تازيون خبرون
بي نامي ملڪيتون ضبط ڪري غريب کي ڏينداسين، ڪجهه به ڪيو احتساب ٿي ئي رهندو: وزير اعظم - دفاعي صنعت کي پاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ خانگي شعبي ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف - ڳالهين لاءِ ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر نواز شريف ۽ مان تيار ناهيون: مريم نواز - سينيٽ چيئرمين خلاف رٿ، مخالف ڌر طرفان 60 سينيٽرن جي حمايت جي دعويٰ - عمران خان ۽ ملالا يوسفزئي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پسنديدا شخصيتن ۾ شامل - انصاف تي ٻڌل معاشر جي لاءِ ڪوڙي شاهدي جو خاتمو ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - ملڪ ۾ ادارا آزاد آهن، پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن: فردوس عاشق - فردوس شميم ادارن جو ترجمان نه بڻجي، وعدي موجب نرسن جي مطالبن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو: مرتضيٰ وهاب - شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ 13 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي، هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي: عباسي - پرامن ڪارڪنن جون گرفتاريون عمران نيازي جي خوف ۾ مبتلا هجڻ جي علامت آهي: شهباز شريف

Daily Archives: May 1, 2019

شادي بابت تڪڙ جي ضرورت ناهي: ساره

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته اسان سڀ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون ۽ مستقبل جي حوالي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 21

سان ڪو به پنهنجو فيصلو نٿو ڪري سگهي. بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي لاڏلي اداڪارا سارا علي خان ليجنڊري اداڪارا سري ديوي جي ڌيءُ جهانوي ڪپور سان گڏ مقابلي ۽ هلندڙ سال بهترين اڀرندڙ اداڪارا جو ايوارڊ کٽڻ جي حوالي سان چيو ته اسان سڀ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪو به اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو. واضح رهي ته سارا علي خان فلم ”سمبا“ ۽ ڪيدر ناٿ“ جي تيارين ۾ مصروف آهي.27

 

ڪاميڊي ۾ سخاوت ناز جي صلاحيتن مان متاثر آهيان: نيلم منير

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪاره نيلم منير چيو آهي ته ڪاميڊي ۾ سخاوت ناز جي صلاحيتن مان متاثر آهيان، ڪراچي جي ڀيٽ ۾ لاهور/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 32

۾ بهتري ڪاميڊي ٿئي ٿي ۽ ڀارت سميت دنيا جا ماڻهو لاهوري ڪاميڊينز مان متاثر آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي نيلم منير چيو ته جڏهن به وقت ملندو آهي ته اسٽيج ڊراما ڏسندي آهيان ۽ اداڪارن جي شرارتن ۽ مذاقن مان مزو وٺندي آهيان، اسٽيج ڊرامو تفريح جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ معين اختر ۽ عمر شريف ڪاميڊي جي ميدان ۾ نالو پيدا ڪيو آهيپر لاهور ۾ اهو انگ گهڻو وڌيڪ آهي. نيلم منير چيو ته ڀارتي فنڪار به اسان جي ڪاميڊينز مان متاثر آهن ۽ کانئن سکندا آهن. اداڪاره مزاحيه فنڪار سخاوت ناز سان گڏ ڪم ڪريان.

 

ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهڻ تي وهاب رياض ۽ ڪامران اڪمل پاران شڪايت

لاهور(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيندڙ بيٽسمين ڪامران اڪمل جو چوڻ آهي ته سليڪٽرز ۽ ڪوچز کان جواب گهرو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪندڙ رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڇو نه ڪيو ويو./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

گذريل ڏينهن هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته فواد عالم، وهاب رياض، ۽ محمد عرفان لڳاتار ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي پر سليڪٽرز کي نظر نه پيو اچي، سليڪٽرز کي گهرجي ته ڪنهن رانديگر کي هڪ دم سان ٻاهر نه ڪريو.هن چيو ته پي سي بي سليڪٽرز ۽ ڪوچز کان جواب گهرڻ گهرجي ته رانديگر ٻاهر ڇو آهن، مون کي ايئن لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ نه پرڏيهه ۾ پرفارم ڪريان ٿو.عمر اڪمل جي پرفارمنس تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عمر اڪمل ۽ عدنان اڪمل سان تمام گهڻي ناانصافي ٿي آهي، سندن ڪرڪيٽ اڃان ختم ناهي ٿي.پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي بابت ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم ٽاپ ٿري ۾ پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿي.ٻئي طرف فاسٽ بالر وهاب رياض شڪايت پي سي بي سان شڪايت ڪئي ته هر رانديگر پورو سال محنت ڪري ٿو ۽ پوءِ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ تي ڏک ٿيندو آهي جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ مون کي سليڪٽ نه ڪرڻ جو سوال سليڪشن ڪميٽي کان پڇيو وڃي.

 

سخت تنقيد کانپوءِ بنگلاديش ٽيم جي عالمي ڪپ لاءِ  چونڊ ڪيل جرسي تبديل

ڍاڪا ( اسپورٽس نيوز ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ مداحن جي تنقيد ۽ دٻاءُ کان پوءِ ڪرڪيٽ عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جي چونڊ ڪيل /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

جرسي تبديل ڪري ڇڏي آهي.آءِ سي سي عالمي ڪپ 2019ع لاءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي رانديگرن جي هڪ تصوير ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊ ڪيل جرسي ۾ منظر عام تي آئي جنهن تي بنگلاديش پرستارن سخت تنقيد ڪئي.بنگلاديشي عوام نڪتو اٿاريو ته بنگلاديش جي قومي جهندي ۾ سائي رنگ سان گڏ ڳاڙهي رنگ جو دائرو پڻ موجود آهي تنهنڪري قومي ٽيم جي جرسي ۾ به سائي رنگ سان گڏ ڳاڙهو رنگ هئڻ گهربو هو.عوام جي سخت دٻاءَ کان پوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل  ڪرڪيٽ ڪائونسل  سان رابطو ڪيو ۽ اپيل ڪئي ته جرسي ۾ ڳاڙهي جو اضافو ڪيو وڃي.بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين وردي ۾ ڳاڙهي رنگ جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ٽي شرٽ ۾ سيني تي ڳاڙهي رنگ جي وچ ۾ بنگلاديش لکيو ويو آهي.بنگلاديش ۾ راندين جي مشهور ويب سائيٽ ” ڪرڪ انفو“ جي نمائندي محمد اسلام بنگال ٽائيگرن جي نئين جرسي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن تي بنگلاديشي مداح پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته پهريان چونڊيل جرسي ۾ به ڪا به خامي نه هئي.

 

تيل اگهن ۾ واڌ رد، حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت عورتن کي وراثت ۾ حق ڏيارڻ لاءِ انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽ جي نالي سان بل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا سان گڏ صحافين کي ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ 13 نڪاني ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽ وزيراعظم جي چين جي دوري دوران گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون، چين سان ايف ٽي اي ۽ ايم ايل ون، زراعت ۽ غربت جي خاتمي بابت معاهدا ٿيا، جنهن تي ڪابينا وزيراعظم کي چين جي دوري تي مبارڪ ڏني، ڪابينا اميد ظاهر ڪئي ته چين ۾ ٿيندڙ معاهدن جا هاڪاري اثر عوام جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ جو سبب بڻجندا، انهن سان عوام کي رليف ملندو. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ رمضان المبارڪ ۾ آفيس جي وقت جو جائزو ويو ۽ ڀلاري مهيني ۾ وفاقي آفيسن جو وقت صبح 10 کان شام 4 وڳي تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ رمضان المبارڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي روڪٿام ۽ عوام کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ ادارن جي سڌارن تي ڪميٽي طرفان کنيل شروعاتي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، زراعت، پاڻي، نيشنل ٽورازم رپورٽ، احساس پروگرام جي لانچنگ ۽ سوشل ميڊيا ۾ ڪلين گرين پاڪستان تحت وڻڪاري مهم تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ان سان گڏوگڏ خيبر پختونخواهه جي ماڊل تي پنجاب ۾ مڪاني نظام آڻڻ تي به ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا ۾ قانوني سڌارن جي حوالي سان 5 بل پيش ڪيا ويا، جن ۾ ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ شامل آهي، جيڪا قانوني رهنمائي ۽ امداد نه ٿيڻ سبب انصاف جي فراهمي ۾ دير کي منهن ڏيندڙن کي حڪومتي سطح تي تحفظ فراهم ڪندي. هن چيو ته معاشري مسئلن ۾ سڀ کان وڏو چئلينج عورتن کي وراثت ۾ حق ڏيڻ آهي، ان کي محسوس ڪندي پاڪستان جي آبادي جي 52 سيڪڙو حصي جي حقن جي تحفظ لاءِ انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽ جو بل آندو پيو وڃي، وراثت ۾ عورتن کي حقن جو تحفظ ڏنو ويندو ۽ ان بل کي تعلقي سطح تائين لاڳو ڪيو ويندو، حڪومتي کاتا هر سطح تي ان بل جو دائرو وڌائي ان سلسلي ۾ مدد ڪندا ۽ ان جي سرپرستي به ڪندا. سندس موجب ڪوڊ آف سول پروسيجر ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن، جنهن تحت سول ڪيس ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو ترميمي بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، ليٽر آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ ۾ رنڊڪون ختم ڪيون ويون آهن، وسل بلور پروٽيڪشن اينڊ ويجيلنس ڪميشن جي نالي سان بل ۾ سرڪاري ادارن ۽ حڪومتي کاتن مان ڪرپشن، اختيار اورانگهڻ جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ شخص کي تحفظ ۽ برآمد ڪئي ويندڙ رقم جو 20 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو. هن ٻڌايو ته حڪومت ”زينب الرٽ بل“ جي نالي سان ٻارن سان زيادتي کي روڪڻ لاءِ قانون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو قانون زينب جي نالي سان ان ڪري آندو ويو آهي، ڇو ته اها معصوم ٻارڙي معاشرتي وحشت جو نشانو بڻي، اهڙن ڏوهن جي مذمت ۽ سزا ڏيڻ لاءِ، ٻارن سان زيادتي وارن واقعن جي خاتمي لاءِ اهو قانون آندو ويندو، اسڪولن ۾ ٻارن کي مارڪٽ ۽ تشدد کي ڏوهه قرار ڏين ۽ ان جي روڪٿام لاءِ به حڪومت قانون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته ڪابينا ۾ پيٽروليم شين جو اگهه وڌائڻ وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته تيل جي قيمت 53 ڊالر في بيرل هئي، جيڪا وڌي 76 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران تي پابنديون لاڳو ڪرڻ سبب تيل جو اگهه وڌيو، اوگرا طرفان موڪليل سمري ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 14 رپيا واڌ جي تجويز ڪئي وئي هئي، اوگرا جو چوڻ هو ته عالمي قيمتن کي نظر ۾ رکندي خسارو وڌايو وڃي يا قيمن ۾ اضافو ڪيو وڃي، وزيراعظم عوام جي ڏکيائين ۽ تڪليفن جو احساس ڪندي سمري تي نظرثاني جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جي ايس ٽي کي ان طريقي سان ريگيولرائز ڪيو وڃي جيئن عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ٻڌايو ته پي ٽي ايم ۾ اهڙا عنصر اچي ويا هئا، جن قومي سلامتي خلاف ٻاهرين آقائن جي آشيرواد سان ناڪاري، من گهڙت ۽ بي بنياد پروپئگنڊا ڪئي، جنهن سان اسان جي قومي سلامتي کي نقصان پهتو ۽ ملڪ جو اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪا مرڪزي سياسي مصروفيت جاري رکي، چونڊن جي ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف رڳو مقامي قيادت کي گڏ رکڻ لاءِ پنهنجا اميدوار نه بيهاريا هئا، انهن علائقن ۾ پي ٽي ايم ۾ موجود سمورا نوجوان ملڪ جي مفاد خلاف ناهن پر ان تنظيم جي قيادت جا ڇارتا، عالمي مددگار ۽ فنانسر، ڀارت ۽ پاڪستان جي روايتي تڪرار ۾ کين جاءِ فراهم ڪري رهيا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم ان حقيقت کان آگاهه آهي ته فاٽا جا نوجوان اسان جي طاقت آهن، اتي عوام دهشتگردن سان گڏ ناهي بيٺو، انهن پنهنجي حياتين سان کيڏي ملڪ جي وقار کي بچايو آهي، جن قربانيون ڏنيون اهي ملڪ جو اثاثو آهن ۽ اسان ان اثاثي جي حفاظت ڪنداسين پر جيڪي انهن قربانين کي رائيگان ڪرڻ لاءِ، عالمي ايجنڊي تحت نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ، ورغلائڻ لاءِ، پاڪستان جو وقار داءَ تي لڳائڻ لاءِ مصروف آهن، انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ملڪ جي غدارن ۽ قومي مفاد کي داءَ تي لڳائيندڙن کي ڪنهن قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن. آبي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته ٻه مئي تي مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان منصوبي کي به ڪالا باغ ڊيم بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان تقريب جو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي دعوت ڏني وئي آهي.

 

پوليس حڪومت آڏو جوابده آهي، چاهيون ٿا ته سٺي پوليسنگ ٿيڻ گهرجي: وڏو وزير

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ ڪابينا پوليس آرڊر 2002 وارو ترميمي قانون قانونسازي لاءِ سنڌ اسيمبلي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس دوران گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير ڪابينا کي نئين قانون لاءِ بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس جي نئين قانون جو بنياد 2002 جي پاليسي تي ٿيڻ گهرجي، امتياز شيخ چيو ته سول سوسائٽي جي بنيادي پٽيشن به پوليس آرڊر 2002 جي بحالي لاءِ هئي. هن چيو ته اسان پوليس قانون بابت قانونسازي ڪري سگهون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سٺي پوليسنگ ٿيڻ گهرجي، سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته پوليس عوام دوست هجي ۽ عوام جي تحفظ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري، قانون ٺاهڻ اسيمبلي جو ڪم آهي، جنهن بعد ڪابينا پوليس جو 2002 وارو قانون ڪجهه ترميمن سان گڏ اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير چيو ته اسيمبلي هڪ موڊريٽ پوليس قانون ٺاهڻ چاهي ٿي، نئون قانون هڪ پروگريسو لا هوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته پوليس حڪومت آڏو جوابده آهي. آءِ جي سنڌ نئين قانون بابت اسيمبلي کي بريفنگ ڏيندو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته 2002 پوليس آرڊر تحت آءِ جي پوليس پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر بڻجي ويو.

 

نيب آغا سراج دراني ۽ پي آءِ اي سميت وڏن ڪيسن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) نيب ميگا ڪرپشن جي وڏن ڪيسن کي آخري شڪل ڏيئي ڇڏي آهي جن ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني، قومي ايئر لائين پي آءِ اي، ڪرپشن ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائڪل جا ڪيس شامل آهن ڄاڻايل ڪيسن جا ريفرنسز نيب جي چيئرمين جي منظوري کان پوءِ داخل ڪيا ويندا ڪراچي ۾ ڊي جي نيب جي صدارت هيٺ نيب ڪراچي جي رينجنل بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب ڪراچي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت ٻين جي خلاف سفارشن جي منظوري ڏيئي ڇڏي ڪامران مائيڪل ۽ پي آءِ اي بابت سفارشن جي منطوري به ڏني ويئي پڌرنامي مطابق نيب ڪراچي سفارشون نيب هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد منظوري لاءِ موڪلي ڇڏيون آهن ان کان سواءِ قومي ايئر لائين جي هڪ ٻئي ڪيس جي انڪوائري جي منظوري گهري ويئي آهي نيب ذريعن موجب آغا سراج دراني مائٽن ۽ ملازمن جي نالي تي 1.6 ارب جا اثاثا ٺاهيا ڪامران مائيڪل 11 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي ۽ ڪي پي پي هائوسنگ سوسائٽِ ۾ بنا نالي ماڻهن جي نالي تي پلاٽنگ ڪئي اهڙي طرح پي آ3 اي جا ٻه وڏا ڪرپشن ڪيس فائنل ڪيا ويا آهن هڪ ڪيس انتظاميه پاران اي ٽي آر جهاز کي غيرقانوني طور گرائونڊ ڪرڻ جو آهي جواز گرائونڊ ٿيڻ سان پي آءِ اي کي ڪروڙين جو نقصان ٿيو جڏهن ته جهاز کي مرمت جي ذريعي استعمال لائق بڻائي سگهجي پيو ٻيو ڪيس پي آ3 اي پاران پرائيويٽ لاجسٽڪ ڪمپني سان غيرقانوني معاهدي جو آهي معاهدي جي ڪري پي آءِ اي کي ڪروڙن جو نقصان ٿيو. هڪ ٻيو ڪيس حنيد ايسوسيئيٽس ۽ روني هائوسنگ پراجيڪٽ جو آهي جنهن ۾ عوام سان فراڊ ڪيو ويو پروجيڪٽس ۾ 104 الاٽيز کي 60 ڪروڙ جو نقصان پهچايو ويو ڪمپني 1979 کان هن وقت تائين الاٽيز کي قبضو ڏيڻ ۾ ناڪام رهي نيب ايم ايس حنيد ايسوسيئيٽس جي خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي.

 

لاڙڪاڻي ۾ ايڊز پکڙجڻ جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ذميوار ڊاڪٽر قرار پاڪ

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ايڊز پکڙجڻ جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن ۽ وائرس پکڙجڻ جو ذميوار ڊاڪٽر کي قرار ڏنو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ۽ صحت کاتي جي اختيارين ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو پاڻ ايڊز جو مريض آهي، هن انتقام وٺڻ لاءِ پنهنجو مرض مبينا طور ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ۾ منتقل ڪيو، ڄاڻي واڻي هڪ ئي سرنج استعمال ڪري مريضن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس داخل ڪيو ويو. ڊي جي آءِ لاڙڪاڻي جو چوڻ آهي ته ڊي سي ۽ صحت کاتي جي رپورٽ تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ قمبر، ٻن اي ايس پيز سميت 5 آفيسر شامل هوندا، جي آءِ ٽي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ صحت کاتي جي رپورٽ جي گڏيل جاچ ڪندي. هوڏانهن سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ موجب 15 ڄڻن ۾ ايڊز جي تصديق کانپوءِ رتيديري ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 39 ٿي ويو آهي، جن ۾ 22 ٻار به شامل آهن، 5 ڏينهن دوران 1100 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ايڊز پکڙجڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ ٽيم ايندڙ هفتي رتيديري ويندي. ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق ٻڌايو ته تعلقي اسپتال ۾ سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهري جي غفلت سبب ايڊز پکڙيو، رتيديري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر مظفر جي مريضن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي پازيٽو آيو ۽ ڊاڪٽر پاڻ به ايڇ آءِ وي جو متاثر آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر مظفر گهانگهري کي سنگين غفلت ۽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ استعمال ٿيل سرنجون ٻارن کي ٻيهر لڳائڻ جي الزام اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت جوابدار جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مظفر سمورا الزام رد ڪندي چيو ته سنڌ ايڊز ڪنٽرول جي ٽيم پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ الزام هڻي رهي آهي، جيڪڏهن مان ايڊز جو شڪار هجان ها ته پنهنجو علاج نه ڪرايان ها.

 

يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورت مطابق شاگرد تيار ڪن، سمورا مذهب انسان کي پاڻ ۾ محبت ۽ انصاف جو درس ڏين ٿا: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورت موجب شاگرد تيار ڪن پنهنجي ثقافت ۽ روايتن تي هلڻ اهم آهي اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي جديد بنائڻو پوندو اڱاري تي صدر ڊاڪتر عارف علوي بحريه يونيورسٽي جي ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي چيوت ه ڊگريون حاصل ڪندڙ شآگردن کي پنهنجن والدين جو ٿورائتو هئڻ گهرجي هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت اهم آهي هن چيو ته سمورا مذهب انسان کي پاڻ ۾ محبت ۽ انصاف جو درس ڏين ٿا هن چيو ته اسلام دنيا ۾ معاشرتي انقلاب آندو هن چيو ته اسلام پٺتي پيل طبقن ۽ اقليتن کي به حق ڏنا هن چيو ته پنهنجي ثقافت ۽ روايتن تي هلڻ اهم آهي هن چيو ته علم نوان رستا ڳوليندڙ قومون ترقي ڪن ٿيون هن چيو ته يونيورسٽين ۾ تحقيق جو عمل جاري رهڻ گهرجي هن چيو ته هن وقت دنيا ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ڪافي جديد ذريعا آهن.

 

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جون ڳالهيون ٻئي ڏينهن به جاري رهيون، ڳالهين جو سلسلو 10 مئي تائين جاري رهندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪينڪي سطح جون ڳالهيون ٻئي ڏينهن به جاري رهيون ڳالهين جو 10 مئي تائين سلسلو جاري رهندو ذريعن موجب ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف مشن جي سربراهي ارستور مري زريگو ڪري رهيو هو ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي پاور سيڪٽر سان گڏوگڏ سوشل سيفٽي نيٽ سرڪلر ڊيٽ گهٽائڻ بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ويئي ذريعن موجب ناڻي وزارت جا عملدار به آءِ ايم ايف جي وفد کي بريفنگ ڏيندا پاڪتان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهون 10 مئي تائين جاري رهنديون.