تازيون خبرون

آرمي چيف جي سينيٽ ۾ آمد: ڪامريڊ منان چانڊيو

گذريل اڱاري ڏينهن پاڪ فوج جي سربراھ قمر جاويد باجوه ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ خطي جي حوالي سان پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت سينيٽ جي مڪمل ايوان تي مشتمل ڪميٽي جي اجلاس کي چئن ڪلاڪن تائين بريفنگ ڏني. اجلاس دوران پنجن سالن ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي واقعن، آپريشن ردا لفساد، ڪراچي آپريشن توڙي موجوده دور جي حالتن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. اسان جي نظر ۾ جنهن وقت ويچاري جمهوري حڪومت جي باقي رهيل اڌ سال واري عمر پوري ڪرڻ تي ڪيترائي خطرا لامارا ڏيندا هجن، يا وري ڪارا ڪڪر ڇانيل هجن توڙي ميڊيائي ميدان وارا ڀولو پهلوان ۽ رستم، سنڌ ٽيڪنوڪريٽ ۽ ڊگهي مدت واري نگران سرڪار جڙڻ يا وري راولپنڊيءَ جي ٽرپل ون جي اسلام آباد ڏانهن اسهڻ جون اڳ ڪٿيون ۽ انومان ظاهر ڪندا وتن. جتي مهان مضمونگار، ڪالم ڪار ۽ اينڪر پرسن نون ليگ جي حڪومت کي چند ڏينهن جو مهمان چوندا هجن. اتي وري آصف علي زرداري، عمران خان ۽ مولانا طاهرالقادري جهڙن معتبر ۽ معزز سياستدانن جي ٽمورتي به ڌرڻي جي سيج سجائڻ لاءِ ڪنٽينرز کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ جي تيارن ۾ ھجن، ۽ اڃا به رهيل ڪثر پوري ڪرڻ لاءِ شاهد خاقان عباسي ۽ ننڍي ميان کي پنهنجي سنگت ساٿ سميت گهرڀيڙو ڪرڻ لاءِ حضرت پير مولانا سيالوي صاحب به نون ليگ کي اندران اندران کاٽ هڻڻ جي مهم جوئي ۾ جمبيل هجي. اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ آرمي چيف پنهنجي هيڊڪوارٽر مان نڪري خير ۽ برڪت جا قدم مبارڪ کڻي اچي، سينيٽ ۾ پهچي اهو وعدو ڪري ۽ پڪ ڏياري، ته عسڪري قوتون موجوده حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وجهنديون. ته پوءِ نون ليگ قيادت کي يقينن آٿت ملندي ۽ کين اهو به يقين ٿيندو ته هاڻي ڀلي ٽمورتي وارا همراهه پنهنجا سياسي گهوڙا ڊڪائيندا وتن، پر کين پلئه صرف گهوڙن جون ھڻڪارون، سنڀن جا آواز ۽ انهن مان اٿاريل رئي ۽ دز پوندي.

ڏٺو وڃي ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف پارليامنٽ جي مٿين ايوان سينيٽ ۾ اچي ملڪي مامرن جي دفاعي صورتحال جي پيرائتي خبر چار ڏيندي چيو، ته پاڪ افواج جا ڪي به سياسي ۽ حڪومتي ڪارونهوار ۾ هٿ اٽڪائڻ جا ارادا ڪونهن، نه وري اسان پارلياماني نظام جي جاءِ تي صدارتي سسٽم چاهيون ٿا. اسان ڪلھ به جمهوريت جا خيرخواهه هئاسين، اڄ به ۽ سڀاڻي پڻ رهنداسين. ڪيڏي نه مزي جي ڳالھ آھي ته اسان وٽ سدائين ڪي واقعا پهريون ڀيرو رونما ٿيندا آھن. مثال طور تي 23 مارچ 1940ع تي پهريون ڀيرو لاهور ۾ سنڌين، بلوچن، پختونن، پنجابين ۽ بنگالين گڏ ٿي هڪ وچن ۽ عھد ڪيو، ته انگريز سامراج کان آزادي حاصل ڪري پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهنداسين. انکان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي مان سائين جي ايم سيد پاڪستان قائم ڪرائڻ جو ٺھراءُ بحال ڪرايو. پھريون ڀيرو باني پاڪستان کي حڪومتي انتظام کان پري رکي ننڌڻڪو ڪري موت جي منهن ۾ ڏنو ويو. پهريون ڀيرو هڪ اڻچونڊيل وزيراعظم کي هڪ سرڪاري جلسي دوران پوليس اهلڪار قتل ڪري ڇڏيو. پهريون ڀيرو ملڪ تي ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌين، بلوچن، بنگالين ۽ پختونن جي قومي وحدت تي وار ڪيو ويو. پهريون ڀيرو 1970ع جي آزادانا ۽ شفاف چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي حڪومت نه ڏئي، ملڪ کي ٻه اڌ ڪرايو ويو. پهريون ڀيرو سول ۽ عوامي سياستدان کي پاڪستان جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽيٽر مقرر ڪيو ويو. پهريون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جوتختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ کيس عدالت پاران بيگناهه ٽياس تي ٽنگائي ڇڏيو. پهريون ڀيرو چيف آف آرمي، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر ھوائي حادثي ۾ پرزا پرزا ٿي ويو. پهريون ڀيرو هڪ وزيراعظم جي حڪومت دوران سندس ايم پي اي ڀاءُ کي پوليس راهه ويندي قتل ڪري ڇڏيو. پهريون ڀيرو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيرعظم کي هڪ چونڊ جلسي دوران قتل ڪيو ويو. چوڻ جو مطلب ته هتي تمام گهڻا هولناڪ ۽ افسوس ناڪ واقعا پهريون ڀيرو ٿيندا آھن. جيڪي اڳتي هلي ملڪ جي تاريخ ۾ سياح اکرن ۾ ڄڻ ته تحرير ٿيل هجن. بحرهال آرمي چيف باجواه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ليفٽينٽ جنرل نويد مختيار، ڊي جي ملٽري آپريشن ميجر جنرل ساحر شمشاد، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ۽ ٻين فوجي اعلي عملدارن کي ساڻ ڪري سينيٽ ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آھن، انهن مان ظاهري طرح حڪومتي ۽ سياسي مامرن ۾ فوج جي دخل اندازي يا دلچسپي وارن افواهن جي وقتي طور تي ترديد ٿئي پئي. پر پردي پويان اڳتي هلي ڇاٿيندو؛ ان جي ڪائي پروڙ ڪونه ٿي پئي. ڇو ته ماضي ۾ جن به جنرلن جهڙوڪ؛ اسڪندر مرزا، ايوب خان، يحييٰ خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف سول حڪومتن تي راتاها هنيان، انهن به آخري گهڻي تائين آئين چونڊيل ۽ جمهوري حڪومتن جي احترام ڪرڻ جا قسم کڻندا رهيا، ليڪن خبر ناهي ته پوءِ ھمراهن کي ڪٿان الهام ٿيو، ته جلدي ڪري حڪومت جون واڳون سنڀالي وٺون، نه ته پاڪستان کي ياجوج ماجوج يا بيروني بلائون کائي وينديون. ظاهر آھي، ته جڏھن ملڪ جي زميني ۽ نظرياتي سرحدن کي سنگين خطرا هجن، ته پوءِ ڍول سپاهي ڪيئن ٿا، پنهنجي فرضن کان غافل رهن. حقيقت ۾ اسان ملڪ واسين کي عسڪري قوتن جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي، جن جي تڪڙن ۽ اثرائتن قدمن يا بهتر عملن ڪري مملت خدادا اسلامي جمهوريه پاڪستان نه صرف اڄ تائين قائم ۽ دائم آھي، پر خيرن سان ايٽمي طاقت هئڻ سان گڏوگڏ معاشي طرح به پاڻ ڀرو ٿي چڪو آھي. باقي رهيو سوال خلق خداءِ جي حالت زار جو، سو به اميد ته پاڻ سنڀالي وٽندا. هونئن به ملڪ جي سڀني اهم ادارن جو ويچاري عوام سان ڪهڙو تعلق. ھو ڏکيا رهن يا بکيا ان جو ڪنهن کي به الڪو ڪونهي. بس رڳو وڏا حضرات خوش رهن.

اسان جي خيال ۾ آرمي چيف جو سينيٽ ۾ اچي سو به سينيٽ جي چيئرمين جي دعوت تي بريف ڪرڻ ۽ مختلف سينيٽرز جي سوالن جا جواب ڏيڻ، ايڏي وڏي يا اڻ ٿيڻي ڳالھ ناهي. ڇو ته هو ملڪ جي خزاني مان، جنهن کي جيڪڏھن عوامي خزانو چئجي، ته ڪو وداءُ ڪونه ٿيندو. ماهوار پگهار کڻڻ کان سواءِ ٻيا به ايترا مالي ۽ سماجي فائدا حاصل ڪري ٿو. جنهن جو ڪوئي ڪاٿو ڪونهي، نه وري حساب ڪتاب. بحر هال، ملڪ جي طاقتور اداري جي سربراهه جو چونڊيل عيوضين اڳيان اچي هر پڇيل سوال جو جواب خوش اسلوبي ۽ چهري سان ڏيڻ، اسان واري ملڪ جنهن ۾ جمهوريت اڃا بانبڙا مس پئي ڏئي. ۽ جتان جا چونڊيل حڪمران ۽ سياستدان عوام جي ووٽن تي چونڊجڻ باوجود به سگهارين ڌرين آڏو پاڻ کي حقير محسوس ڪرائيندي يا پاڻ وڻائڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کٽڻ ۾ اڳرا هجن، اتي آرمي چيف جي آمد ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. انڪري ملڪ جا ڪروڙين ماڻھون اھڙي آمد تي سرها ٿيڻ کان سواءِ اها به اميد رکن ٿا، ته جنرل صاحب جيڪي ڳالهيون ڪيون آھن، انهن تي عمل ٿيڻ گهرجي، ۽ اها سٺي روايت آئينده لاءِ به برقرار رهڻ گهرجي. ڇا ڪاڻ ته ملڪ جا جيڪي به اهم ادارا آھن، انهن کي پنهنجي آئيني، قانوني ۽ جمهوري اخلاقي حدن ۾ رهي، نه صرف پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. پر ھڪٻئي جو سهارو بنجي ملڪ واسين کي اندروني توڙي بيروني خطرن کان محفوظ بنائي انهن جي سياسي، انساني، جمهوري، معاشي، ثقافتي ۽ مذهبي حقن جو قدر ڪري تحفظ پڻ فراهم ڪن. ته جيئن هر هڪ ڌر ۽ فرد کي اهو احساس ٿئي، ته هو واقعي ئي جن ادارن تي اعتماد ڪن ٿا، اهي به کين عزت جي نگاهه سان ڏسي مٿن ڪيل ۽ اعتماد ۽ ڀروسي جو ڀرم رکندي، دلي سڪون محسوس ڪن ٿا.پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو، ته ملڪ جي وجود کان وٺي هن وقت تائين جتي ملڪي اهم ادارن هڪٻئي تي ناجائز برتري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجا سياسي، مالي ۽ شخصي مفاد ماڻڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪندي ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ ڪونه ڏنو آھي. اتي عام ماڻھن کي ڪيڙا، ماڪوڙا، جيت جڻيان ۽ جانور سمجهندا پيا اچن. انڪري هڪ طرف ادارن جو ادارن سان ٽڪراءُ ٿئي ٿو، ته وري ٻئي پاسي عوام وڏن همراهن جي ٽڪرڻ ڪري عزاب ۾ اچيو وڃي، يا وڙهن سان ۽ پٽجن ٻوڙا. اهڙي ريت ٽئين طرف ملڪ قومن ۽ عوام جا ازلي ويري پرڏيهي قوتن جي اشاري تي پنهنجا مزموم ۽ مقروح مقصد ماڻڻ لاءِ واجھ وجھندا پيا اچن.

ڏٺو وڃي ته اسان جا ادارا جهڙوڪ پارليامينٽ، عدليه، عسڪري قوتون توڙي اسٽيبليشمنٽ جيڪا ٺٺ ٺانگر عيش عشرت واري شاهانا زندگي بصر ڪري رهيا آهن. ۽ جهڙي ريت هو پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهن ٿا، اهي صرف ۽ صرف عوام جي پگهر پورهي واري ڪمائي مان ملندڙ ٽيڪس وارن ڏوڪڙن مان، ٽوپي نراڙ تي رکي موج مستيون ڪندا پيا وتن. ٻئي ڳالھ ته ملڪ تي مارشلا لا مڙهيل هجي يا وري عوام جي نالي ۾ سول عاپي شاهي نافظ ھجي. ٻنهين صورتن ۾ عوام گهاٽي ۾ آھي. پر پوءِ به عوام جي عڪسريت جي اها خواهش ۽ دلي تمنا هوندي آھي، ته پاڪ افواج پنهنجي پيشي وارانا ذميواري نڀاهي، نه وري حڪومتي جوڙجڪ ۾ ٽنگ اٽڪائي پاڻ کي هرو ڀرو تڪراري بڻائي ڇڏيو آھي. هاڻي جڏهن موجوده حالتن ۾ آرمي چيف اهو قبول ڪيو آھي، ته جن به جنرلن ماضي ۾ جمهوري حڪومتن تي راتاھا ھڻي، غلط ڪم ڪيو آھي، ته پوءِ ملڪ جا ڪروڙين ماڻھون چاهين ٿا، ته انهن غلطين جي ازالي يا ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ انهن سڀني جنرلن جي نشاندگي ڪري، کين جيڪي به اعزاز ۽ رعايتون مليل آھن. اهي واپس ڪيون وڃن. ته جيئن عوام کي ساڻن ٿيل بيواجبين جي تلافي جو احساس ٿئي. ۽ آئينده ڪنهن به جنرل کي حڪومتي معاملن ۾ غير آئيني ۽ غير ضروري مداخلت ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. اسان آخر ۾ سمورن سياستدانن، عدليه عسڪري ادارن ۽ انظامي عملدارن کي گذارش ٿا ڪريون، ته هاڻي ملڪ ڪنهن به بحران جي سٽ سهڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه آھي. انڪري ماضيءَ جي تلخ ۽ ڪڙين حقيقتن مان سبق پرائي هڪٻئي جي ساٿ جا ساٿاري بنجي سموريون پنهنجيون صلاحيتون ۽ توانايون ملڪ ۽ ان جي اڪثريتي عوام جي فلاح ۽ بهبود تي صرف ڪيون وڃن. ته جيئن ملڪ دنيا جي مهذب ۽ جمهوري ملڪن جي قطار ۾ مهڙ واري جڳھ ولاري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *