تازيون خبرون

Monthly Archives: August 2018

جنگ پاڪ-ڀارت مسئلي جو حل ناهي: شبانا اعظمي

 

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا شبانا اعظمي پاڪ-ڀارت تڪرار جي بابت سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ ٿيڻ مسئلي جو حل ناهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب نيوز 18 تي منعقد ڪيل سيشن دوران ڳالهائيندي شبانا اعظمي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ۽ ڀارتي عوام جي وچ رابطا ٿيڻ گهرجن  ۽ اسان کي پاڻ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏئي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾  شاگردن لاءِ ڪلرچرل ايڪسچينج پروگرام ٿيڻ گهرجي ته جيئن نوجوانن کي هڪ ٻئي جي باري ۾ ڄاڻڻ جو موقعو ملي سگهي. شبانا اعظمي  ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جو عوام ڪرڪيٽ ميچ دوران هڪ ٻئي خلاف هوندو آهي، پر فلم هڪ اهڙو رستو هوندي  آهي جنهن سان فنڪارن جي ذريعي محبت، امن ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهجي  ٿو.هن جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي طرفان گڏيل طور تي اهڙيون فلمون وڌيڪ ٺاهڻ گهرجن، جن سان محبت ۽ امن وارو ماحول پيدا ٿئي.اداڪارا وڌيڪ چيو ته جنگ ڪڏهن به پاڪ-ڀارت جي تڪرار جو حل نٿي ٿي سگهي، ان کان بهتر طريقو اهو آهي ته ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪيا وڃن ته جيئن امن سلامتي ۽ استحڪام قائم ٿي سگهي. واضح رهي ته اداڪارا شبانا اعظمي انساني حقن، ٻارن ۽ عورتن جي حقن لاءِ سرگرم آهي ۽ اڪثر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهندي آهي.

 

وڏي اسڪرين تي ٻيهر اچي جلد مداحن کي سرپرائيز ڏينديس: جيا علي

لاهور(شوبز نيوز) اداڪاره ۽ ماڊل جيا علي چيو آهي ته وڏي اسڪرين تي ٻيهر اچي جلد چاهيندڙن کي سرپرائيز ڏينديس.اداڪاره ۽ ماڊل جيا علي نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان هميشه پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙو ڪرڻ چاهيان ٿي جنهن ۾ منهنجو نالو نه هجي پر ان ڪم سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿئي، ان سلسلي ۾ جڏهن شوبز جي دنيا ۾ انٽري ڏني ته ڪڏهن نه سوچيو هو ته ان ڪم سبب منهنجي سڃاڻپ بڻبي

محمد يوسف ورلڊ ڪپ لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف ايندڙ سال انگلينڊ ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت ۽ ميزبان انگلش ٽيم به ٽرافي کٽڻ لاءِ اهم ٽيمون ثابت ٿي سگهن ٿيون. پنهنجي تازي بيان محمد يوسف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وٽ انگلينڊ ۾ ون ڊي ٽورنامينٽون کٽڻ جو تجربو کين ٽائيٽل لاءِ فيوريٽ بڻائيندو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته چيمپيئنز ٽرافي جا انگلينڊ ۾ ٿيل گذريل ٻئي ايونٽ ڀارت ۽ پاڪستان کٽيا، تنهن ڪري ٻنهي ٽيمن ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صلاحيت نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته ميگا ايونٽ ۾ اسپنرن جو ڪردار اهم هوندو ۽ پاڪستان کانسواءِ ڀارت وٽ به ان حوالي سان بهترين آپشن موجود آهن پر جيڪڏهن انهن ٻنهي ٽيمن مان هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي ته يقينن پاڪستان جو پاسو وزنائتو آهي، ڇو ته قومي ٽيم وٽ انگلش ڪنڊيشن لاءِ بهترين پيسر به موجود آهن.

 

اظهر محمود فاسٽ بالر محمد عامر کان نئين بال سان گڏ”ڊومور“ جو مطالبو

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود فاسٽ بالر محمد عامر کان نئين بال سان گڏ”ڊومور“ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ اظهر محمود لاڳيتو عامر جي خراب ڪاڪردگي ۽ فٽنس مسئلن تي پنجن ورهين تائين ڪرڪيٽ کان پاسيرو رهڻ ۽ ڊراپ ڪيچن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فڪسنگ اسڪينڊل ۾ جيل جي هوا کائيندڙ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر کي ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندي ٽه ورهيه مڪمل ٿيڻ وارا آهن. ان حوالي سان بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته آئيرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري دوران عامر ڪجهه فٽنس مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو پر اسان جي فزيو جي ڪوشش سان هو ڪافي بهتر ٿي ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو ٽه ٽيسٽ ميچون کيڏڻ ڪامياب ٿيو، پر ان باوجود کيس لاڳيتو پنهنجي فٽنس بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي هو پنجن ورهين جي غير حاضري بعد عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، اسان سڀ عامر جي فٽنس بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اظهر محمود چيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته فاسٽ بالر تمام گهڻو باصلاحيت آهي، پر کيس نئين بال سان ڪجهه وڌيڪ اسٽرائيڪ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان سندس بالنگ تي ڪجهه ڪيچ ڊراپ ٿيا، اسان جي ڪوشش آهي ته هو اننگز جي شروعات ۾ ٽيم لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي، جيڪڏهن نئين بال سان مستقبل مزاجي سان اسٽرائيڪ ڪندو رهيو ته ٻين بالرن تان دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ هو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا. اظهر محمود چيو ته عامر جي ٻانهن ۾ ڪجهه مسئلا آهن جنهن تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته هن هڪ مهيني جي وقفي دوران هو مختلف ۽ وڌيڪ فائدو ڏيندڙ بالر طور سامهون ايندو. بالنگ ڪوچ محمد حفيظ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪير به سندس صلاحيتن تي آڱر نٿو کڻي سگهي، ٽيم مينجمنٽ سمجهي ٿي ته اسان کي نوجوان رانديگرن سان گڏ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، انڪري اسان حفيظ کي امام الحق جي بيڪ اپ ۾ اوپننگ بيٽسمين طور کڻي رهيا آهيون، نوجوان اوپنر 9 ون ڊي ميچن ۾ 4 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي، ايتري بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بيٽسمين کي ڊراپ نٿو ڪري سگهجي، ان سان گڏ ٽيم مينجمنٽ اهو پڻ ڏسڻ چاهي ٿي ته عالمي ڪپ کان اڳ ڪٿي موجود آهي، محمد حفيظ زمبابوي ۾ ون ڊي نه کيڏائڻ جو ٻيو ڪو به سبب ناهي.

 

ڪلا پرڪاش اسان کان وڇڙي وئي ؟:سرمد ڀرڳڙي

دنيا جي تاريخ ۾ ڪجه اهڙا انمول ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجي ننڍڙي ڄمار کان وٺي آخر تائين عظيم انسان واري زندگي گذاريندا آهن ، ۽ اهي انمول ڪردار همشه پنهنجي سماج جي ڏيک تي ڳالهائيندا آهن لکندا آهن ، ڪي وري پڙهندا، آهن، پوري دنيا اندر ادب جو وڏو معيار رهيو آهي ادب اندر شاعري افسانا ڪهاڻي ناول، گهڻو ڪجه آهي ادب روحاني سڪون جو نالو آهي ، ادب جٿي صرف موتي جا گل ملي سگهن ٿا ، ڪنڍا ڪڏهن به نه ادب ته عاشقو جو نالو آهي، ادب ته محبت جي پرچار جو نالو آهي، مان هڪ اهڙي رائيٽر جو ذڪر ٿو ڪيان جنهن پنهنجي پوري ڄمار لکڻ کي ڏني جنهن جي هر ناول ۾ محبت جو پڙاڏو هيو ، جنهن جي لفظن ۾ ماڻهو گم ٿي ويندا آهن ، نه ڄاڻ هن جي ٻولي ۾ سنڌودريا به رقص ڪندو هيو ، اها عظيم رائيٽر ، ڪلا پرڪاش، هئي جيڪا ڪجه ڏينهن پهريان اسان کان همشه لائي موڪلائي وئي آهي ڪلا پرڪاش، جو وڇوڙو ادب لاء هڪ وڏو نقصان آهي ، ڪلا پرڪاش . جو قلم ادب لائي وڏو زخيرو هيو،

جديد توڙي پراڻي ادب کي گڏ ڪري ناول ڪهاڻي ۽ افسانا نگار جي صورت ۾ اسان کي ڏئي وئي آهي ڪلا پرڪاش جي هر ناول ۾ هڪ پڪار پئي رهي آهي سماج جي بي حيا رسم عورت جي غلامي تي جيترو ڪلا جو قلم هيو  اوترو شايد ڪنهن جو نه هيو، ڪلاش پرڪاش جو جنم سنڌ جي ضلع نوشهروفيروز ، ڳوٺ خان واهڻ ۾ ٿيو ، ڪلا پرڪاش جي خاندان موجب ته ڪلا پرڪاش کي ننڍڙي هوندي کان ادب سان هن جو  چاه هيو هو هر شيء کي ڏسندي گم ٿي ويندي هئي ۽ ان شيء مان ان جو مطلب ڪنڍڻ جي ڪوشش ڪندي هئي شايد ڪلا پرڪاش جي اک ۾ ان شيء جو مطلب يا ان جو عڪس نظر اچي ويو هجي، ڪلاء پرڪاش  جو تعلق پڙهيل لکيل خاندان سان هجڻ ڪري کيس ، تعليم سٺي ملي ۽ پنهنجي محنت تحت سٺي تعليم حاصل ڪئي ، پڙهائي دوران به ڪلاء پرڪاش کي مطالعي سان ڏاڍو پيار هوندو هيو هو ڪهاڻي ناول افسانا شاعري هر موضع کي شوق سان پڙهندي هئي ۽ اهو پڙهڻ کيس منزل ڏانهن وٺي ويو هيو ، ڪلا پرڪاش کي لکڻ جو ته وڏو شوق هيو پر ان وقت ۾ ڪلاء پرڪاش جي رهنمائي لاء ڪو استاد نه هيو تنهن ڪري ڪلاء لکڻ.به گهٽ ڪيو هيو پر وقت جي لهرن مان ڪلاء لاء ڪا اهڙي لهر آئي جنهن ڪلاء جي لکڻي ئي امر بڻائي ڇڏيو ، ڪلا پرڪاش جي جڏهن سنڌ ۽ هنڌ جي مشهور ليکڪ موتي پرڪاش سان شادي ٿي شادي کان پوء موتي پرڪاش کي احساس ٿيو ته ڪلا  به هڪ سٺي رائيٽر بڻجي سگهي ٿي جيڪڏهن وقت سر ان جي رهنمائي ڪجي ، ان کان پوء مسلسل موتي پرڪاش ، ڪلاء جي مدد ڪندو رهيو جنهن کان پوء ڪلاء کوڙ سارا ناول ڪهاڻيو افسانا لکيا ، اڪثر هر پروگرام ۾ ڪلاء کان ايو سوال ٿيندو هيو ته اوهان جو ادبي زندگي ۾ استاد ڪير آ تڏهن ڪلاء چوندي هئي ته جيڪڏهن مان موتي سان شادي نه ڪيان ها ته شايد مان رائيٽ نه هجان هان، اڄ مان جيڪو ڪجه آهيان اهو سڀ ڪجه موتي جي مهرباني سان . منهنجو ادبي استاد ۽ رهبر موتي آهي جنهن هر موڙ تي منهنجو ساٿ ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي آهي، تنهن ڪري مان ٿورائتي آهيان موتي جي، ورهاڱي کان پوء ڪلاء پرڪاش جي فيملي کي سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ان کان پوء ان جي ڪيفيت اڃان گهڻي تبديل ٿي وئي ڪلاء جو موضع اڪثر محبت هوندو هيو پر جلاوطن ٿيڻ کان پوء سماج عورت سان ٿيندڙ نانصافي اگور مسئلن تي ڪلاء جو قلم لکڻ لڳو ڪلاء پرڪاش جي رهنمائي ڪندڙ موتي پرڪاش هيو ۽ رهنمائي کان پوء ڪلاء پرڪاش لکڻ ۾ به زور ورتو ، ڪلاء ڪهاڻيون به لکيون پر ڪهاڻي کان وڌيڪ کيس ناول نگاري ۽ رومانوي انداز کي ماڻهن پسند ڪيو هر ناول جي اندر اها پنهنجي ڇڪ هئي جيڪا ان ڏانهن پڙهندڙن کي وٺي پئي وئي،  مان ڪجه مختصر ڪجه ناولن جو حوالو رکان ٿو ، هڪ دل هزار ارمان ، وقت جون وڇوٽيون شيشي جي دل جا ترتيب ،
191، 1960، 1988، ۾ ڇپيا جنهن کان پوء ماڻهن جي دل ۾ ڪلاء جي لکڻي گهر ڪري چڪي هئي ۽،  ڪلاء پرڪاش صدين جي رائيٽ هئي ، اسان جي معاشري ۾ اڪثر عورت کي محبت کان پري رکيو ويندو آهي مرد شريفن کي ويجهي جنهن ڪري اسان جي عورت سماج اندر نفسياتي غلامي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي اسان وٽ عورت کي ٻار ڄمڻ جي مشين ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪرائيڻ لاء شاديون ڪرايون وينديو آهن، انهن سڀني مسئلن تي ڪلا پرڪاش جي قلم خوب لکيو هيو خاص ڪري عورت جي غلامي تي ڪلاء پرڪاش گهڻو لکي وئي آهي، اڄ اسان وٽ ڪلاء ته ناهي پر ان جا لکيل ناول اسان وٽ اڄ به اسان جي دل جي لائبريري ۾ پيا آهن جٿي اڄ به محبت جو سج اڀرندو آهي،

 

نئين حڪومت ۽ افغان پناهگيرن جي واپسي وارو سوال…؟: غلام مصطفيٰ جمالي

هن وقت پاڪستان ۾ جتي سياسي صورتحال تي وڏا بحث هلي رهيا آهن.اُتي حڪمرانن کان ملڪ جا اهم ۽ وڏا مسئلا ڄڻ ذهن تان هلي ويا آهن.انهن مسئلن مان افغان پناهگيرن جو مسئلو به هڪ اهم مسئلو آهي،افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهائش کي جتي ڌارين ٻولين وارا صوبا رد ڪري چڪا آهن اُتي ڪي پي ڪي جي عوام جيڪا افغان پناهگيرن جي ئي زبان ڳالهائيندڙ عوام آهي انهي عوام خد افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ رهڻ واري ڳالهه کي رد ڪري چڪي آهي جڏهن ته گذريل حڪومت ۾  انهن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته افغان پناهگيرن کي هاڻ واپس وڃڻ گهرجي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي حڪومت اتي اهڙا به بيان ڏنا هئا جن ۾ اهو واضع چيو ويو هو ته  افغان پناهگيرن کي پاڪستان مان جلد کان جلد نيڪالي ڏني وڃي.ڪي پي ڪي صوبي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر به پشتو ڳالهيندڙ پڻ ڪيتري عوام رهي ٿي اتي بلوچستان جي حڪومت پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو هوُ ته جيڪڏهن پاڪستان مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي نه ڏني وئي ته کين ڌڪا ڏئي ملڪ بدر ڪيو ويندو.ان وقت بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي پڻ اهڙو بيان هو ته حساس ادارن ڪارروائي ڪندي افغان انٽليجنس جي ڇهه دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث جو اعتراف ڪري ورتو پڻ ڪيو آهي.جڏهن ته سرفراز بگٽي چيو هوُ ته گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ محبو خان ۽ عصمت الله ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا ۽ انهن جو تعلق هلمند سان هو، ان وڌيڪ چيو هو ته دهشتگرد افغان ڪيمپ ۾ رهيا ۽ اتي ئي وڏا ٿيا ۽ اسانجي ماڻهن کي قتل ڪيو، هاڻ گهڻو ٿيو ويو آهي افغانين کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو،پر جتي سوال ٻين صوبن جو آهي ته اهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف نه رڳو احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن مان بيزاري ظاهر ڪري کين ڌڪا ڏيڻ جي بيان پڻ سامهون اچي آهن جن ۾ نه رڳو صوبن جي عوام شامل آهي پر انهي صوبن جا وزير عوام سان گڏ احتجاج ڪندڙن جي وڏي ۾ انگ شامل هئا.پر ڳالهه هاڻ ڪجي سنڌ صوبي جي عوام جي ت انهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف خاموشي وارو رويو ڇو رکيو آهي جيڪو بلڪل به سمجهه کان ٻاهر آهي،جڏهن ته سنڌ جي گادي واري ڪراچي اندر وڏي تعداد ۾ افغان پناهگير رهن پيا. جيڪي نه رڳو هتي جي شهريت حاصل ڪري رهيا آهن پر ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن اندر افغاني ملڪ جي نالي سان لڳل پوسٽرن سان پنهنجا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن،تازو ڪي پي ڪي مان ايم پي اي جي سيٽ تان کٽي ايندڙ افغاني نڪتو آهي جنهن به ميڊيا ۾ بحث هلندڙ آهي.رهي ڳالهه سنڌ جي ته  ڪراچي جي ڪيترن ئي وسندين تي هن وقت به انهن افغان پناهگيرن جو مڪمل قبضو آهي،سنڌ جون قوم پرست پارٽيون انهي افغان پناهگيرن واري معاملي تي مڪمل خاموشي وارو ماحول ٺاهيو اچن جنهن سان نه رڳو ڪراچي ۾ افغان پناهگير پنهجون رهائش گاهون مظبوط ڪري رهيا آهن پر نادرا جي سفارشي عملي سان ملي ڪري پاڪستاني شهريت حاصل ڪري هميشه لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن،جيڪي سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿيندا، جتي افغان پناهگيرن جو مئسلو آهي ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ پاڪستان اندر دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن،انڪري افغانين جي صدر کي گهرجي ته هاڻ افغان پناهگيرن کي واپسي گهرائي. جڏهن ته افغان پناهگيرن جي صورت ۾ هڪ وڏي لنڪ موجود آهي .ان ڪري انهي ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي صورت ۾ دهشتگردن جو هڪ وڏو ٽولو وجود آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيل آهي پر انهي سان گڏ صوبن جي عوام جا به حق کائي رهيو آهي.هڪ ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوج رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهي آهي اُتي ٻيو ظلم پاڪستان مٿان نواز حڪومت ڪيو هو جنهن خد انهي افغان پناهگيرن کي پاڪستان اندر ا ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ڏئي ظلم ڪيو هو جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ملڪ ۾ حمڪرانن پنهنجي عوام جا سور حلقا ڪرڻ بجاءِ انهي عوام کي ٽيڪس کان ويندي لوڊشينگ،منهگائي،جهڙيون اذيتون ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اتي مٿان وري افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏئي ڪري خد پاڪستان ۾ دهشتگردي کي ڀاڻ ڏنو آهي،جيڪي عوام ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڏو الميو آهي،  ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن وقت پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي رهي آهي ۽ عمران خان وزيراعظم ٿي رهيو آهي انڪري عمران خان کي انهي افغان پناهگيرن جي به سوچڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي گهرجي افغان پناهگيرن جي وڃڻ جي لاءِ انتظام ڪري ۽ هو هتان هليا وڃن.اها به ڳالهه سچ آهي ته بلوچستان مان جيڪي سمورا دهشتگردن گرفتار ڪيا هئا انهن مان چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارن پڻ اهو اعتراف ڪيو هو. جڏهن ته بلوچستان حڪومت اهو به چيو ته نادرا هنن کي 20 هزارن عيوض شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا هئا .جڏهن ته ڳالهه رڳو بلوچستان جي ناهي جيڪي افغان پناهگيرن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر خد خيبرپختون خواهه سرڪار به افغان شهرين جي وطن واپسي جو مطالبو ڪري رهي هئي. سنڌ ۾ به افغان پناهگيرن جو تعداد 20لک کان مٿي جو آهي جيڪي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ رهائش پزير آهن،ان ڪري  حڪومت کي گهرجي ته افغان پناهگيرن جي معاملي کي سنجيدگي سان ويهي سوچي ۽ سنڌ اندر رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر جوڙي ۽ جئين وفاق حڪومت جڙي ته اهي انگ اکر انهي وفاق کي موڪلي ۽ وفاق کان اهو مطالبو ڪري ته انهن افغان پناهگيرن کي جلد کان جلد سنڌ ۾ ٻاهر ڪڍيو وڃِي،ڇو ته افغان پناهگيرن جو اصل هنڌ سندس ملڪ افغانستان آهي ان ڪري کين اتي ئي رهڻ گهرجي.جڏهن ته پناهگيرن جي سهائتا واري ايجنسي(يو اين ايڇ سي آر) پڻ اهو کليل لفظن ۾ چيو هوته پاڪستان پناهگيرن جو ڳڙه بڻجي ويو آهي.پر اها به حيقيت آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ پناهگيرن جو تعداد جنهن کي پاڪستان جي نادار رجسٽرڊ ڪيو آهي اهو به سورهن لک کان مٿي جو آهي.جن جي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان وٺي باعزت واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو چئي رهي آهي پر انهي چوڻي ۾ به ڪا سنيجدگي سڏڻ ۾ نه پئي آئي،جڏهن ته هي اهي پناهگير آهن جيڪي پاڪستان جي نادرا وٽ رجسٽرڊ آهي جڏهن ته ڪيترائي پناهگير بنا رجسٽرڊ جي به پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن.جڏهن ته سنڌ صوبي اندر رجسٽرڊ پناهگيرن جو تعداد به66هزار کان مٿي جو آهي.جيڪي سنڌ ۾ رهيا پيا آهن.جڏهن ته سڄي پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي ڪوبه رڪارڊ موجود ئي ناهي.جڏهن ته افغان پناهگيرن جو وڏي ۾ وڏو انگ ڪي پي ڪي ۾ آهي ۽ ٻيو نمبر سنڌ ۾ آهي جڏهن ته اها کي اه ڳالهه ٻڌي حيرت ايندي هوندي ته 1980کان 2005ع تائين افغان پناهگيرن جي رجسٽري جو تصور به نه هو جڏهن ته ان وقت نه پاڪستان وٽ ۽ نه ئي“يواين اي”وٽ ڪو رڪارڊ موجود هو 2005ع ۾ پاڪستان حڪومت پاران 70لک ڊالر جي خرچ سان هڪ اداري“يواين اي ايڇ سي آر” پاران افغان پناهگيرن جي آدم شماري ڪرائي وئي جنهن ۾ انهن جو انگ 20لک 4هزار کان مٿي جو هو ان ڪري هن وقت مان نه ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ جهڙي ريت آبادي آهي انهي ريت افغان پناهگيرن جو پاڪستان ۾ رهڻ مسئلا پيدا ڪرڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه  ان وقت نئي حڪومت اچڻ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن انڪري مان اهو ئي چوندس ته جتي عمران خان نئي حڪومت آڻڻ لاءِ عوام کي نئي پاڪستان جا خواب ڏيکاري رهيو آهي ان سان گڏ عمران خان کي افغان پناهگيرن جي معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي

 

چونڊن جا اڻپورا سرڪاري نتيجا..!

اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 53 اسلام آباد، اين اي 35 بنون، اين اي 95 ميانوالي، اين اي 243 ڪراچيءَ تان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ان کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪيس جي حتمي فيصلي سان مشروط ڪيو آهي. اين اي 129 لاهور تان قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪندي ان کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جي حتمي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي. اين اي 25 نوشهره تان ڪامياب اميدوار پرويز خٽڪ جي نوٽيفڪيشن کي اليڪشن ڪميشن طرفان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ سان مشروط ڪيو ويو آهي. اين اي 131 لاهور تان ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ روڪيو ويو آهي. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 34 تڪن جو نوٽيفيڪيشن  ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ هئڻ يا چونڊ ملتوي ٿيڻ سبب جاري نه ٿي سگهيو.   اين اي 60 راولپنڊي ۽ 103 فيصل آباد ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ سبب  نوٽيفيڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، اين اي 140 قصور جو نوٽيفيڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ روڪيو ويو آهي. اين اي 215 سانگهڙ جو نتيجو سنڌ هاءِ ڪورٽ جڏهن ته اين اي 271 ڪيچ جو نتيجو ڪامياب اميدوار زبيده جلال طرفان  چونڊن جي خرچن جو تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب جاري ناهي ڪيو ويو، اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 76 سرگوڌا، پي پي 118 ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پي پي 123 ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پي پي 77 قصور تان ڪامياب اميدوارن جو نتيجو لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ روڪيو ويو آهي جڏهن ته  پي پي 103 فيصل آباد ۽ پي پي 87 ميانوالي ۾ اميدوارن جي وفات سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي. پي پي 296 راجن پور تان ڪامياب اميدوار جي وفات سبب نوٽيفڪيشن روڪيو ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 29 خيرپور، پي ايس 36 نوشهروفيروز، پي ايس 48 ميرپورخاص، پي ايس 54 ٿرپارڪر، پي ايس 82 ڄامشورو جو نتيجو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن جي روشنيءَ تحت جاري ناهي ڪيو ويو،