تازيون خبرون

Daily Archives: February 21, 2018

بنا ثبوت جي ڪير نواز شريف کي سزا ڏيڻ واري ضد تي قائم آهي ته اسان جنگ لاءِ تيار آهيون: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف جي خلاف ڪوئي ثبوت پيش ناهي ٿي سگهيو ان جي باوجود ڪڏهن ڪوئي کيس سزا ڏيڻ تي ضد ڪري رهيو آهي ته اسان هي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون هڪ شخص اڳوڻو وزيراعظم آهي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي پوءِ به ضروري ٿيو ته نالو اي سي ايل ۾ وجهنداسين نوازشريف بابت عدليه جو فيصلو تڪراري هو مخصوص حالتن ۾ اسيمبلين جو مدو هڪ سال تائين وڌائي سگهجي ٿو ان حوالي سان آئين ۾ شق موجود آهي ايندڙ چونڊون 31 جولاءِ کان اڳ ٿي وينديون آئين ۾ سمورن ادارن جي حد مقرر آهي جنهن موجب هر اداري کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته نوازشريف گرفتاري لاءِ تيار آهي وزيراعظم چيو ته نيب هڪ ادارو آهي ۽ حڪومت به هڪ ادارو آهي ٻئي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن  هن چيو ته وزيراعظم جي عهدي لاءِ اميدوار شهبازشريف هوندو هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوج ڪنهن جنگ جو حصو نه هوندو هي معمول جو حصو آهي جيڪو تربيتي مقصدن جي لاءِ آهي.

 

پارليامينٽ سپريم پر آئين پارليامينٽ کان به سپريم آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(م.ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم پر آئين پارليامينٽ کان به سپريم آهي،  چيف جسٽس ميان ثاقب نثار  سپريم ڪورٽ ۾ ميڊيا ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته اهو آئين عدليه کي پارليامينٽ جي قانونسازي تي نظر ثاني جو حق ڏئي ٿو ۽ چيو پيو وڃي ته عدليه مداخلت پئي ڪري، هن چيو ته  اسان سمجهڻ لاءِ سوال ڪندا آهيون ٽارگيٽ ناهيون ڪندا، هن چيو ته مقننه کي آئين کان هٽي ڪري ڪوئي اختيار حاصل نه آهي، مقننه بنيادي حقن جي خلاف ڪوئي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهي، هن  ناليواري صحافي حامد مير سان مقالمو ڪندي چيو ته عدليه جي لاءِ ليڊر شپ گهڻي مقدم آهي، اسان سمجهڻ جي لاءِ سوال ڪري رهيا هئاسين ته ڪوئي اهڙو شخص پارٽي ليڊر بنڻجي وڃي ته ڇا ٿيندو؟

 

ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ جاويد اشرف قاضي، ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ سعيد اظفر، ميجر جنرل ريٽائرڊ حامد حسين بٽ، اقبال صمد خان، خورشيد احمد خان، بريگيڊيئر ريٽائرڊ اختر علي بيگ، عبدالغفار، محمد رمضان شيخ،  حسنين، پرويز لطيف قريشي ۽ داتو محمد خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، جوابدارن تي مبينا طور تي پنهنجي اختيارن کي ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي تقريبن 2 ارب رپين جو نقصان رسايو.  اجلاس ۾ اڳوڻي چيئرمين واپڊا طارق حميد، اڳوڻي پاور واپڊا جي ميمبر محمد انور خالد، اڳوڻي واٽر واپڊا جي ميمبر محمد مشتاق، اڳوڻي واپڊا جي فنانس واري ميمبر امتياز انجم ۽ ٻين خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظري ڏني. جوابدارن تي مبينا طور تي پنهنجي اختيارن کي ناجائز استعمال ڪندي نيپرا، پيپرا ۽ اي سي سي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي 150 ميگا واٽ جو رينٽل پاور پراجيڪٽ ميسرز جنرل اليڪٽرڪ انرجي پرائيويٽ لميٽڊ کي ٺيڪو ڏنو جنهن سان قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان رسيو. بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيپٽل ڊويلپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين  فرخند اقبال، اسٽيٽ جي اڳوڻي ميمبر خالد محمود مرزا، اڳوڻي فنانس ميمبر سي ڊي اي جاويد جهانگير ۽ ٻين خلاف انويسٽي گيشن جي منظوري ڏني. انهن تي مبينا طور تي الزام آهي ته هنن پنهنجن اختيارن جو جانائز استعمال ڪندي واپاري پلاٽن کي ڀڳڻن مٺ وڪرو ڪيو جنهن سان قومي ناڻي کي تقريبن 494.333 ملين رپين جو نقصان رسيو. نيب اجلاس سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين ۽ سنڌ اسمال انڊسٽري ڪارپوريشن ۾ غير قانوني مقرريون ڪرڻ ۽ غير قانوني طور تي سرڪاري پلاٽن جي الاٽمنٽ جي الزام ۾ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير عبدالرئوف صديقي، محمد عادل صديقي، ڊاڪٽر ثروت فهيم، مشتاق علي لغاري، محمود احمد، غلام نبي مهر، عبدالحئي ڌامراهه، سيد امداد علي شاهه، سيد اميد علي شاهه ۽ ٻين خلاف ٻه ٻه الڳ الڳ انويسٽي گيشن جي منظوري ڏني. جوابدارن مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قوني ناڻي کي تقريبن 435.4 ملين رپين جو نقصان رسايو. اجلاس ۾ پشاور ڊويلپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل صاحبزاده سعيد احمد، اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل سيد ظاهر شاهه، ڊائريڪٽر جنرل سير محمد،اڳوڻي  جنرل مينيجر محمد طارق ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر عبدالحليم پراچا ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. جوابدارن تي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پلاٽن جي الاٽمنٽ ۾ پلان مالڪن جي رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي پلاٽ جي ڀرسان زمين ڏيڻ جو الزام آهي. جنهن سان قوني ناڻي کي تقريبن 75.27 ملين رپين جو نقصان رسيو. اجلاس ۾ طماش خان اڳوڻي ناظم/ايم پي اي پشاور جي خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي.  ايگزيڪٽو بورڊ پاسڪو جي انتظاميا ۽ ٻين خلاف انڪوائري لاڳاپيل کاتي کي قانون جي موجب ڪارروائي لاءِ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي صحت واري وزير رحمت بلوچ ۽ ٻين خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو، انهن تي  آمدن کان وڌيڪ اثاثن جو الزام آهي. ايگزيڪٽو بورڊ عدم ثبوتن جي ڪري ڊاڪٽر محمد اسحاق فاني ڊائريڪٽر پروگرام فاصلاتي تعليم بهاو الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جي خلاف انڪوائري ۽ فرنٽيئر ڪور آرگنائزيشن ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي آفسرن خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي پڄاڻي تي چيو ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، نيب بنا امتياز ۽ قانون جي موجب ڪارروائين ۽ انويسٽي گيشن کي منطقي انجام تائين پهچائيندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به دٻاءُ يا سفارش قبول نه ڪئي ويندي.

 

عمران خان پاران عدليه کي بچائڻ لاءِ روڊن تي اچڻ جو اعلان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن پارليامينٽ کي عدليه خلاف استعمال ڪيو ته روڊن تي نڪرنداسين: پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن عدليه تي حملو ڪيو ويو هو، 1988ع ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا بئنچ تي پئسا هليا، هاڻي سپريم ڪورٽ خلاف پارليامينٽ کي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ ن هڪ اداري کي ٻي اداري جي تباهي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي موقعو ڏنو،  کيس عدالت جيترو صفائي جو موقعو فراهم ڪيو اوترو ڪنهن کي نه مليو آهي. عمران خان چيو ته اسان عدليه کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪرنداسين. هن چيو ته عوام جا پئسا عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن، مان نه ٿو چاهيان ته عوام جو پئسو پاڻ تي استعمال ڪيا، ڪي پي حڪومت جو هيليڪاپٽر پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو، نواز شريف ٻڌائي ڇا مريم نواز ۽ سندس ٻارن لاءِ مسلم ليگ ن جو جهاز استعمال نه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ واڪ هلي رهيا آهن، هڪ سينيٽر جي بدلي 40 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي، اسان ڪي پي مان 6 سينيٽر نامزد ڪيا ۽ اسان جا سمورا سينيٽر ساڻن گڏ بيٺل آهن.

 

 

پاڪستان جي زمين تي ڪنهن ٻئي جي جنگ نٿي وڙهي سگهي: خواجا آصف

ماسڪو سٽي(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪنهن ٻئي جي جنگ پاڪستان سر زمين تي نٿي وڙهي سگهجي. ماسڪو ۾ روسي هم منصب سان پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير خواجا آصف جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ هن وقت تڪليف ڏيندڙ صورتحال آهي ۽ اتي عداش جي وڌندڙ اثر، منشيات سان دهشتگردن کي پيسن جي فراهمي تي ڳڻتي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان واري مسئلي جو فوجي حل ممڪن ناهي پر ان مسئلي جو حل رڳو ڳالهين جي ذريعي ممڪن آهي. خواجا آصف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻو نقصان کنيو جڏهن ته عالمي امن ۾روس جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته داعش جي خاتمي لاءِ روس اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان روس سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو.  هن چيو ته ڀارت سان ڪمشير سميت سمروا معاملن ڳالهين جي ذيعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

نواز شريف پهرين عدالتن کي آزاد ڪرايو هو، هاڻ پاڪستان ۾ عدم بحال ڪرائيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته وزير اعظم کي اقامي تي گهر موڪليو وڃي ۽ چونڊيل وزير اعظم گاڊ فادر ۽ سسلين مافيا چيو وڃي ته اهو عوام جي راءِ جي خلاف آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فيصلي تي تنقيد ان جو ۽ نواز شريف جو حق آهي جڏهن ته اهو مسلم ليگ ن جو مقدمو ناهي ۽ اسان کي انفرادي سوچ کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ شيخ رشيد جا نالا کڻڻ کان سواءِ مٿن تنقيد ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي هن ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي، مخالف ڌر جي اڳواڻ صحيح چيو هو ته اسان کان غلطيون ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن  تي مينهن چوري جا چرچا ٿيا ته غلطي تڏهن به ٿي جڏهن ڀٽي جي ڦاهي مٺايون ورهايون ويون تڏهن به غلطي ٿي ۽ آمر جي آئين تي حلف ورتو ويو غلطي تڏهن به ٿي پر ڇا انهن غلطين مان سکي اڳتي نه وڌڻ گهرجي، نواز شريف پهرين عدالتن کي آزاد ڪرايو هو، هاڻ پاڪستان ۾ عدم بحال ڪرائيندو. تفصيل موجب سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي عوام جو آواز ٻڌو وڃي. نواز شريف پهرين عدالتن کي آزاد ڪرايو هو، هاڻ نواز شريف پاڪستان ۾ عدل بحال ڪرائيندو.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پارليمان جي عزت ڪرڻ سمورين سياسي پارٽين جو فرض آهي.

 

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وزيراعظم کان به مٿڀري آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو پر پي اي سي وزيراعظم کان به مٿڀري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. خورشيد شاهه ناڻي واري سيڪريٽري جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم اجلاس شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ناڻي واري سيڪريٽري کي ڇو طلب ڪيو،  ڇا وزيراعظم پي اي سي کي غير فعال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڻ کي پي اي سي کان مٿڀرو سمجهي ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته کيس غلطي فهمي ختم ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته وزيراعظم هائوس طرفان ناڻي واري سيڪريٽري کي اجلاس کان اڳ واپس گهرائڻ واري معاملي تي وزيراعظم کان پڇاڻي لاءِ خط لکندس اها پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي آهي، وزيراعظم کي پارلياماني ڪميٽي جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي ۽ قائدن توڙي ضابطن جي پابندي ڪرڻي پوندي.

 

شريف ڀائر عدليه کي بليڪ ميل پيا ڪن، هو هڪ ڀيرو ٻيهر فيصلا ڊڪٽيٽ ڪرائڻ گهرن ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آهي ته شريف ڀائر ڪوڙ ۽ منافقت واري راند جا ماهر آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته شريف ڀائر بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي خلاف ججن جا فيصلا ڊڪٽيٽ ڪندا رهيا ۽ شريف ڀائر هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتن جا فيصلا ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهن ٿا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته شريف خاندان کي اندازو ناهي ته پاڪستان بدلجي چڪو آهي ۽ اسان شريف ڀائرن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران ججن کي بليڪ ميل ڪيو ويندو رهيو ۽ شريف ڀائر ڪرپشن جي عالمي اسڪينڊل کي پنهنجي خلاف سازش قرار ڏئي ججن تي دٻاءَ وجهندا رهيا. هن وڌيڪ چيو ته عدالتن تي اهڙا حملا يا بليڪ ميل ڪرڻ وارا قدم برداشت نه ڪنداسين.

 

نواز شريف ۽ مريم نواز به گارگند برگيڊ جو حصو بڻجي ويا آهن: اعتزاز

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته نوازشريف ۽ مريم نواز به گارگند برگيڊ جو حصو بڻجي چڪا آهن جڏهن به ابتي سبتي ڳالهه ٿئي ٿي ته مريم نواز پنهنجي پيءُ تي وجهي ڇڏي ٿي اکاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزازاحسن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز مسلم ليگ جي مامي چاچن تي سخت دٻاءُ وڌو آهي مسلم ليگ (ن) جو ووٽ بئنڪ نوازشريف ۽ مريم نواز سان آهي ڪجهه مامي چاچن کي ٽرڪ جي بتي تان لاهي روڊ تي اڇلايو ويو آهي شاهد خاقان عباسي انهيءَ ٽرڪ تي ٻيهر سوار ٿيڻ چاهي ٿو هن چيو ته وزيراعظم کي لڳي رهيو آهي ته کيس ڪيترن ئي معاملن تي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي وڏي ڳڻتي واري ڳالهه ته وزيراعظم به گارگند بريگيڊ جو حصو بڻجي چڪو آهي اعتزازاحسن چيو ته ڀارتي چيف جسٽس ساڳيو ئي سوال ڪيو ته ڇا ڪوئي چور پارٽي صدر بڻجي سگهي ٿو راحول گاندي يا موڌي اهو ناهي چيو ته کين چور چيو ويو مريم کي ڪيئن خيال آيو ته چور چيو وڃي ته هي ان جي والد جو ذڪر آهي لڳي ٿو ته مريم کي يقين آهي ته چور ڦورو کي پڪاريو وڃي ته ان جي والد جو نالو ورتو پيو وڃي پ پ پ جي اڳواڻ چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به چيو ته ڇا ڪوئي چور پارٽي سربراهه بڻجي سگهي ٿو مودي ۽ راهول گاندي سميت ڪنهن به ڀارتي سياستدان ان تي احتجاج يا بيان بازي ناهي ڪئي. هن چيو ته هتي جڏهن ڪنهن چور کي للڪاريو وڃي ته کيس لڳي ٿو ته نوازشريف جو ذڪر ٿي رهيو آهي.

 

پاڪستان تازو ڄاول ٻارڙن جي موتن ۾ دنيا جو بدترين ملڪ قرار

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي ٻارڙن بابت اداري يونيسيف پاڪستان کي تازن ڄاول ٻارڙن جي موتن جي لحاظ کان بدترين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف سڄي دنيا ۾ تازو ڄاول ٻارڙن جي موتن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت پاڪستان  ۾ تازو ڄاول ٻارڙن جا موت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر 22 مان هڪ ٻار پيدائش جي پهرين ئي ڏينهن موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان، افغانستان ۽ سينٽرل آفريڪن ريپبلڪن ۾ تازو ڄاول ٻارڙن جي زنده رهڻ جا امڪان سڀ کان گهٽ آهن.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاپان، سنگاپور ۽ آئس لينڊ ۾ پيدا ٿيل ٻارڙن کي ان معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ خوقسمت قرار ڏئي سگهجي ٿو.  عالمي اداري موجب پاڪستان تازو ڄاول ٻارڙن جي موتن جي معاملي ۾ شديد چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.  رپورٽ موجب غريب ملڪن ۾ تازو ڄاول ٻارڙن ۾ موت امير ملڪن جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. خابرو اداري اي ايف پي  موجب يونيسيف جي گلوبل ميٽرنٽي اينڊ نيو بورن پروگرام جي سربراهه ولي بالڊ زيڪ جو چوڻ آهي ته صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ هڪ مهانگو عمل آهي تنهن ڪري مالي وسيلن کي درست نموني استعمال ڪرڻ اڻٽر آهي.