تازيون خبرون

آءُ انسان هوندي انسانيت جو ويري ٿي پوندو آهيان: تحرير ربنواز راز ڄا مڙو

ضروري ٿو سمجھان ته انسانجي  هڏ ڪاٺ ۽ قد بت جي ڳالھ ڪرڻ کان پهريان انسان جو شروعاتي تعارف پيش ڪيان  سڀ کا پهريان هڪ ئي وقت ڪافي سارا روح پيدا ڪيا ويا جن کي رب پاڪ پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو پوءِ انهن کان هڪ واعدو ورتو ويو  بعد ۾ مٽي ، پاڻي باھ ۽ هوا جي ميلاپ سان هڪ جسم تخليق ڪيو ويو ان ۾ روح کي داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ان جسم  ۾ کوڙ سارا پرذا فٽ ڪيا ويا  جن ۾  اکيون ، ڪن ، نيڻ وار ، هڏا ، گوشت ، وات ، ڏند ، هٿ ، پير ، ڄنگھون ، دل ، دماغ ، چمڙي شامل ڪري ڪري منهنجو هڪڙو ڍانچو جوڙيو ويو.   ڪي مون کي انسان ته ڪي مين ، ته آدمي ته ڪي ماڻهون چوندا آهن . مون ۾ پنج حواس به آهن جيڪي منهنجي چکڻ ، ٻڌڻ ، ڏسڻ ، ڇهڻ ۽ سنگھڻ جي ڪم ايندا آهن اکين سان مان ڏسندو آهيان ڪنن  سان مان ٻڌندو آهيان زبان سان مان چکندو آهيان . کل سان مان ڇهندو آهيان اکين سان مان ڏسندو آهيان نڪ سان مان سگھندو آهيان ٽوٽل آهيان 6 فٽن جي قدامت رکندڙ پر ڪم ڪاريون وڏين وڏين مشينن جيترا سر انجام ڏيندو آهيان سڀ ڪم منهنجي کاٻي هٿ جو کيل آهن جيڪو چاهيندو آهيان سو ڪري وٺندو آهيان . آهيان ته اهو ئي آدم عه جي اولاد پر منهنجو سرجڻهار پر منهنجو ، مالڪ پوري ڪئنات جو خالق آهي جيڪو وڏو مهربان ۽ ٻاجھارو آهي هن پنهنجي قدرت سان زمين ۽ آسمان منهنجي جوڙي مون انسان کي حيران ڪري ڇڏيو آهي . هي وڏا وڏا پهاڙ ، هي هي زمين جي مٿاڇري تي گڏ ٿيل پاڻي ڏسي ڪنهن مهل دل ساڪن ٿي ڌڙڪڻ ئي روڪي ڇڏيندي آهي پر ڪڏهن وري خالق ڪائنات جو ڊپ وسري ويندو آهي ۽ آءُ انسان هوندي انسانيت جو ويري ٿي پوندو آهيان ۽ منهنجو نظرون اوچيون ٿي وينديون آهن ۽ جيت جڻيا به منهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويندا آهن . جڏهن مان شروعاتي تخليق هيس ته منهنجو قد حيرت جوڳو هو اگر مان پنهنجي قدامت جي ڳالھ ڪري ويهندس ته اوهان يقين ئي نه ڪندوءُ انڪري مان پاسڙو وٺي اهو چوندس ابتدائي  مرحلن مان جھنگن ۽ ٻرن ۽ غارن ۾ رهندو هيس کائڻ پائڻ جي خبر ڪانه هوندي هئي نه اڏامڻ جي خبر هئي نه سواري ڪرڻ خبر هئي جيئن ۽ جتي جي بنياد تي جيئرو رهندو هئس جيڪا شيءِ ايندي هئي بس هڙپ ڪري ڇڏيندو هئس آهستي آهستي زندگي گھڻو ڪجھ سيکاري ورتو ۽ منهنجي سوچ ۾ تبديليون آيون پٿرن واري دور ۾ ٿيندو اچي ماڙين محلاتن ۾ رهڻ سکيو آهي . جڏهن کان علم مون تائين پهتو آهي تڏهن کان منهنجا ڀاڳ ٻيڻا ٿي پيا آهن  پاڻي ۾ پن کي ترندو ڏسي مان ٻيڙي ايجاد ڪئي جڏهن مان جانور کي گھمندي ڏٺو ته سائيڪل ايجاد ڪئي جڏهن مان پکي  اڏامندي ڏٺو ته هوائي جهاز ايجادڪيو. جڏهن آسمان تي کنوڻ کي ڇمڪندي ڏٺو ته بجلي ايجاد ڪئي جڏهن ٻن پٿرن کي پاڻ ۾ گسندي ڏٺو ته باھ ايجاد ڪئي جڏهن درياھ اڳيان رڪاوٽ بڻيا ته پليون ايجادڪيون جڏهن بيماريون ازلي دشمن بڻيون ته ڊاڪٽر بڻيا جڏهن رستن جي جھيڪن جيئڻ جنجال ڪيو ته انجنيئر بڻيا هن وقت دنيا منهنجي ٻن آڱرين جي اشاري تي هلي رهي آهي ٻن پيرن تي ڪندو آهيان نڪ سان هر بد بوءِ ۽ سرهاڻ کي جلدي محسوس ڪري وٺندو آهيان ڪنن سان هر  قسم جو گوڙ  ٻڌي سگھندو آهيان زبان سان ڪوڙاڻ ، کٽاڻ ، مٺهاڻ جي خبر لهي وٺندو آهيان ڪنهن شي ءِ کي ڌڪڻ ڇهڻ جو ڪم وري چمڙي کان وٺي وٺندو آهيان . جيڪڏهن بدلجي پوان ته پهاڙ به منهنجي اڳيان لا به حيثيت نه رکندا آهن . انهن کي به اکيڙي مسمار ڇڏيندو آهيان هاڻي ته وڃي ٺٺ ٿيان آهن ڏکن جا ڏينهن ويا هاڻي زندگي مان مزو پيو ماڻيان هاڻي ته انسان پاڻ جهڙو ڪير به ڪنهن مڃ ئي ڪو نه ٿو توڙي جو اهي هڪ ئي آدم جي اولاد آهن ماڻهن مون کي هاڻي صحيح سڃاتو آهي مان ڪير آهيان مان ساڳيو ئي انسان آهيان فقط ويس ۽ سوچ بدلائي آهي مون کي ناز آهي پنهنجي انسانيت تي مان ڪيترو نه نازڪ ۽ نفيسٽيڪنالاجي انسان ذات کي تباهه ڪري سگهي ٿي. هڪ عالمي حڪومت ئي اسان جي واحد اميد ٿي سگهي ٿي جنهن کي پوري سان دنيا سان ملي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ايندڙ وڏين ڏکين مصيبتن کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. انسان ذات کي بچائڻ لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي اهڙين ڳالهين جو اظهار پروفيسر اسٽيفن هاڪنگ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انسان پنهنجو پاڻ پنهنجي هٿن سان بربادي جو سامان گڏ ڪري رهيو آهي. ٽيڪنالاجي هڪ نه هڪ ڏينهن انسان ذات کي تباهه ڪري ڇڏيندي. بنا ڊرائيور جي پاڻمرادو هلندڙ گاڏين ماڻهن کي بي روزگار ڪري ڇڏيو آهي، روبوٽ، پلوشن، ڪلائمينٽ چينج، خوراڪ جي گهٽتائي ۽ اقوامي متحدا جي خود غرضي اسان کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. جنهن سان اثر ڏينهون ڏينهن وڌندا ويندا ۽ ڪجهه نتيجا اسان جي سامهون آهن. جيڪڏهن سڀ ڪجهه ائين هلندو رهيو ته جلد ئي دنيا مان انسان ذات جو خاتمو ٿي ويندو. هن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پروفيسر عالمي حڪومت کي هڪ رپورٽ ڏني آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڀني کي خود غرضي ڇڏي ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو ائين نه ٿيو ته انسان ذات جو تصور ئي ختم ٿي ويندو.

انسان جي جسم مان ساهه نڪرڻ کان پوءِ به دماغ جون سرگرميون ۱۰ منٽن کان وڌيڪ جاري رهنديون آهن. اها دعويٰ ڪينيڊا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. ويسٽرن اونٽاريو يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙن کي اهو تجربو آئي سي يو ۾ انهي وقت ٿيو جڏهن هڪ مري ويل شخص جو دماغ سندس مري وڃڻ کان پوءِ به ڪم ڪري رهيو هو. انهي ڪيس ۾ ڊاڪٽرن ٻيا معائنا جيئن دل جي ڌڙڪڻ بيهي وڃڻ ۽ جسم جون نسون بيهي وڃڻ وغيرا کان پوءِ به مريض کي مئل قرار ڏنو، پر ٽيسٽ مان ثابت ٿيو ته سندس دماغ بدستور ڪم ڪري رهيو هو. حقيقت ۾ دماغ جو لهرون بلڪل انهي طرح ڪم ڪري رهيو هيون جيئن ڪو انسان ننڊ وقت ڪندو آهي. تحقيق دوران ڊاڪٽرن ڏٺو ته سنگل دماغ جي لهر انهي وقت به حرڪت ڪري رهي هئي، جڏهن رڳن جو بلڊ پريشر ۽ دل جو هلڻ ختم يا بيهي رهيو هو. تحقيق دوران چار مان رڳو هڪ شخص ۾ ڊگهي وقت تائين انهي پراسرار دماغي سرگرمي ڏٺي وئي پر ٻين جي جسماني طور تي موت کان ڪجهه منٽن تائين دماغي رويو بلڪل مختلف نظر آيو. تحقيق ڪندڙ جي خيال ۾ اهو اسرار وڌي وڃي ٿو، دماغ سان گڏ موت کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي هينئر تائين انهي جو جواب ڪنهن کي نه ملي سگهيو آهي. تحقيق ڪندڙ جو چوڻ هو ته انهي سرگرمي جو ڪارڻ هينئر خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ اهو تجربو ڪنهن غلطي جو نتيجو نٿو چئي سگهجي، ڇو ته سڀئي اوزار بلڪل صحيح ڪم ڪري رهيا هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *