُون پئي مِلدئي ڌڪّي،جهوٽي ڪول بَهائي،

اگلي هو ڪنگالي بيٺي، پِڇليان فرش وِڇائي!

جديد جڳ ۾ معاشري جي پوزيشن به اتي اچي پهتي آهي جو ڪوڙن ۽ منافقن جا کوڙ محل و عمارات آهن،انهن جا ٺٺ آهن،جڏهن ته سچن ماڻهن جي هٿ ۾ پنڻ وارو رڳو ڪشڪول آهي.سچن آدرشي ماڻهن کي هتي جتي ڪٿي ڌڪا ٿاٻا ملن ٿا صرف ان ڪري جو اهي سچ ٻڌڻ ۽ سچ چوڻ جا پيروڪار آهن،جڏهن ته ڪوڙن ٺڳن ماڻهن جي هر ڪو ويجهو آهي،اهي پاڻ به هرڪنهن جي ويجهوآهن ۽انهن جي هر هنڌ هاڪ آهي،ڇو ته ڪوڙن لڱن جو انهن ماڻهن ۾ ۽ انهن ماڻهن جو ڪوڙن ۾ هڪٻئي جا ذاتي مفاد آهن،جن مفادن جي تڪميل لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي هڪٻئي جي نظر و نياز ۽ قربت ۾ رهن.آڳاٽي زماني جا ماڻهو،جيڪي سچ جا معتقد هئا، جديد دور ۾ انهن سان اها ويڌن آهي ته هو ڪنگال ۽ غريب آهن انهن جي جهڙوڪر ڪا عزت ئي ناهي، وري اڄ جا ماڻهوعيش و آرام ۾ آهن.پراڻي زماني جا ماڻهو جن کي منافقت ۽ ٺڳي ڪرڻ نه ايندي هئي،سخت محنت اورچائي باوجود به اهي پٽ تي ويهندا هئا يا سمهندا هئا، جڏهن ته جديد عهد جي ماڻهن لاءِ ماربل ۽ سينگاريل فرش آهي،جيڪي ڪجهه نه ڪندي به فرش تي سستيءَ سان آرام ڪن ٿا.اهڙو ابتو زمانو اچي ويوآهي!

هن ڪافي جي آخري بند ۾ شاعر بُهلي شاهه پڙهندڙن کي جديد زماني جي هڪ ٻي ٻٽي رويئي کي وائکو ڪري ٿو ته نئين دور ۾نوڪرن وٽ به اهي قدر باقي وڃي نه بچيا آهن،جن قدرن جي ڪري اهي به سڃاتا ويندا هئا.جڏهن انهن خدمتگارن کي اهو حڪم ڪيو وڃي ٿو ته اهي محل ۾ ايندڙ بادشاهن جي آمد ۾ غاليچا وغيره وڇائن ته جيئن انهن جي ڀرپورآجيان ڪئي وڃي، ته راجا مهاراجائن جي انهن خوبصورت گلمن تي انهن جي پير رکڻ کان اڳ ۾،اهي نوڪرانهن سينگاريل گلمن تي پاڻ گھمي،ڦري ۽ سمهي انهن تي ڀرپور راج ڪن ٿا.جيئن ته انهن خدمتگارن کي پنهنجي مالڪ جو گلمن وڇائڻ جو اڳواٽ حڪم مليل هوندو آهي ته انهن نوڪرن کي اتان هٽائي به نٿوسگھجي جيستائين اهي پاڻ نه چاهن.اهڙو ابتوزمانو اچي ويو آهي!

ڀوُريان والي راجي ڪِيتي،راجيان ڀيڪ منگائي،

بُلهيا! حڪم حضورون آيا،تِس نُون ڪون هٽائي!

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي.)

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *