تازيون خبرون

آغا شهاب الدين سنڌ جو نبض شناس؛فوزيا آغا

آغا شهاب الدين سنڌ جو اهو حلالي پٽ آهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار بي لوث خدمت ڪئي، پر سنڌ ۽ سنڌ جي عوام ۾ ترقي، سجاڳي، حقن جي حاصلات ۽ بااختيار زندگي گذارڻ جي طور طريقن سان گڏ سنڌ جي تاريخ جيڪا هن پنهنجي اکين سان ڏٺي ، ڪنن سان ٻڌي يا اهو جيڪو سندس اڳيان وهيو واپريو آهي انهن حقيقتن کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي. جو هڪ پڙهندڙ سندس لفظن جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. ۽ سندس مضمون جون به چار سٽون پڙهي ته اهو نه چاهيندي به آغا صاحب جو اهو ليک پڙهي پورو ڪري ٿو. هر لکڻي سچ، ۽ سٽ سٽ ڏاهپ، دانش ۽ عقلمندي جو ڀنڊار محسوس ٿئي ٿي. هو سنڌ جي ويجهڙائي واري تاريخ جا اهي باب کولي ٿو جنهن جا ڪردار سنڌ واسين جي اڳيان باوجود اهم شخصيتن جا گهڻ پاسائا ۽ ان ڪردار جا اڃا به وڌيڪ کوجنائو ۽ ڳولائا آهن. آغا صاحب پنهنجي لکڻين ۾ اهڙيون حقيقتون بيان ڪيون آهن جيڪي عوام جي اکين کان اوجهل رهيون آهن سنڌ ۾ وڏا وڏا ڪم ٿي رهيا آهن پر اڄ تائين نه سنڌ جي تاريخ تي باقائدي سان ڪم ٿي سگهيو آهي نه ٻولي تي ڪي ڪم ٿي سگهيا آهن ۽ نه وري سنڌ جي تاريخ تي سائنس پتاندر ڪا تحقيق ٿي سگهي آهي، نه وري سنڌ بابت ڪو اهڙو مواد آيو آهي. جنهن کي اسين عالمي سطح تي پيش ڪري سنڌ جو حق ادا ڪري سگهون. پر جهڙي طرح جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ اديبن ساروڻيون لکيون آهن آغا شهاب الدين به ڄڻ انهن جي تقليد ڪئي آهيجيڪي اهم انڪشافات آغا شهاب الدين پنهنجي لکڻين ۾ ڪيا آهن اهي ٻين ليکڪن وٽ گهٽ ملن ٿا. مثال طور علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جي بنياد وجهندڙن مان نه هو، ۽ آءِ آءِ قاضي کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ کان پوءِ علامه جو خطاب ڏنو ويو هو. ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي دور ۾ نه پر اسڪندر مرزا جي دور ۾ وزير ٿيو هو. ٻيو ته ذوالفقار علي ڀٽي اهڙن ماڻهن کي پنهنجي پارٽي ۾ آندو ۽ انهن کي اهميت ڏئي وزير ڪيائين جن کان اڳ عوام اڻ واقف هو. مٿال طور مير رسول بخش تالپر کي سنڌ جو گورنر بنائڻ جيڪو ڪڏهن حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمئن به نه رهي چڪو هو، ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو وڏو وزير ڪرڻ ، غلام مصطفيٰ جتوئي کي سنڌ جو وڏو وزير ڪرڻ، ڊاڪٽر مبشر کي آڻڻ، عبد الحفيظ پيرزادي، ڄام صادق، پيار علي الانا، عبد الله شاه ۽ ٻين کي اڳتي آندائي پر جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جهڙين شخصيتن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيائين، ۽ اهو ته تاشقند ٺاهه وقت هندستان جي سياستدانن شاسستري کي قائل ڪيو هو ته جنرل ايوب خان سان ڳالهين دوران ذوالفقار علي ڀٽو کي نه ويهاريو وڇي ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ هندستان پاڪستان کان پنهنجا مطالبا نه مڃرائي سگهي ها. ڇو ته هندستانين خود مڃي ورتو هو ته هندستان وٽ ڀٽي جي پائي جو ليڊر موجود نه هو. خود شاسستري جو تاشقند ۾ مري وڃڻ ڇا ظاهر ڪري ٿو ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا. آغا شهاب الدين پنهنجي لکڻين ۾ اهو ذڪر ڪيو آهي ته بنگال جا اُهي بهاري جيڪي الشمس ۽ البدر جا تربيت ورتل ويڙهاڪ غير قانوني طريقن سان سنڌ جي لطيف آباد ۽ لياقت آباد ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ آباد ٿيا آهن آغا شهاب الدين پنهنجي لکڻين ۾ سڌي طرح ڪيئي اهم انڪشاف ڪري ويو، هو حڪمران ڌر ۽ سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪندي سمجهائي ويو ته اهي الشمس ۽ البدر وارا بنگالين سان سڄا نه ٿيا اهي ويڙهاڪ سنڌ ۾ پهتل آهن، اُهي ويڙهاڪ جيڪي بنگال ۾ ضم نه ٿي سگهيا ۽ بنگال کي انهن ڪڏهن به پنهنجي ڌرتي نه سمجهو ته اهي لوڌيل سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ڪيئن سمجهندا ۽ سنڌين ۾ ڪيئن ضم ٿي سگهندا. اها آغا شهاب الدين جي فن جي بلندي آهي ته هو وڏيون وڏيون تاريخي ۽ سبق آموز ڳالهيون انتهائي سادن ۽ عام فهم لفظن ۾ چئي پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪري ويو آهي.آغا شهاب الدين پنهنجي لکڻيبن ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو آهي ته شيخ مجيب الرحمان 1970 وارين چونڊن کان اڳ ئي بنگلاديش جو نعرو هڻڻ شروع ڪيو هو، جڏهن ته عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته شيخ مجيب جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو هو انهيءَ ڪري شيخ مجيب آزاديءَ جو نعرو هنيو هو. آغا صاحب پنهنجي لکڻين ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شيخ مجيب، ذوالفقار علي ڀٽي جو مخالف نه هو، ٻيو ته شيخ مجيب الشمس ۽ البدر وارن کي اها آڇ به ڪئي هئي ته انهن سان گڏ جيڪي به غير بنگالي آهن جيڪڏهن اهي بنگالي بنجي رهن ته انهن کي بنگلاديش ۾ اهي سڀ حق ڏنا ويندا جيڪي حق بنگالين کي ميسر هوندا پر الشمس ۽ البدر وارن شيخ مجيب جي انهيءَ آڇ کي ٺڪرائي چيو ته اهي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ پيا چاهين ۽ بنگالي ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي، الشمس ۽ البدر ٻن حصن ۾ هئي هڪ حصو اوڀر پاڪستان موجوده بنگال ۽ ٻيو حصوسنڌ ۾ موجود هو، هڪ حصو شيخ مجيب کي پسند نه پيو ڪري ته ٻيو حصو ذوالفقار علي ڀٽو کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن لطيف آباد، ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سان کلم کلا بغاوت ڪئي هئي، انهن ڌرين ان وقت نه صرف جي ايم سيد تي حملا ڪرايا هئا، پر انهن ڌرين 100 ڄڻن گڏجي عبد الرزاق سومري جي جسم تي ڇرين جا وار ڪري کيس شهيد ڪيو هو، سنڌ يونيورتي (موجوده اولڊ ڪئمپس) کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، ڪجهه ڌرين جو اهو به خيال آهي ته الشمس۽ البدر جا نالا تبديل ضرور ڪيا ويا پر انهن پنهنجا ڪم ۽ ڪرتوت تبديل نه ڪيا ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سنڌ تي شهيد عبدالرزاق سومري جهڙا وار ڪندا رهيا آهن. آغا صاحب پنهنجي لکڻين ۾ کوڙ ساريون نروار ۽ چٽيون ڳالهيون چيون آهن جن کي سمجهڻ ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهيآغا صاحب جتي سياست ۽ سنڌ جي مسئلن جي چڱيءَ طرح اپٽار ڪئي آهي ته اتي هن سماجي مسئلن تي به گهري نظر رکي آهي، ۽ هن چٽيءَ طرح ئي چيو آهي ته آخر سنڌ جا ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن، وڏيرا ڳوٺڻ جون نياڻيون تاڙين، ڪامورا عرضدارن ۽ مجبورن کي بري نظر سان ڏسن، هاري ٻج ڀاڻ، جيت مار دوا ۾ ڦاٿل آهن، استاد شاگردن کي پڙهائڻ بجاءِ گسائڻ، ڪاپي ڪلچر جا ڪردار ٿين، ڊاڪٽر او پي ڊي ۾ وڃڻ کان ڪترائين، ڊاڪٽر شاگردياڻاين، مريضياڻين ۽ نرسن کي بدنيتي سان ڏسن، انجنيئر واٽر ڪورس ڀڃي عوام جو پاڻي وڪڻي هر ڪم ۾ ڪميشن وٺن ۽ هڻي سرڪاري ادارن جي ڀينگ ڪري ڇڏين ۽ عوام ويچارو اهو ئي درخواستون لکارائي پنهنجي حقن لاءِ هڙتالون ڪندو ٻاڪاريندو رهي ٿو. آغا صاحب جو چوڻ آهي ته ڏاها خاموش تماشائي آهن اهي قوم جي رهبري ۽ دلبري نه ٿا ڪن، اهي عوام کي صحيح دڳ نه ٿا ڏيکارين، ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ۽ مستقل الجهندو رهي ٿو پر سياستدانن سميت هر ماڻهو عوام جي بدنصيبي ۽ هٿ وٺي سندس قسمت سان کيڏڻ وارو تماشو ڏسندو رهي ، ڪوبه اڳتي وڌي عوام جي مرض جي دوا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. آغا صاحب سنڌ جي ڳوٺن، ٻهراڙين، شهرن ۾ هر هنڌ ويو ۽ هن سماجي مسئلن جو چڱي طرح جائزو ورتو ۽ مطالعو ڪيو ته سنڌ جي عوام جا اصل مسئلا، گهرجون ڪهڙيون آهن ۽ هن پنهنجي حال سارو انهن مسئلن جا حل به ڏسيا آهن، انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته آغا صاحب سنڌ جي عوام جي اڻ کٽ مسئلن جي حل لاءِ تڙپندو ۽ لڇندو رهيو،جنهن جو جا بجا ذڪر سندس لکڻين ۾ ملي ٿو. پر آهي ڪو آغا شهاب جي ڏسيل راه تي سنڌ جي عوام کي وٺي هلي، سنڌ جي عوام جاڏک درد دور ڪري، هن اڏوهي کاڌل ڪرپٽ نطام کي تبديل ڪري،سنڌ جي سينڌ سنواري عوام جي قسمت تبديل ڪري، جڏهن تو موجوده نبض شناس بدنيت، منافق ۽ فريب جي دائري ۾وڌندڙ ويجهندڙ پنهنجن پنهنجن مفادن سان سچا ، پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا ، سنڌ جي اٻوجهه عوام کي فقط معجزن ۽ آسرن تي ڇڏڻ سان ڪابه قوم سڌري سگهندي؟ ڏکايل ۽ اهنجن ۾ ورتل قوم کي خوشحالي جا سبق ڪير ڏيندو، ڪير انهن جي داد رسي ڪندو، سنڌ ۾ سم جو پاڻي 24 فوٽن بجاءِ 4 فوٽن تي اچي پهتو آهي ٽيڪنيڪل ۽ ميڊيڪل ڌنڌي واپار ۽ ڊگرين وارا ماڻهون ۽ ادارا به هڏڪين ۾ پهتا آهن ڇو ته جنهن ملڪ ۾ ڪامورا ۽ ڪاردار رشوت کي ايمان سمجهن، وڏيرا غريبن جا حق ته ٺهيو پر انهن جي امداد ۽ زڪوات به کايو وڃن، اهي رشوت جي پئسن مان عمرو ، خيراتون، حج ڪن ۽ رشوت ۾ فراواني لاءِ دعائون گهرن. اها ئي اسانجي وڏيرن، سياستدانن ۽ ڪامورن جي سماجي حيثيت آهي. جتي رشوت حق ۽ جائز ڪاروبار سمجهو وڃي، اتي عوام جا حقيقي حق ڪٿي وڃي بيهن ٿا. جيڪڏهن هن ملڪ جي عوام کي نفرت ۽ ڪروڌ جي ڪن ۾ ڦاسايو ويو ته اهو وقت پري نه آهي جو عوام جي نفرت ڪنهن نئين انقلاب کي جنم ڏئي، انهن ڊوهي وڏيرن ۽ بدبوءِ دار ڪردار روارن سياستدانن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪن. اڄ به تعليم يافته نوجوان مڙسي ڪن ته اهي ذوالفقار علي ڀٽي جيان آمريڪا جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهن ٿا، نوجوان آيت الله خميني جهڙو ڪردار ادا ڪندي سماجي ڄورن مان عوام جي جان آجي ڪرائي سگهن ٿا، سنڌ کي روشن راهه تي آڻي سگهن ٿا ۽ سنڌ جو مستقبل ترقي يافته ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.آغا شهاب الدين اهو واحد اديب آهي جنهن نه صرف عوام جي اهنجن جي اپٽار ڪئي آهي پر انهن مسئلن جا حل به ڏسيا آهن، جيڪڏهن عوام اڄ به آغا شهاب الدين جي ڪتابن جو مطالعو ڪري انهيءَ جي ڏسيل راهن تي هلڻ جي همت ڪري نڪري پوي ته اهو وقت پري نه آهي سنڌ جا ماڻهون پنهنجا حق ماڻي سگهندا،پنهنجي تقدير پاڻ تبديل ڪري سگهندا ۽ سنڌ ماءُ جي سينڌ سنواري سگهندا.

 

 

 

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *