تازيون خبرون

Daily Archives: February 13, 2018

مون سان ٿيل فراڊ تي چيف جسٽس مدد ڪري: ليليٰ

 

ڪراچي(شوبز نيوز) داڪارا ليليٰ دعويٰ ڪئي آهي ته مون ڪراچي ۾ گهر خريد ڪيو هو پر فراڊ ڪري مونکان اهو گهر کسيو ويو آهي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪارا ليليٰ چيو ته مون ڊفينس جي فيز نمبر 5 ۾ شاهد حسين شمسي نالي همراهه کان گهر خريد ڪري پيسا به ڏنا هئا، پر هاڻي نجي بينڪ جو نوٽيس مليو آهي ته توهان ادائگي ناهي ڪئي. اداڪارا ليليٰ چيو ته شاهد حسين شمسي بئنڪ مئنيجر ۽ پراپرٽي ڊيلر سان ڳٺ جوڙ ڪري منهنجو گهر کپائي ڇڏيو آهي.اداڪارا پريس ڪانفرنس دوران روئيندي چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته توهان منهنجي مدد ڪري منهنجو گهر واپس ڪرايو.

 

گلوڪاره ناهيد اختر کي خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ

لاهور ( شوبز نيوز ) پنجاب حڪومت ناليواري گلوڪاره ناهيد اختر کي موسيقيءَ جي شعبي ۾ وڏين خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو آهي. لاهور ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ احمد خان وڏي وزير جي نماندگي ڪندي گلوڪاره ناهيد خان کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. ملڪ احمد خان چيو ته ناهيد خان موسيقيءَ ۾ نئون انداز متعارف ڪرائيندي صحيحي معنيٰ ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. هن چيو ته بي شڪ پاڪستان ۾ موسيقيءَ جي شبي ۾ گليمر ناهيد خان سبب آيو سندس گانا اڄ به مقبول آهن.

 

اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا يافتا ڪرڪيٽر شرجيل خان باڪسنگ شروع ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ۾ سزا کاڌل ڪرڪيٽر شرجيل خان ٻيهر بالنگ گلوز پائي ورتا.ڪرڪيٽ جا دروازا بند ٿئي هڪ سال گذري ويو، شرجيل خان پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ باڪسنگ رنگ ۾ نظر اچڻ لڳو.تفصيل موجب شرجيل خان پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ باڪسنگ شروع ڪري ڇڏي، پي ايس ايل ۾ اسپاٽ فڪسنگ سبب ان تي ڪرڪيٽ جا دروازا پنجن سالن لاءِ بند آهن هو ڪنهن قسم جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ به حصو نه ٿو وٺي سگهي ان لاءِ هن پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ باڪسنگ شروع ڪئي آهي.ٽيسٽ ڪرڪيٽر رنگ ۾ باڪسنگ جا اهڙا جوهر ڏيکاريا جو ڪوچ به حيران رهجي ويو، شرجيل خان جا چاهيندڙ چون ٿا ته باڪسنگ شرجيل خان جي ٻئين پسنديدا راند آهي.

 

عمران طاهر تي تماشائي جي نسل پرستاڻن جملن جي جاچ جو آغاز

 

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بوڊ جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ دوران تماشائي طرفان ليگ اسپنر عمران طاهر تي نسل پرستاڻن جملن جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڏکڻ آفريقي بورڊ طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڇنڇر ڏينهن وانڊرز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمران طاهر تي تماشائي نسل پرستاڻا جملا استعمال ڪيا ۽ ان واقعي بابت هن سيڪيورٽي اختيارين کي آگاهه ڪيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران طاهر  ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ گرائونڊ جي اسٽينڊز ۾ ويو جيئن ان شخص جي سڃاڻپ ڪري سگهجي جنهن جملا استعمال ڪيا ۽ گاريون ڏنيون.  ياد رهي ته 6 ڏينهن وارن ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ڀارت کي ڊڪ ورٿ ليوس قانون جي تحت پنج وڪيٽن سان شڪست ڏني هئي ۽ انهيءَ ميچ ۾ اهو واقعو پيش آيو.

 

حيدرآباد: ٽرڪ ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، عورتن سميت 11 ڄڻا فوت

حيدرآباد (اين اين آءِ) تيز رفتار ڊمپر سوزوڪي پڪ اپ مٿان چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 10 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 عورتون سخت زخمي به ٿيون آهن لاش سول اسپتال حيدراباد منتقل ڪيا ويا پوليس مطابق حيدرآباد ٽنڊومحمد خان روڊ تي تيز رفتار ڊمپر خانگي ڪمپني جي سوزوڪي پڪ اپ کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ پڪ اپ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويئي حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار ۽ امدادي ڪارڪن واقعي واري هنڌ پهتا ۽ انهن زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو جتي طبي عملدارن 11 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي فوتين ۾ 10 عورتون شامل آهن جڏهن ته حادثي جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي به ٿي پيون. پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل سوزوڪي پڪ اپ خانگي ڪمپني جي ملڪيت هئي ۽ ان ۾ سوار ماڻهو ڪمپني جو سامان وڪرو ڪرڻ وڃي رهيا هئا ڊمپر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي ويئي آهي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ٽنڊومحمدخانکي متاثرن جي هر قسم جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

سڌارن جو وقت اچي ويو ، جتي جتي غلطيون ٿيون اصلاح ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ايف بي آر کان عطاءُ الحق قاسمي جا 10 سالن جا گوشوارا طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس آف پاڪستان ڏيندي چيو ته سڌارن جو وقت اچيوويو آهي، جتي جتي غلطيون ٿيون اصلاح ڪنداسين. تفصيل موجب ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته عطاءُ الحق قاسمي پگهار جي مد ۾ ڪيترائي پيسا ورتا؟ سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري ٻڌايو ته عطاءُ الحق قاسمي جي پگهار 15 لک هئي، 3 ڪروڙ رپيا پگهار 2 سالن ۾ وصول ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ساڍا 3 لک رپيا ميڊيڪل جو خرچ آهي، سفري خرچ 10 لک رپيا آهن، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته عطاءُ الحق قاسمي کي مهانگي گاڏي ڏني وئي، گاڏي کي واڌ ويجهه جو خرچ ڪهڙي قانون تحت ڏنو ويو؟  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته لکين رپيا پيٽرول جي مد ۾ وصول ڪيا ويا، عطاءُ الحق قاسمي کي سرڪاري گهر ۾ لفٽ به لڳرائي ڏني وئي، اهي سموريون ڳالهيون جاچ ۾ سامهون آيون. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته جيڪڏهن اها رقم وڌيڪ ٿي ته سڀني کي ڀرڻي پوندي، جنهن مقرري ڪئي آهي سڀني کان پيسا وٺنداسين، چيف جسٽس چيو ته 2 سالن ۾ 24 لک رپيا تفريح جي مد ۾ خرچ ٿيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته لاهور جي ڪيمپ آفيس تي ڪيترو خرچ ٿيو؟ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪيمپ آفيس تي 11 لک رپيا خرچ ٿيا. عدالت ايف بي آر کان عطاءُ الحق قاسمي جا 10 سالن جا گوشوارا طلب ڪيا.

 

اثاثا ريفرنس: واجد ضياءَ پاناما جي آءِ ٽي جي اصل رپورٽ جو واليم هڪ ۽ 9 عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊارخلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي سلسلي ۾ قائم نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پانامه جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياء جو بيان قلمبند ڪيو ويو سومر تي احتساب عدالتجي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌني ڪئي احتساب عدالت پانامه ڪيس ۾ شريف خاندان جي اثاثن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه، ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياء ۽ جاچ آفيسر نادر عباس کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو 8 فيبروري تي ٿيل گذريل ٻڌڻي ۾ اصل جي آءِ ٽي رپورٽ نه هجڻ جي ڪري واجد ضياء جو بيان قلمبند نه ٿي سگهيو هو سومر تي واجد ضياء پانامه جي آءِ ٽي جي اصل رپورٽ جو واليم هڪ ۽ 9 عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي واجد ضياء ٻڌايو ته 20 اپريل 2017 تي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي بنائڻ جو حڪم ڏنو جنهن لاءِ ايف آءِ اي منهنجو نالو موڪليو هن ٻڌايو ته 5 مئي تي سپريم ڪورٽ منهنجي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ مان عامر عزيز آءِ ايس آءِ مان نعمان سعيد ايم آءِ سي ڪامران خورشيد، ايس اي سي پي جو بلال رسول ۽ نيب مان عرفان نعيم منگي شامل هئا واجد ضياء ٻڌايو ته جي آءِ ٽي 10 جولاءِ 2017 تي حتمي رپورٽ پيش ڪئي هن ٻڌايو ته ان دوران اسحاق ڊار سميت مختلف شخصيتن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ان موقعي تي احتساب عدالت جي جج واجد ضياء کي چيو ته اوهان کي پنهنجي ڪيس ۾ اسحاق ڊار تائين محدود رهڻو آهي واجد ضياء ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ايس اي سي پي، بئنڪن ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن کان رڪارڊ ورتو هن ٻڌايو ته 1992 جي ويلٿ اسٽيٽمينٽ مطابق اسحاق ڊار جا اثاثا 9.1 ملين رپيا هئا جڏهن ته 09-2008 ۾ ان جي اثاثن جي ماليت 831.6 ملين رپين تائين پهتل هئي واجد ضياء ٻڌايو ته اسحاق ڊار جي اثاثن ۾ ان عرصي دوران 91 ڀيرا اضافو ٿيو هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ان نتيجي تي پهتي ته اسحاق ڊار جا اثاثا آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ آهن جڏهن ته هو پنهنجي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪو جواز پيش نه ڪري سگهيو واجد ضياء مطابق اسحاق ڊار 2005 ۾ براق هولڊنگز ۾ 5.5 ملين پائونٽس جي سيڙپ ڪئي جڏهن ته 2008 ۾ 4.9 ملين برطانوي پائونڊ پٽ کي قرض ڏنو پر پٽ جو نالو ظاهر نه ڪيو ۽ هو ان رقم جو ذريعو به نه ٻڌائي سگهيو واجد ضياء جو بيان رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ اسحاق ڊار جي خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

خطرناڪ شهرن ۾ ڪراچي 6 مان 50 نمبر تي اچي ويو، لسٽ پڌري

ڪراچي (اين اين آءِ) خطرناڪ شهرن جي لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي ڪراچي 6 کان 50 نمبر تي اچي ويو آهي يورپي ويب سائيٽ ڏوهن بابت دنيا جي سڀ کان خراب شهرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي اهي ڪراچي 50هين نمبر تي رهيو ماضي ۾ ڪراچي کي دنيا خطرناڪ شهرن جي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي هو سربيا مان هلايل هن ڊيٽا بيس تي ڪرائوڊ فورسنگ يعني انٽرنيٽ تي عوام جي ذريعي ڄاڻ گڏ ڪئي وڃي ٿي جنهن مطابق عوام سينٽرل آمريڪا جي ملڪ هونڊوراس جي شهر سانفيڊروڪو دنيا جو سڀ کان غير محفوظ شهر قرار ڏنو سروي مطابق آمريڪي شهر اٽلانٽا، شڪاگو، بالٽيمور ۽ اورنيو ۽ لينز ۾ ڏوهن جي حوالي سان شهرن جو تصور ڪراچي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو خطرناڪ ۽ بدترين آهي.