تازيون خبرون

آدمشماري!: واحد پارس هيسباڻي

19سالن جي ڊگهي وٿي کانپوءِ کان آدمشماري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ملڪي آئين موجب آدمشماري هر ڏهن سالن کان پوءِ ٿيڻي آهي پر پاڻ وٽ هر معاملي ۾ جئين ’جاني دو استاد‘ وارو چڪر هلي رهيو آهي سو آدمشماري واري معاملي سان به اهو رويو رهندو آيو آهي. اڄ کان شروع ٿيندڙ هيءَ آدمشماري 2008ع ۾ ٿيڻي هئي پر 9 سالن تائين ان کي جهڙي نموني گهليو ويو، ٽال مٽول ڪئي وئي، اهو تماشو پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي چڪاسين. شايد هينئر به هي آدمشماري ممڪن نه بڻجي ها ۽ اڃا ڪي پنج اٺ سال ٻيا به گهلجي ها، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن معاملي تي اقتدار ڌڻين کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري واضح حڪم نه ڏئي ها. پاڻ جنهن سر زمين تي ساهه کڻي رهيا آهيون اتي زميني حالتون ڪجهه به نه ڪرڻ لاءِ جيئن ته هر وقت موزون هجن ٿيون، ٽال مٽول ڪرڻ لاءِ 101 سبب موجود هجن ٿا، سو آدمشماري واري معاملي سان به ٿيو. ڪڏهن طوفانن، ڪڏهن برساتن، ڪڏهن ٻوڏن، ڪڏهن زلزلن، ڪڏهن دهشتگردي، ڪڏهن اسٽاف اڻپورو هجڻ، ڪڏهن وسيلا نه هجڻ جهڙا جواز ڏنا ٿي ويا ۽ هر جواز منڊيءَ تي ٽڪ ثابت پئي ٿيو ۽ هر ڀيري حڪمرانن کي ذميواري کان مڪتي ملندي رهي ۽ ائين ڏهن سالن وارو معاملو 19 سالن تائين گهلجي آيو. قانون ۽ آئين موجب ايندڙ سال ستين آدمشماري ٿيڻي هئي، جيڪا اڃا ڇهن واري ڪانٽي تي اٽڪيل آهي ۽ هي ڇهين آدمشماري ٿي رهي آهي.

تاريخ جا ورق ورائجن ٿا ته پاڻ وٽ جيڪا پهرين آدمشماري ٿي هئي اهو 1951ع وارو سال هو، يعني ملڪ جي قيام جي ٽن سالن کانپوءِ هن سلسلي جو بنياد پيو هو. ٻيو ڀيرو 1961ع ۾ يعني ٺيڪ ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري ٿي، ٽين آدمشماري جيڪا 1971ع ۾ ٿيڻ کپندي هئي، ان ۾ هڪ سال دير ٿي، جنهن جو سبب 71ع واري جنگ هئي، ۽ هي سلسلو ليٽ ٿيڻ جو هڪ حقيقي جواز موجود هو. بهرحال سال دير ئي صحيح پر آدمشماري ٿي. چوٿين آدمشماري 1981ع ۾ ٿي. پنجين آدمشماري جيڪا 1991ع ۾ ٿيڻ کپندي هئي، اها گهلي 1998ع تائين آندي وئي ۽ گڙ ٻڙ اتان کان ئي شروع ٿي، مطلب پنهنجي ٽريڪ تي آدمشماري واري هلندڙ گاڏي اتان ئي پٽڙي تان لٿي ۽ ان کانپوءِ اهو سلسلو ائين ئي اينگهندو ويو. پنجين آدمشماري سترهن سالن کانپوءِ ٿي ۽ ڇهين آدمشماري 19 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي. ستين آدمشماري ڪهڙو رڪارڊ ٽوڙيندي؟ ان بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي! پاڻ مڃيون ٿا ته آدمشماري جي هن سلسلي جي دير ٿيڻ پٺيان جيڪي سبب آهن، انهن مان ڪي وزندار به هوندا پر رڳو ائين به ناهي، ان پٺيان جيڪو هڪڙو وڏو سبب آهي، اهو پاڻ وارن حڪمرانن جي غير سنجيدگي ۽ معاملن ۾ عدم دلچسپي وارو رويو آهي. جيڪڏهن 1971ع ۾ جنگ جي باوجود ٻئي سال آدمشماري ڪرائڻ ممڪن بڻجي ٿي ته 1991ع کان 1998ع تائين ۽ 2008ع کان 2017ع تائين اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي هئي جو ممڪن نه بڻجي سگهي!

موسمياتي معاملا ته هلندا ئي رهندا آهن، جيڪي پوري دنيا ۾ هلن ٿا. هي برساتون، هي ٻوڏون، هي طوفان، هي زلزلا وغيره پوري دنيا ۾ اچن ٿا (اها الڳ ڳالهه آهي ته سسٽم نه هجڻ ڪري اسان وٽ تباهي جا دردناڪ نشان ڇڏي وڃن ٿا.) پر اتي ته معمول وارا معاملا متاثر نه ٿا ٿين؟ اتي ته شيون ائين نه ٿيون گهلجن، جيئن اسان وٽ گهلجن ٿيون؟ پوري دنيا ۾ ڪٿي هر سال، ڪٿي ٻن سالن کانپوءِ، ڪٿي، ٽن، پنجن سالن کانپوءِ آدمشماري ٿئي ٿي، پر اسان وٽ ڏهن سالن ۾ به ممڪن نه ٿي بڻجي سگهي ۽ اها 19 سالن تائين گهلجي اچي ته ان کي عدم دلچسپي جو نالو نه ڏجي ته ٻيو ڪهڙو نالو ڏجي؟ برطانيا ۾ ته هر سال اپريل جو مهينو هوندو ئي ان مقصد لاءِ آهي، جنهن ۾ سڄي سال جي ڄم ۽ موت جو ليکو چوکو ڪرڻ ۽ نوان گهر تعمير ٿيڻ جو جائزو ورتو ويندو آهي پر اسان وٽ 19 سالن تائين به اهو ممڪن نه ٿو بڻجي سگهي. پاڻ ترقي يافته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جون دعوائون ڪرڻ ۾ ته نه ٿا ٿڪجون، ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ جا ته وڏا نعرا هڻون ٿا پر زميني حقيقتون اهي آهن جو 19 سالن تائين پنهنجي ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به ناهيون!

بهرحال گهلجي سهلجي هي معاملو هاڻي جڏهن وري پٽڙي تي چاڙهيو پيو وڃي ته ڪجهه سوال اڀري رهيا آهن، ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪجهه خدشا پيدا ٿي رهيا آهن ، جن تي غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن معاملي ۾ پهريون ڪم ته سيڪيورٽي وارو آهي. ملڪ ۾ امن امان جون حالتون جنهن حد تائين پهتل آهن، ان ۾ سيڪيورٽي ته پهرين ضرورت آهي، جنهن سلسلي ۾ فوج جون خدمتون ورتيون ويون آهن، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي پر اهو ضروري آهي ته اها سيڪيورٽي شهرن ۽ ڳوٺن جي فرق کانسواءِ هر هنڌ هڪجيتري هئڻ گهرجي. پاڻ وٽ جتي دهشتگردن هٿان پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريندڙ ٽيمون ئي محفوظ نه هجن اتي آدمشماري واري عملي جي تحفظ واري معاملي کي ڪيئن نظر انداز ڪري سگهجي ٿو!؟ شر پسند عنصر هن اهم مرحلي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجون شرپسنداڻيون حرڪتون ڪري سگهن ٿا، ان خدشي کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، جن تي ڪرڙي نگاهه رکڻ جي ضرورت آهي.

هن معاملي ۾ جيڪو ٻيو وڏو سوال آهي اهو آهي ماڻهن ۽ گهرن جي صحيح نموني ڳڻپ وارو. اسان وٽ ماضي وارين آدمشمارين تي اهي اعتراض اٿندا رهيا آهن ته صحيح ڳڻپ نه ٿي آهي، ڪيترائي گهر رهايا ويا آهن ، خاص ڪري ڳوٺن ۾ جتي ويڙها سسٽم آهي، ٻاهران مکيه دروازو هڪڙو هوندو آهي ۽ اندر ڪيترائي گهر هوندا آهن. ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته اهو ٻاهريون مکيه در ئي هڪڙو گهر ڳڻي خانه پوري ڪئي پئي وئي آهي. اندر موجود الڳ الڳ گهرن کي ڪنهن به ليکي ۾ نه آندو ويو آهي، جنهن جو هن ڀيري خيال رکڻو آهي. 1991ع واري آدمشماري، جنهن جو پهريون مرحلو هليو به هو، جنهن کي پوءِ رد ڪيو ويو هو، ان ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياستدانن، سماجي ڪارڪنن ۽ استادن سميت زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جيڪو آگاهي مهم هلائڻ وارو ڪردار ادا ڪيو هو، اهو واقعي به مثالي ۽ تاريخي هو، ان ساڳئي جذبي جي هينئر به ضرورت آهي. دنيا ڀلي ڪيتري به ترقي ڪئي هجي پر اسان وٽ خاص ڪري ٻهراڙين ۾ ماڻهن کي هن قسم جي معاملن جي اهميت جو ڪو اندازو ڪونهي. هي هن قسم جي قومن جي تقدير جهڙن معاملن کي به رئيس وڏي جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ ٻين عام ونگاري ڪمن ڪارين وانگر ڊيل ڪن ٿا، نتيجي ۾ گهڻا ڳڻپ کان رهجي وڃن ٿا. هن وقت ماڻهن کي نه رڳو اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته هر شادي شده جوڙي کي الڳ خاندان لکرائڻو آهي، نئين ڄاول ٻار جو به نالو لکرائڻو آهي، بيوهه عورت به پاڻ کي خاندان جي سربراهه لکرائي، پر ڳوٺ يا پاڙي جي ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهو کي ذميوار به بڻايو وڃي ته اهو آدمشماري واري عملي سان گڏجي هلي ۽ هن معاملي ۾ ان جي پازيٽو نموني سان رهنمائي ڪري ته جيئن ڪوبه نالو يا گهر رهجي وڃڻ واري شڪايت جي گنجائش نه بچي. هن سلسلي ۾ ٿورو وقت ضرور ڏيڻو پوندو ۽ ٿوري تڪليف ضرور ڪرڻي پوندي پر ان سان پوري قوم جو ڀلو ٿي پوندو. ڇو ته ان آدمشماري جي بنياد تي ئي وفاقي مالياتي ايوارڊ به ملڻو آهي، ان آدمشماري جي بنياد تي ئي اسڪولن، اسپتالن، روڊن رستن جي جوڙجڪ به ٿيڻي آهي ته ٻيا معاملا به ان جي بنياد تي ئي اڳتي وڌڻا آهن سو ان کي غير اهم نه سمجهڻ کپي. اسان زندگي جي ڪهڙي به شعبي سان واسطو رکندڙ هجون، جيڪڏهن ٿورو به شعور رکندڙ آهيون ته اسان کي هن معاملي کي پنهنجو قومي فرض سمجهي اڳيان اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

آدشماري واري معاملي ۾ پاڻ منڍ ۾ جيڪا خدشن واري ڳالهه ڪري آيا آهيون، اها هي آهي ته پاڻ وٽ سنڌ ۾ جيڪو بنگالين، بهارين، برمين ۽ افغانين سميت ڀانت ڀانت جي ملڪن جو هڪ وڏو تعداد غير قانوني طور تي رهيو پيو آهي، نه رڳو رهيو پيو آهي پر ملڪيتن ۽ ڪاروبارن جو مالڪ به لڳو ويٺو آهي، انهن جو آدمشماري ۾ ڇا ڪيو ويندو؟ جيڪڏهن انهن کي روايتي طريقي سان هتان جو ڪري ڳڻپ ۾ آندو ٿو وڃي يا ڪنهن طريقي سان هو پاڻ اهڙي ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ انهن کي نه ڳڻڻ به صحيح نه ٿيندو، ڇو ته پوءِ انهن جي خبر نه پئجي سگهندي ۽ ائين ئي ڳجهه ڳوهه ۾ رهيا پيا هوندا ۽ لڪ ڇپ ۾ پنهنجون ظاهري ۽ لڪل سرگرميون ڪندا پيا رهندا. انهن کي ڳڻپ ۾ ضرور آڻڻ کپي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي داخلا عارضي رهائش پذير طور لکي وڃي ۽ انهن جي اصل ملڪن ۽ علائقن جا تفصيل لکيا وڃن، گڏوگڏ انهن کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپسي جو ٽائيم فريم ڏنو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته هنن غير قانوني طور تي رهندڙن جو هڪ وڏو تعداد هتان جي اصل ڌرتي ڌڻين تي آدمشماري واري رڪارڊ تي حاوي ٿي ويندو. هن معاملي ۾ اسان سڀني ماڻهن کي ته نظر رکڻ جي ضرورت آهي ئي پر اصل ڪم سنڌ حڪومت جو ئي آهي، جنهن وٽ ئي فيصلا سازي ۽ قانون سازي جو وارو اختيار آهي، ان ڪري ان کي هن معاملي ۾ سنجيدگي سان ڪو ضابطو جوڙڻ کپي، ٻي صورت ۾ هتان جي ماڻهن جي ذهن ۾ جيڪي خدشا آهن، اهي حقيقت جو روپ وٺي سامهون اچي سگهن ٿا. پاڻ اميد ٿا ڪريون ته ڊگهي وٿي کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري وارو هي سلسلو خير خيريت سان ۽ شفاف نموني مڪمل ٿيندو.

wahidparas@yahoo.com

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *