تازيون خبرون
لاهوري وڪيلن تاريخ رقم ڪري ڇڏي، اسپتال تي ڪاهه، عوام۽ صوبائي وزير تي تشدد، 4 مريض فوت - آصف زرداري جي طبي بُنيادن تي ضمانت منظور، هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم - اخباري مالڪ اسان جي نه پر لڳي ٿو ته اسان هنن جي ماتحت ٿي ويا آهيون: وڏو وزير - نيب پ پ ايم پي اي نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي - وزيراعظم لاهور اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامن واري واقعي تي نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، وڏي وزير جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي - جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل صوبائي وزير فياض چوهاڻ تي به وڪيلن جو تشدد، وار پٽيا ويا - پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ پيش آيل واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪبي: وفاقي سرڪار - لاهور ۾ وڪيل گردي جي مذمت، وڪيل تنظيمون ذميواري پوري ڪن، نيب ڪو ادارو نه تماشو آهي: سعيد غني - مورو ۾ پيءُ هٿان ڌيءَ ڪارنهن الزام تحت قتل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل - ڪوٽڏيجي ڀرسان ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

Daily Archives: September 2, 2019

دنيا خبردار رهي ڏکڻ ايشيا ۾ ٻه ايٽمي طاقتون آمهون سامهون آهن: عمران خان

اسلام آباد(اي پي پي)  وزيراعظم عمران خان دنيا کي هڪ ڀيرو ياد ڏياريو آهي ته اها ان حقيقت کي سمجهي ته هندو بالادست گروپ آر ايس ايس خطي  جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي جنهن ايٽمي اسلحو رکندڙ ملڪ ڀارت جي ڪمان سنڀالي رکي آهي، ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪطرفي ۽ غير قانوني ڪارروائي سان  ان تڪرار ٻن ايٽمي هٿيارن سان ليس ملڪن کي هڪ ٻئي جي سامهون بيهاري ڇڏيو آهي. هوسٽن ۾ نارٿ امريڪا اسلامڪ سوسائٽي کي وڊيو ڪال ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پورو ڀارت انتها پسند نظرئي جي ڪنٽرول ۾ آهي جيڪو ڀارتي معاشري لاءِ خطرو آهي، سمورين اقليتن کي رٿابندي تحت نشانو بڻايو پيو وڃي. هن آسام ۾ ٿيندڙ تازين تبديلين جو حوالو ڏنو جنهن ۾ 19 لک مسلمانن سميت اقليتي ماڻهن کي شهريت کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڪشميري مسلمانن بعد عيسائين کي طاقت ذريعي هندوا زم ۾ تبديل ڪيو ويو اهي. گرجا گهرن تي حملا ڪيا ويا آهن ۽ جلد سک برادري کي به ساڳي عمل کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڪشمير  جي مسئلي جي نبيري لاءِ پنهنجن ذميوارين کي سمجهي، وزيراعظم  چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي کي استدعا ڪئي وئي آهي ته اها پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏوگڏ هو نيو يارڪ ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي  جي اجلاس ۾ ان مسئلي کي اٿاريندو.  هن چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير  ۾ ڪرفيو 27 هين ڏينهن داخل ٿي چڪو آهي جنهن جو مقصد  ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق خود اراديت واري جدوجهد کي دٻائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مڪمل مواصلاتي شٽ ڊائون آهي، ميڊيا بليڪ آئوٽ ۽ ماڻهن کي طاقت ذريعي کنيو پيو وڃي. 8 هزار ڪشميرين کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي جڏهن ته 4 هزارکي وادي مان ٻاهر موڪليو ويو آهي، ڪشميري قيادت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  ايتري قدر جو ڀارتي اپوزيشن اڳواڻن کي به والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي اڳرائي ڪئي وئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم اسلام ۽ اسلام فوبيا جي حوالي سان چيو ته هتي فقط هڪ اسلام آهي ۽ اها بدقسمتي آهي جو ڪنهن مذهب کي دهشتگردي سان ڳنڍيو وڃي، هن چيو ته اولهه جي گهٽين ۾ رهندڙ ماڻهو ۾ مذهب ۽ انفرادي فعل ۾ فرق جي حوالي سان حساسيت پيدا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته نائين اليون جي واقعي بعد اولهه ۾ هر مسلمان شڪي ۽ اهو اصطلاح آيو ته اسلامي دهشتگردي اسلام فوبيا کي جنم ڏنو آهي، وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي. هن اولهه تي زور ڀريو ته اهو مسلمانن ۽ انهن جي رسول صلعم ۽ ٻين پيغمبرن سان انهن جي ڳانڍاپي جي حوالي سان انهن جي جذبن کي سمجهن. وزيراعظم چيو ته اسلام فوبيا جي بنياد تي مسلمانن تي حملا ڪيا ويا ـ ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد تي حملو ڪيو ويو، وزيراعظم اسلامڪ سوسائٽي آف نارٿ امريڪا جي ميمبرن تي زور ڀريو ته  اهي پنهنجي پليٽ فارم کي استعمال ڪن ۽ اسلام ۽ مسلمانن بابت اولهه جي دنيا ۾  موجود غلط فهمين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪوششن ۾ تيزي آڻين.

 

ڪراچي وارن ۽ واڳيل ادارن جي گڏيل ڪوششن سان عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ محرم الحرام ۾ مجلسن ۽ جلوسن لاءِ فول پروف سڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ عام چونڊن دوران استعمال ڪيل سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جي منظوري ڏني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ھدايت ڪئي تھ سڄي صوبي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڳري نفري مقرر ڪئي وڃي ۽ ان کانسواءِ پاڪ فوج 52 ڪمپنين کي بھ ريزرو ۾ تيار رکيو وڃي تھ جيئن ڪنھن بھ قسم جي ھنگامي صورتحال ۾ گھرائي سگھي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاھھ، صوبائي قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بخاري، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شھلواڻي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) ڪامران فضل، ايڊيشنل آءِ جي (اسپيشل برانچ) عمران منھاس، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاھھ، سيڪٽر ڪمانڊرز آف انٽيليجنس ايجنسيز، صوبائي سربراھھ انٽيليجنس بيورو، ڪرنل محمد ناصر اآف 5 ڪورپس، ڪرنل فيصل ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ گذريل ٽن سالن دوران سنڌ صوبي ۾ ڪو بھ وڏو واقعو پيش نھ آيو آھي. ھن چيو تھ ان مان ظاھر ٿئي پيو تھ حڪومت جي سياسي عزم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سخت محنت ۽ قربانين جي بدولت شھر ۾ امن امان جي بحالي ممڪن ٿي آھي. ھن شھر ۾ ڊاڪٽر جي ٽارگيٽڊ ڪلنگ تي سندس خدشي جو اظھار ڪيو. شھر ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کي اطمينان بخش قرار ڏيندي ھن چيو تھ ان جي باوجود اسان کي گھڻو ڪجھھ ڪرڻ گھرجي ۽ اسان شھر ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خاتمي تائين اھڙي جذبي ۽ چاھھ سان ڪم ڪندا رھنداسين. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بخاريءَ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ ايم اي جناح روڊ تي نمائش چورنگي کان تبت سينٽر ھلندڙ ترقياتي ڪمن ڪري محرم الحرام جو جلوس ڪجھھ ڊگھو ٿيندو. ھن چيو تھ محرم جي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ 7700 رينجرز اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ڊي جي رينجرز ٻڌايو تھ ايسٽ زين ۾ 3400، ويسٽ زون ۾ 600، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 400، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 600، سکر ڊويزن ۾ 1000 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1700 رينجرز اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. جنرل عمر بخاريءَ ٻڌايو تھ 52 فوجي ڪمپنيون سڄي سنڌ ۾ بشمول ڪراچي ڊويزن ۾ 14، حيدرآباد ڊويزن ۾ 5، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 4، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 3، سکر ڊويزن ۾ 10 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 16 مقرر ڪيون وينديون.اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام ٻڌايو تھ صوبي ۾ 2015 امام بارگاھون آھن جن ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ 590، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 464، سکر ڊويزن ۾ 374، ڪراچي ڊويزن ۾ 342، ميرپور خاص ڊويزن 138 ۽ شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 107 شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ 15971 مجلسون ٿينديون آھن جن ۾ 1408 تمام حساس ۽ 5199 حساس آھن. آءِ جي پوليس چيو تھ 71485 پوليس اھلڪار ۽ ليڊي پوليس اھلڪار سڄي صوبي ۾ محرم الحرام دوران سندن فرض نڀائيندا. انھن ۾ 7044 موبائل فورس، 52725 اسٽيٽڪ، 6539 اھلڪار پوليس چوڪين تي مقرر ڪيا ويندا ۽ 5177 ريزرو ھوندا. ڊاڪٽر ڪليم امام وڌيڪ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ 3793 موبائلنگ، اي پي سيز ۽ موٽرسائيل مقرر ڪيا ويندا، انھن مان ڪراچي ڊويزن ۾ 1652، حيدرآباد ڊويزن ۾ 934، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 210، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 249، سکر ڊويزن ۾ 305 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 443 مقرر ڪيا ويندا. سنڌ ۾ 6288 ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا آھن، انھن ۾ 439 کي تمام حساس ۽ 1788 کي حساس قراد ڏنو ويو آھي. ان کانسواءِ 737 تعزين وارا جلوس پڻ ڪڍيا ويندا، انھن ۾ سڀ وڌيڪ حساس ۽ 242 کي حساس قرار ڏنو ويو آھي. آءِ جي پوليس اجلاس کي ٻڌايو تھ 8 محرم کان ڪراچي ڊويزن جي 21 مختلف ھنڌن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 6، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ ھڪ، سکر ڊويزن ۾ 7 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 5 ھنڌن جي فضائي نگراني پڻ ڪئي ويندي، انھيءَ کان سواءِ 93 موبائل فون جيمرز بھ سموري سنڌ ۾ لڳايا ويندا. 856 ڪنٽينرز جلوسن وارن روڊن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيا ويا آھن.ھن چيو تھ صوبي ۾ 1022 ٽريفڪ پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا جن ۾ 5 ايس ايس پيز، 11 ڊي ايس پيز، 13 انسپيڪٽرز، 334 اين جي اوز، 164 ھيڊ ڪانسٽيبلز ۽ 495 پوليس ڪانسٽيبلز مقرر ڪيا ويندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ اجلاس کي ڪراچي ۾ سڪيورٽي پلان جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تھ 9 محرم الحرام وارو جلوس منجھند 12 وڳي نشترڪ پارڪ کان شروع ٿيندو، ان جو رستو نشترڪ پارڪ، گرو مندر، نيو ايم اي جناح روڊ ۽ نماز ظھرين جي ادائگي قائداعظم جي مزار جي وي وي آءِ پي گيٽ تي ادا ڪئي ويندي. ان کان پوءِ جلوس پيپلز چورنگي، ايم اي جناح روڊ، صدر ٽپال گھر/ پوسٽ آفيس، ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، تبت سينٽر،پلاسٽڪ مارڪيٽ کان حسينياڻ ايرانيان امام بارگاھھ تي ختم ٿيندو. جلوس ۾ 30000 کان وڌيڪ عزادار شرڪت ڪندا. 10 محرم الحرام واري جلوس جي حوالي سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچيءَ ٻڌايو تھ اھو نشترڪ پارڪ کان شروع ٿيندو ۽ رستو ساڳيو ئي ھوندو پر نماز ظھرين جي ادائيگي منجھند ڏيڍ وڳي تبت سينٽر تي ادا ڪئي ويندي. جلوس جي اختتام حسينھ ايرانيان امام بارگاھھ تي ڪيو ويندو ۽ ان ۾ 50000 کان وڌيڪ عزادار شرڪت ڪندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو تھ امڪاني خطرن کي ڏسندي واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويندا، پوليس ڇتن تي مقرر ڪئي ويندي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جلوسن جي سمورن اچڻ وڃڻ وارن ھنڌن ۽ علائقي کي سوئپ ڪندو ۽ ان سان گڏوگڏ ھر ھڪ فرد جي اسڪيننگ ۽ سندن سخت نگاھھ رکي ويندي. ھن چيو تھ ايمبولينسز ۽ ٻين اسڪوڊنگ وھيڪلز کي سڪيورٽي پاسز جاري ڪيون ويون آھن، ميڊيا وين کي پڻ اسٽيڪرز/ سڪيورٽي پاسز جاري ڪيا ويندا. ھن چيو تھ جلوس جي شروع کان آخر تائين وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪارن مقرر ڪيا ويندا. ھن چيو تھ ايس پي سطح جو ھڪ آفيسر جلوس جي اڳواڻي ڪندو ۽ شيعا اڳواڻن ۽ سندن امن ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ ويجھي رابطي ۾ رھندو.  جلوس جي رستي ۾ ايندڙ 167 ماڙين/ ڇتن تي 334 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. جلوس جي چرپر کي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کان سي سي ٽي وي ڪئمرن ذريعي پڻ نظر رکي ويندي ۽ جلوس جي ڪوريج لاءِ موونگ سي سي ٽي وي وين پڻ ھوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ پھرين کان 10 محرم الحرام تائين شھر ۾ 6028 مجلسون ٿينديون، جن لاءِ 1073 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ھن چيو تھ ڪنھن بھ اڻوڻندڙ واقعي، آئيسوليشن آف سين، شرپسند/ ڏوھارين جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيم ۽ ايووڪيوئيشن ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آھن. مجلسن/ جلوس ۾ نون ماڻھن جي شامل ٿيڻ ۽ شڪي سرگرمين ۾ ملوث ماڻھن تي نگاھھ رکي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير اٺين محرم الحرام واري رات کان ڊبل سواريءَ تي پابندي جي منظوري ڏني. ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ھُو سموري سنڌ ۾ اسنيپ چيڪنگ شروع ڪئي وڃي. ھن چيو تھ سندس موٽرسائيڪل ڊبل سواريءَ تي پابنديءَ جي حق ۾ نھ آھي پر ٻن موٽرسائيڪل سوارن ھڪ ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ سبب سندس اھو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر افتخار شھلواڻيءَ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ سندس امن ڪميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا ڊپٽي ڪمشنرن سان اجلاس ڪري رھيا آھي ۽ انھن سان اجلاس بھ منعقد ڪيا ويا آھن. ھن چيو تھ روڊن جي مرمت وارو ڪم، پاڻي ۽ بجلي جي فراھمي جي حوالي سان اڳئي ھدايتون ڏنيون ويون آھن. سنڌ جي گھرو سيڪريٽري قاضي ڪبير اجلاس کي ضابطا اخلاق جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تھ سندس ان کي ضلعي انتظاميا سان گڏ ونڊيو آھي ۽ ھن چيو تھ امن ڪميٽي ھر ضلعي ۾ جوڙي وئي آھي جتي اجلاس ھلندڙ آھن. ھن چيو تھ سندس سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجلسن وارن علائقن کي صاف سٿرو رکيو وڃي ۽ انھن کي سموريون گھربل سھولتون فراھم ڪيون وڃن. قاضي ڪبير چيو تھ سموري سنڌ ۾ 484 فليش پوائنٽس جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، انھن فليشن پوائنٽس ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ 245، حيدرآباد ڊويزن ۾ 31، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 33، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 12، سکر ڊويزن ۾ 72 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 91 شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ پوليس، رينجرز جي مقرري ڪئي ويندي جنھن لاءِ سندس پوليس، رينجرز، پاڪ فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان گڏ رابطي ۾ آھن.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس ۽ رينجرز کي ھدايت ڪئي تھ اھي سنڌ ۽ بلوچستان جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت سڪيورٽي برقرار رکي وڃي. ھن چيو تھ سنڌ-بلوچستان ۽ سنڌ-پنجاب سرحدن تي دھشتگردن جي چرپر تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ھن پوليس ۽ رينجرز تي زور ڀريو تھ اھي سنڌ-بلوچستان ۽ سنڌ-پنجاب جي سرحدن ۽ انھن جي ڀرپاسي وارن شھرن تي آپريشن ڪيو ڪيو وڃي تھ جيئن دھشتگردن ۽ انھن جي حمايتين کي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري سگھجي. ھن ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري بلديات کي ھدايت ڪئي تھ جلوسن ۽ مجلسن وارن رستن ۾ ايندڙ روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي. امام بارگاھن ۽ مجلسن ۾ پاڻيءَ جي فراھمي ۽ سيوريج واري نظام کي يقيني بڻايو وڃي. ھن اسٽريٽ لائيٽس جي مرمت جو پڻ حڪم ڏنو ۽ ڪمشنر ڪراچيءَ تي زور ڀريو تھ ھُو ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي تھ انھن علائقن ۾ بجليءَ جي بندش نھ ڪئي وڃي. ھن اڄ آچر کان عاشوري واري ڏينھن تائين سرحدي ضلعن جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ، قمبر شھداد ڪوٽ، شڪارپور کان دادو انٽيليجنس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي تھ جيئن شڪي ماڻھن تي ڪڙي نگاھھ رکي سگھي. وڏي وزير چيو تھ ڪشمير مسئلي ڪري سڪيورٽي انتظامن کي پن ان حساب سان ڏٺو وڃي. ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بھ ھدايت ڪئي تھ اھي حفاظتي منصوبي تي عملدرآمد ڪندي امڪاني خطرن کي ذھن ۾ رکيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سندس ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيل خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جي حوالي سان ھڪ اجلاس جي صدارت ڪرڻ چاھيان پيو پر محرم الحرام ان کان وڌيڪ اھميت جو حامل آھي، انڪري ڌيان کي ورھائڻ نٿو چاھي. ھن چيو تھ محرم جي فورن بعد سندس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ويھندو ۽ ڌاڙيل جيڪي ماڻھن کي ڀنڱ لاءِ اغوا ڪندا آھن سندن خاتمي لاءِ ھڪ تفصيلي پلان ترتيب ڏيندو. ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ڌاڙيلن ۽ انھن جي سھولتڪارن خلاف سنڌ جي اترين علائقن کان صوبي جي وچين حصي نوابشاھھ تائين ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رکيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪراچيءَ ۾ کيڏڻ لاءِ 25 سيپٽمبر تي اچي رھي آھي. ھن چيو تھ سندس اھا سٺي خبر جيڪا اوھان سان ونڊڻ چاھيان پيو. مراد علي شاھھ چيو تھ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪراچي واپس اچي وئي آھي جنھن لاءِ پوليس، رينجرز، پاڪ فوج ۽ خاص طور تي ڪراچي جي ماڻھن کي واڌايون ڏيان ٿو. ھن چيو تھ اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچي کي پُرامن شھر بڻايو ويندو ۽ بين الاقوامي ڪرڪيٽ کي شھر ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي سان آءِ سي سي جو اسان جي حڪومت تي اعتماد جو اظھار آھي. وڏي وزير چيو تھ ڏھھ محرم کان پوءِ سندس ڪرڪيٽ ميچن جي سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ھڪ اجلاس جي صدارت ڪندو.

 

ڪشمير مسئلي جو ڪرپشن سان واسطو ناهي، ڀارتي فضائي حدون مناسب وقت تي بند ڪنداسين: شاهه محمود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي پر فيصلو وزيراعظم مناسب ۽ پنهنجي پسند جي وقت تي ڪندو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، نوجوانن کي گرفتار ڪري انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، اسلامڪ ڪميونٽي فار نارٿ آمريڪا کي درخواست آهي ته اتان جا ماڻهو ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز اٿارين. هن چيو ته ڪشميرين سان ناانصافي ۽ ظلم ٿي رهيو آهي، والاريل وادي ۾ ڪشميرين جا حق پامال ٿي رهيا آهن، اڄ هٽلر جي سوچ مودي جي صورت ۾ ننڍي کنڊ تي مڙهي پئي وڃي، هر ڪنهن کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، تاريخ ۾ اهڙي بليڪ آئوٽ جو مثال نٿو ملي جهڙو والاريل ڪشمير ۾ ڪيو ويو، ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ سڏرائيندو آهي پر اتي ميڊيا تي سخت پابندي آهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن اسيمبلي جي حد تائين اسان جي ٺهرائن تي ساٿ ڏنو، جيڪڏهن ريلي ۾ اپوزيشن جو چهرو نظر اچي ها ته ڪشميرين کي سٺو پيغام وڃي ها، اپوزيشن جيڪڏهن ڪشمير آور ۾ شرڪت نه ڪري سگهي ته ايندڙ ريلين ۾ شرڪت ڪري. ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏس ۾ غور ويچار ڪري رهيا آهيون پر هاڪاري نتيجا ڏسي فيصلو ڪيو ويندو آهي، فيصلو وزيراعظم مناسب وقت تي ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو ڪرپشن سان ڪو واسطو ناهي، ڪشمير سيل پنهنجون تجويزون لکندو، جن تي عمل ڪنداسين، وزيراعظم آمريڪا ويندو، جتي هو مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي ڪشميرين جو ڪيس گڏيل قومن ۾ سڀني سامهون پيش ڪندو. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ سلامتي ڪائونسل، يورپي پارليامينٽ ۾ وينداسين ۽ جنيوا ۾ هيومن رائٽس ڪميشن سامهون ڪشمير جو معاملو رکنداسين، ڀارت جتي به ويو اتي ناڪام ثابت ٿيو، ڪيترائي ملڪ ڪشمير معاملي تي اسان سان گڏ آهن. سندس چوڻ هو ته ڪو به باشعور شخص جنگ جي خواهش نٿو رکي سگهي پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پاڪ فوج ۽ عوام بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ڪرتارپور راهداري جي حوالي سان پرڏيهي وزير ٻڌايو ته راهداري جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن تي سک ڪميونٽي کي ڀليڪار چونداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نار ملڪ اسان سان گڏ بيٺا آهن ۽ بيٺا رهندا، وقت ثابت ڪندو ته نار ملڪ اسان سان گڏ بيٺا آهن.

ڪشمير ٻه طرفو معاملو نه پر بين الاقوامي سطح تي مڃيل تڪرار آهي: اسلامي سهڪار تنظيم

جده (اي پي پي)  اسلامي سهڪار تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪشمير تڪرار جي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفو معاملو هئڻ جي ڀارتي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو بين الاقوامي سطح تي تسليم شده تڪرار آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق تنظيم طرفان جاري ڪيل هڪ پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ جي 5 آگسٽ تي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جي ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي نظر آهي. جنرل سيڪريٽريٽ چيو ته اهو بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل ڪشمير تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ان جي حتمي نبيري لاءِ گڏيل قومن جي نگراني ۾  راءِ شماري جي موقف تي قائم آهي. جنرل سيڪريٽريٽ  ڪشمير بابت او آءِ سي تنظيم جي سربراهه اجلاس جي فيصلن ۽ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ٺهرائن جو حوالو ڏيندي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. سيڪريٽريٽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو کي فوري طور تي هٽائڻ، مواصلات رابطن کي بحال ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي بنيادي حقن جو احترام ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير تڪرار جي مرڪزيت کي تسليم ڪندي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ان جو جٽادار ۽ منصفاڻو حل تلاش ڪرڻ تي زور ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي ۽ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي بحالي اڻ ٽر آهي.

 

او آءِ سي جو بيان پاڪستان جي اصولي موقف جي سوڀ آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (م.ڊ)  وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته او آءِ سي طرفان مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هڪ دفعو ٻيهر آواز اٿارڻ جي آجيان ڪريون ٿا. رپورٽ موجب فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته او آءِ سي جو مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هڪ دفعو ٻيهر آواز اٿارڻ جي آجيان ڪريون ٿا. او آءِ سي طرفان اهو چيو ويو هو ته ڪشمير مان فوري طور تي ڪرفيو ختم ڪيو وڃي ۽ ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ئي ممڪن آهي. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو هو ته او آءِ سي جو بيان پاڪستان جي اصولي موقف جي سوڀ آهي ۽ ڀارت جي هار آهي. حق ۽ سچ تي بيٺل قوم کي ڪوبه ظلم، جبر ۽ بندوق سان شڪست نٿو ڏئي سگهي. ياد رهي ته اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) ڀارت طرفان والاريل جمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. او آءِ سي جي بيان موجب والاريل جمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي ڀارت جو هڪ طرفو قدم آهي. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير جي خاص حيثيت کي مڃون ٿا ۽ او آءِ سي اجلاس جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.

 

ڪشمير ايشو تي اپوزيشن ۽ حڪومت متحد آهن، مودي ٽرمپ سان ملاقات ۾ پاڪستان جي وجود کي تسليم نه ڪيو : شيخ رشيد

لاهور(اي پي پي)  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته بابا گروناڪ جي 550 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ننڪانه ريلوي اسٽيشن جو نالو ان سان منسوب ڪري ڇڏينداسين، شورڪوٽ کان سڌي ريت ايندڙ ٽنهي ٽرينن ۾ عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هڪ هڪ اضافي بوگي لڳائيداسين. بابا گرونانڪ امن، دوستي، محبت، ڀائيچاري ۽ عدم تشدد  جو درس ڏنو، پوري قوم ڪشمير ڪاز لاءِ پاڪستان جي فوجن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير ايشو تي اپوزيشن ۽ حڪومت متحد آهن، مودي ٽرمپ سان ملاقات ۾ پاڪستان جي وجود کي تسليم نه ڪيو. لڳي ٿو ته 1947ع وارو دور ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. هو آچر تي ننڪانه صاحب ۾  ريلوي اسٽيشن جي تعمير هيٺ عمارت جي معائني بعد ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شيخ رشيد احمد چيو ته ڀارت پنهنجي روئي سان ڳالهين جي ڪا گنجائش نه ڇڏي، ايٽمي ڌماڪا ڪري ڀارت تمام غلط ڪم ڪيو جواب ۾ اسان به ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ هن وقت ان پوزيشن ۾ آهيون ته ڀارت جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي سگهون. هن چيو ته اسان وٽ ننڍا ننڍا ايٽمي هٿيار به موجود آهن جيڪي ضرورت  جي وقت استعمال ٿي سگهن ٿا ، ڀارت جيڪڏهن جنگ جي ڪوشش ڪئي ته اها آخري جنگ هوندي، جيڪڏهن ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير مسئلي کي نبيرڻ طرف وڌندو ته پوءِ ئي ڳالهين لاءِ سوچبو.

 

سياستدان تي ڏوهه ثابت ٿئي ته سرِعام ڪوڙا هنيا وڃن، باقي بدنام ڪرڻ بند ڪيو وڃي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته سياستدان تي ڏوهه ثابت ٿئي ته سرِعام ڪوڙا هنيا وڃن، باقي بدنام ڪرڻ بند ڪيو وڃي. جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اُميدوارن ۾ آفر آرڊرز ورهائڻ اوري تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سکر ضلعي ۾ 2 هزار نوڪرين جون جايون خالي آهن، اڍائي سئو کان 300 اسڪول بند پيل آهن، وفاق طرفان بجيٽ نه ڏيڻ سبب سنڌ سرڪار مالي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. هُن چيو ته عمران خان جي سرڪار عوام جا حق ڦٻائي رهي آهي، اُن تي ڪير نٿو ڳالهائي، باقي ڪنهن جو عزت خراب ڪرڻي هجي ته ميڊيا تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، ڪچرو ته هر پاسي آهي، بس رڳو ڪئمرا جي اک اڳيان ڪراچي ۾ ڪچرو ڏيکاري سنڌ سرڪار کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان سياستدانن ٺاهيو ۽ هن وقت اُنهن ئي خراب ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن سياستدان تي ڏوهه ثابت ٿئي ته سرِعام ڪوڙا هنيا وڃن، پر جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيڻ کانسواءِ سياستدانن کي خراب ڪرڻ واري روايت ختم ڪئي وڃي.

 

پيپلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي ۽ نه ئي ٺهندو. رڳو پ پ ئي فارورڊ بلاڪ آهي باقي سڀ بيڪورڊ بلاڪ آهن: نثار کهڙو

حيدرآباد ( بيورو رپورٽ ) پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه آهي ۽ نه ئي ٺهندو. رڳو پ پ ئي فارورڊ بلاڪ آهي باقي سڀ بيڪورڊ بلاڪ آهن، پ پ ۾ شامل سڀئي ماڻهون پارٽي سان سچا آهن ۽ انهن جو پارٽي چيئرمين تي پورو اعتماد آهي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته آغا سراج دُراني کي اهو اعزاز آهي ته هو سڀ کان وڌيڪ عرصو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو آهي، کيس نٿو لڳي ته سندس خلاف ڪير سازش ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نيب چيئرمين پهرين چئي ڪو آهي ته جيڪڏهن هُن حڪومتي ميمبرز خلاف ڪارروائي ڪئي ته وفاقي سرڪار ڪري پوندي.

 

 

ڪينجھر ڍنڍ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي حيدرآباد واسي 2 نوجوان ٻڏي فوت

ٺٽو (ڊ،ر) ڪينجھر ڍنڍ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي حيدرآباد واسي 2 نوجوان ٻڏي ويا. مقامي مھاڻن لاش ڪڍي پوليس حوالي ڪيا. حيدرآباد جي فتح چوڪ جا رهواسي 25 سالن جو شهزاد شيخ ۽ 24 ورهين جو محمد وقار شيخ ڪينجهر ڍنڍ ۾ مڇيءَ ماري رهيا هئا ته هڪ نوجوان ڍنڍ ۾ ڪري پيو، کيس بچائڻ جي ڪوشش ۾ ٻئي به ٽپو ڏنو ۽ نتيجي ۾ ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا.
مقامي ٻنهي ٽوٻن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ۽ پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته رابطو ڪرڻ بعد فوتين جا وارث پهتا، ضروري ڪارروائي بعد لاش سندسن حوالي ڪيا ويا آهن.

 

ڪراچي ۾ تيز بارش باوجود جماعت اسلامي جو ”آزادي ڪشمير مارچ“، هزارين ماڻهن جي شرڪت، ٽرمپ جي ٽياڪڙي رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تيز مينهن باوجود جماعت اسلامي جي آزاد ڪشمير مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جماعت اسلامي طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاهراهه فيصل تي ”آزادي ڪشمير مارچ“ ڪيو ويو. مارچ دوران تيز برسات شروع ٿي وئي پر ان باوجود هزارين ماڻهو موجود رهيا، جن ۾ عورتون توڙي ٻارن جو وڏو انگ هو. مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته برسات باوجود ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي جذبي سان موجودگي ڪشميرين کي حوصلو ڏنو آهي، 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير کي يونين جو حصو بڻايو، ڀارت ۾ موجود 22 ڪروڙ مسلمانن جو ڪيس به اسان وڙهي رهيا آهيون، ڀارت مسلمانن کي پيغام ڏنو ته آر ايس ايس مسجدن جي جاءِ تي مندر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڀارت ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو. هن چيو ته اسان جي ويڙهه والاريل ڪشمير جي آزادي لاءِ آهي، قوم کان پڇان ٿو ته ٽرمپ جي ٽياڪڙي قبول آهي؟ ٽرمپ جي ٽياڪڙي بابت اسان کي اڳ ئي خبر آهي، هو هڪ هفتي ۾ 50 ڀيرا يوٽرن وٺندو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي، ڪشميري جيڪڏهن هاڻ آزادي جي جنگ وڙهن ٿا ته اهو انهن جو قانوني حق آهي. سراج الحق حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شملا معاهدي جو خاتمو، بارڊر ۽ ايل او سي تي لڳايل ڪنڊي دار تار ختم ڪئي وڃي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي جهڙي هجڻ گهرجي ها اهڙي ناهي، هاڻ فيس بُڪ تي جهاد نه هلندو پر عالمي طور اڳتي وڌڻو پوندو.