تازيون خبرون
لاهوري وڪيلن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، اسپتال تي ڪاهه، عوام۽ صوبائي وزير تي تشدد، 4 مريض فوت - آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور، هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم - اخباري مالڪ اسان جي نه پر لڳي ٿو ته اسان هنن جي ماتحت ٿي ويا آهيون: وڏو وزير - نيب پ پ ايم پي اي نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي - وزيراعظم لاهور اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامن واري واقعي تي نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، وڏي وزير جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي - جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل صوبائي وزير فياض چوهاڻ تي به وڪيلن جو تشدد، وار پٽيا ويا - پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ پيش آيل واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪبي: وفاقي سرڪار - لاهور ۾ وڪيل گردي جي مذمت، وڪيل تنظيمون ذميواري پوري ڪن، نيب ڪو ادارو نه تماشو آهي: سعيد غني - مورو ۾ پيءُ هٿان ڌيءَ ڪارنهن الزام تحت قتل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل - ڪوٽڏيجي ڀرسان ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

Daily Archives: September 5, 2019

مودي خطي ۾ نئين جنگ جو ٻج پيو پوکي، ڀارت 27 فيبروري ياد رکي: آصف غفور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هٽلر جو پوئلڳ آهي ۽ ڀارت خطي ۾ نئين جنگ جو ٻج پوکي رهيو آهي، ڪشمير تي ڊيل اسان جي لاشن تان گذري ٿيندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي خطي ۾ عالمي طاقتن جا مفاد آهن پر جنهن جا جيڪي به مقصد آهن، اهي پاڪستان کي نظرانداز ڪري پورا نٿا ٿي سگهي، ڀارت جو خطو طاقت جي عالمي ڪشمڪش جو مرڪز آهي، ڀارت کي خبر آهي ته پاڪ فوج اولهه سرحد تان فارغ ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اهو خطي ۾ نئين جنگ جو ٻج پوکي رهيو آهي، ڀارت چاهي ٿو ڪو اهڙو ڪم ڪجي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب نه ڏئي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال خطي ۾ امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي، مودي حڪومت نهرو جي نظريي کان منهن موڙي چڪي آهي ۽ نازي نظريي تي قائم آهي، هي اهو ئي نظريو آهي، جنهن گانڌي ۽ گجرات ۾ مسلمانن کي قتل ڪيو، ڀارت ۾ مسلمان ۽ ٻيو اقليتون هندو انتهاپسندي جي سوچ جو شڪار آهن، پاڪستان گذريل 20 سالن ۾ دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪيو، ان دوران ڀارت اسان جو ڌيان هٽائڻ لاءِ اوڀر سرحد تي بنا سبب ڪارروائيون ڪيون. سندس چوڻ هو ڪشميرين کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان جو ساهه انهن سان گڏ هلندو آهي، آخري گولي، آخري سپاهي ۽ آخري پساهن تائين ڪشمير سان گڏ آهيون، اسان انهن سان گڏ بيٺا هئاسين، آهيون ۽ رهندا، ڪشمير اسان جي ساهه جي رڳ آهي ۽ اهو هڪ عالمي تڪرار آهي، بدقسمتي سان عالمي طاقتن ڪشمير مسئلي ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، ڪشميرين جي نسل ڪشي جاري آهي، خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪشمير جي جغرافيائي صورتحال کي اهڙي ريت تبديل ڪيو وڃي ته جيئن ڪشميري اتي نه رهي سگهن. آمريڪا جي دوري ۽ ڪشمير تي ڊيل بابت سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته توهان سوچي به ڪيئن ٿا سگهو ته ڪشمير تي اسان ڪا ڊيل ڪري سگهون ٿا، ڪشمير تي ڊيل اسان جي لاشن تان گذري ٿيندي، ڪشمير اسان جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙندو آهي، جيڪڏهن 72 ورهين کان وٺي موقف سان پوئتي نه هٽاسين ته هاڻ ڇو هٽنداسين، ڪشمير لاءِ ڪو به قدم کڻنداسين ۽ ڪنهن به حد تائين وينداسين، ڀلي ان جي ڪيتري به قيمت ادا ڪرڻي پئي، ڪشمير تي ڪا سوديبازي ۽ ڪو ٺاهه نه ٿيندو، ڪشمير اسان کي پنهنجي زندگي کان وڌيڪ عزيز آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪنهن به قسم جي حالتن لاءِ تيار آهيون، ڀارت ٻڌي ڇڏي ته جنگيون رڳو هٿيارن ۽ معيشت سان ناهن وڙهيون وينديون، جنگ وڙهڻ جنگ جو حصو هوندو آهي، جنگ کان اڳ ۽ دوران قومي طاقت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي، سڀ منصوبا تيار آهن، فوج پنهنجا منصوبا پريس ڪانفرنس ۾ ناهي ٻڌائيندي، ڇا ڪرڻو آهي اها توهان کي خبر آهي، ڪيئن ڪنداسين اهو اسان تي ڇڏي ڏيو. ايٽمي هٿيارن جي استعمال ۾ اڳرائي بابت سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان جي نو فرسٽ يوز جي ڪا پاليسي ناهي، اسان جي پاليسي ڊيٽرنس (بچاءَ) جي آهي، تنهن ڪري جيڪو به ان جو استعمال آهي رياستي پاليسي موجب هوندو، جيڪڏهن ڀارت اڳرائي ڪري ٿو ته ياد رکي پهرين کانپوءِ پوءِ ٻيو به ايندو آهي. اسرائيل سان لاڳاپيل جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ بابت ڳالهيون پروپئگنڊا آهن، جنهن جو مقصد هن صورتحال ۾ قوم کي ڪمزور ڪرڻ آهي، اسان جنهن حالت ۾ آهيون قوم کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان هڪ آهيون.

 

ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ سيڪيورٽي لاءِ سنگين خطرو آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن بابت وزير عادل الجبير ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد ملاقات ڪئي. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزير وفدن سان گڏ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتا ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئرپورٽ تي سندن آجيان ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات وزيراعظم جي آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب عمران خان سان مهمان پرڏيهي وزيرن جي گڏيل ملاقات ٿي، وزيراعظم کين والاريل ڪشمير ۾ بدترين انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتيءَ بابت آگاهه ڪيو ۽ والاريل ڪشمير مان فوري طور ڪرفيو ختم ڪرڻ تي زور ڏنو. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم والاريل ڪشمير ۾ مواصلاتي بليڪ آئوٽ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چُرپر ۽ مواصلات تان پابنديون فوري طور ختم ڪرڻ تي زور ڀريو. عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ سيڪيورٽي لاءِ سنگين خطرو آهن، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته ڀارت کي غير قانوني قدمن کان روڪي ۽ انهن جي واپسي تي زور ڀري، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار آهي، ڀارت طرفان عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ جعلي فليگ شب آپريشن جو خدشو آهي. پڌرائي موجب سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن جو موقف هو ته پنهنجي حڪومتي قيادت جي هدايت تي پاڪستان جي دوري تي آياسين. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان لاڳاپن جي اهميت، علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هنن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان چئلينجن کي منهن ڏيڻ، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن توڙي سلامتي جي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ رابطي ۾ رهنداسين.

 

قرض معاف ڪرڻ بابت تڪرار: گيس انفرااسٽريڪچر سيس بابت آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان گيس انفرااسٽريڪچر ڊيولپمينٽ  سيس بابت  آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم عمران خان گيس انفرااسٽريڪچر ڊيولپمينٽ سيس بابت آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزير اعظم اِهو فيصلو قرض معاف ڪرڻ بابت تازي تڪرار جي ڪري شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيو. وزير اعظم آفيس موجب وزير اعظم جي اٽارني جنرل کي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته وزير اعظم قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته عدالت وڃڻ سان فيصلو خلاف اچڻ جو به خطرو آهي، عدالت وڃڻ سان حڪومت کي سڄي رقم  واپس ملڻ يا وڃائجي وڃڻ جو به خدشو آهي جڏهن ته آرڊيننس جاري ڪرڻ جو مقصد عدالت جي ٻاهران ڳالهين جي ذريعي 50 سيڪڙو رقم وصول ڪرڻ هو. وزير اعظم آفيس  موجب فيصلو خلاف اچڻ سان حڪومت تي ري فنڊ جي مد ۾ 295 ارب جو بار پوڻ جو امڪان آهي، معاملو عدالت ۾ هئڻ جي ڪري 417 ارب رپين جي رقم ڦاٿل هئي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ڊي سي کي رد ڪري ڇڏيو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي نظرثاني درخواست به رد ٿي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ نئين قانون سازي ڪئي وئي جيڪا مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ چيلينج ٿي. ياد رهي ته گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ حڪومت گيس جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت ۾ لڳ ڀڳ سمورن صارفن جي لاءِ وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي هئي. پر ڪمرشل صارفن جي لاءِ اِها واڌ 9 سيڪڙو ٿيڻ جا امڪان هئا جڏهن ته گهرو صارفن جي لاءِ ان ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي وئي هئي. اِهو فيصلو آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويز جي تجويز تي ڪيو هو. ان فيصلي جي موجب هر صارف کيگيس استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ چارجز ادا ڪرڻا پوندا يعني جيڪڏهن هڪ اهڙي جاءِ جتي گيس جو ڪنيڪشن موجود هجي پر استعمال ٻڙي هجي ان کي به اِهي چارجز ادا ڪرڻا پوندا.

 

سنڌ حڪومت جو ڪراچي کي واڌو پاڻي ڏيڻ لاءِ الڳ ڪينال تعمير ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ  ڪراچي کي 200 ايم جي ڊي واڌو پاڻي ڏيڻ لاءِ گجو کان پپري هڪ الڳ ڪينال تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هن واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي 30 سيڪڙو لائين لاسز کي گهٽائي ته جيئن 58 ايم جي ڊي پاڻي کي شهر لاءِ محفوظ ڪري سگهجي. هن اهو فيصلو اڄ ڪراچي واٽر بورڊ جي اهڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ ڪي-I، II، III جي موجوده نظام جي گنجائش کي بهتر بڻائڻ بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن تحت شهر کي پاڻي ملي رهيو آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان ۽ چيف انجنيئر شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ ٻڌايو ته شهر جي موجوده پاڻي جي گهرج 1200 ايم جي ڊي آهي جنهن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 406 ايم جي ڊي پاڻي ملي رهيو آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته صورتحال کي ڏسندي پاڻ جي فراهمي وارن منصوبن تي عملدرآمد ۽ ڊزائين تي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله خان چيو ته بلڪ واٽر سپلائي جا مختلف نظام شهر کي 406 ايم جي ڊي پاڻي ڏئي رهيا آهن. جنهن ۾ ڪي-I، 280 ايم جي ڊي، ڪي-II، 100 ايم جي ڊي ، ڪي-III، 100 ايم جي ڊي، حب سورس 100 ايم جي ڊي شامل آهن. هن چيو ته ڄاڻايل سڀني کي گڏائي 580 ايم جي ڊي ٺهي ٿو اهڙي ريت اٽڪل 30 سيڪڙو يعني 174 ايم جي ڊي پاڻي جو مجموعي طور نقصان ٿي رهيو آهي. هڪ سوال تي ايم ڊي چيو ته ڪراچي لاءِ مختص پاڻي 650 ايم جي ڊي آهي ته پوءِ ڇو نه واٽر بورڊ پنهنجي سسٽم کي سڌاري پيو. هن چيو ته جيڪڏهن واٽر بورڊ پنهنجي سسٽم کي سڌاري ته هو پنهنجي سسٽم ۾ 200 ايم جي ڊي پاڻي آڻڻ ۾ قابل ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن 174 ايم جي ڊي نقصانن کي 10 سيڪڙو گهٽائجي ته وڌيڪ 58 ايم جي ڊي پاڻي جي بچت ٿيندي. وڏي وزير واٽر بورڊ کي گجو کان پپري 250 ايم جي ڊي پاڻي جي گنجائش جي حامل هڪ ڪينال تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي جتان کان پاڻي شهر لاءِ پهرين کان ڪم ڪرڻ واري سسٽم ۾ پمپ ڪيو ويندو. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته منصوبي تي اٽڪل 11 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان جي ڪجهه حصن لاءِ ڪانٽريڪٽ 135 ايم جي ڊي گنجائش جي حامل ڪينال جي تعمير لاءِ ڏنو ويو هو. وڏي وزير چيو ته هي 250 ايم جي ڊي جي حامل ڪينال هوندي. هن چيو ته آئون فنڊز جو بندوبست ڪندس ڇوته هن شهر جي پاڻي جي ضرورت ۽ ٻين منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي. صوبائي وزير بلديات اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان اسٽيل ملز 28 ايم جي ڊي، پورٽ قاسم 7 ايم جي ڊي کان دستبردار ٿي رهي آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز ۾ ڪم نه پيو ٿئي ان ڪري کيس ضرورتن جي ٻيهر کان تشخيص ڪئي و؟ي. هن چيو ته 4 ايم جي ڊي، ڊي ايڇ اي کي ڏئي رهيا آهيون جيڪو اسٽيل ٽائون/گلشن حديد جي آبادي کان وڌيڪ آهي ان ڪري اسٽيل ملز جي ضرورتن جي هڪ ڀيرو ٻيهر تشخيص ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ وڏي وزير کي ٻڌايو ته حب کان 100 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي کان 50 سيڪڙو نقصان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نقصان گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 8 سيڪڙو تائين هجڻ گهرجن. هن چيو ته هو واپڊا اٿارٽيز سان کيس شروع ڪيل 16 ڪلوميٽر واري واٽر ڪنوينس سسٽم کي سڌارڻ لاءِ ڳالهائيندو ۽ ان کانپوءِ واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ڪينال کي بهتر ڪن ۽ پاڻي جي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي. وڏي وزير چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ڪينجهر کان گجو ڪينال جي تعمير ۽ واٽر بورڊ جو ٺٽو کان ڌاٻيجي، حب کان ڪراچي موجوده ڪنوينس سسٽم کي سڌارڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري. هن چيو ته واٽر بورڊ پاڻ کي هڪ خود انحصار ادارو بڻايو آهي پر اسان واٽر بورڊ کي سپورٽ ڪنداسين پر واٽر بورڊ پنهنجو پاڻ کي بهتر بڻائي.

 

6 سيپٽمبر ڪشمير ۽ بچاءُ ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان، ڀارتي ظلم کان نجات ۽ ڪشميرين جي آزادي اٽل آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي ظلم کان نجات ۽ ڪشميرين جي آزادي اٽڪل آهي مودي جي سوچ ۽ ظلم سان دنيا جي امن کي سنگين خطرن جي نتيجن کان خبردار ڪري رهيا آهيون سعودي عرب ۽ امارات جي وڏي وزيرن جو اچڻ ڪشميرين لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ وزيراعظم جي زات تي اعتماد جواظهار آهي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ستن ڏهاڪن ۾ مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ سڀ کان طاقتور آواز وزيراعظم عمران خان جو آهي هن چيو ته نيويارڪ ٽائيمز ۾ مضمون هجي يا اتر آمريڪا ۾ خطاب هو هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي ۽ اماراتي پرڏيهي وزيرن جو ڪشمير جي موجوده صورتحال تي پاڪستان اچڻ انهن جي ڳڻتي جو مظهر اهي ۽ هن معاملي جي تڪراري حيثيت جو هڪ ٻيو ثبوت آهي هن چيو ته مهذب دنيا مظلوم ڪشميرين جو ساٿ ڏيئي انسانيت سان پنهنجو لاڳاپو احترام ۽ انسانيت جي تقدس کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. ٻئي طرف وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن ڪشمير ۽ يوم دفاع طور ملهائينداسين دنيا والاريل ڪشمير تي خاموش آهي پاڪستان هميشه ڪشمير لاءِ آواز اٿاريندو رهندو اربع تي اسلامڪ يونيورسٽي ۾ والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال بابت سيمينار کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ ايجنڊا تي گڏ آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مسلمانن جون دليون ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ڪشميري مواصلاتي نظام بند هئڻ جي ڪري دنيا کان ڪٽيل آهن فردوس عاشق اعواڻ چيو ته والاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي هندستاني سرڪار انسانيت جي تذليل ڪري رهي آهي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ ٿي ويئي آهي ڪشميري پنهنجي رت سان داستان لکي رهيا آهن هن چيو ته دنيا والاريل ڪشمير تي خاموش آهي هن چيو ته بندوقن جي پاڇي ۾ ڪشميرين کي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪشمير جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.

 

 

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس: عبدالغني مجيد سميت 7 جوابدارن 10 ارب 66ڪروڙ روپين جي پلي بارگين ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي هڪ انڪوائري ۾ عبدالغني مجيد سميت 7 جوابدارن پلي بارگين ڪري ورتي، پلي بارگين ذريعي اها اڳاڙي نيب جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ريڪوري هوندي. سنڌ سرڪار ۽ اسٽيل ملز جي زمينن ۾ گهوٻين جي انڪوائري ۾ عبدالغني مجيد سميت 7 جوابدارن 10 ارب 66 ڪروڙ رپين جي پلي بارگين ڪري ورتي. پلي بارگين ڪندڙن ۾ مک ڪردار عبدالغني مجيد سميت حماد شاهد، طارق بيگ، محمد اقبال، محمد توصيف، محمد عامر ۽ سراج شاهد شامل آهن، عبدالغني مجيد 2 ارب 9 ڪروڙ جي پلي بارگين ڪئي آهي. نيب ذريعن موجب جعلي اڪائونٽس ڪيس جي 28 انڪوائريز مان هڪ انڪوائري سنڌ سرڪار ۽ اسٽيل ملز جي زمينن ۾ گهوٻين بابت جاري آهي. نيب جي حراست ۾ 7 جوابدارن پلي بارگين جي درخواست ڪئي، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي. جوابدارن 10 ارب 66 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته جوابدارن وٽان 266.175 ايڪڙ زمين به نيب ذريعي سنڌ سرڪار ۽ اسٽيل ملز کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پلي بارگين جي حتمي منظوري احتساب عدالت ڏيندي. نيب ذريعن موجب ڪيس جلد احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان اڳ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 2 جوابدار پلي بارگين ڪري چڪا آهن، جن جي منظوري نيب چيئرمين ڏني هئي. نجي پاور ڪمپنين جي انهن آفيسرن وٽان 2 ارب 12 ڪروڙ رپين جي رڪوري ڪئي وئي هئي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نامزد نوري آباد پاور ڪمپني ۽ سنڌ ٽرانسميشن جي آفيسرن آصف محمود ۽ عارف علي کان نيب فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ ڪئي. نيب موجب جوابدارن سنڌ سرڪار جي عملدارن سان ملي جعلي نيلامي ذريعي ڪرپشن ڪئي. نيب جعلي اڪائونٽس ڪيسز ۾ 25 جوابدارن کي گرفتار ڪري چڪو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته فوج هڪ پيشه ور ۽ مضبوط ادارو آهي، اسان حڪم جي تعميل ۽ سسٽم تحت ڪم ڪندا آهيون. آرمي چيف جهڙي پاسي ڏسندو آهي، فوج اُن پاسي ڏسندي آهي.

 

اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، دنيا کي به اٿڻو پوندو: شاهه محمود قرشي اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا کي اٿڻو پوندو پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بيان جوڳو نه آهي 5 آگسٽ جو واقعو والاريل ڪشمير تائين محدود نه رهندو هن چيو ته ڀارت آسام ۾ 20 لک ماڻهن کي ڊي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو هن چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. گڏيل قومون انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ لکي ڪهڙي ڳالهه تي گهٻرائي رهيون آهن ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ تقسيم واضح ٿي چڪي آهي ڀارتي اپوزيشن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جيڪڌهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته اپوزيشن کي سرينگر وڃڻ ڏنو وڃي ها ان جو مطلب آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ڪجهه لڪايو پيو وڃي ڀارت ۾ پنج آگسٽ جي قدمن خلاف 14 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن ڀارتي عدالتون ۽ جج مودي سرڪار جي دٻاءُ ۾ آهن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي والاريل ڪشمير تي اعتماد ۾ وٺنداسين آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستاني متحرڪ نظر اچي رهيا آهن.

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا کي اٿڻو پوندو پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٻارڙن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بيان جوڳو نه آهي 5 آگسٽ جو واقعو والاريل ڪشمير تائين محدود نه رهندو هن چيو ته ڀارت آسام ۾ 20 لک ماڻهن کي ڊي رجسٽرڊ ڪري ڇڏيو هن چيو ته اسان مودي مائنڊ سيٽ جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. گڏيل قومون انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ لکي ڪهڙي ڳالهه تي گهٻرائي رهيون آهن ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ۾ تقسيم واضح ٿي چڪي آهي ڀارتي اپوزيشن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي جيڪڌهن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته اپوزيشن کي سرينگر وڃڻ ڏنو وڃي ها ان جو مطلب آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ڪجهه لڪايو پيو وڃي ڀارت ۾ پنج آگسٽ جي قدمن خلاف 14 درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن ڀارتي عدالتون ۽ جج مودي سرڪار جي دٻاءُ ۾ آهن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي والاريل ڪشمير تي اعتماد ۾ وٺنداسين آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستاني متحرڪ نظر اچي رهيا آهن.

 

حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جا نتيجا هاڻ نظر اچڻ شروع ٿي ويندا: حفيظ شيخ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جا نتيجا هاڻ نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. اقتصادي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ڏکي صورتحال هئي معيشت زبون حال جو شڪار هئي، پرڏيهي قرض 30 هزار ارب رپين کان وڌيڪ هئا، پنج سالن دوران زرعي شعبي ۾ ترقي ناهي ٿي پر ناڪاري ۾ ٿي. ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻڏندڙ معيشت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ موثر اقتصادي پاليسيون متعارف ڪرايون، عالمي بينڪ سميت مختلف ادارن سان رابطا وڌايا ۽ وسيلن جو بندوبست ڪيو ويو، آءِ ايم ايف پروگرام کي دنيا ساراهيو، مالي ڪفايت شعاري پاليسي آڻي ۽ سول حڪومت جي خرچن ۾ 50 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي جڏهن ته دفاعي بجيٽ منجمند ۽ ڪابينا جون پگهارون گهٽ ڪيون ويون. حفيظ شيخ چيو ته بجيٽ ۾ خريد ڪندڙن تي ڪو به ٽيڪس ناهي لڳايو، پر مراعتون ڏنيون ويون، فائلرز جي انگ ۾ 25 سيڪڙو واڌ  ٿي،  پاڪستان ۾ گذريل سال 19 لک ۽ هن سال 25 لک ٽيڪس فائلر ٿي ويا، ٻن مهينن ۾ ٽيڪس محاصل ۾ 24 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ پهرين ٻن مهينن ۾ 509 اربن بدران 580 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو، سيلز ٽيڪس ۾ 43 سيڪڙو، ان لينڊ ٽيڪسن ۾ 39 سيڪڙو واڌ ٿي، جولاءِ ۾ برآمدات ۾ 2.23 ارب ڊالر وڌيا، درآمدات ۾ به گهٽتائي آئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 73 سيڪڙُ گهٽتائي آئي. ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته گيس چوري ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ گيس چوري جا 35 هزار ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، بجلي چوري روڪڻ سان 120 ارب بچايا ويا خانگي سيڪٽر کي بجلي گيس ۽ قرضن ۾ سبسڊي ڏني وئي ۽ ان سان گڏوگڏ بجلي جي سپلاءِ بهتر ڪئي ان قدم جو مقصد آهي ته خانگي واپار جي شعبي جا موقعا وڌايا، حڪومت تيل جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو صارفن تائين متنقل ڪيو، اهڙي بجيٽ آندي وئي جنهن ۾ ٽيڪس ۾ ڪا به واڌ ناهي ڪئي وئي. حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته 250 ارب جا منصوبا زراعت جي شعبي جا آهن، اميد آهي ته زرعي شعبي ۾ ترقي ساڍا 3 سيڪڙو هوندي، گردشي قرضن ۾ هر مهيني 35 ارب رپيا واڌ ٿي رهي هئي ان ۾ 28 ارب رپين جي گهٽتائي آندي وئ، بزنس جي رستي ۾ هر رنڊڪ ختم ڪري رهيا آهيون، معاشي ٽيم ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي صورتحال جي بهتري جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي حڪومتي معاشي پالسين جا نتيجا ۽ ثمر نظر اچڻ وارا آهن. ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته واپارين ۽ انڪم ٽيڪس ۾ ريفنڊ  ڪيا ويا، انڪم ٽيڪس ۾ 2015ع کان اڄ تائين جي وچولي طبقي جا رينفڊ مڪمل واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 2015ع کان اڄ تائين جي تصديق ٿيل سيلز ٽيڪس ريفنڊ جا حڪم ڏنا ويا آهن.

 

عمران صاحب پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻيهر ڪوڙ، آرڊيننس ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ٽيڪس چورن جو ڪوئي فورنزڪ آرڊر ٿيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب 300 ارب قرض معاف ڪرڻ تي حڪومت کي چئلينج ڪندي چيو ته عمران صاحب پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻيهر ڪوڙ، آرڊيننس ۾ ڪنهن هنڌ ناهي لکيو ته ان ٽيڪس چورن جو ڪو فورنزڪ آرڊر ٿيندو هن چيو ته عمران صاحب رات جي پهر ۾ جن چورن کي 300 ارب معاف ڪيا انهن جي لسٽ جاري ڪيو هن چيو ته عمران صاحب عوام جي پئسن تي رات جي اونداهي ۾ 300 ارب جو ڌاڙو ۽ صبح جو پڇا ڪري ٿو ته ڇا ٿيو هن چيو ته عمران صاحب 3 راتيون اڳ چيڪ چورن کي 300 ارب معاف ڪري ٿو ۽ عوام کي بي وقوف بنائڻ لاءِ نوٽيس وٺي ٿو هن چيو ته عمران صاحب جيڪڏهن گهر جو سربراهه چورن سان ملي وڃي ته گهر تباهه ٿي وڃي ٿو عمران صاحب عوام لاءِ اسپتالن ۾ مفت ٽيسٽ ۽ دوائون بند ۽ ٽيڪس چورن کي 300 بلين ڏيئي ڇڏيا هن چيو ته عمران صاحب عوام لاءِ حج ۽ ميٽرو تي سبسڊي ختم ۽ ٽيڪس چورن جو انعام 300 ارب رپيا هن چيو ته عمران صاحب گذريل سال جو تاريخي ٽيڪس اڳاڙي جو خسارو 570 ارب ۽ ٽيڪس چورن کي 300 ارب جي ڇوٽ هن چيو ته عمران صاحب جن ڪمپنين قانون موجب مڪمل رهتون ادا ڪيون انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي هن چيو ته عمران صاحب ڇا رياست ايتري ڪمزور اهي ته عوام کان اڳاڙيل رقم انهن طاقتور سرمائيندارن کان اڳاڙي نه ٿي سگهي هن چيو ته عمران صاحب ملڪي خزانن ۾ انهن ڌاڙن جي ڪري پارليمان ۽ اپوزيشن جو آواز بند ڪيو پيو وڃي.

 

ڪراچي ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سان زال مڙس فوت، ٻه ٻارڙيون زخمي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي کارادر مڇي مياني مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت جي ڇت ڪرڻ سان زال مڙس دٻجي فوت جڏهن ته انهن جون ٻه نياڻيون زخمي ٿيون آهن، ڪي ايم سي گوشت مارڪيٽ سامهون پراڻي عمارت ديوي ٻائي بلڊنگ جي ڇت رات دير سان ڌماڪي سان ڪري پيئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ ستل زال مڙس ۽ انهن جون ٻه نياڻيون زخمي ٿيون ايڌي پوليس ۽ فائربرگيڊ جون گاڏيون ٿڏي تي پهتيون علائقي واسين جي مدد سان امدادي ڪم شروع ڪيو رضاڪارن هڪ الماڙي جي هيٺان دٻڌيل ٻن ٻارڙين کي حفاظت سان ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو ٻارڙي جي سڃاڻپ 10 ورهين جي زينب ڌيءَ اڪرم ۽ 8 ورهين جي ثانيه جي نالي سان ٿي زينب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اها والدين سان گڏ ستل هئي ته ڇت ڪري پئي ۽ الماڙي انهن جي مٿان اچي ڪري کين خبر نه آهي ته پو3 ڇا ٿيو ڪجهه دير کان پوءِ ٻارڙين جي والد محمد اڪرم ۽ محمد اڪرم جي زال نازيه کي به ٻاهر ڪڍيو ويو جتي ڊاڪٽرن انهن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي ايس ايڇ او کارادر انسپيڪتر احسن ذوالفقار ٻڌيو ته فوتي زال مڙس جو اباڻو تعلق پنجاب سان هو ديوي ٻائي بلڊنگ 100 سالن کان پراڻي اهي جنهن کي گهڻو وقت اڳ زبون قرار ڏنو ويو هو ۽ ڄاڻايل خاندان کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر اهي ماڻهو غربت سبب اتي رهائش ڪري رهيا هئا. واضح رهي ته اولڊ سٽي ايريا ۾ اهڙيون ڳچ عمارتون آهن جن کي زبون قرار ڏنو ويو آهي. اڳوڻي ڪرائيدار ٻڌايو ته انهن 3 ڏينهن اڳ ئي عمارت خالي ڪري ڇڏي هئي عمارت ۾ صرف هڪ ئي فئملي رهندڙ هئي.