تازيون خبرون
افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين: وزيراعظم - زرداري ۽ شهباز شريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه - آمريڪي مداخلت، آئي ايم ايف پاڪستان کان نئين کان اڳ پراڻي قرضن جا تفصيل گهري ورتا - نواز-زرداري سياست ختم، الله تعاليٰ وٽ دير آهي انڌير ناهي: فواد چوڌري - نواز شريف مريم لاءِ اين آر او ڳولي رهيو آهي، مارچ کان اڳ چورن ۽ ڦورن تي ٻهارو ڦري ويندو: شيخ رشيد - چيف جسٽس ميان ثقاب نثار جي ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات، عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گهري جذباتي لڳاءَ جو ذڪر به ڪيو - ڪئمرامين تي تشدد ڪندڙ گارڊ خلاف ڪارروائي ٿيندي، حرڪت گارڊ جي بدنامي منهنجي ٿي: نواز شريف - سنڌ سرڪار جو تاريخي فيصلو، پي اي ايف ۽ سنڌ حڪومت ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون - هڪ وک به مديني جهڙي رياست ڏانهن ناهي کنئي ويئي، بلوچستان کي ظالم سرڪار ۽ سردارن غريب رکيو آهي: سراج الحق - سياست جو بنارسي ٺڳ شيخ رشيد جمهوريت لاءِ ناسور آهي، نواز شريف جو مٿو چمڻ وارو اڄ عمران خان جا بوٽ چَٽي رهيو آهي: راڻا ثناءُ الله

Daily Archives: January 16, 2018

پدماوت خلاف راجپوت عورتن پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي جي تڪرار جي ور چڙهيل فلم پدماوتي جنهن کي هاڻي پدماوت جو نالو ڏنو ويو آهي جي نمائش جي سلسلي ۾ هڪ نئون موڙ اچي ويو آهي جنهن ۾ راجپوت برادري سان تعلق رکندڙ عورتن فلم جي نمائش خلاف پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان چتوڙڳڙهه ۾ ٿيل راجپوت برادري جي ڪٺ ۾ جنهن ۾ اٽڪل 5 سو ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ سو عورتون پڻ شامل هيون پدماوت جي نمائش خلاف مرحليوار احتجاج جو اعلان ڪيو ويو جنهن مطابق 17 جنوري تي چتوڙڳڙهه ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ سمورا روڊ ۽ ريل جا رستا بلاڪ ڪيا ويندا.راجپوتن جي تنظيم ڪرني سينا جي ترجمان وريندر سنگهه ميڊيا کي ٻڌايو ته راجسٿان جي دوري تي ايندڙ وزيراعظم نريندر مودي ۽ راجناٿ سنگهه سان ملاقات ڪري فلم جي نمائش روڪڻ جي درخواست ڪئي ويندي جيڪڏهن انهن سمورن قدمن باوجود فلم جي نمائش نه روڪي وئي ته راجپوت گهراڻي جون عورتون ان ئي تاريخ (24 جنوري) ۽ هنڌ تي پاڻ ساڙينديون جتي راڻي پدماوتي پاڻ ساڙيو هو

 

رنوير سنگهه ۽ عاليه ڀٽ گلي بواءِ جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) پدماوت اداڪار رنوير سنگهه ۽ خوبصورت ادڪارا عاليه ڀٽ پنهنجي ايندڙ فلم گلي بواءِ جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.ان ميوزيڪل ڊراما فلم جي ڊائريڪٽر زويا اختر آهي ۽ ان جي ڪهاڻي ممبئي جي گهٽين ۾ ڳائيندڙ ٻن راڳين ڊيوائين ۽ نائزي (نويد شيخ) جي زندگي تي ٻڌل آهي. رنوير سنگهه ۽ عاليه ڀٽ نئين فلم جيحوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکندا پيا اچن ۽ تازو ئي رنوير سنگهه انسٽاگرام تي انهن ڳائڻين سان گڏ نڪتل تصويرون شيئر ڪيون آهن جن تي فلم ٺهي رهي آهي.جڏهن ته عاليه ڀٽ پنهنجي پيغام ۾ فلم جي شوٽنگ شروع ٿيڻ تي اتساهه جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي فلم ڪيترن ئي سبب جي ڪري مون لاءِ خاص آهي

 

قومي ڪرڪيٽر محمد عرفان آمريڪي شهريت جي آڇ ٿڏي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊگهي قد واري فاسٽ بالر محمد عرفان آمريڪي شهريت ٿڏي ڇڏي.رپورٽ مطابق محمد عرفان کي آمريڪي باسڪيٽ بال ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي جيڪا ڪرڪيٽر اهو چئي ٿڏي ڇڏي ته ڪرڪيٽ نه ٿو ڇڏي سگهان، هميشا پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏندو رهندس ۽ پاڪستان لاءِ جان به حاضر آهي.آمريڪي باسڪيٽ بال ٽيم قومي رانديگر کي ٽيم جو حصو بڻجڻ سان گڏوگڏ آمريڪي شهريت جي به آڇ ڪئي هئي.ياد رهي ته محمد عرفان پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ جي سزا پوري ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هن گڏيل عرب امارتن ۾ ٽي ٽين ڪرڪيٽ ليگ ۾ به حصو ورتو

 

نيوزيلينڊ سان سيريز ۾ نئون ڪمبي نيشن آزمائڻ جو وقت اچي ويو آهي: مڪي آرٿر

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته نيوزيلينڊ سان سيريز ۾ نئون ڪمبي نيشن آزمائڻ جو وقت اچي ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر هيملٽن۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعات ٽن ون ڊي ميچن ۾ بيٽنگ پرفارمنس تي ڳڻتي آهي، جيڪا ڪنهن ميچ ۾ ايترو اسڪور نه ڪري سگهي جنهن سان ميزبان ٽيم کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي.ان صورتحال ۾ هاڻ نئين ڪمبي نيشن کي آزمائڻ جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته شڪست جي باوجود رانديگرن جو مورال بلند آهي، هو پريڪٽس سيشنز ۾ سخت محنت ڪري رهيا آهن ۽ بقايا ميچن ۾ شاندار ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لاءِ پرعز مآهن، جنهن جو اندازو بقايا ميچن ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي سان ٿيندو.مڪي آرٿر چيو ته اسان جي بيٽنگ ايتري ناقص ناهي جيتري شروعاتي ميچن ۾ پرفارمنس سبب نظر پئي آئي. هن جو چوڻ هو ته رانديگرن کي هوم ڪنڊيشنز کان ٻاهر رنسون ڪرڻ جو گر سيکارڻو پوندو، ان چيلينج کي منهن دنيا جي هر ٽيم ڏيندي آهي.ڪوچ جو چوڻ هو ته اسان وٽ موقعو آهي بقايا ٻن ميچن ۾ نئين ڪمبي نيشن سان ميدان ۾ لهون ۽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪريون.

 

اڄوڪي سماج مان گم ٿيل احترام ۽ حياء؛: احسان علي جوڻيجو

شرم ۽ حياء جيڪو اخلاقيات جي درس ۾ سڀ کان پھريون سبق ۽ سڀ کان پھريون باب آھي جيڪو ڄمڻ واري ڏينھن کان وٺي ٻار کي ۽  پينگھي وٺي قبر تائين ان ٻن لفظن جو درس ڏنو ويندو آھي ۽ اھو درد پيء ماء درسگاھن ۾ موجود استادن ۽ سلجھيل پڙھيل لکيل سماج مان ملندو آھي!!

ان درس جا ڪيترائي درگاھي دنيا ۾ پنھنجو ڪردار ٺاھي تاريخ جي ورقن ۾ اھڙو ت سوجھرو سج ڪري لکيا ويا جو اڄ ب تاريخ جون دريون انھن جي سوجھري ڪردار سان روشن لڳيون پيون آھن ـ پر اڄوڪي ھن جاھل سماج ۾ جتي اھي ڪردار وارا ڪيترائي باب اڄ جي نصابن ۾ شامل آھن,, جتي اڄ ب ڪيتريون ئي ان شرم حياء تي درس ڏينڌڙ ھستيون قائم دائم آھن پر افسوس اڄوڪي نوجوان نسل ان شرم حياء واري ٻن لفظن کي پنھنجي زندگيء ۽ اخلاقي نصابن مان ڪڍي ختم ڪري ڪچري جي ڍير تي ۽ فيشن عيوض کپائي وڪڻي ڇڏيو آھي ۽ اھي ٻ لفظ جيڪي ڄمنڌڙ ٻار کان وٺي مرنڌڙ وڏي عمر واري بزرگ ھڪ صديء جي بزرگ جي واتان ب ٻھڪندي ۽ عملي ڪم ڪندا نظر ايندا ھيا  ۽ رسمون ريتون طور ان ثقافت جي ڳچ حصي کي پڻ اپنايو ويندو ھيو!!

“خلوص اخلاق شرم حياء” اھي چار لفظ ڄڻ ت اسان جي قوم کي چارئي طرف کان طواف ڪندي نظر ايندا ھيا اھي چارئي لفظ سنڌي قوم توڙي باقي ٻين قومن ۾ پھريان اھي ڄڻ ت روح وانگي مليل نظر ايندا ھيا جيئن اڄوڪي دور ۾ مثال آھي ت جنھن کي قياس وارو روح  ئي ڪونھي اھو انسان  مرده انسان مثل آھي ـ ان دور ۾ ب اھو چيو ويندو ھيو ت جنھن انسان ۾ خلوص اخلاق شرم حياء ن ھوندو ھيو ان شخص کي ڄڻ مرده شخص سمجھيو ويندو ھيو ۽ گھـي ڀاڱي اھو شخص مچ ڪچھرين ۾ نظر ن ئي ايندو ھيو ڪڍيو ويندو ھيو ان شخص کان پوء ڪچھريون ت ڇا زمانو پاڻ بيزار ھوندو ھيو ڇو جو اھو ھڪ ئي شخص زماني جي بگاڙڻ ۾ اھم ڪردار ھوندو ھيو ان وقت ۾ شايد اڄ جيان گھڻا ن ھجن پر ھڪ اڌ اھڙا ضرور ھوندا ھيا پوء اھو ڏٺا وائٺا ان زماني ان ڪچھرين ۾ ڄڻ ويڳاڻا ھوندا ھيا سندن ڀائنڻ وارو ڪو ن ھوندو ھيو ڇو جو ان زماني جي ضرورت ۽ ان وقت جي نصب انھن ماڻھن موجب ان شخص ۾ شرم حياء اخلاق ن ھيو ۽ پوء جيڪو شخص اھو علم اھي درس وساري يا ڀلائي ڇڏيندو ھيو سماج جو سلجھيل ۽ پاڪ حصو پنھنجي سرن سازن مان ان شخص کي ئي وساري ڇڏيندو ھيو!!

شرم حياء ماڻھن جو شان ۽ فيض ھوندو ھيو جيڪو ھر شخص کي پھريل پاتل ھوندو ھيو ۽ سندن مٿي تي ٽوپي جيان پردي جيان رکيل ھوندو ھيو جنھن کي ھو عزت ۽ احترام واري درجي جي اھميت ڏيندا ھيا,,,,

پر اڄوڪي سماج اڄوڪي نسل اڄوڪي معاشري مان اھو خلوص اھو شرم اھو حياء وڃائجي ڪافي وقت کان گم ٿي ويو آھي جنھن جي تلاش صدين جي صادقن پڻ ڪرڻ شروع ڪئي آھي ت اسان جي سڃاڻپ اسان جي تھذيب جيڪا صديون اڳ ڄاتي سڃاتي ويندي ھئي اھا ڪافي وقت اڳ دنيا ۾ فيشن ۽ رسمي رواج اچڻ کانپوء نوجوان اڄوڪي نسل ھٿان کڻي گم ڪيو ويو آھي جنھن جي ڳولڻ لاء اديبن دانشورن پنھنجون سرن گيتن غزلن سان مرليون وڄائيون پر گم ٿي ويل شرم حياء اڄ ڏينھن تائين اسان جي معاشري اسان جي سماج ۽ اڄوڪي ايڪويھين صديء جي نوجوان نسل ۾ واپس ڪو ن آيو,,

شرم حياء جيڪو آخري ڏينھن ۾ رشتن ۾ ڄاتو ويو شرم ۽ حياء کي آخري ڏينھن ۾ ڀاء ۽ ڀيڻ ماء ء پٽ پيء ماء واري رشتن تي شام جي پھر ۾ ڏٺو ويو جيڪو انھن رشتن جو احترام ادب ڪندي نظر آيو ,,, شرم حياء کي آخري دفعو درسگاھن ۾ استادن ۽ شاگردن چي وچ ۾ ادب سان گڏ ڏٺ ويو ھيو جتي ھو ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪري رھيا ھيا سندن جي موجودگيء ۾ سندن سماج دشمن “بي حيائي ۽ بداخلاقيء” ڪڏھن ۾ معاشري ۾ پير ن پاتو ۽ سندن وڏيون ڀينرو”غيرت ۽ لڄ” سماج جي سڌاري ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو,,

ياد رھي ت شرم ۽ حياء ٻئي پاڻ ۾ صديون پراڻا ساٿي رھي چڪا آھن جن جي ٻڌي سان ھنن گڏجي مثبت معاشري کي جنم ڏنو ۽ انھن ٻنھي مان ھڪڙي وڃڻ سان باقي ھڪ جو ڪوئي وجود ناھي رھندو ھو انڪري ٻئي پاڻ ۾ اڄ ڏينھن تائين گڏ ھلندا آيا ۽ جڏھن سماج ۾ ان جي ويرين رخ ڪيو ت اھي ٻئي گڏجي اڄوڪي سماج مان ائين غائب ٿي ويا جيئن واچوئڙو ڪنھن شيء کي کڻي ڏور وڃي اڇلائي ڪٿي گم ڪري ڇڏيو ھجي ڪنھن گھيرائي ۾ وڃي فٽو ڪيو ھجي جتان جنھن جي اچڻ جي ڪا اميد ئي ن ھجي ڪنھن گھيرائي ۾ وڃي گم ٿيو ھجي,,

“شرم حياء” جي جڏھن ڳالھ ايندي آھي ت موئن جي ڌڙي ملير مڪلي سنڌ جي ڳچ دور ڪچي ڳوٺن ۽ ثقافت ڀرين علائقن جي ڳالھ ياد اچي ويندي آھي ڇو جو اھي سڀ سڀ خوبيون انھن ملير جي ماڻھن ۽ ڳوٺن ۾ پھراڻ وانگي پائيندي لباس ڪندي ڏٺيون ويون ۽ اھو لباس جيڪو انسان ڪردار وارو ھڪ دفعو پھريندو آھي ت باقي پوري ڄمار اھو سوجھرو ٿي چمڪندو رھندو آھي ,,

انھن جي گمشدگيء کانپوء ڪيترين ئي اديبن پنھنجا خيال ائين ونڊيا ت اسان جي جگر جا ٽڪرا خلوص شرم ۽ حياء گم ٿي ويو آھي جنھن جي عمر عمر ڪئي سوسال آھي” سندس ويڳي ڀيڻ خودغرضي ۽ بي اعتمادي اچڻ کانپوء ھو گھران ھن سماج مان ڪاوڙجي نڪري ويو آھي سندس کي آخري دفعو گھرن جي چار ديوارن اندر موجود پيء ماء ڀيڻ ڀاء جي عظيم رشتن سان گڏ بيھندي ڏٺم ۽ استادن شاگردن نياڻين نماڻين سان گڏ بيٺي نظر ڏٺم ۽ ڪجھ گھڙيون مقدس رشتن سان انتھائي ادب سام بيھندي ڏٺم ” پر ھاڻي سندس جي ڪا ب خبر ناھي ھو ڪاڏي ويو” ھن جا ڀائر ايماندار ۽ سچار ٻئي ڏاڍا پريشان آھن” ۽ ڀيڻ “محبت” جو ت ن پڇو!!! ھن جا دوست صبر ۽ صادق ھن کي ڳولھي ٿڪجي پيا آھن پر انھن جو ڪوئي پتو ناھي پئجي سگھيو ت ھا اڄوڪي نوجوان نسل جي بيحيائي ڏسي ڪاڏي ويا ڪيڏانھن وڃي انھن رخ ڪيو” انھن ٽنھي جي غير م موجودگي ۾ انھن جي دشمنن بداخلاقي ۽ بي حيائي ديس ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي” انھن جي جاڙي ڀيڻ “شرافت” جدائي جو صدمو برداش ن ڪندي پڻ اڄوڪي سماج مان وفات ڪري چڪي آھي,,, شرافت جي صدمي ۾ ان جي وڏي ڀيڻ “لڄ ۽ غيرت” ب آخر موڪلائي وئي جيڪا ھن سماج ۾ عظيم ڄاتي پاتي ويندي ھئي ,, جنھن جي ھر ھنڌ ھاڪ ھئي جيڪا جنھن انسان وٽ ايندي ھئي اھو انسان دنيا ۾ ڪاميابي طرف ھوندو ھيو ۽ اھو انسان افضل سمجھيو ويندو ھيو سماج جي باقي برائين کان ڄڻ ت پاڪ سمجھيو ويندو ھيو اھو انسان شرم حياء سڀ ساڻ کڻي ڪاميابي طرف وڌندو ھيو جنھن انسان وٽ جنھن انسان سان لڄ ساڻ ھوندي ھئي ,,, ۽ ان جي ماء انسانيت پڻ سخت بيمار آھي سندس پنھنجي پٽن جگر جي ٽڪرن شرم حياء کي ڏسڻ چاھي ٿي جيڪا ڪافي عرصي کان زھگير لڳي پئي آھي ان کي سماج جي برائين ويرين ڏاڍو وار ڪيو آھي اھا انسانيت ماء اڄ پنھنجي پٽن کي روئي پڪاري ٿي انھن جي انتظار ۾ ويٺي آ ت مان پنھنجي پٽن کي ڏسان,, انڪري انسانيت ناتي سماج جي ڏاھن سماج سڄڻن ۽ اخلاق جي انگن کي پيدا ڪرڻ واران سان گڏجي اچو ت سڀ ان شرم حياء ٻنھي ڄڻن کي ڳولھي انھن جي ماء انسانيت حوالي ڪيون جيڪا ڏاڍي بيمار آھي ۽ مسلسل سماج جي برائين جا گھاو سھندي ٿي اچي,

 

 

راهو تنهنجي ريت: عرفان منان

تاريخ جي ڇاتين کي جيڪڏھن نظرن سان ڇھي ڏسبو ته، اکيون ڪيئي ارڏا ڪردار پسي سگھنديون. تاريخ جي ورقن جو ورد ڪرڻ کان پوءِ اھڙن انسانن جي اڻ مٽ جدوجھدن جو پيرائتو پتو ملي ويندو. جن پنھنجن سماجن، خطن ۽ ملڪ جي مظلوم طبقي جي حقن ۽ آسودگي لئه اڻ ٿڪ انقلابي ويڙهه وڙھي آھي. اھڙي قسم جي بي مثال جنگ جوٽڻ تي انھن عظيم سورمن، غريب ۽ حقن کان لاتعلق پيڙهيل پورهيتن ۽ مضلوم طبقي جي ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪيو آھي. اھڙن ئي نه جھڪندڙ اڙٻنگن ۽ ڪوپن مڙسن ھن ڌرتيءَ جي وشال سيني تي سوين چٽ چٽيا آھن. انھن جا عڪس، نقش، علامتون، اھڃاڻ ۽ ادا ڪيل اعليٰ ڪردار، اکين کان ڪڏھن به اوجھل نٿو رھي سگھي. انھن جي ڪيل اھڙن انمول ڪمن ماڻھن جي دماغن ۽ دلين ۾ جاءِ والاري آھي. اھڙن بي بھا املهه انسانن ۽ ھيرن مان فاضل راھو به ھڪ آھي. فاضل راھو ھڪ سوچ، ۽ نظريي، ھڪ واٽ ۽ دڳ، ھڪ فڪر ۽ مقصد ۽ ھڪ تحريڪ جو نالو آھي. ساڳيو ئي فاضل راھو ھڪ اهڙي دور جو نالو آھي، جيڪو سچائي، بھادري، ھمٿ ۽ حق ۽ سچ خاطر ويڙهه جو دور آھي. فاضل راھو ھڪ تاريخ جو نالو آھي، جنھن تاريخ تي وقت جي ڌوڙ نٿي پئجي سگھي. فاضل راھو سنڌ جو اھو چمڪندڙ ھيرو ھيو، جنھن جي سدا حيات چمڪ ساري سنڌ کي منور ڪيو. ھو جيڏو پنھنجي قد بت ۾ مضبوط ۽ پڪو پختو ھيو. ايترو ئي پنھنجي ڪردار، جدوجھد ۽ اصول ۾ سگهارو ھيو. سندس ڪيل جدوجھد عام جدوجھد نه ھئي. سندس جفاڪشيءَ سان ھن ديس جي جھانگيئڙن کي نئون جيون مليو. جنھن جيون جون بي شمار معنائون ٿين ٿيون. ھن جو ڳالھائڻ عام ڳالھائڻ نه ھيو. سندس گفتار ۾ ھڪ قسم جي للڪار ھئي. اسٽيجن تي بيھي ڪيل سندس تقريرون وقت جي جنرلن، ڪرنلن ۽ ويڪائو وڏيرن لئه تلوار مثل ھيون. ھن پنھنجي جذباتي ۽ شوخ تقريرن ۽ انقلابي ويڙهه وسيلي قوم دشمن ٽولي جا ڪنڌ جهڪائيو.

فاضل راھو ھن ڳورھاري ڌرتيءَ جو پورن مھينن تي پيدا ٿيل اھو پٽ ھيو، جنھن پنھنجي ٻنڌڻن ۾ ئي ڌرتيءَ ماءُ سان وفاداري جو وچن ڪيو ھو. ھن ته ٻارائپ ۾ ئي نگري جي نينھن جو تلڪ پنھنجي نرڙ تي لڳايو ھو. ھن ته امڙ جي ھنج ۾ ئي سنڌ سان سچائيءَ جون سوين ستيون پيتيون ھيون. ھو ته سنڌوءَ جيڏي دل رکندو ھيو، جنھن جي پاڻي ھن ديس جي ھارين ۽ پورھتن جي ذھني زمينن کي زرخيز ۽ سيراب ڪري ڇڏيو. ھن پورھتن جي بک اجھائڻ لئه اھڙي پوک پوکڻ پئي چاھي، جنھن جي پچڻ کان پوءِ پورھت راڄ جي فاقاڪشي سدائين لئه ختم ٿي وڃي ھا. فاضل راھو ھڪ ئي وقت اڳواڻ به ھيو ته، ڪارڪن به ھيو. پر اھو به سچ آھي ته ھو اڳواڻ گھٽ ۽ ڪارڪن وڌيڪ لڳندو ھيو. ان مان ئي سندس وڏ ماڻهپو ۽ پارٽيءَ سان سچائيءَ جي پرک پسجي سگھجي ٿي. ھن ۾ ھڪ نج انقلابي سپاھي ھجڻ جون سڀئي خوبيون موجود ھيون. ھن پاڻ تي سونپيل ھر ھڪ ذميواري سان پوري طرح نڀاءُ ڪيو. ھو اھڙو چنڊ ھيو جنھن جي چانڊوڪي سان ھن وطن جي ھارين جون دليون ۽ دماغ روشن ٿيا. ھو سادن ماڻھن جو سالار ۽ اٻوجھن لئه ھڪ اجھو ۽ آسرو ھيو. ھو اڪثر ڪري ماڻھن جي ڪکائن جھوپن ۾ لنگھي وڃي مسڪين ماڻھن جا ڏک، درد ۽ اھنج ٻڌندو ھو ۽ ھو انھن کي انھن جي حل لئه طور طريقا ۽ تدبيرون ٻڌائيندو ھو. ھو انھن کي مٿن برپا ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه لئه اتساھيندو ھيو. فاضل راھو جڏھن پورھيت طبقي جي آجپي جو سڏ کڻي جھر جھنگ نڪتو ھو ته، ھارين پاڻ کي صدين جي غلامي مان آزاد ٿيندي ڏٺو. ھو آذاديءَ جو اھو شعلو ھيو، جيڪو ديس مان اونداھي جي خاتمي لئه نڪتو ھو، کيس ڏسي ھارين جي گونگين زبانن مان سنڌ جو ڏاهو جهڙن سچن لفظن جي گونج جا پڙاڏا سنڌ جي ڪوني ڪوني ۾ پوڻ لڳا.

سنڌي ڏاھو!

فاضل راھو،

فاضل راھو.

واقعي فاضل راھو ھن ڏکي ڏيهه جو ڏاھو ھيو، جنھن ھن چرئي سماج کي ڏاھپ جا ڏهه ڏهه ڏس ڏنا. ھن پنھنجي ڏاھپ سان ھارين ۽ پورھيتن جا حق کائيندڙن کي ڪيئي ڏنگ ھنيا ھيا، ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته، کيس يونان جي ديومالائي ڪردار، سقراط جيان زھر به ڏنو ويو. ھونئن به اڪثر ڪري ڏيهه جي ھر ڏاھي کي ڏيهه ۽ ڏوٿي بچائڻ جي جرم ۾ وقت جي جلاد قوتن ڪڏھن زھر ڏنو آھي. ڪڏھن دار جي دڳ تي پنڌ ڪرايو آھي، ته ڪڏھن صليب تي چاڙھيو آھي. ڇو ته سچ وڏو ڏوھاري آھي. ھر ڏاھي کي خون ڏئڻو ئي پوي ٿو. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي ته،

الا ڏاھي م ٿيان،

ڏاھيون ڏک ڏسن.

پر ڪي اھڙا به ڪردار آھن، جيڪي پنھنجي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

ھٿن سان زھر جا پيالا پيئڻ لئه تيار ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪڏھن اھي دار جي ڳٽي تي ڊگھي چمي ڏئن ٿا. جيڪي ڪنڌ جھڪائڻ کان اڳ ۾ ڪنڌ ڪپائڻ کي ترجيح ڏئن ٿا. اھڙن بھادر انسانن حق ۽ سچ کي زندهه رکڻ خاطر جان جي به پرواهه نه ڪئي آھي. ڇاڪاڻ ته ھي جان اچڻي وڃڻي آھي، باقي ڪردار ته سدائين جيئرا رھندا آھن. ڪردارن ۽ ڪارنامن کي جيئدان ڏئڻ لئه اھڙن ڏاھن وري ڪجهه ھي به چيو آھي.

الا ڏاھي ٿيان، ڀلي ڏسان ڏک،

ملندا پوءِ سک، مرڪي مونسان ماڳ تي.

فاضل راھو ھارين جي خوشحالي لئه سوين سورج اڀارڻ نڪتو ھيو، ھو ھارين جو حقيقي اڳواڻ ھيو، ھو اھو صبوح ھيو جنھن جو سپنو جنگشاھي جي جوڌي، رسول بخش پليجي ڏٺو ھيو. ان سڀاڳي صبوح ٿيڻ لئه ھن ھارين ۽ پورھيتن کي ايترو ته منظم ۽ متحد ڪيو ھيو، جو مارشلا جي قھري دور ۾ لکين ھارين راھوڪي ۾ گڏ ٿي، اھو چئي ڏنو.

ڪيڏو آ شور فضا ۾، ڏيهه اڀا ڪيا ڏاٽا وو،

سنگن وانگي سوئر، تنھنجا لڻبا ڳاٽا وو.

لکين ھارين جي منظم ميڙ کي ڏسي جنرل ضياءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. سندس وايون بتال ٿي ويون ۽ کيس پنھنجو ظلم ۽ قھر تي قائم ٿيل قلعو ڪرندي محسوس ٿيو. ڇو ته ھاري ۽ مذدور ھن ڏيهه کي ھلائيندڙ آھن. اھي جڏھن گڏجي ھڪ آواز ٿيندا ته رھزنن تي قائم راڄ ھڪ ڏينھن به ھلي نه سگھندو. اھڙي سمي کي پسندي ئي شيخ اياز ٻھڪندي ڳايو.

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،

لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.

اھڙي چنڊ جي اڀرڻ کان پوءِ محڪوم ۽ مظلوم طبقي جي گھرن جي آڳرن تي سکن جي چانڊوڪي، کير جيان ھارجي پوندي، ۽ سندن اڱڻ ڪڏھن به ميرا نه ٿيندا. سدائين اڇا ۽ اجرا رھندا. فاضل راھو رڳو لاڙ جو لال نه ھيو، پر ھو ته سنڌ جي اھا سڳنڌ ھيو، جنھن پنھنجي خوشبوءَ سان ديس جا سڀئي ويڙھا ۽ وسنديون واسي ڇڏيون ھيون. ھو صدين جي پيڙا کان پوءِ پيدا ٿيل اھو ٻج ھيو، جيڪو موسمن جو محتاج ناھي ھوندو، منجهس اھو جوھر موجود ھوندو آھي، جنھن وسيلي ھو ڦوٽھڙو ڪري سگھي. ھن ڌرتي جي مقدس ڪک مان ھر دور ۾ ان قسم جا ماڻھو پيدا ٿيا آھن، جن حالتن جا رخ موڙي ڏيکاريا آھن. جڏھن اھڙن انمول انسانن جو ھڪٻئي سان واسطو ٿئي ٿو، ھڪٻئي سان خيال ۽ سوچون ملن ٿيون، ھڪٻئي سان ذھني ھم آھنگي ۽ ھم خيالي پيدا ٿئي ٿي، سمجهه، سرت جا پاڻ ۾ سلسلا اچي ملن ٿا ته، پوءِ تڏهن ڳالهه ئي نرالي ٿي پوندي آھي. جڏھن فاضل راھو جي ملاقات رسول بخش پليجو سان ٿي تڏهن، ھيا اڳي ئي ڳڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. واري ڪيفيت جو عيان ٿيڻ بجا ٿيندو.

اهو سچ آهي، ته جڏھن ٻه عظيم سوچون ۽ اعلي دماغ پاڻ ۾ ملن، جڙن ۽ ھم ڪلام ٿين ٿا ته، ديس واسين لئه سٺو سنوڻ سمجھو ويندو آھي. حقيقت ۾ فاضل راھو کي ارڏو انقلابي بنائڻ ۾ فڪر پليجو جو وڏو ھٿ ھيو. جڏھن فاضل راھو فڪر پليجو سان سلھاڙجي ويو ته سراپا انقلاب بنجي ويو. سندس منزل ۽ مقصد ساڳيو ھيو. سنڌ واسين کان رسول بخش پليجي، فاضل راھو ۽ عوامي تحريڪ جون ھلايل انقلابي تحريڪون ڀلا ڪئين ٿيون وسري سگھن. سنڌ ۽ ملڪ ۾ ھي ٻئي انسان جدوجھدن ۽ انقلابي تحريڪن جا موجد ليکيا وڃن ٿا. قوم لئه کنيل ھنن جا بھتر قدم ڀلا ڪنھن کان وسري سگھندا ڇا؟ عوامي تحريڪ جي مثالي، انقلابي، نظرياتي، منظم سياست، ھن ديس جي چپي چپي تي نه ڊھندڙ نشان ڇڏيا آھن. جن کي زماني جا زلزلا مٽائي نٿا سگھن. ۽ نه ئي وري وقت جا وڏا واچوڙا سندن رندن کي ڊاھي سگھن ٿا. فاضل راھو پنھنجي طبيعت ۾ فقير قسم جو انسان ھيو. منجهس نه ڪا وڏائي هئي، نه ڪو ٺٺ ٺانگر ھو. هو ھن ديس جو اھو جوڳي ھيو، جيڪو انھن واسينگن کي پڪڙڻ نڪتو ھو، جن نانگن صدين کان ھارين ۽ پورھيتن کي پنھنجي زھريلن ڏنگن سان پئي ڏنگيو آھي. فاضل راھو وٽ بھادري، سچائي، ھمٿ، پورھيت نظرئي جي پچار ۽ ان سان پيار جو فقدان ھيو ئي ڪونه. ھو ذھني، شعوري ۽ فڪري  طور ڏاڍو شاھوڪار ھيو. وٽس ڪنھن به قسم جي مسڪيني ۽ غريبي ڪون ھئي. ھو سياست جي دنيا جو اھو سدابھار گل ھيو، جيڪو ازل تائين ڪين ڪوماڻبو. ھن جي من اندر ۾ وڏا وڏا خواب ھيا. پورھيت نظريي جي پچار ڪندي ڪندي پورھيت راڄ جو ھي پاڌيئڙو پورھيتن کي  پنھنجي منزل طرف وٺي وڃڻ ۽ پنڌ پڄائڻ جو وچن ڪري ويٺو ھيو، ۽ وقت ڏٺو ته ويڙيھچن سان ڪيل وچن سان ھن ڇا ته نڀاءُ ڪيو. ان سفر ۾ ھن پنھنجو ڪنڌ ته ڪثائي ڇڏيو، پر مسڪينن سان ڪيل واعدا پورا ڪيا. ۽ پوءِ زماني جي ظالم قوتن ھٿان ھي واٽ ويندي بي ڏوهه ماريو ويو. سندس ڏوهه اھو ھيو ته ھن پيڙھيل طبقي سان پيار جا پڪا پيچ پائي ڇڏيا ھيا. ھن جو ڏوهه اھو ھيو ته، ھو چاھي پيو ته، ھن ديس تي ڏاٽي ۽ ھٿوڙي ھلائڻ وارن جو راڄ قائم ٿئي. سندس اها خواھش ھئي ته، ھن ڏيهه جا ڏوٿي ڪنڌ مٿي کڻي ھلن. ھن جي اھڙي موت تي اھا اک به آلي ٿئي ھئي، جنھن اک مان ڪڏھن ڳوڙھو به نه ڳڙيو ھيو. ھن جو  موت ڪو عام رواجي موت نه ھو. ھن جو موت ھڪ دور، ھڪ سوچ ۽ ھڪ انقلابي ويڙهه جو موت ھيو. ھن جو موت ھڪ جڳ ۽ دنيا جو موت ھيو.

فاضل راھو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي پورھيت طبقي جي ڇوٽڪاري لئه وڏي ويڙهه ڪئي، جنھن جي گواھي تاريخ ڏيندي رھندي. ھو اھو جوڌو ھيو، جيڪو موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائيندو ھيو. فاضل صاحب جو ھي قول ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آھي ته، ھو واقعي دلير ھيو. ”جيسيتائين  موت جو سوال آھي ته، اسان کي ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھوئين مرڻو ئي آھي. جي ڀاڙي ٿيون ته پوءِ به ڪا پنج ڏينھن حياتي وڌي ملي، پر اھا به ڪانه ملندي“ فاضل راھو پنھنجي ريٽي رت سان سنڌ جي قومي، عوامي، انقلابي جدوجھد کي ريج ڏئي ويو. اھڙا ڪردار ڪڏھن به فنا ناھن ٿيندا. تنھن ڪري فاضل فنا نه پر بقا آھي، ۽ بقا کي موت ناھي اچڻو. جسم فاني آھي. انسان فاني آھي. پر عظيم انسانن جا عظيم عمل ۽ ڪمال ڪارنامه سدائين زندهه رھندا آھن. اھي ھميشه ماڻھن کي سچائي، جدوجھد ۽ قرباني جي راهه ڏيکاريندا آھن. بقول شيخ اياز جي.

سمجھو ٿا لوڪو،

راھو مرڻو ڪين آ،

مري ويو ڪو ٻيو.

 

ٿرڪول ۾ به روزگار خواب بنجي ويو،ڌاريا قابض…: سجاول بجير 

ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ اينگرو ڪمپني ٿرين کي حق نه ڏنا،ملازمن ۾ مقامي ملازم اٽي ۾ لوڻ برابر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،انهي سلسلي ۾ مليل انگن اکرن موجب ته اينگرو ڪول ڪمپني ۾ مينجمينٽ ڪيڊر جا 151 ملازم آهن جنهن مان ٿر سان واسطو رکندڙ صرف 15 ملازم آهن ۽ باقي 133 ملازم پنجاب، خيبر پختون خواه ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن سان واسطو رکندڙ سفارشي ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن پوري ڪمپني ۾ ٿر جا صرف 3 ملازم پڪا آهن باقي 12 ملازم ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا  آهن ٿر جي ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهار 37 هزار رپيا ڏني وڃي ۽ ٻاهر جي ملازمن کي 80 هزار کان اڍائي لک تائين پگهار آهي ڪمپني ۾ ٻاهرين 50 ملازمن کي ريگيولر ڪيو آهي جڏهن ته ٿر جا چار سال ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي ۽ ٻاهرين ملازمن کي 6 مهينن کان هڪ سال اندر پڪو ڪيو وڃي ٿو ٿر جي انجنئيرن کان  پنهنجي فيلڊ جي ڪم وٺڻ بدران ٽال ٽپال جو ڪم ورتو وڃي ٿو ان جو مقصد ٿر جي انجنيئرن کان مين ڪم کان پري رکڻ آهي. اينگرو ڪول جي لڳندڙ پاور پلانٽ سائيڊ  اي پي ٽي ايل ۾ ٽوٽل 65 ملازم آهن جنهن مان ٿر سان واسطو رکندڙ صرف 13 ملازم ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪن ٿا ۽ اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ 151 مان 88 سيڪڙو ٻاهر جا ملازم آهن ۽ باقي 12 سيڪڙو ٿر جا ملازم آهن. اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني ٿر جي پڙهيل نوجوانن سان وڏو دوکو ڪري رهي آهي هڪ سال اڳ اينگرو ڪول ڪمپني خوشحال ٿر نالي پروگرام شروع ڪيو جنهن ۾ ٿر سان تعلق رکندڙ تعليم يافته نوجوانن جا ڪاغذ ۽ انهن جي مڪمل بايو ڊيٽا ورتي وڃي ٿي هن پروگرام جو مقصد اهو ڄاڻايو ويو هو ته اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني کي ڪهڙي به ڪم جي حوالي سان ڪنهن به فيلڊ ۾ جيڪا ضرورت پوندي ان  فيلڊ جي ڊگري رکندڙ نوجوان کي انٽريو لاءِ گهرايو ويندو هن پروگرام ۾  ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ نوجوانن کي ڪڏهن به انٽريو لاءِ نه سڏايو ويو خالي 2017 ۾ 60 کان مٿي مينجمينٽ ڪيڊر ۾ ڀرتيون ڪيون ويون ان پروگرام ۾ پنهنجا ڪاغذات جمع ڪرائيندڙ ٿر جي نوجوانن کي انٽريو لاءِ نه گهرايو ويو ۽ سفارشي نوجوانن کي رکيو ويو جن کي سنڌي يا اردو به لکڻ نه ٿي اچي گذريل ٻن مهينن ۾ ست ملازمن کي لڪ چوري ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي جن جو تعلق ٻين ضلعن سان آهي انهن جون پگهارون لک کان مٿي 2017 ۾ ڏهه کان مٿي ملازمن کي پڪو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٿر جو هڪ به ملازم شامل نه آهي خوشحال ٿر نالي پروگرام ٿر جي نوجوانن کي بي وقوف بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي جيئن ٿر جا نوجوان پنهنجا ڪاغذات جمع ڪرائڻ جي چڪرن ۾ لڳا پيا هجن ۽ ضرورت مطابق ملازم سفارشي کڻي سگهن اينگرو ڪول مائينگ جيڪا ڪمپني ۾ 77 سيڪڙو ٿر جا ملازم هجڻ جي داعوا ڪري ٿي اهو وڏو مذاق آهي جيڪي تاريخ تي چانيئز وٽ مزدوري ڪن ٿا ۽ انهن مزدوري ڪندڙ ٿرين جو اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني سان ڪوبه تعلق نه آهي اهي ٺيڪيدار انهن مزدورن کي وٺي ايندو آهي جنهن کي 500 رپيا تاريخ جي حساب سان ماهوار 15 هزار رپيا ڏين ٿا اهي ملازم اينگرو ڪمپني جا نه، چانيئز وٽ تاريخ تي مزدوري ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ جيڪي ڊرائيور ڪم ڪن ٿا اهي به اينگرو ڪول مائينگ جا نه، چائينز وٽ عارضي پگهار تي ملازم آهن انهن  مزدورن کي چائينز ڪنهن به وقت ڪڍي سگهن ٿا جيڪي ٿر سان واسطو رکندڙ مزدروي ڪن ٿا انهن کان تڳاڙي کڻائڻ يا جهنڊيون لڳائڻ يا هيلپري ڪرائڻ يا رازي جو ڪم ورتو وڃي ٿو اينگرو ڪول مائينگ ڪمپني پنهنجي ڪمپني اندر ٿر سان تعلق رکندڙ نوجوانن لاءِ ملازمت ڏيڻ لاءِ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي  ڪمپني ٿر جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان مذاق ڪري رهي آهي ڪمپني سڀني جي اکين ۾ سرمو پارائي رهي آهي سنڌ حڪومت کي ۽ سپريم ڪورٽ کي ٿي جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان ٿيندڙ دوکي جو نوٽيس وٺڻ کپي ۽ اينگرو ڪول مائينگ کان پنهنجي ملازمن جي لسٽ وٺي سڄي حقيقت جي خبر پئجي ويندي ته ڪمپني ۾ ٿر جا نوجوان ڪيترا آهن ۽ ٻاهر جا ڪيترا آهن..ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي اجلاس ۾ ميمبرن ٿر ڪول تي ڪم ڪندڙ اينگرو مائينگ ڪمپني پاران مقامي نوجوانن کي ملازمت ۾ نظر انداز ڪري حق تلفي ڪرڻ خلاف ٺھراءُ منظور ڪندي ازالو نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آھي

 

ڪراچي جا مسئلا ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڪشن…!

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ صاف پاڻي فراهمي ۽ سمنڊ ۾ گدلي پاڻي جي ڇوڙ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل، ايم ڊي واٽر بورڊ سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. چيف جسٽس، ايم ڊي واٽر بورڊ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته سيوريج جو پاڻي ٽريٽ ڪري ڪڏهن ڇوڙ ڪيو ويندو جنهن سان گدلي پاڻي وارو مسئلو حل ٿئي. پاڻي جي کوٽ ٽينڪرن ذريعي ئي ڇو پوري ٿيندي آهي؟. ٻڌايو ته باٿ آئي لينڊ ڪٿي آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي جواب ڏنو ته اتي پاڻي جون لائنون نه آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطلب آهي ته پاڻي آهي پر نظام نه آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته پاڻي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ذريعو توهان ئي آهيو، پاڻ پاڻي جي فراهمي جو انتظام ڇو نه ٿا ڪيو، ڇا ڊفينس ۾ پاڻي جي فراهميءَ جو ڪو پنهنجو نظام ناهي. ٽئنڪر مافيا بڻجي چڪي آهي، اربين رپيه ڪمايا پيا وڃن، سنڌ سرڪار شهرين کي پاڻي به فراهمي نه ڪري رهي آهي، ٽئنڪرن جي ٺيڪن پويان ڪير آهي، غريبن جي کيسي مان 4 هزار رپيا چورايا پيا وڃن، مافيا جا پنهنجا مفاد آهن، بااثر ماڻهو ٽئنڪر بند ٿيڻ نه ڏيندا.ايم ڊي واٽر بورڊ ذميواري ادا نه ٿو ڪري ته عهدو ڇڏي ڏي، جيڪڏهن اختيار ناهي يا ناڪام آهيو ته ڪابه ڳالهه ناهي، ٽئنڪر مافيا کي منهن ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، جيڪڏهن هو هڙتال ڪندا ته اسين کين منهن ڏينداسين.

عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ۾ سرندي وارن ماڻهن کي پاڻيءَ جا مفت ٽينڪرن فراهم ڪيا وڃن ٿا، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وراڻيو ته رات 12 وڳي به عدالت لڳائينداسين. منهنجا جج رات جو به ويهي سگهن ٿا، هي ماڻهو مون کي سٺي ماني به کارائين ٿا، پاڻي جي رٿائن ۾ بجلي جي بندش نه هئڻ گهرجي. چيف سيڪريٽري صاحب!، اسان توهان جي مدد لاءِ آيا آهيون جيڪڏهن توهان کي فنڊ نه ٿو ملي ته سوچي آيو آهيان پنهنجي ٽن مهينن جي پگهار توهان کي ڏيندس. اسان ڪم بند نه ٿيڻ ڏينداسين، ماڻهن جا مسئلا حل ڪنداسين، توهان کي ٻين کان به چندو وٺي ڏينداسين. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته ڪيترائي علائقا ڪچيون آباديون آهن جتي لائنون نه آهن، چيف جسٽس چيو ته پاڻي جي کوٽ ٽئنڪرن سان ڇو پوري ٿيندي آهي، هلو پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو، استعمال جو پاڻي ٽئنڪرن سان ڇو پورو ٿي رهيو آهي. عدالت 6 مهينن دوران پاڻي جي مڪمل ٿيندڙ منصوبن جا سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن اندر تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ننڍپڻ ۾ شرارت تي ناني چوندي هئي ته ”ڀئو“ اچي ويندو جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. سمجھيو ته سنڌ حڪومت پئسا ڏيڻ جي قابل ناهي ته چندو ڪري پئسا وٺي ڏينداسين. الله کان ڊڄو غريب مهيني ۾ ٻه ٽينڪر ڪيئن خريد ڪندو. ميئر مسئلن جو حل اسان جي سامهون رکي اسان ايندڙ هفتي اچي وينداسين. تجويزون اسان کي ڏيو يا واٽر ڪميشن کي پر اهي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. گڏيل ڪوششن سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻو پوندو.