تازيون خبرون

Daily Archives: March 1, 2018

انتظار قتل ڪيس، اکين ڏٺل شاهد مديحيا ڪياني واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ 13 جنوري تي پوليس هٿان مارجي ويل نوجوان انتظار جي واقعي جي اکين ڏٺي شاهد مديحيه ڪياني پنهنجو وڊيو بيان ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته انتظار کي هڪ رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو، جڏهن انتظار جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي ته هوءَ ان وقت گاڏي ۾ ئي موجود هئي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، فائرنگ ڪندڙ شخص کي مڇون هيون جنهن جي هوءَ سڃاڻپ ڪري چڪي آهي، انتظار سدائين چوندو هو ته سندس گاڏي جو پيڇو ڪيو وڃي ٿو، ٻئي پاسي انتظار جي والد به مديحيه ڪياني جي وڊيو بيان جي تصديق ڪئي آهي، تفصيل موجب انتظار احمد قتل واقعي جي شاهد مديحيه ڪياني انڪشاف ڪيو ته منهنجي پهرين بيان ۾ اهي ڳالهيون نه لکيون ويون جيڪي مون ٻڌايون هيون، سي ٽي ڊي ۾ جڏهن پنهنجي بيان جي ڪاپي ڏٺي ته مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس، جيڪو بيان سي ٽي ڊي لکيو هو اهو درست هو، مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ماهه رخ کان ڇو نه جاچ ڪئي پئي وڃي، سڀ چون ٿا ته ماهه رخ آمريڪا ۾ آهي، مون کي خبر پئي ماهه رخ جون تصويرون سلمان ۽ هڪ ٻن ڇوڪرين سان سوشل ميڊيا تي وڍيون ويون، مون اهي تصويرون پاڻ ناهن ڏٺيون پر ان بابت خبر پئي آهي، مديحيه چيو ته ان پوري حقيقت کانپوءِ ماهه رخ کان ڇو نه سوال ڪيو پيو وڃي، مديحيه چيو ته جڏهن اسان واپس وڃي رهيا هئاسين ته مون انتظار کان پڇاڻو ڪيو ته اسان جلد ڇو وڃي رهيا آهيون جنهن تي انتطار چيو ته منهنجي گاڏي جي سڃاڻپ ٿي آهي، هن چيو ته انتظار ڪيترا ڀيرا ٻڌايو ته سندس گاڏي جو پيڇو ڪيو وڃي ٿو، انتظار پنهنجي والد جي گاڏي تي ويندو هو، قتل واري ڏينهن به هن چيو ته گهر واپس جلد هلون ٿا جنهن مان مون کي لڳو ان جي دماغ ۾ اهڙي ڳالهه هئي جنهن کان هن کي خطرو محسوس ٿي رهيو هو، مديحيه ڪياني چيو ته قتل واري ڏينهن سلمان اسان کي عصر جي وقت مليو هو، ان عجيب نموني سان اسان کي ڏٺو هو، سلمان سان هڪ ٻيو ماڻهو هو جنهن جو نالو احمد رند هو، سلمان اسان کي ٻڌايو هو ته هو آفيس ۾ آهي ۽ اوچتو گهمندو اسان جي اڳيان اچي ويو، هن دعويٰ ڪئي ته جڏهن مقدس حيدر کان جاچ ٿي رهي هئي ته مان آفيس ۾ هيس ۽ هو بلڊنگ جي ٻي آفيس ۾ هو، مون ٻڌو ته ڪنهن آفيسر مقدس حيدر کي فون ڪيو ۽ چيو ته اوهان پنهنجو بيان پاڻ لکو يا اسان لکي ڏيون پر هاڻ خبر ناهي ته بيان ڪنهن لکيو، هن چيو ته مان سمجهان ٿي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي مان هن ڪيس جي اڪيلي شاهد آهيان، هن چيو ته مون پنهنجي بيان ۾ لکيو آهي ته اتي هڪ ڏاڙهي ۽ مڇن وارو شخص به هو مان ان جي سڃاڻپ به ڪئي آهي منهنجي رينجرز کي اپيل آهي ته تحفظ ڏنو وڃي، ان بيان کانپوءِ ۽ اڳ به منهنجي حياتي کي خطرو هو جهڙي نموني هر جي آءِ ٽي ۾ ويهاريو ويو، هن گهر ڪئي ته ماهه رخ سميت ٻين کان به جاچ ڪئي وڃي ته جيئن اصل سچ سامهون اچي سگهي.

 

جينيفر لارينس پنهنجي رومانوي لاڳاپن جي وضاحت ڪري ڇڏي

 

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪارا جينيفر لارينس جيڪي انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ايندڙ فلم ريڊ اسپيرو جي مشهوري ۾ مصروف آهي ان بابت ڪجهه عرصي کان افواهون آهن ته ان جا اداڪار ڪرس پراٽ سان لاڳاپا قائم آهن.ياد رهي ته 27 ورهين جي جينيفر لارينس ۽ 38 ورهين جي ڪرس پراٽ وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون گذريل هڪ سال کان جاري آهن.آمريڪي ۽ برطانوي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ خبرن موجب جينيفر لارينس ۽ ڪرس پراٽ وچ ۾ 2016ع ۾ ايندڙ سائنس فڪشن فلم پيسنجر جي شوٽنگ دوران لاڳاپا شروع ٿيا.جيتوڻيڪ ان فلم جي شوٽنگ ۽ نمائش کانپوءِ به ٻنهي اداڪارن کي ڪيترائي ڀيرا گڏ ڏٺو ويو جڏهن ته ٻنهي طرفان 2 سالن تائين لاڳاپن جي تصديق نه ڪئي وئي هئي.جڏهن ته افواهون وڌڻ کانپوءِ هاڻ جينيفر لارينس ان معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.فيشن ۽ شوبز ميگزين موجب جينيفر لارينس افواهن کان تنگ اچي پنهنجي ۽ ڪرس پراٽ جي لاڳاپن جي باري م وصاحت ڪئي.هن صاف لفظن ۾ چيو ته ان جا ڪڏهن به ساٿي اداڪارا ڪرس پراٽ سان رومانوي لاڳاپا ناهن رهيا.هن ڪرس پراٽ جي اداڪاري جي تعريف ڪندي چيو ته جڏهن هوءَ ان سان فلم ڪم ڪري رهي هئي ان جي ٺيڪ 2 سالن کانپوءِ ڪرس جي طلاق ٿي وئي.

 

حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران پنجن ڏينهن وارو شيخ اياز ٿيٽر فيسٽيول شروع

 

حيدرآباد(شوبز نيوز) ثقافت کاتي پاران 5 ڏينهن جو شيخ اياز ٿيٽر فيسٽيول سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شروع ٿي ويو آهي، جنهن جو افتتاح ڪهاڻيڪار شوڪت شورو، ليکڪ انعام شيخ، ليکڪ نصير مرزا ۽ سينيئر صحافي ناز سهتو ڪيو.ان موقعي تي ڪهاڻيڪار شوڪت شورو چيو ته شيخ اياز پاران ان وقت اوپيرا سنڌ کي ڏنو، جنهن وقت سنڌ جو نالو وٺڻ ڏوهه هوندو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ تي پابندي هئي.  ليکڪ انعام شيخ چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اوپيرا ٿيٽر ئي هئا، جنهن ذريعي قومن ۾ جاڳرتا آندي ويندي هئي.ليکڪ نصير مرزا چيو ته نثار حسيني ۽ مون کي اوپيرا رڪارڊ ڪرائڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنهن اوپيرا رڪارڊنگ ۾ سنڌ جي امر آواز سيد صالح  محمد شاهه جو آواز هيو. سينيئر صحافي ناز سهتو ٿيٽر ۾ آيل سمورن مهمانن جو ٿورو مڃيندي ٿيٽر بابت آگاهي ڏني.واضح رهي ته دودي سومري جي موت ٿيٽر ۾ ڊائريڪشن رفيق عيساڻي ڏني ۽ اداڪارن ۾ اڪبر دلواڻي، عائشه مهڪ، پري مغل ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

 

اسپاٽ فڪسنگ: شاهه زيب حسن تي هڪ سال پابندي ۽ 10 لک ڏنڊ لاڳو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ 2 ۾اسپاٽ فڪسنگ الزامن کان پوءِ معطل ٿيل ڪرڪيٽر شاهه زيب حسن تي هڪ سال پابندي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ 3 شقن جي ڀڃڪڙي تي شاهه زيب حسن کي چارج شيٽ ڪيو هو. مٿس رانديگرن کي اڪلائڻ ۽ بُڪين سان رابطن کي رپورٽ نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. شاهه زيب حسن جي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل ۾ گذريل سال 21 اپريل کان ٻُڌڻي شروع ٿي ۽ سندس خلاف اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جو فيصلو 31 جنوري تي محفوظ ڪيو ويو هو.

 

پي ايس ايل سان پاڪستان جي نوجوان ٽيلينٽ کي اڀرڻ جو موقعو ملندو: شين واٽسن

 

دبئي(ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي رانديگر شين واٽسن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل سان پاڪستان جي نوجوان ٽيلينٽ کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو.نجي چينل سان ڳالهائيندي شين واٽسن جو چوڻ هو ته پي ايس ايل پوري دنيا ۾ کيڏي ويندڙ ليگز جيان آهي جنهن ۾ ناليوارا رانديگر شامل آهن جن جي خلاف ۽ انهن سان گڏ کيڏي پاڪستان جي نوجوان ٽيلينٽ کي وڌيڪ نکرڻ جو موقعو ملندو.شين واٽسن چيو ته ايونٽ ۾ شامل ڪابه ٽيم ڪمزو ناهي ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته فاسٽ ۽ اسپن بالنگ سان گڏ سٺي بيٽنگ به ان ايونٽ جو حصو آهي ۽ اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته پاڪستان مان فاسٽ بالر، ڪوالٽي اسپنرز ۽ زبردست بيٽسمين ان ۾ شامل آهن.هن چيو ته ايونٽ ۾ رانديگرن کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئجي رهي آهي جيڪو رانديگرن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏسندڙن لاءِ به سٺو آهي

 

عمران خان ۽ نظام جي حقيقي تبديلي: شفيق الرحمان شاڪر

دل کي خوش ڪرڻ لاء اهو سٺو خيال آهي ته عمران خان پاڻ ته تمام بهترين ۽ ايماندار شخص آهي پر ساڻس گڏ ٻيا ماڻهو جيڪي هن کي وڪوڙي ويا آهن اهي صحيح نه آهن.هونئن به اسان پاڪستاني قوم جو اهو بنيادي الميو آهي جو اسان هڪ جذباتي قوم آهيون ۽ شين کي حقيقت پسنديء جي عينڪ سان ڏسڻ جي اسان ۾ عادت ئي نه رهي آهي.ڪنهن به اڳواڻ سان جڏهن اسان محبت ڪندا آهيون ته هن جون سموريون انساني ڪمزوريون ۽ خرابيون بلڪل نظرانداز ڪري ۽ سندس سوچن جي غلطين کان منهن موڙي، هن کي فرشتي جو درجو ڏيئي ويهندا آهيون.هن جي خلاف ڪاٻه ڳالهه بڌڻ اسان برداشت نه ڪندا آهيون.ٻئي طرف جڏهن ڪنهن کان نفرت ڪندا آهيون ته ان جي سمورين خوبين ۽ چڱاين کان يڪسر اکيون بند ڪري کيس سمورين خرابين ۽ بربادين جو ذميدار قرار ڏيندا آهيون.جنهن قوم کي ان قسم جي اجتماعي بيماري لڳل هجي اتي دليل،منطق، تجزيي،تحقيق ۽ حقيقيت پسنديء واري سوچ سدائينء لاء جمود جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ هرڪو ڪنهن اهڙي اوچتي سياسي ۽ سماجي معجزي جو منتظر رهي ٿو جيڪو ظهور پذير ٿئي ۽ رات وچ ۾ ملڪ جو سماجي،سياسي ۽ معاشي نقشو  پاڻهي بدلجي وڃي.دل کي وندرائڻ لاء اها آس سٺي آهي پر ڇا ڪجي حالتن ۽ وقت جي ست ظريفيء کي جو دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ ايئن ڪا غير فظري تبديلي نه آئي آهي پر جيڪر ٿوري دير لاء اچي به ٿي ته اها ساڳئين پيرين تڪڙو واپس به ٿئي ٿي.پاڪستان جي ستر سالا تاريخ ۾ اسان سڀ اهڙن ئي غيرفطري ۽ نامعقول معجزن جا منتظر ۽ آسائتا رهندا پيا اچون.ڪجھه بنيادي حقيقتن کي نظرانداز ڪندي ته اسان جي ملڪ يا سماج سان اصل مسئلو آهي ڪهڙو؟ّ اصل خرابي آهي ڪٿي ؟ جيستائين مسئلي جي سمجھه ۽ خرابيء جو شعور حاصل نه ڪبو ۽ ان کي درست ڪرڻ جي سچي نيت ئي نه هوندي ته ان جو علاج خاڪ ٿيندو!  اسان تمام وڏو عرصو انگريزن جي غلاميء ۾ گذاريو.غلاميء جي هڪ پنهنجي ڪيفيت ،نفسيات ۽ هلت ٿئي ٿي جتي سوچ سمجھه، تحقيق ۽ تجزيي جون صلاحيتون اڪثر مائوف ۽ جامد رهن ٿيون. وري پاڪستان ٺهڻ بعد بدقسمتيء سان ملڪ تي آمريتن جو هڪو ڊگھو دور رهيو جيڪو دور به بنيادي طور تي غلامي واري دور سان ئي ملندڙ جلندڙ آهي.رهيل کهيل عرصي لاء جيڪو نام نهاد جمهوري نظام قائم ٿيو اهو به بدقسمتيء سان نه ته رياستي ۽ حڪومتي ادارن توڙي نظام ۾ ڪي بنيادي نوعيت جا سڌارا ۽ چڱايون آڻي سگھيو ۽ نه ئي عوام کي ڪو حقيقي رليف مهيا ڪري سگھيو. نتيجو اهو نڪتو جو عوام حڪمران کي ووٽ به ڏيندو رهيو ۽ ٿوري ئي عرصي مان انهن کان بيزار ٿي انهن کان نجات لاء ڪنهن “مسيحا ”کي منٿون به ڪندو رهيو.

1996ع ۾ عمران خان جڏهن پنهنجي هڪ نئين سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو ته عوام جيڪو عام طور تي ٻن پارٽين جي لڪ لڪوٽي راند کان تنگ اچي چڪو هو تنهن کي تبديليء جي وري هڪ نئين آس قائم ٿي ۽ وقت گزرڻ سان گڏوگڏ اها آس وڌيڪ مظبوط ٿيندي ويئي.خاص طور تي عمران خان کي هڪ بين الاقوامي ڪرڪيٽر هئڻ واري اعزاز،شوڪت خانم ميموريل اسپتال ۽ نمل يونيورسٽيء جي قيام ۽  ماضيء جي حڪمرانن خلاف سندس تيز تند زبان جي استعمال هن کي سندس سياسي ميدان ۾ گھڻوفائدو پهچايو.نوجوانن جي هڪ واضح اڪثريت هن سان سياسي طور تي سلهاڙجي ويئي.پر جيئن ته اها وابستگي حقيقي نه پر جذباتي نوعيت جي هئي ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهيء جو انجام به شايد هڪ عظيم نااميديء جي صورت ۾ نڪري.ان ۾ شڪ ناهي ته ذاتي طور تي عمران خان ڏيتي ليتيء جي معاملي ۾ هڪ ايماندار ۽ ديانتدار ماڻهو آهي ۽ سندس خلاف اڃا تائين ڪنهن معاشي ڪرپشن جي ڪا وڏي ڪهاڻي سامهون نه آئي آهي پر صدين جي بگڙيل نظام کي بدلائڻ لاء صرف ايترو ئي ڪافي ته ناهي جو اڳواڻ رڳو ايماندار هجي.سياست ۽ ڪرڪيٽ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.سياست ۾ رڳو جذبات نه پر منطق ۽ دليل کپي،تبديليء جي دعويٰ ڪندڙ جي قول ۽ فعل ۾ 180 ڊگريء جو تضاد نه هئڻ گھرجي.ملڪي ۽ عوامي مسئلن ۽ معاملن جو ادراڪ ۽ فهم هئڻ گھرجي.حالتن،نفسيات ۽ رجحانن جي مڪمل ڄاڻ ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاء ڪا عملي حڪمت عملي به هئڻ گھرجي.اهڙي اڳواڻ وٽ سچن ۽ مخلص ساٿين جي ٽيم به هئڻ گھرجي جيڪي واقعي سماج ۾ ڪا مثبت ۽ بنيادي تبديلي آڻڻ لاء آتا هجن.تبديليء جون دعويدار جماعتون صرف پريشر گروپ جي طور تي ڪم ناهن ڪنديون جو توهان حڪومت کي دٻاء ۾ آڻي وقتي طور تي پنهنجو ڪو مطالبو مڃائي وٺو.انهيء کان پوء هڪ قابل اڳواڻ ۾ سياسي لچڪ جي خاصيت به هئڻ گهرجي.

بدقسمتيء سان پنهنجي سموري سياسي ڪيريئر ۾ عمران خان ايتريون ته سياسي قلابازيون کاڌيون آهن جو هن جي سياسي بلوغت تي بار بار سواليا نشان کڙا ٿيندا رهيا آهن.سندس سياسي يو ٽرن جي انيڪ مثالن سان سندس سياسي تاريخ ڀري پيئي آهي.شايد هو معاملن جي تهه تائين پهچڻ بدران نهايت ئي جلدبازيء ۽ ضد ۾ فيصلا ڪرڻ جو عادي رهيو آهي.اليڪشني سياست ۾ پير پائيندڙن لاء جنهن اعليٰ ،ديانتدار ۽ صاف سٿري ڪردارن جي هو پاڻ ڳالهه ڪري ٿو اڄ بدقسمتيء سان سندس پنهنجي آسپاس اهڙن ماڻهن جو ميلو متل آهي جن مان گھڻن جا پرڪار ۽ سوچون به انهن ئي روايتي جمهوري وڏيرن واريون ئي آهن.اڄ هن جا ڪيترائي سچا ساٿي ۽ بنيادي ڪارڪن هن کان گھڻو ڇڊا ٿيندا ٿا وڃن.پارٽي تي اڪيلي سندس ذاتي گرفت ۽ هو پڻ وري هڪ خاص بااثر ٽولي جي گرفت ۾ نظر اچي ٿو.ڪي پي ڪي حڪومت جي حوالي سان به سندس مجموعي ڪارڪردگيء تي ڪيترائي اهم سوال اٿاريا ويا آهن.سڀ کان اهم ڳالهه اها ته عمران خان سندس ۽ سندس پارٽيء جون توانائيون،وسيلا ۽ وقت اهڙن مسئلن ۽ مونجھارن ۾ لڳائيندو رهيو آهي جيڪي پاڪستان ۾ حقيقي تبديليء جي حوالي سان ڪا خاص اهميت نٿا رکن.جن شين تي ملڪ ۾ حقيقي تبديليء جو بنياد ۽ خرابين جو سڌارو ممڪن ٿي سگھيو ٿي سي اهي مسئلا ناهن.اهي بنيادي سوال ته اڄ به پنهن جي جاء تي جيئن جو تيئن موجود آهن ته ڇا نوازسريف يا ٻئي ڪنهن جي سزا کائڻ سان ملڪ ۾ گھربل تبديلي اچي ويندي؟ هرڪو ڄاڻي ٿو هن ملڪ جي هرخرابي ۽ عوام جي هر آزار جو ذميدار نه ته اڪيلو نوازشريف آهي نه ئي ٻيو ڪو اڪيلو حڪمران.هتي ته سڄي نظام جو ئي ٻيڙو ٻڏل آهي.ملڪ جنهن بي يقيني،معاشي ڪمزوري، ڦرلٽ، ڏوهه ۽ سماجي انتشار جو شڪار آهي انهيء ۾ حصو ملائڻ لاء ڪنهن به وسان نه گھٽايو آهي. هيٺان کان مٿي ۽ مٿان کان هيٺ تائين پورو نظام ئي اڏوهي کاڌل،زهرآلود ۽ اذيتناڪ آهي.اهو نظام نه ته ڪنهن خصوصي احتساب يا حڪومتي ڪرسين تي ويٺل چهرا مٽائڻ سان درست ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي ٺلهن نعرن سان اهڙي ڪا مثبت ۽ حقيقي تبديلي آڻي سگھجي ٿي.جيستائين ادارن کي درست نٿو ڪيو وڃي.جيستائين قانون سڀني لاء ساڳيو جو نعرو حقيقي طور تي سماج ۾ لاڳو نٿو ٿئي.توهان انهيء ئي اليڪشن ڪميشن ذريعي سوين ڀيرا چونڊون ڪرائي ڏسو،ساڳئي نظام تحت احتسابي ادارا ٻيا به قائم ڪري ڏسو پر ٿيندو ڪجھه به ڪونه جو هاڻي هي نظام ايڪسپائير يعني مدي خارج ٿي چڪو آهي.بدقسمتيء سان عمران خان ۽ سندس جماعت پارليامينٽ جي اندر يا ٻاهر انهن ادارن کي درست سمت ڏيڻ لاء ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي.ڪي پي ڪي ۾ صوبائي احتساب اداري سان عمران خان جي صوبائي حڪومت جيڪي ڪجھه ڪيو سو الڳ سواليا نشان آهي.انهيء کان سواء ٻيا به ڪيترائي اهم ملڪي معاملا ۽ پاليسيون آهن جن تي عمران خان اڄ تائين مونجھاري جو شڪار نظر اچي ٿو.ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن وٽ صرف هڪ ئي جادوء جو ڏيئو آهي سو اهو ته جيئن ئي هو ڪنهن نه ڪنهن نموني هڪ ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويندو ته سڄو نظام ئي درست ٿي ويندو.جيڪر ايئن آهي ته پوء اها اهڙي خوشفهمي آهي جنهن کي بدقسمتي ۽ هڪ اهڙو خواب آهي جنهن کي ڪنهن ديواني جو خواب ئي چئي سگھجي ٿو.اها اميد جيڪا ملڪ جي عوام جي هڪ وڏي حصي عمران خان جي سياست سان ڳنڍي رکي آهي،ايئن نه ٿئي جو انهيء جو جنازو به هڪ ڏينهن ايئن نڪري جيئن ماضيء ۾ ڪيترين ئي اميدن جورهبرن جي ديوانگيء ۽ نااهليء سبب نڪرندو رهيو آهي.2018ع جون عام چونڊون ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻي ڇڏينديون انهي سوچ تي اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته

“ خدا تيري جنون ڪا سلسله دراز ڪري.”

 

 

سنڌ وڌندڙ غربت پاڻي اهم مسئلو بڻيل.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پورهيت طبقي جي عظيم اُڀار ۽ انقلابي تحريڪن کان سبق سکندي جلد يا بدير هن خطي جو پورهيت طبقو به پنهنجي قسمت جا فيصلا پنهنجي هٿن ۾ وٺندو.؟ پورهيت طبقو انتهائي صبر سان هن ظالم نظام خلاف هڪ وڏي طبقاتي جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي. جيڪا هن نظام کي پاڙان پٽي پورهيت راڄ قائم ڪري هميشه لاءِ ڏک، درد ۽ تڪليفن واري هن سماج کي ڊاهي پٽ ڪري هڪ پورهيت راڄ قائم ڪندي.سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ روزگار جو مک ذريعو زراعت آهي، پر زراعت گهڻي عرصي کان مسئلن جو شڪار رهندي اچي، اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو روزگار زراعت سان لاڳاپيل آهي پر گذريل گهڻي عرصي کاڻ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر وغيره ڪري زمينن جي بيڪار ٿي وڃڻ ڪري گهڻا ماڻهو روزگار جي ان ذريعي کان محروم ٿيندا پيا وڃن. اها شڪايت عام آهي ته سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نهرن ۽ واٽر ڪورسن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي جنهن جي ڪري زرعي پيداوار ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ روزگار جي گهٽ موقعن تي تبصرو ڪندي عالمي بئنڪ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڌندڙ آبادي، تعليم ۾ واڌاري ۽ لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ۾ ساليانو اٽڪل ڇهه لک ماڻهو روزگار جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي رهيا آهن جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ رڳو ساڍا ٽي لک ماڻهن لاءِ ئي روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.سنڌ ۾ صنعتون گهڻي ڀاڱي ڪراچيءَ ۾ ئي آهن. انهن مان به گهڻيون شهر جي امن امان جي حالتن ۽ بجلي وغيره جي مسئلن جي ڪري ملڪ جي ٻين شهرن ۽ پرڏيهه ۾ منتقل ٿي چڪيون آهن. هن وقت ڪراچي جي چئن وڏن صنعتي علائقن ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ننڍا ۽ وڏا صنعتي ادارا قائم ٿيل آهن جيڪي اٽڪل پنجويهه لک ماڻهن کي روزگار ڏيئي رهيا آهن. حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ڪجهه صنعتون لڳل آهن پر انهن کي رڳو آڱرين تي ئي ڳڻي سگهجي ٿو ۽ انهن جو علائقي جي مجموعي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن کي روزگار وغيره مهيا ڪرڻ جي حوالي سان ڪو ذڪر جوڳو ڪردار ناهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جو قبائلي ۽ جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو به صنعتي ترقيءَ جي سلسلي ۾ وڏي رڪاوٽ رهيو آهي. جنهن جو مثال سڀني جي آڏو آهي. علائقي جي سردارن ۽ ڀوتارن پاران صنعتڪارن کي حراسان ڪرڻ، ڀتي خوري ۽ اغوا وغيره جي ڪري اتي به صنعت ترقي نه ٿي سگهي.جيڪڏهن اتي اهو معمول مطابق هلڻ ڏنو وڃي ها ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان هئا ته اتان جي ماڻهن کي نه رڳو ڪنهن حد تائين روزگار ملي سگهي ها پر علائقي جا ڳوٺ روڊن رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جي سهولتن مان پڻ فائدو وٺي سگهن ها ۽ سندن زندگيءَ ۾ هڪ خاصيتي تبديلي اچي ها غربت ۽ بيروزگاريءَ کي گهٽائڻ ۾ تعليم ۽ تربيت جو وڏو ڪردار هوندو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪي صنعتون قائم ٿينديون آهن اتي گهڻو ڪري ٻاهران ماڻهو آڻڻ جو هڪ جواز اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته مقامي ماڻهن وٽ گهربل پيشي وراڻي ڄاڻ ۽ مهارت ناهي. انهن صنعتڪارن جي ترجيح مقامي ماڻهن کي تربيت ڏيئي روزگار فراهم ڪرڻ نه پر پنهنجو نفعو ۽ ان کي وڌ ۾ وڌ ڪرڻ هوندو آهي. ان ڪري اها ذميواري وري به حڪومت جي ٿئي ٿي ته اها ماڻهن جي پيشي وراڻي تربيت لاءِ جوڳا بندوبست ڪري ته جيئن ماڻهو زراعت کانسواءِ روزگار جي ٻين متبادل ذريعن مان پڻ فائدو وٺي سگهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به اهي سهولتون اڻ پوريون آهن ۽ انهن جي حالت رحم جوڳي آهي. سڄي سنڌ ۾ هن وقت پنجيتاليهه ٽيڪنيڪل تعليم جا ادارا آهن جن ۾ ارڙهن هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن مان رڳو اٺ هزار شاگرد اهڙن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪراچيءَ کان ٻاهر واقع آهن. ساڳيءَ ريت ڊائريڪٽوريٽ آف مين پاور ۽ ٽريننگ اهڙا ٽيٽيهه ادارا هلائي رهي آهي پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ واقع گهڻا ادارا بند پيا آهن ۽ پنهنجو ڪم پوري ريت انجام نه پيا ڏين اعليٰ تعليم جا سٺا ادارا گهڻو ڪري ڪراچي ۾ واقع آهن. ان جو اندازو ان مان ڪري جي منظور ڪيل پنجويهه ادارن ۾ ٽيويهه ڪراچي ۾ آهن ۽ ٻه حيدرآباد ۾ انهن ادارن سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ سٺي تعليم لاءِ ذريعا، قابل استاد ۽ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن پر ساڳي وقت حڪومت سان گڏوگڏ اها ذميواري سنڌي سماج تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي ته اها گهٽ ۾ گهٽ موجود سهولتن مان فائدي وٺڻ لاءِ پنهنجن نوجوانن کي تيار ڪري ۽ تعليمي ادارن ۾ عنڊه گردي، تشدد ۽ هٿيارن جي ڪلچر جي حوصلي شڪني ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي صورتحال کي ڏسندي ئي تازو عالمي بئنڪ جو اهو تبصرو سامهون آيو هو ته جيڪڏهن وقت سر جوڳا قدم نه کنيا ويا ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هتي ڏڪر جي اها بدترين صورتحال هوندي جنهن جو مشاهدو دنيا آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ ڪري چڪي آهي. دنيا ۾ جتي به اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي اتي قدرتي ڪارڻن سان گڏوگڏ اهڙا عنصر به هوندا آهن جن جو واسطو سڌي ريت انسان سان هوندو آهي ۽ اهو ممڪن هوندو آهي ته جيڪڏهن انهن کي وقت سر منهن ڏنو وڃي ۽ انهن جو تدارڪ ڪيو وڃي ته اهڙي صورتحال کي نه رڳو ٽاري پر ختم ڪري سگهجي ٿو سنڌ جي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته اها ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته ٿوري توجهه ۽ سٺي انتظام سان صورتحال کي بدلائي سگهجي ٿو. اهو ته صحيح آهي ته ان سلسلي ۾ حڪومت جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو پر ساڳي وقت ان ۾ سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي صورت ۾ ماڻهن جي سرگرم شرڪت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڳالهه کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته اين جي اوز جي طرز تي رڳو ڪنهن هڪ يا ٻئي علائقي يا هڪ يا ٻئي شعبي تي توجهه مرڪوز ڪرڻ سان مسئلا نه ٿا ٿين پر سڄي سنڌ جي سطح تي مجموعي طور تي مسئلن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي زراعت نه رڳو سنڌ جي معيشت پر سنڌي سماج لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي. زرعي پيداوار جي گهٽجڻ جو سوال پاڻي جي کوٽ ۽ سم ۽ ڪلر وغيره سان گڏوگڏ زمين جي ملڪيت سان پڻ ڳنڍيل آهي. اهو سوال هن وقت سنڌ جي ڪنهن به سياسي جماعت جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي. ان سوال جي اهيمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن، قبائلي سردارن جي مضبوطي، صنعتي ترقي جو نه هئڻ ۽ روڊن رستن، اسڪون ۽ اسپتالن وغيره جي عدم دستيابي جو بنيادي ڪارڻ زمين جي ملڪيت جو نظام آهي. ان سوال کي بنياد بڻائيندي هڪ سماجي ايجنڊا جي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ پيشي وراڻا بنياد تي ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ ڪهڙين سهولتن جي ۽ ڪيتري ضرورت آهي ۽ پوءِ ان لاءِ ماڻهن کي متحرڪ به ڪجي ۽ حڪومت تي مختلف ذريعن کان اهو دٻاءُ به وجهجي ته اها انهن رٿائن لاءِ رقم ڏئي ۽ انهن جي تڪميل کي يقيني بڻائي سنڌ رڳو ڪجهه شهرن ۽ اتي رهندڙ ننڍي وچولي طبقي جو نالو ناهي. سنڌ جي خوشحالي، سنڌ جي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن سان لاڳاپيل آهي. انهن ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي حقيقي صورتحال کي ڏسڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ سان ئي هڪ حقيقي خوشحال ۽ آسودي سنڌ وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ آسودو ۽ سماجي طور پڙهيل ڳڙهيل ۽ آزاد ڳوٺاڻو ئي سياسي ۽ سماجي جدوجهد ۾ هڪ اثاثو ٿي سگهي ٿو

 

ش ليگ بڻيل ن ليگ

                 وزارت عظميٰ ۽ پارٽي صدارت تان نااهل ٿيل نواز شريف مسلم ليگ (ن) جو تاحيات قائد ۽ شهباز شريف وقتي صدر چونڊجي ويا آهن.  مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اجلاس پارٽي چيئرمين راجا ظفرالحق جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اسپيڪر اياز صادق، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم نواز، حمزه شهباز ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ نواز شريف شهباز کي پارٽي جو وقتي صدر بڻائڻ جي تجويز ڏني. شاهد خاقان تاحيات قائد لاءِ نواز شريف جو نالو تجويز ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي .  اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته وزيراعظم ذليل ڪري لاٿا پيا وڃن، سياستدان آسان حدف خلاف آهن ۽ آمرن کي هٿ به نه ٿو لاٿو وڃي، ملڪ ۾ آمريت ناهي پر پوءِ به آمريتي دور جهڙا فيصلا ٿي رهيا آهن، ڪجهه طاقتون ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻ چاهين ٿيون؟ 70 ورهين دوران ڪنهن به وزيراعظم مدو پورو نه ڪيو آهي، اسان کي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته آخر ڪيستائين ايئن ٿيندو رهندو، عوام ڪجهه ٻيو چاهي ٿو پر ڪجهه طاقتون ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻ چاهين ٿيون، سياسي اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين کان جيڪو ڪجهه ٿيو ٿيندو آيو آهي قوم سامهون آهي. رڳو مان نه نڪتو آهيان پر 70 ورهين ۾ ڪنهن به وزيراعظم مدو پورو نه ڪيو آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي سينيٽ جي چونڊن مان آئوٽ ڪرڻ  قبولڻ جوڳو ناهي. اسان کي چور، ڦورو ۽ ڊرگ ڊيلر چيو ويو، ڪا هڪ، ٻن يا 10 رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ته ٻڌائي وڃي. منهنجي خلاف ڪو ڪيس نئب نه ٺاهيو آهي، چونڊيل وزيراعظم کي ذليل ڪيو ويندو آهي، هر مارشل کي نظريه ضرورت تحت تحفظ ڏنو ويو، مارشل لا تي ٺپو هنيو ويو، آمرن جي هٿن تي بيت ٿيندي رهي آهي، 6 مهينن دوران منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي. 1947ع کان جيڪو ڪم شروع ٿيو اهو اڄ تائين ختم نه ٿيو آهي، تاريخ کي قبر ۾ دفن نه ٿو ڪري سگهجي، هڪ نئين تاريخ لکجي رهي آهي، جيڪو 70 ورهين کان ٿيندو آيو آهي اهو تاريخ هڪ  باب آهي. مان حيران آهيان ۽ منهنجي حيراني بلڪل جائز آهي، ڪيستائين اسان ايئن ڪندا رهنداسين، اسان جي پارٽي ان کي قبول نه ڪندي جنهن کي وڻي ان کي هڪلي. پي سي او تحت قسم کڻڻ ملڪ ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي.شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن خلاف فيصلن تي آواز اٿاريندس. اهم فيصلا نواز شريف ئي ڪندو.