تازيون خبرون

آس نراس جي ٻه- واٽَي تي پاڪ- ڀارت ڳالهيون!؛ارشاد ڪاغذي

پاڪ- هند جي قومي سلامتي جي مشيرن جي ملاقات آخري وقت تي ڊرامائي انداز ۾ منسوخ ٿي وئي. ٻنهي طرفن کان الزامن جا تير ۽ تفنگ ۽ بم، بارود ۽ گولا برسائي ڏهڪاءُ جهڙو ماحول جوڙيو ويو، ان ڪري غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جو لڳي ٿو ته ٻئي ملڪ وري ڪنهن وڏي دنگاڻ جي طرف وڃي رهيا آهن؟ ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگھندو ته پاڪستان ۽ هندستان پاڙيسري ملڪ آهن، دوست ته تبديل ٿي سگھن ٿا پر پاڙيسري ملڪ تبديل نٿا سگھجن. امريڪا ۽ ايران پاڻ ۾ ٺهي ويا پر اسان اڃا تائين اتي جو اتي آهيون، ان ۾ ڪنهن جو قصور آهي؟ ڇا تڪرار کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي؟ ڇا ٻنهي ملڪن جا اڪابرين سنجيدگيءَ سان سرچاءُ ۽ نبيري لاءِ تيار نه آهن؟ يا وري ڪا ٽين ڌر پَٽِي پڙهائي رهي آهي؟

پاڪ- هند جي حڪومتن جي جهيڙي جو سبب هي هو ته پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر سرتاج عزيز پنهنجي دوري جي موقعي تي ڪشميري اڳواڻن کي صلاح مصلحت لاءِ دعوت ڏني. ڀارت سرڪار اهو بهانو بڻائي ڪاوڙ ۾ امن ڳالهين کي اوچتو معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هميشه حريت رهنمائن سان باقاعده ڳالهيون ٿينديون آهن, پاڪستان جو سربراهه يا اعليٰ سطحي وفد جڏهن به ڀارت جي دوري تي ويو آهي ته ڪشميري اڳواڻن سان ڳالهين جو دور ٿيندو رهيو آهي، پر هن ڀيري ڀارت سرڪار هوڏ جو مظاهرو ڪري امن جي ڳالهين کي پٺي ڏئي ڇڏي. اپريل 2005ع ۾ جڏهن پرويز مشرف ڀارت جو دورو ڪيو هو، اتي آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي وفد مشرف سان ملاقات ڪئي هئي. گذريل جولاءِ ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط عيد ملن پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو هو، جنهن ۾ حريت اڳواڻن مير واعظ عمر فاروق ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي. گذريل سال جولاءِ جي مهيني ۾ جنهن وقت سيڪريٽري سطح تي ڳالهيون هندستان پاران معطل ڪيون ويون هيون، ان وقت ڪشميري اڳواڻن علي شاهه گيلاني، مير واعظ عمر فاروق ۽ ياسين ملڪ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر سان نئين دهلي ۾ ملاقات ڪئي هئي، پر هن دفعي ڀارت سرڪار ڳالهين کان نٽائي وئي.

اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي نه ئي وري پهريون دفعو ڪو ڪشميري رهنما پاڪستان جي وفد سان ملڻ پئي آيا پر اهو عمل ڪيترن سالن کان ٿيندو رهيو آهي، اهو عام معمول آهي ته جڏهن به پاڪ- هند ڳالهيون ٿينديون آهن ته ڪشميري ليڊرشپ سان ملاقات ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن به اڳوڻي سرڪار يا موجوده بي جي پي جي سرڪار اعتراض نه واريو هو، پر هن دفعي ڀارتي سرڪار سختيءَ سان منع ڪيو ته ڪشميري اڳواڻن سان قومي سلامتي جو صلاحڪار سرتاج عزيز ملاقات نه ڪندو ۽ سرتاج عزيز ان جي جواب ۾ چيو ته ”پاڪستان ڪنهن کان به ڊڪٽيشن نه وٺندو.“ ٻنهي طرفن کان ان قسم جي ضد جي ڪري ڳالهيون نه ٿي سگھيون. گارجين جي رپورٽ مطابق ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جي سفير عبدالباسط کي چيو ”توهان هندستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندا يا عليحدگي پسندن سان.“ اخبار وڌيڪ لکيو ته باسط وارننگ کي ٿڏي ڇڏيو. ڪشميري اڳواڻ شبير شاهه جي سفارتخاني کان نڪرڻ بعد دهلي مذاڪرات ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏنو.

پاڪ- هند مذاڪرات ٻه ڏينهن ٿيڻا هئا، پر ٻئي ڌريون پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن. هندستان فقط دهشتگردي تي ڳتِ ڏني ۽ پاڪستان جي مرضي هئي ته ڪشمير مسئلي تي گفتگو ٿيڻ گھرجي.

سفارتڪاري سيکاري ٿي ته پسند ۽ ناپسند کي وڏي سليقي واري فن ۽ فڪر سان منهن ڏجي ۽ بردباري سان تضادن جو اُڪلاءُ ڪيو وڃي، پر بدقسمتي سان هند- پاڪ جي دشمني جي ڪري شيون ٺهڻ بدران ويتر ڊهي پون ٿيون. جڏهن کان بي جي پي سرڪار آئي آهي ۽ مودي واڳون سنڀاليون آهن ته ڊپلوميسي شدت پسندي جي آوِي ۾ ڀسم ٿي وئي آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي قومي سلامتي جي مشيرن جي رٿيل گڏجاڻيءَ کان هڪ ڏينهن اول اوچتو ڳالهين کي خيرآباد چئي کلي عام هڪٻئي تي تهمت واري سفارتڪاري جي واٽ ورتي وئي. ميز تي ويهي سنجيدگي ۽ ڏاهپ سان غور ويچار ڪرڻ بدران امن لاءِ ٿيندڙ ڳالهين کان پاڻ کي الڳ ڪيو ويو. ان ڀڄڻ کي ڇا چئجي؟ اها سفارتڪاري ته نه ٿي. جڏهن ٻن ملڪن ۽ سي به هڪٻئي جا سخت مخالف ملڪ هجن تن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مذاڪرات ٿين ۽ اهي به عين وقت تي ملتوي يا معطل ٿين، اها ڪيڏي نه مايوس ڪندڙ خبر آهي. ڇا ان باري ۾ ڪا ايجنڊا طئي ڪونه ڪئي وئي هئي؟ ڪو پروگرام ۽ رٿابندي ڪري انهن نڪتن تي پهريان غور ۽ ويچار ڪري ايجنڊا تيار ڪرڻ گھربي هئي ته جيئن گھربل ڪم مڪمل ٿئي.

پر بدقسمتي سان ڀارت ۾ شدت پسند جماعت بي جي پي ۽ مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سفارتڪاري کي ”دهشتگردي يا ڳالهيون“ جي ڪسوٽي تي مَرڪُوزُ ڪيو ويو آهي. مودي ۽ ان جي پرڏيهي ۽ سلامتي جي وزيرن ۽ مشيرن جي مرضي ۽ منشا مطابق هي اچانڪ ڊيڊلاڪ ٿيو. مودي سرڪار سرتاج عزيز سان ڪشميري اڳواڻن جي ملاقات تي اعتراض ڪري هڪ موقعو ضايع ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڊپلوميسي عقلمندي ۽ قابليت جو نالو آهي، نه ڪي هوڏ ۽ ضد جو. مزي جي ڳالهه ته ان سموري عرصي ۾ ڀارت جو پرڌان منتري خاموش رهيو. هن صاحب ان نازڪ مسئلي ۽ صورتحال تي هڪ اکر به نه ڪڇيو، هو ڪي اهڙا تڪڙا اُپاءَ ڪري ڊيڊلاڪ کي ختم ڪري پئي سگھيو، پر مودي صاحب چپ جو روزو رکيو، ان سان تمام گھڻي مايوسي پيدا ٿي آهي.

رام ڄيٺ ملاڻي اڳوڻو بي جي پي جو اڳواڻ ۽ مشهور وڪيل حريت قائدين جي پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي دعوت ۾ بندش تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي جي مشيرن جي گڏجاڻي منسوخ ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ”ڪشميري اڳواڻن کي روڪي خراب مثال قائم ڪيو ويو آهي. اسان جا سياسي اڳواڻ بين الاقوامي قانون کان واقف نه آهن. مودي جي خاموشي حيرتناڪ آهي.“ ڀارت جي مخالف ڌر بي جي پي سرڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. راجيا سڀا ۾ اپوزيشن جي ليڊر غلام نبي آزاد حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ”پاڪستان سان قومي سلامتي جي مشيرن جي گفتگو جي مسئلي کي سرڪار درست نموني جو پوراءُ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ۽ پاڪستان کي فرارُ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪندي، دنيا ۾ هن جو پردو فاش ڪرڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو. ڀارت سرڪار اين ايس اي سطح تي ڳالهين جي قطعي ايجنڊا تيار ڪري نه سگھي. هي ڪم ملاقات جي تاريخ کان گھڻو اڳ ٿيڻ گھربو هو.“ اپوزيشن اڳواڻ غلام نبي آزاد ڀارت جي پرڏيهي ۽ سرڪار جي نااهلي ۽ ناقص ڊپلوميسي جا پَول پڌرا ڪيا آهن. هن جو چوڻ هو ته اسان (هندستان) هڪ مَڪتُوبُ موڪليو، هنن (پاڪستان) هڪ خط لکيو. اسان هڪ تاريخ تجويز ڪئي. هنن جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي. سفارتڪاري ايئن نه ڪئي ويندي آهي. غلام نبي آزاد وڌيڪ چيو ته ايجنڊا موڪلڻ ۽ ان تي متفق ٿيڻ ۾ گھڻو فرق آهي. ايجنڊا موڪلي ڏيڻ ۽ اهو سمجهڻ ته اڳلي ڌر اهو قبول ڪيو آهي، اهو بيوقوفي وارو عمل آهي. ڀارت کي گھربو هو ته هو ڳجهي سفارتڪاري جي چئنل کي استعمال ڪري يا وري پنهنجي نمائندي کي اوڏانهن اُماڻي ڪري ايجنڊا جي مڪمل تياري ڪري سگھجي پئي. هندستان ڳالهين کان ڀڄڻ جو موقعو ڏئي فاش غلطي ڪئي آهي. ڪانگريس اڳواڻ جي ڳالهه ۾ تمام گهڻو وزن آهي، ڇاڪاڻ ته سفارتڪاري وڏي دانش ۽ عقل سان ڪبي آهي.. ٻنهي ملڪن جهڙي نموني ڳالهين کي مٿاڇري ۽ سطحي انداز سان ورتو هو ان مان اهو واضح اشارو ٿو ملي ته هو ايترا گھڻا سنجيده نه هئا جيترو هئڻ گھرجي پيو.

ٻيو ته ٺهيو اوهان اهو ٻڌو ۽ پڙهيو هوندو ته هن سال جولاءِ مهيني ۾ روس جي شهر اُوفا ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وزيراعظمن ۾ هڪ ملاقات ٿي هئي. ان جو گڏيل پڌرنامو به جاري ڪيو ويو هو. پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ۽ هندستان جي پرڏيهي سيڪريٽري ايس جي شنڪر ٻنهي وزيراعظم جي ملاقات کانپوءِ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو هو، جنهن ۾ قومي سلامتي مشيرن جي ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو هو. ان گڏيل پڌرنامي ۾ ڪشمير جي تڪرار جي نبيري لاءِ ڪا پيش رفت نه ٿي سگھي هئي يا وري ان کي گڏيل پڌرنامي ۾ اهميت نه ڏني وئي؟ بهرحال نواز شريف تي هتان جي اپوزيشن پارٽين ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن ڪشمير مسئلي کي نريندر مودي اڳيان نه رکڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي. پ پ پ، تحريڪ انصاف ۽ چوڌري شجاعت، سرڪار ۽ نواز شريف تي ڇوهه ڇنڊيا هئا. ڪشميري اڳواڻن ڪشمير  مسئلي کي ڪرنگھي جي هڏي ڪوٺيندي چيو هو ته ڪشمير مسئلي کي ٻنهي ايٽمي ملڪن نظرانداز ڪيو. مودي ۽ نواز شريف برابر جا ڏوهاري آهن. حريت ڪانفرنس جي بزرگ اڳواڻ سيد علي گيلاني گڏيل پڌرنامي تي تنقيد ڪندي چيو ته ”هي تازو اعلان اسان جي ڪم جو ناهي، ڪشمير جي مسئلي جي نبيري لاءِ ڪا خاص اڳڀرائپ نه ڪئي وئي آهي. هيءَ ملاقات فوٽوسيشن کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿي رکي.“ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين ياسين ملڪ سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو هو ته، ”اسان پاڪ- هند ڊائيلاگ جي خلاف نه آهيون پر ڪشمير عوام جي 4 پيڙهين، يرغمال ۽ ظلم ۾ زندگيون وڃائي ڇڏيون آهن.“ ياسين ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”پاڪستان ۽ هندستان جي گڏيل اعلان تي حيرت ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ان بيان ۾ ڪشمير جهڙي حساس ۽ اهم مسئلي جو ذڪر به ڪونه ڪيو ويو آهي.“

ان سڄي پَٽَاڙَ ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته اُوفا ۾ مودي ۽ نواز شريف جي گڏجاڻي بعد جيڪو مشترڪه اعلان پڌرو ڪيو ويو هو ان ۾ ڪشمير جو ذڪر ئي نه هو. اهو لکيو ويو هو ته ”نئين دهلي ۾ قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي گڏجاڻي ٿيندي، جنهن ۾ دهشتگردي سان لاڳاپيل سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.“ بي بي سي جي رپورٽ مطابق ته مودي، نواز شريف سان ملڻ لاءِ تيار نه هو، پر ڪن پرڏيهي طاقتن جي زور بار تي هيءَ ملاقات ٿي. ملاقات کانپوءِ جيڪو گڏيل پڌرنامو جاري ٿيو، ان ۾ ڀارت جي مؤقف کي اهميت ڏني وئي. ان ۾ ڪٿي به ڪشمير مسئلي جو ذڪر نٿو ملي. پاڪستان جي ميڊيا ۽ تجزيه نگار ان اعلان تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو هو. هنن چٽيءَ ريت اهو چيو هو ته دهلي ۾ ته قومي سلامتي جي صلاحڪارن جون ڳالهيون فقط دهشتگردي تائين محدود رهنديون؟ ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي؟

انهن سڀني ڳالهين جي هوندي، هندستان ۽ پاڪستان جي تڪرار کي نظر ۾ رکندي جهڙي نموني سفارتڪاري جو تماشو ۽ سانگ رچايو ويو، ان جي ڪري عالمي سطح تي ٻنهي ملڪن جي سفارتي عملي جي پت وائکي ٿي وئي آهي. ڀلي پاڪستان ۽ هندستان جا پرڏيهي عملدار پنهنجي پنهنجي مؤقف تي ڄمي بيهي رهن ۽ پنهنجي فتح سمجهن پر جڳ جهان جا سڄاڻ حلقا، ماهر، پارکو ۽ صحافي اهو پرکي ويا آهن ته امن جي آشا لاءِ ٻئي ملڪ ايترا سنجيده، بردبار ۽ ذميوار ڪونه آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڳالهين جي ايجنڊا کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنهن به ڌيان نه ڌريو، جيڪا گھربل سفارتڪاري ڪرڻ گھربي هئي، اها ڪونه ڪئي وئي ۽ نه وري ڪو هوم ورڪ ڪيو ويو ته جيئن اڳواٽ رٿابندي ڪئي وڃي ته جيئن ڪا پريشاني نه ٿئي. ڳالهين جي منسوخي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت پوائنٽ اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اهو وساري ويٺا آهن ته نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي؟ توهان ڀل نه ڳالهايو پر ايترو رستو ته ڇڏيو جو سڀاڻي توهان کي ڪم اچي!

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *