تازيون خبرون
افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين: وزيراعظم - زرداري ۽ شهباز شريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه - آمريڪي مداخلت، آئي ايم ايف پاڪستان کان نئين کان اڳ پراڻي قرضن جا تفصيل گهري ورتا - نواز-زرداري سياست ختم، الله تعاليٰ وٽ دير آهي انڌير ناهي: فواد چوڌري - نواز شريف مريم لاءِ اين آر او ڳولي رهيو آهي، مارچ کان اڳ چورن ۽ ڦورن تي ٻهارو ڦري ويندو: شيخ رشيد - چيف جسٽس ميان ثقاب نثار جي ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات، عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گهري جذباتي لڳاءَ جو ذڪر به ڪيو - ڪئمرامين تي تشدد ڪندڙ گارڊ خلاف ڪارروائي ٿيندي، حرڪت گارڊ جي بدنامي منهنجي ٿي: نواز شريف - سنڌ سرڪار جو تاريخي فيصلو، پي اي ايف ۽ سنڌ حڪومت ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون - هڪ وک به مديني جهڙي رياست ڏانهن ناهي کنئي ويئي، بلوچستان کي ظالم سرڪار ۽ سردارن غريب رکيو آهي: سراج الحق - سياست جو بنارسي ٺڳ شيخ رشيد جمهوريت لاءِ ناسور آهي، نواز شريف جو مٿو چمڻ وارو اڄ عمران خان جا بوٽ چَٽي رهيو آهي: راڻا ثناءُ الله

Daily Archives: January 17, 2018

هنن سياسي ڪرتبن جو ڪو دنگ به آهي؟: شفيق الرحمان شاڪر

هن وقت ملڪ جون حالتون مونجھارن،مسئلن ،معاملن ۽ مشڪلاتن جي جنهن دڳ تي بيٺل آهن انهن جو اندازو ۽ ادراڪ اڃا تائين شايد اسان جي هن نام نهاد  حڪمران اشرافيا کي نه ٿيو آهي.ملڪ جي سلامتيء ۽ بچاء واري بيهڪ،معاشي ڪمزوريءجو قصو،سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول، مختلف رياستي ادارن جي پاڻ ۾ اڻبڻت، غيرملڪي دٻاء،امن امان جي ابتري،حڪومتي ادارن جو غير فعال بڻجي وڃڻ، مزاحمتي تحريڪن ۽ احتجاجي ڌرڻن جون ڌمڪيون، عدالتن سان محاذ آرائي ،هر هنڌ  معصوم ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتيون ۽ قهري قتل،آس پاس جي خطي ۾ تيزيء سان تبديل ٿيندڙ صورتحال،عدالتن جا پاڻ مرادو ورتا ويندڙ نوٽيس،هر قومي ۽ سرڪاري اداري اندر ظاهر ٿيندڙ ڪرپشن جاڀنڊار،ڏينهن ٻن ۾ لاهور جي مال روڊ تي  مچندڙخوفناڪ سياسي ميلو.مطلب ته ان کان وڌيڪ هيجاني ۽ بحراني ڪيفيت ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ اسان سڀ آخر ڪهڙو انتظار ڪري رهيا آهيون؟ ڪو منترياجادو جنتر ٿيندويا ڪو تعويذ لکيو پيو وڃي يا ڪو ڌاڳو ڦوڪيو پيو وڃي جنهن سان سڀ سڻايون ٿي وينديون.يا قوم جا ڪي اعليٰ دماغ هڪ هنڌ ويهي مٿن تي هٿ ڏيئي ڪو ترياق ڳولهي رهيا هجن.ڪي ڏاها ۽ دانشور گڏجي انهن سختين جو سٽ سلجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجن.يا ڪي ساڃاهه وند پنهنجن سوچن جو ست کپائي انهن مصيبتن جو منهن موڙڻ جي محنت ڪري رهيا هجن.يا اسان جا “دورانديش” ۽ “حڪمت سان مالامال“ حڪمران پنهنجون ننڊون ڦٽائي ملڪ کي ان خطرناڪ ڌٻڻ مان ڪڍڻ جا پهه پچائي رهيا هجن.ڪنهن وڏي سانحي کان بچڻ لاء  هرطرف ڏيهه ۾ڏاهپ جا ڏيئا روشن ٿي ويا هجن يا ملڪ کي مونجھاري مان ڪڍڻ لئي ڪيئي مانجھي ميدان ۾ لهي پيا هجن.

اهڙو ته ڪجھه به نظر ڪونه ٿو اچي.“اها ئي ڪهاڙي،اهائي وڍڻ جي وار” يا “ اها ئي چري اهوئي جنڊ.” يعني اهي ئي الزامن سان ڀريل آواز،اهي ئي نفرتن سان تمٽار ٽهڪ،اهي ئي گارين سان ڀريل گفتا،اهي ئي حقارت سان معمور حرف،اهي ئي تهمتون ،طنز،طعنا،تبرا،اهي ئي زبان مان نڪتل زهرآلود تير،اهي ئي غصي کي ڀڙڪائيندڙ ڀالا،اهي ئي سياست جا سڀ سنڌا لتاڙي ذاتيات جو پوسٽ مارٽم،هي سڀ ڪجھه ڇا آهي؟ سياست آهي،ساڃاه ۽ شعور آهي،سنجيدگي آهي،جوش ، جذبو يا جنون آهي،مستي آهي،زور آزمائي يا زور نمائي،قصو ڪرڻ کان ڳرو آهي.سڌريل ۽ باشعور قومون مشڪلن ۽ بحرانن جي نازڪ مرحلن مان انهن افعالن سان اڪري پار پونديون آهن؟رهبر راه هلندڙ اڻ ڄاڻڻ جي ان نموني رهنمائي ڪري کين دڳ لڳائيندا آهن؟مايوسين جي اٿاه اونهاين ۾ غوطا کائيندڙ عوام کي ايئن گهلي ٻاهر ڪڍبو آهي؟ايئن ٿو لڳي ته ملڪ حقيقي رهبري ۽ ليڊريء جي خزاني کان ئي خالي ٿي ويو آهي.وڏا نالا،وڏا نعرا، وڏيون تصويرون،وڏا بيان،وڏيون ڳالهيون،وڏا عزم،وڏا ارادا،عوام کي زمين تان کڻي آسمان تي پهچائڻ جون دعوائون،ملڪ کي جنت بنائڻ جا اعلان،ترقيء جا اٺ جي آنڊي جيڏا اشتهار پر ملڪ ۽ عوام ڪٿي بيٺل  آهي؟

سڀني قصن ۽ ڪهاڻين جي آخر ۾  اهو عذر ته اسان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، اسان جا هٿ پير بڌل آهن،اسان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي.انهن کان ڪو هي سوال به پڇي ته هي جو ٻاهرين ملڪن ۾ اوهان جي مال ۽ دولت جا چرچا هلن پيا،اها دولت دوسو يا هوشوء جي ته ناهي.اها دولت ٺاهڻ ۾ ته اوهان جا هٿ پير ٻڌل ناهن.پنهن جي ذاتي فائدن ۽ ڪاروبارن جي ترقيء جي لحاظ کان ته اوهان هميشه پنهنجي دل جا بادشاه رهيا آهيو.نه ڪو پڇڻ وارو نه ڪو ڳاڇڻ وارو. باقي جڏهن ڳالهه اچي عوامي ڀلائيء جي ته توهان کي پنهنجا ٻڌل هٿ پير ياد اچيو وڃن.هي ڪنهن کي بيوقوف بنائي رهيا آهن؟سندن ئي هم نوائن مان ڪي چون ٿا ته ميان! سياستدان ويچارن جو ڪهڙو قصور! اصل ته سڄو کيل ئي اسٽيبلشمينٽ جو آهي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ان کيل لاء اسٽيبلشمينٽ کي گھربل اداڪار ڪٿان حاصل ٿين ٿا؟ مارشلائن کي مرحبا چوڻ وارا ۽ جنرلن جا هٿ چمڻ وارا به اهي ئي سياستدان آهن.اهي پاڻ جيستائين اسٽيبلشمينٽ جو حصو آهن تيستائين امن ۽ انصاف آهي پر جڏهن اتان کين ڪو ٿڏو لڳي ٿو ته وڏا “نظرياتي” بڻجيو ويهن.آمرن جيڪو ملڪ جو حال ڪيو ان کان ڪنهن کي اختلاف آهي.اسٽيبلشمينٽ ماضيء  ۾ جيڪا راند رچائيندي رهي آهي انهيء ۾ ڪهڙي شڪ جي گنجائش آهي.جنرلن عوامي حڪومتن تي قبضو ڪري جيڪو زهر پکيڙيو ان جو اثر اڄ تائين اسان جي فضائن مان ناهي هٽيو پر هي به اهڙا پاڪدامن ناهن جهڙا پاڻ کي سڏائين ٿا.اڄ ملڪ جو جيڪو حال آهي ۽ جن مشڪلن ۾ اسين ڦاسي چڪا آهيون انهن جا اهي به اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هڪجهڙا ذميدار آهن.بيوسين جو ماتم ڪرڻ بدران انهن سياسي ادارن کي مظبوط ۽ خودمختيار ڇونه بنايو.قومي نفعي بخش ادارا ڪيئن تباه ڪيا؟ميرٽ جو قتل عام ڪيئن ڪيو؟ عوام جيڪو هنن جي اصل طاقت ٿي پئي سگھيو تنهن کي تعليمي  ۽ معاشي طور تي پاڻ ڀرو ڪري ڇونه بيهاريو؟ انهن سوالن جو جواب بهرحال انهن کي ئي ڏيڻو پوندو.پاڪستان ۾ اختيارن ۽ ادارن ۾ سياسي تڪرار موجود رهندو ٿو اچي پر اهي ان تڪرار جو حقيقي نبيرو نه پر ان تڪرار کي سياسي طور تي ڪيش ڪرڻ ٿا گھرن.اهي پنهنجون سڀ معذوريون ،مجبوريون،نااهليون ۽ نالائقيون ان تڪرار جي جمنا ۾ ڌوئندا آيا آهن ۽ آئنده به ايئن ئي ڪندا. اهي سڀ جا سڀ ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو مڃي چڪا آهن ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ هر چونڊ جا نتيجا پهرين ئي مرتب ٿيل هئا پر ڇا انهن ۾ ايتري اخلاقي جرئت آهي جو ايندڙ چونڊن کان اڳ سڀ متفق ٿي اصل اختيار ڌڻين سان وڏي واڪي کلي ڳالهائين ته چونڊن کان پهرين ان سياسي تڪرار جو نبيرو ٿيڻ گھرجي ته حقيقي اقتدار ڪنهنجو هوندو؟ پر اهي ايئن هرگز نه ڪندا جو انهن جي ڪمزور ۽ معذور سياسي جسم کي هروقت ڪنهن نه ڪنهن مضبوط ڪلهي جي ضرورت رهي ٿي ۽ انهن جي ماضيء جي اخلاقي ۽ معاشي بدعنوانين جي قصن سان ڀريل هزارين خفيا فائيل انهن جا هانء ڏاري وجھن ٿا!

اسٽيبلشمينٽ،سياستدانن،حڪمرانن، عدالتن ،ميڊيا، مذهبي جمائتن ۽ ٻين سمورين ساڃاهه وند ڌرين کي سنجيدگيء سان سوچڻ گھرجي ته گھڻو ٿيو،هاڻي غلطيء جي ڪا گنجائش باقي نه رهي آهي  جو اسان جي رياست جي گاڏي حالتن جي جنهن موڙ تي بيٺل آهي اتي اهو سائين بورڊ نظر اچي رهيو آهي ته

“ خبردار!  اڳيان خطرناڪ کڏ آهي.”

 

تعليم جو مقصد فقط پڙھڻ نه سکڻ به ھُوندو آھي….: فداحسين ڪُٻر

تعليم جي اھميت کان واقف قومون سڀ کان وڌيڪ اھميت انھن جي ايندڙ ۽ نئين نسل کي ڏينديون آھن. ته کين اڳتي ھلي دنيا کي فتح ڪرڻو ھُوندو آھي. تعليمي قومون اڄ دنيا جي ڪھڙي منزل ۽ مقام تي آھن اڄ اُھي اسان جي سامھُون آھن, ته ڪيئن اُھي قومون تعليم يافته ٿي اڄ دنيا جي گول نقشي تي مالڪ ٿي حُڪمرانيون ڪري رھيون آھن. ته اُھي قومون به اسان جي اکين کان اُلجھيل ناھن جن قومن تعليم کي خالي چند اکرين سان سھيڙيل لفظ سمجھي ٺُڪرايو ۽ اڄ اُھي قومون ويران ۽ تباھ ٿي ختم ٿي ويون, انھن قومُن جو وجود ڊائناسارز وانگر ڌرتي جي نقشي تان صديون پھريان ھميشه ھميشه جي لا۽ فنا ٿي ويو. تعليم يافته قومُن جو مڪمل ذھني عامادگي سندس نسل کي تعليم ۽ فقط تعليم ڏيارڻ ۽ کين ڌرتي تي عزت سان زندگي جيئڻ جو پورو پورو حق ڏيڻ آھي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ کنڊن ۾ جھڙوڪ  يورپ, لنڊن, آمريڪا, آسٽريليا ۽ ٻين مُلڪن ۽ کنڊن پنھنجي تعليمي ادارن ۾ رڳو پڙھڻ ۽ لکڻ ئي ڪافي نه سمجھيو ويندو آھي, پر ٻارن جي روحاني, سماجي ۽ اخلاقي تربيت جي پڻ خاص اھميت ڏني ويندي آھي. ۽ اھڙي تربيت جي نتيجي ۾ سُٺا بااخلاق خلق جي خدمت جي جذبي سان ڀرپور سماجي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ پيدا ٿين ٿا. پر اسان جي ھن سماج ۾ اسڪولن اندر فقط ڪتابن اندر ڇپيل سبقن کي مھارتُن, صلاحتين, تربيتُن ۽ اخلاقياتُن کان وڌيڪ اھميت ڏني ويندي آھي, جنھن سسٽم جا پيروڪار تباھه قومون جو حصو ھُوندا آھن. سنڌ ۾ ڪو به اڪيلو اسڪول ناھي جنھن ۾ مھارتُن, صلاحتين, تربيتُن, اخلاقياتُن, ۽ اداڪاري جي سھاري شاگردن کي تعليمي سکيا ڏني وڃين. پر حوش ۽ حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا جڏھن نگاھون شھدادپور شھر ۾ پيئراگن اسڪولز نالي تعليمي اداري تي پونديون! جتي يورپ, آمريڪا, لنڊن ۽ ٻاھرين ترقي يافته مُلڪن جھڙي اھڙي قسم جي تربيت جو ماحول جڙيل آھي. پيئراگن اسڪول شھدادپور ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد پڙھندڙ اسد الله پنجارو به اُنھي اداري جو ذميوار شاگردن مان ھڪ آھي. اسد الله پنجارو جو والد محمد پريل پنجارو پاڻ خُد به تعليم جي مقصد جي شعبي سان وابسطه نھايت پيارو ماڻھُون آھي. سندس دل اسد الله کي دنيا جي بھترين شخصيتن جي نالن جي فھرستن ۾ ڏسڻ چاھي ٿو. اسد الله پنجارو پنھنجي اسڪول جي سُٺن شاگردن ۾ شمار ٿئي ٿو, سندس ڪرگردگي سڄو سال بھتر رھي ٿي. اسد الله پنجارو ۾ اڳواڻي واريون صلاحيتون ڀرپور نموني سان موجود آھن, ۽ انھن صلاحيتن ۾ وڌيڪ نکار ۽ خوبصورتي آڻڻ ۾ ھن جي پسنديده ۽ بھترين استاد منظور علي ٿھيم جو وڏ ھٿ آھي. پيراگن اسڪولز جو ڊائريڪٽر مصطفي نظاماڻي اسڪول جي ترقي جي لا۽ ھر اُھو ممڪن قدم کنيو آھي جيڪو ڪو ٻيو تعليمي ادارو ھلائيندڙ شخص سوچي نه نٿو سگھي. سُٺا ٽرينرز گھُرائڻ, سنڌي ڪلچر ڏينھن ملھائڻ اسڪول ۾ انگريزي ٻولي ڳالھائڻ, ساليانا اسڪومز تربيتي پروگرام ڪوٺائڻ, شاگردن کي جديد ٽيڪنوليجز سان تعليم ڏيڻ ۽ اداڪاري جي ڪلا سان شاگردن جي روح ۾ اخلاقي ۽ سماجي تربيت منتقل ڪرڻ ايئن لڳندو آھن ته ڪو جادو ئي آھي. تازو ئي سالياني پروگرام ۾ منظور علي ٿھيم جي تخليقي ڪيل خاڪي “شھيد ذولفقار علي ڀٽو جي زندگي جي جھلڪ”! ۾ اسد الله پنجارو دل و جان سان ڪردار ادا ڪري ان پروگرام ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اسد الله پنجارو نھايت ئي سنجيده قسم جو ڪم ڪيو ۽ شھيد ذولفقار علي ڀٽو کي خراج تقسيم پيش ڪندي تيار ڪيل ٽيبلو ۾ شھيد ذولفقار علي ڀٽو جو ڪردار نڀايو. اسلامي سربراه ڪانفرنس, جلسن کي خطاب ڪرڻ جيل ۾ قيد ٿيڻ, ۽ بينظير ڀٽو سان جيل اندر ملاقات ۽ ڦاسي گھاٽ ڏانھن وڃڻ وارا ڪردار نڀايا. حيرت جھڙي ڳالھ آھي ته ڪيئن ھڪ چوڏھن سالن جي ٻار ڀٽو صاحب جو اھڙو ته ڪردار ادا ڪيو ته ائين محسوس ٿيو ته اُھو دور واپس موٽي آيو ھُجي ۽ ڀٽو کي ڦاھي گھاٽ ڏانھن نيو پيو وڃين ۽ جڏھن ڀٽو صاحب جي ملاقات جيل اندر بينظير ڀٽو سان ٿي ته اکيون آبشار بڻجي ويو ۽ اکيون بند ڪري اسڪول اندر مھارتون سيکاريندڙ استادن ۽ کين تربيت ڏيندڙ ڊائريڪٽر مصطفي نظاماڻي, منظور علي ٿھيم ۽ اسڪول مئنيجيمنٽ کي سلام جو توپون ڏيڻيو پيون. اسد الله پنجارو پاڻ ڀٽو صاحب جو ڪردار نڀائيندي ايترو ته حاوي ٿي ويو جو ڏسندڙن ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي وئي, اکيون ڀرجي آيون  ۽ جڏھن ڀٽو صاحب جو جيل ۾ انٽرويو ورتو ويو ته اسد الله پنجارو لفظن جي خوبصورت ۽ سنجيدگي سان ادائگي ڏيکاري جو حال ۾ ويٺل مھمان بي ساخته ٿي اٿي بيھي تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ٿي پيا, اسد الله جي استعمال ڪيل لفظن مان حقيقي ڀٽوازم جي جھلڪ نظر اچي وئي ھُجي, محسوس ٿيو ته ڀٽو زنده آھي! ڀٽو زنده آھي! استعمال ڪيل جملن ۾ سوال ۽ جوابن جي ڏي وٺ ٿي ته ڀٽو: قوم کي تنھنجو ملڪ کي ڏنل خدمتون وسري ويون ڇا جو توھان کي ھن ڪال ڪوٽڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿن! جواب: مون پاڪستان کي ڇا,ڇا نه ڏنو آئين ڏنم, طاقتور فوج ڏنم, اسٽيل ملز جھڙا بيشُمال ادارا ڏنم, پاڪستان کي اسلامي ملڪن جو اڳواڻ بڻايم ۽ قاديانين کي غير مسلمان قرار ڏيارڻ جو بل پاس ڪرايم! توھان کي ڦاسي جي سزا ڇو ڏني پئي وڃين! ڀٽو جو جواب: ڇو ته آئون ڌرتي جو پُٽ آھيان, جُھڪڻ منھنجي خون ۾ شامل ناھي, اسان ڪنڌ ڪپائڻ سکيا آھيون پر ڪنڌ جھُڪائڻ ڪڏھن ۽ ھرگز به نه! اھڙا جملا ڏسي احساس ٿيو ته اسد الله جھڙا شاگرد ئي اصلي سمجي اڳواڻ آھن جيڪي اداڪاري جي سھاري پوري سنڌ کي ڀٽوازم جو اصلي مفھوم سمجھاڻ لا۽ محنت ڪري سندن اڳيان خاڪو پيش ڪيو. شھيد بينظير ڀٽو اسد الله پبجارو جي پسنديده سياسي شخصيت آھي. سُٺي انگريزي ڀرپور تخليقي صلاحيتُن سان مالامال اسد الله پنجارو مستقبل ۾ سٺو ليڊي ٿيڻ جي خواھش رکي ٿو ۽ پنھنجي ڪاميابي لا۽ پنھنجي ما۽ پي۽ محمد پريل پنجارو ۽ پنھنجي استاد منظور علي ٿھيم جي دُعائُن ۽ محنت کي سمجھي ٿو. اسد الله پنجارو پئراگن اسڪول ۾ خالي ڇپيل ڪتاتن اندر سبقن کي نه بلڪي زندگي جي حقيقتُن کي پاڻ پروڙي سماج کي سمجھائڻ ٿو چاھي ته اسان کي ڇا سيکاريو ويو آھي ۽ اڄ ھي سماج اسان کي ڇا سيکاري ۽ ڏيکاري رھيو آھي,! تعليمي ادارا خالي سبق پڙھائڻ جا ذميوار ناھن نه, نه, بلڪي اصلي تعليمي ادارا مھارتون سيکارڻ جا ذميوار آھن. شال سنڌ ۾ پيراگن اسڪول ۽ اسد الله پنجارو جھڙا شخص پيدا ٿين ته سنڌ سماجي, اقتصادي ۽ تعليمي ھُنر ۾ يورپ کان گھٽ نه ھُوندي…….!

 

 

”پيغام پاڪستان“

صدر ممنون حسين انتهاپسندي جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم جي گڏيل پڌرنامو ”پيغام پاڪستان“ جاري ڪندي چيو آهي ته قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ جوڙيل پاڪستان جو آئين ئي اسان جو بنيادي پڌرنامو آهي، جڏهن ته عالمن جي فتويٰ ان جي وضاحت ۽ تائيد ڪري ٿي جنهن سان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.  انٽرنيشنل اسلاملڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ متفقه قومي بيان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ ڪتاب ”پيغام پاڪستان“ ۾ 18 سئو کان وڌيڪ عالم سڳورن جو متفقه فتويٰ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ دهشتگردي، رتوڇاڻ ۽ خودڪش حملن کي حرام قرار ڏنو ويو آهي،                           ان موقعي تي گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين مولانا فضل الرحمان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، ريڪٽر انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي، وفاق المدارس العربيه جو صدر ڊاڪٽر عبدالرزاق، تنظيم المدارس اهل سنت جو صدر مفتي منيب الرحمان، وفاق مدارس سلفيه جو صدر پروفيسر ساجد مير، وفاق مدارس شعيه جو صدر علامه سيد رياض حسين نجفي، رابط المدارس جو صدر مولانا عبدالمالڪ به خطاب ڪيو. صدر  پاڪستان خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين قومي اتحاد ۽ فرقيواراڻي هم آهنگي کي مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو، اسان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيان آهي ڇو ته ان جو بنياد قرآن ۽ سنت جي تعليم ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر تي رکيو ويو آهي، ان لاءِ هي اسان جي پهرين ذميداري آهي ته پنهنجي ان بنياد کي مضبوطي سان پڪڙيون، پيغام پاڪستان جي نالي سان جوڙيل فتويٰ ۾ سمورن ديني مڪتب فڪر قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان هڪ سٺو دستاويز جوڙيو آهي جنهن جي ذريعي فرقيواريت ۽ دين کي هن ڌرتي تي فساد لاءِ استعمال ڪرڻ جو دليل رد ٿي ويندو آهي ۽ اسلام جو حقيقي چهرو سامهون اچي ٿو، عالم سڳورن جي متفقه فتويٰ ”پيغام پاڪستان“ جو بيانو انهن ماڻهن جي اصلاح جو ذريعو به بڻجندو جيڪي ڪجهه ناپسنديده عنصرن جي منفي پروپيگنڊا جو شڪار ٿي ڪري رستو ڀلجي ويا هئا، صدر خواهش جو اظهار ڪيو ته شدت پسندي جي حوالي سان هڪ جامع دستاويز جي تياري ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشري ۾ فرقيواريت جي فروغ وٺندڙ مختلف شڪلين تي به ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته تازو ئي فرقيواريت جا ڪجهه اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ مليا جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان ڳڻتي جوڳا آهن، ان ناپسنديده رجحان تي ضابطو نه آندو ويو ته خدشو آهي ته ان سبب ملڪ ۾ فتنن جو هڪ وڏو طوفان برپا ٿيندو جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ زمانا گهربل هوندا، اڄ علمي انقلاب دنيا جي دروازو کڙڪائي رهيو آهي، مسلمان ان کڙڪي کي ٻڌن ۽ مستقبل لاءِ پنهنجي رخ کي درست ڪري پنهنجي معاشرن ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائين ڇو ته ان تي مستقبل جو دارومدار آهي. اسان جي خواهش آهي ته هي بيان قومي سڃاڻپ جو حصو بڻجي وڃي، دهشتگردن جو ساٿ ڏيندڙن جي لاءِ ملڪ ۾ ڪا به جڳهه نه آهي، بندوق جي ذريعي شريعت جو مطالبو غلط آهي ۽ اسان ان کان بيزاري جو اعلان ڪريون ٿا.