تازيون خبرون

Daily Archives: February 19, 2018

عوام کي ووٽ جي تقدس جي حفاظت ڪرڻي پوندي: نواز شريف

شيخوپوره (اين اين آءِ( پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف چيو آهي ته هتي سڀ منهنجا دشمن ٿي بيٺا آهن اهي بدلو وٺڻ چاهين ٿا نواز شريف الله کانسواءِ ڪنهن کان نه ٿو ڊڄي، 70 سالن کان جيڪو ڪجهه هن ملڪ سان ٿي رهيو آهي هاڻي نه ٿيڻ ڏينداسين، اوهان سان گڏجي تاريخ تبديل ڪنداسين، عوام کي پنهنجي ووٽ جي تقدس جي حفاظت ڪرڻي پوندي جيڪو ووٽ مسلم ليگ (ن) جي باڪس ۾ نه ويندو اهو ووٽ جي تقدس خلاف ويندو، ڪو ثابت ڪري ته مان 10 رپيا رشوت ورتي آهي ته سڄي عمر لاءِ ريٽائرڊ ٿي ويندس، عوام پڇا ڪري نواز شريف کي ڇو ڪڍيو ويو پاڪستان اندر انقلاب اچي رهيو آهي پ پ ۽ لالڏي جي پارٽي کان ڪنهن هڪ به منصوبي جو نالو پڇيو جيڪو انهن مڪمل ڪيو هجي، خيبرپختونخواهه جي حالت ڀڳل ٽٽل آهي، پشاور ۽ ڪراچي ۾ هر پاسي گند ۽ ڪچرو آهي 2018 جي چونڊن ۾ امپائرن جي آڱرين وارن جا دٻا خالي رهندا، آچر تي شيخوپوره ۾ عوام جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مان ڪهڙو منظر ڏسي رهيو آهيان اوهان سمورا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اوهان کي مبارڪون ڏيان ٿو، نواز شريف چيو ته نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ انشاءَ الله شيخوپوره لوڌران کان به اڳتي نڪري ويندو. هن چيو ته نواز شريف اڄ وزيراعظم ناهي، جهڙي طرح اوهان آجيان ڪئي ان جو مثال پهريان ناهي ڏٺو. اوهان نواز شريف کي پنهنجي دلين ۾ ويهاري ڇڏيو آهي مان ڀلا ڪيئن اوهان جا ٿورا مڃيا. جيڪو پيار شيخوپوره نواز شريف کي ڏنو آهي ان تي سڄي عمر نواز شريف خدمت ڪندو رهندو. انشاءَ الله نواز شريف اوهان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو. هن چيو ته اڄ هڪ نااهل وزيراعظم جي ايڏي وڏي آجيان ڪئي وئي آهي مان نااهل آهيان مون کي نااهل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي نواز شريف سوال ڪيو ته مون کي اوهان ڪيترن سالن لاءِ وزيراعظم چونڊيو هو جنهن تي عوام جواب ڏنو پنجن سالن لاءِ چونڊيو ويو هو، هن چيو ته مون کي ته پنج سال به پورا ڪرڻ نه ڏنا ويا، 1990 ۾ ڪيترن ئي سالن لاءِ چونڊيو ويو آهي جنهن تي ٻيهر عوام چيو ته پنجن سالن لاءِ جنهن تي نواز شريف چيو ته ٻن سالن کانپوءِ مون کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو نواز شريف سوال ڪيو ته 1997 ۾ ڪيترن سالن لاءِ چونڊيو ويو هو جنهن تي جواب مليو ته پنجن سالن لاءِ نواز شريف چيو ته ٽن سالن کانپوءِ موڪل ڏني وئي. هن چيو ته نواز شريف کي جلاوطن ڪيو ويو، وطن مان ٻاهر ڪڍيو ويو، نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، ڪال ڪوٺڙي ۾ وڌو ويو، اٽڪ جي قلعي ۾ بند ڪيو ويو، هٿ ڪڙيون لڳايون ويون ڀلا ائين ڇو ٿيو هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ ڳالهه اچي ٿي ته جيل ۾ ڇو وڌو ويو، ملڪ مان نيڪالي جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، هٿ ڪڙيون لڳائڻ جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ڇو ته نواز شريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، تنهن ڪري مون کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته 1990 ۾ موٽروي ٺاهي رهيو هيس، پاڪستان ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو هو جنهن تي مون کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته پ پ ۽ لاڏلي جي پارٽي کان پڇا ڪيو يا ڪنهن به پارٽي کان پڇيو ته انهن ڪو به هڪ منصوبو به ٺاهيو يا وري هڪ منصوبي جو نالو به ٻڌائين جيڪو انهن شروع ڪيو هجي يا مڪمل ڪيو هجي. هن چيو ته ڪهڙو پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ منصوبو جوڙيو آهي يا ڪنهن ٻئي پارٽي جو نالو ٻڌايو جنهن وڏو منصوبو ٺاهيو هجي. پاڪستان ۾ موٽروي ڪنهن ٺاهيو، لوڊشيڊنگ ڪنهن ختم ڪئي، پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪنهن ختم ڪئي، ڪراچي ۾ امن ڪنهن بحال ڪيو، اڄ اسپتالون ڪير ٺاهي رهيو آهي، اسڪول ۽ ڪاليج ڪير ٺاهي رهيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي وارو توهان هن ملڪ کي اونداهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو پر اسان اها اونداهي ختم ڪري روشنيون واپس آنديون آهن، اڄ خيبرپختونخواهه جو حال ڏسو، پشاور ۾ مٽي ۽ ڌوڙ آهي گند ۽ ڪچرو آهي ڪراچيءَ جو به ساڳيو ئي حال آهي الله جي فضل ۽ ڪرم سان شهباز شريف کي شاباس ڏيان ٿو جنهن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اڄ لاهور کي پاڪستان جو سڀ کان خوبصورت شهر بڻائي ڇڏيو آهي. شيخوپوره ۾ اسپتالون ٺهي رهيون آهن روڊ ٺهي رهيا آهن آبادگارن لاءِ ڀاڻ سستو ڪري ڇڏيو آهي، بجلي جو ريٽ گهٽجي رهيو آهي. ملڪ ترقي ڪري رهيو هو پر بدقسمتي سان اڄ ٻيهر نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. نواز شريف چيو ته مون کي اميد آهي ته اوهان به ڪڏهن نواز شريف کي نه ڇڏيندا اسان گڏجي پاڪستان جي قسمت جاڳائي ڇڏينداسين.

 

ڀارت دهشتگردي مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: پاڪستان

سيالڪوٽ (اين اين آءِ)پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان جي اوڀر ۽ اولهه سرحدن تي اسان جو پراڻو دشمن دهشتگردي ڪري رهيو آحي جڏهن دهشتگردي مڙهي ويندي ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم گارين سان نه پر پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن سان ٿيندا آهن سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ساڍا چار سال اڳ پاڪستان ۾ امن هڪ خواب هو پر هاڻي اهو خواب ساڀيان ٿي ويو آهي جهڙي طرح پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. خواجا آصف چيو ته اسان توانائي جا نوان منصوبا شروع ڪيا ۽ بحران تي ضابطو آندو. هن سال جي آخر ۾ 10 هزار 700 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي ويندي اسان سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو ۽ تمام جلد گوادر پورٽ خطي جي سڀ کان وڏي بندرگاهه هوندي. سندس چوڻ هو ته سياست ٽڪراءَ جو نه پر محبت ۽ خدمت جو نالو آهي.

 

سنڌ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي چڪا، پ پ جي تڏا ويڙهه ڪنداسين: پير پاڳارو

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، هي حاڪم گهڻي دير نه رهندا. نوشهري فيروز ڀرسان سڌوجا ۾ ٿيل گرينڊ ڊموڪريٽڪ الائنس جي جلسي کي خطاب ڪندي صبغت الله شاهه راشدي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين، زرداري – نواز دوستي ٻنهي پارٽين ۽ ملڪي ادارن کي تباهه ڪيو آهي، حڪمرانن جا ڪم عدليا ڪري رهي آهي ۽ اهو به مڃڻو پوندو ته پنجاب ۾ ڪجهه ترقي ٿي آهي پر سنڌ ۾ ترقي جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ڏائڻ وانگر هڪ گهر به ناهي ڇڏيو ويو، اهڙا حڪمران هاڻ سنڌ ۾ حڪمراني نه ڪري سگهندا. جلسي کي خطاب اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته مان اڳ چئي چڪو آهيان ته رائو انوار زرداري جو فيوريٽ قاتل آهي، جنهن جي حڪم سان هو ڪيترائي ماڻهو قتل ڪري چڪو آهي ۽ سندس بابت زرداري جي واتان اندر جي ڳالهه نڪري وئي ته رائو انوار بهادر ماڻهو آهي پر زرداري اها ڳالهه واپس وٺي اهو چيو ته اها ڳالهه مون کان نڪري وئي هئي. قومي عوام تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي سنڌ70 سيڪڙو گئس،68  سيڪڙو پيٽرول، 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ٿي، ان جي بدلي ۾ سنڌ جي عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رحم ڪرم تي ڇڏي  غربت ۽ مفلسي ۾ هٿ سان واڌارو ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ اندر لکين بيروز گار نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي روزگار لاءِ دربدر لڳا پيا آهن، پ پ پنهنجي 10 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا اهڙي انڊسٽري نه لڳائي آهي، جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملي. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته هتي ماڻهو ملڪ سان نه پر پارٽي سربراهه سان وفاداري ڪندا آهن، جيڪڏهن مافيا مان جان نه ڇڏائي وئي ته ملڪ هلڻ جي لائق نه رهندو. جلسي کي غلام مرتضيٰ جتوئي، سيد ظفر علي شاهه، صفدر عباسي، شهريار خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، نصرت سحر عباسي، مسرور احمد جتوئي، مخدوم فضل حسين، عاقب خان جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.27

 

شاهد خاقان عباسي حڪومت جي آخري 100 ڏينهن جي ابتي ڳڻپ اڄ کان شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت جي آخري 100 ڏينهن جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي جيڪا سڀاڻي کان شروع ٿيندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي اقتدار جي آخري 100 ڏينهن جي روڊ ميپ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آخري 100 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحت، تعليم، اڏاوت ۽ توانائي جي پيداوار جي پنجاهه نون منصوبن جي شروعات ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان شروع ڪيل ترقياتي رٿائون مڪمل ٿي چڪيون آهن ان دوران اهڙين رٿائن جو افتتاح به ڪيو ويندو.  مڪمل ٿيل رٿائن جو تعداد 37 ٻڌايو پيو وڃي. مسلم ليگ ن جي حڪومت جي بهتري جي رپورٽ ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ منشور به آخري 100 ڏينهن دوران طئي ڪيو ويندو. ٻئي دستاويز ايندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين عوامي استعمال لاءِ تيار ٿي ويندا.

 

سپريم ڪورٽ جي ڊيڊ لائين ويجهو، نيب شريف خاندان خلاف شاهديون هٿ نه ڪري سگهي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف داخل ريفرنسز جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت کي ڏنل 6 مهينن جو وقت ايندڙ مهيني ختم ٿي رهيو آهي پر اڃا تائين نيب پرڏيهه ۾ جوابدارن خلاف شاهديون هٿ نه ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نيب طرفان شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ اپارٽمينٽس، العزيزيه ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ جا 3 ريفرنسز اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.  سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج کي هدايت ڪئي هئي ته ريفرنسز جي ٻڌڻي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن کي ٻڌڻي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.  نيب طرفان اعتراف ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف پرڏيهه ۾ رڪارڊ حاصل ڪرڻ جو اڃا انتظار ڪيو پيو وڃي. نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف هلندڙ ٽرائل پنهنجي آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته نيب طرفان العزيزيه ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ڪيسز ۾ ضمني ريفرنسز به داخل ڪيو ويو آهي.

 

ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، 66 ڄڻا اجل جو شڪار

تهران (اين اين آءِ) ايران جي خانگي هوائي ڪمپني آسمان جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ عملي جي ڇهه ماڻهن سميت سمورا 66 ڄڻا فوت ٿي ويا. مسافر جهاز تهران کان ڏکڻ اولهه شهر يسوج وڃي رهيو هو ته خراب موسم سبب حادثي واري هنڌ هيليڪاپٽر به پهچي نه سگهيو ۽ اصفهيان ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. مسافر جهاز آسمان ايئر لائين جو هو ۽ اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته جهاز روسي قسم اي ٽي آر 500-72 جهاز آهي ايراني عملدارن آسمان ايئر لائين جي جهاز جي حادثي جو سبب ڳولڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايراني ميڊيا موجب آچر تي مسافر جهاز تهران کان ڏکڻ اولهه شهر ياسوج وڃي رهيو هو ته اوچتو ان جو رابطو ڪنٽرول روم سان ڪٽجي ويو ۽ اصفهيان صوبي جي جبلن سان ٽڪرائجي ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 2 سيڪيورٽي گارڊ، 2 خدمت گذار، پائليٽ ۽ هڪ مددگار پائيليٽ سميت ٻيا 60 ڄڻا سوار هئا.

 

پي ايس ايل فائنل جو وڏو انتظار آهي، هڪ سال ۾ گهڻو مفاصلو طئي ڪري ڇڏيو بهتريءَ واري پاسي وڌي رهيا آهيون: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه         ڪراچي  ڪنگز کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فائنل جو وڏو انتظار آهي، اسان هڪ سال ۾ گهڻو مفاصلو طئي ڪري ڇڏيو آهي ۽ بهتريءَ واري پاسي وڌي رهيا آهيون. اٽڪل 21 کان 22 ورهين کانپوءِ بوهري برادريءَ جو امام سيدنا مفضل سيف الدين ڪراچي آيو ۽ مذهبي گڏجاڻين کي خطاب ڪيائين. ان کان پهرين هُو 96-1995ع ۾ آيو هو ۽ 2017ع ۾ ٻيهر آيو، هن ڀيري هن هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت ڪراچيءَ ۾ گذاريو ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پرڏيهه مان تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آيا. سنڌ جي شهرين سيدنا مفضل سيف الدين کي محسوس ڪرايو ته اهي پنهنجي گهرن ۾ آهن ۽ بوهري برادريءَ جا ماڻهو اڄ به جڏهن ملندا آهن ته ٿورا مڃيندا آهن ۽ جهڙي ريت امن لاڳو ڪندڙ ادارن ان هڪ مهيني واري ايونٽ کي ڪور ڪيو انهن کي مان شاباس ڏيان ٿو. اهڙي ريت 17 ورهين بعد 2017ع ۾ مانوارو آغا خان جڏهن ڪراچي شهر آيو ته ڇه ڏهاڙا قيام ڪيائين ۽ هزارن جي تعداد  ۾ ماڻهو هتي آيا ۽ ٽن کان چئن هنڌن تي تقريبن ۾ شرڪت ڪيائين. ڪراچيءَ جي حوالي سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيڻ شروع ٿيو آهي جيڪڏهن اڳ ۾ ڄاڻ هجي ها ته ان ايونٽ جي لابنگ ڪريان ها. 25 مارچ تي پي ايس ايل جو فائنل ڪراچيءَ ۾ ٿيندو ۽ سموري صوبي جي رهواسين خاص طور تي ڪراچي شهر جي ماڻهو تمام خوش آهن. پاڪستان جو ڪمرشل، ڪاروباري ۽ انٽرٽينمينٽ حب صرف ڪراچي آهي ۽ ڪاٻي جاءِ نه آهي پر بدقسمتيءَ سان ڪراچي شهر لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، هاڻ ڪراچيءَ جون روشنيون موٽي آيون آهن. اها سنڌ جي ماڻهن جي فتح آهي، هاڻ ماڻهو هتي پاڻ کي محفوظ سمجهندا آهن ۽ هتي ايندا آهن. ڪراچيءَ  جو امن ٻيهر بحال ٿي ويو آهي. ڪراچي سڄي پاڪستان کي هلائيندو آهي. ترقيءَ جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون جيڪي ڪم ڪيا آهن انهن ۾ ٿوري گهڻي دير ٿي آهي جنهن جو مونکي افسوس آهي. هن چيو ته شهر کي کوٽيو آهي ته ڪم به ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪم نه پيو ٿئي ته مونکي ٻڌايو وڃي. مان اوهان سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ۽ خاص ڪري انجنيئرز کي اهي پاڻ اچن ۽ ڪم جو جائزو وٺن. ميڊيا تي اهي ڳالهيون ٻڌي افسوس ٿيندو آهي ت ميڊيا ۾ ناڪاري خبرن کان سواءِ ڪجهه نظر نه ايندو آهي. هن وقت شهر کوٽيل آهي، انڊرپاس بڻجي رهيا آهن، پل تعمير ٿي رهيا آهن، مان ذاتي طور تي انهن ڪمن جي نگراني ڪري رهيو آهيان. مان اين اي ڊي پروفيسرن کي به ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ چيو آهي. پنجاب چورنگي وٽ انڊرپاس بڻجي رهيو آهي، ان ۾ پاڻيءَ جو پريشئر وڌيڪ هيو جنهن ڪري سڄو ڪم ٻيهر سارٽ آئوٽ ڪيو ويو، جنهن ڪري اسان کي پائلنگ ڪرڻي پئي، پائل ڪري ٻه پل ۽ ٻه انڊرپاس بڻائي رهيا آهيون ان ۾ دير ٿيندي. اوهان ڪو هڪ ڏينهن ٻڌايو ته اتي ڪم ناهي ڪيو ويو ۽ هفتي ۾ هڪ کان ٻه ڏينهن ذاتي طور تي معائنو ڪرڻ ويندو آهيان. انهيءَ رستي کان گذرڻ بعد منهنجو گهر به ايندو آهي، هونءَ مونکي 15 منٽ لڳندا آهن پر هاڻ 25 منٽ لڳندا آهن.، انشاءَ الله مئي جي مهيني ۾ پل ۽ فلاءِ اوور تيار ٿي ويندا. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ته مون کي ٻڌائي. اسان جيڪي پروجيڪٽ شاهراهه فيصل ۽ يونيورسٽي روڊ جي ٻن حصن هڪ حسن اسڪوائر کان نيپا ۽ ٻيو اين اي ڊي يونيورسٽي کان صفوران چورنگي تائين اهي مڪمل ڪرڻا آهن، اتي ڪم رڪيل آهن، جتي اسان کي ايراضي نه ملي هئي،  ڪنٽورنمينٽ وارن کان اسان کي اها ايراضي خريد ڪئي ۽ ان جي رقم به ادا ڪئي وئي آهي. هن سال ڪم دير سان شروع ٿيا آهن پر اهي روڪيا ناهن ويا، هن وقت شهيد ملت روڊ تي ٽن هنڌن وٽان سگنل فري ڪرڻ لاءِ انڊرپاسز ۽ فلاءِ اوور بڻائي رهيا آهيون. ٽيپو سلطان روڊ جو ڪم، صدر کان فوارا چوڪ کان گارڊن تائين اهي سمورا علائقا صحيح ڪرڻا آهن پر انهن تي تنقيد ڪرڻ سان ته شهر کوٽيل آهي ته ڪجهه ناهي ٿي رهيو درست ڳالهه نه آهي. هن چيو ته مان اهو نه ٿو چيو  ته سڀ ٺيڪ آهي، هتي مسئلا آهن اهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ به پيش ايندا آهن، اهو صحي نه آهي ته اسان 24 ڪلاڪ هڪٻئي تي تنقيد ڪريون. هن چيو ته مان اميد ڪريان ٿو ته هن ڀيري پي ايس ايل جو جو فائنل ڪراچي ڪنگز کٽي ڏيکاري، اهو ڪپ اسانکي کٽڻو آهي ۽ اهي سڀني جون دعائون اسان جي ٽيم سان آهن ۽ کيڏڻو اوهان ٽيم کي آهي. ان سان گڏوگڏ ٽيسٽ ۽ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ڪراچيءَ ۾ شروع ڪرايا ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن پي سي بي کي پئسن جي گهرج آهي ته اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڪراچي اسٽيڊيم جي حالت خراب هئي پر هاڻ ڏٺو وڃي ڪيئن آهي. آءِ سي سي ٽيم معائني لاءِ آئي هئي ۽ اهي به سڪيورٽي انتظامن مان تمام مطمئن ٿيا. ماڻهن کي فيسليٽيٽ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته مزو تڏهن ايندو جڏهن ڪراچي ڪنگز فائنل ۾ ايندي ۽ کٽيندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس ايل فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو ۽ هن ڀيري سٺي ۽ بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ ايندي ۽ ڪراچي ڪنگز فائنل کٽيندي. انتظامن بابت هن چيو ته انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ان کان پهرين به اسان وڏا ايونٽ ڪراچيءَ ۾ ڪرايا آهن ۽ مون کي اميد آهي ته فائنل ڪراچيءَ ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالتن جي رمارڪس تي ڪجهه نه چوندس، عدالتن جو احترام ڪندو آهيان. اميد آهي ته عدليا انصاف فراهم ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فلاءِ اوور ڊرگ روڊ ۾ اشو آهي جيڪو ڪم خراب ٿيندو آهي ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، اهو پراڻو پل آهي ۽ ان کي نئين طرح سان بڻائڻو آهي ۽ ٽريفڪ به هيٺين سمت هلندي رهي اتي به اسان جو پروجيڪٽ جاري آهي.

 

حڪمرانن کان 70 ورهين جو حساب وٺنداسين: سراج الحق

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪمران هتان مال ڪمائي ٻاهر وڃي تجوريون ڀري رهيا آهن، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ غربت وڌي وئي آهي، پاڪستان ۾ سياسي نظام ناڪام ٿي ويو آهي. واپڊا ڪالوني تاروجبا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اڄ نواز شريف چئي رهيو آهي ته عدالتن ۾ انصاف ناهي، هن پنهنجي اقتدار واري دور ۾ عدالتي نظام سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڇو نه ڏنو؟. سندس چوڻ هو ته ملڪ ڪرپشن جي ڌٻن ۾ ڦاٿل آهي، بي روزگاري ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ٻڪرين جيان ميمبر خريد ڪيا پيا وڃن. هن ڀارتي انتهاپسندي تي تنقيد ڪندي چيو ته مودي سرحد وٽ اسڪولي ٻارڙن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، سبب اهو آهي ته اسان جا حڪمران بزدل آهن، نواز شريف ۽ آصف زرداري اقتدار ۾ ٻيهر اچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، نااهل حڪمرانن سبب ڀارت پاڪستان کي اکيون ڏيکاري رهيو آهن. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي خانداني سياست جي خلاف آهي، ايم ايم اي کي فعال ڪري رهيا آهيون، صوبي ۾ ايندڙ حڪومت اسلامي هوندي، حڪمرانن کان 70 ورهين جو حساب ورتو ويندو.27

 

پي ٽي آءِ جي دشمني ۾ بلين ٽرين منصوبي تي تنقيد ٿي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبو اسان جو فخر آهي جنهن تي تنقيد رڳو ان لاءِ ٿي رهي آهي ڇو ته هي منصوبو رڳو پي ٽي آءِ شروع ڪيو سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي عمران خان چيو ته هي پهريون ماحولياتي منصوبو آهي، جنهن کي سڄي دنيا ۾ مڃتا ملي رهي آهي ۽ ماڻهوءَ منصوبي تي فقط ان لاءِ حملا ڪري رهيا آهن ڇو ته ان کي تحريڪ انصاف شروع ڪيو. هن چيو ته منصوبي تي رڳو ان لاءِ حملو ڪرڻ ته ان کي پي ٽي آءِ شروع ڪيو اها ڪٿان جي عقلمندي آهي، ٽمبر مافيا سنڌ ۽ پنجاب جي ٻيلن تي قبضا ڪري انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ وڻڪاري مهم تي حملن بدران پنجاب ۽ سنڌ جي ٻيلن جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي.

 

رائو انوار جي گرفتاري لاءِ نئين حڪمت عملي تيار، پوليس پاران انڪائونٽر اسپيشلسٽ سان رابطو رکندڙن کان به پڇا ڳاڇا جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) نقيب الله محسود قتل ۾ گهربل اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار اڃا تائين روپوش آهي پوليس سندس گرفتاري لاءِ نهايت نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي پوليس موجب هاڻي رائو انوار سان رابطو ڪندڙن کان پڇاڳاڇا جو فيصلو ڪيو آهي. رابطو ڪندڙن ۾ ميڊيا جا ڪيترائي ماڻهو به شامل آهن 13 جنوري واري مقابلي کان اڳ ۽ بعد ۾ رائو انوار سان ٽن ڄڻن رابطا ڪيا رائو انوار پنهنجي شوٽر ايس ايڇ او شعيب ۽ امان الله مروت سان به رابطي ۾ رهيو پوليس موجب رائو انوار جي استعمال هيٺ ٽن موبائل فونز جي ڪالز ڊيٽا رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي رائو انوار جي موبائل فون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ به حاصل ڪئي وئي آهي مقابلي واري ڏينهن رائو انوار ڪنهن سان ڇا ڳالهايو سڀني جا بيان قلم بند ٿيندا.