تازيون خبرون

Daily Archives: January 7, 2018

عمران خان بشريٰ مانيڪا سان شادي نه آڇ ڪئي آهي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي ٽين شادي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اڃا شادي ناهي ڪئي بشرا مانيڪا کي شادي جي آڇ ڪئي آهي پي ٽي آءِ وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان بشرا مانيڪا کي شادي جي آڇ ڪئي جڏهن ته اڃا شادي ناهي ڪئي، جڏهن ته بشرا مانيڪا ڪو قدم کڻڻ کان پهريان خاندان سان مشوري لاءِ وقت گهريو آهي تحريڪ انصاف جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بشرا مانيڪا پاران عمران خان جي آڇ قبول ڪرڻ جي صورت ۾ عمران خان پاڻ عوام آڏو شادي جو اعلان ڪندو.

 

فلم پدماوتي نالي جي تبديلي کانپوءِ پنجويهه جنوري تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم پدماوتي کي ڪجهه تبديلين کانپوءِ رليز جي اجازت ملي وئي ۽ اها فلم 25 جنوري تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.گذريل ڏينهن ۾ ڀارت جي سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن (سي بي ايف سي) تڪرارن جي ڄار ۾ ڦاٿل بالي ووڊ فلم پدماوتي جو نالو تبديل ڪري پدماوت رکڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ان سان گڏوگڏ فلم کي يو اي سرٽيفڪيٽ سان ڪليئر به قرار ڏنو.هاڻ اها فلم پدماوت جي نالي سان 25 جنوري تي رليز ڪئي ويندي جڏهن ته هندو انتهاپسندن طرفان اڃان به فلم جي رليز جي معاملي تي ڌمڪين جو سلسلو جاري آهي

 

سري ديوي پاران فلاحي ڪمن لاءِ پينٽنگز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سري ديوي فلاحي ڪمن لاءِ پنهنجن هٿن سان ٺاهيل پينٽنگز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سري ديوي 2 ڏهاڪن تائين فلم نگري تي راڄ ڪيو ۽ ان جي فلمي ڪيريئر ۾ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون آهن جنهن ۾ جولي، مقصد، سلطنت، مسٽر انڊيا، خدا گواهه سميت ٻيون ڪيتريون فلمون شامل آهن.سري ديوي اداڪاري کان علاوه پينٽنگ جو شوق رکي ٿي ۽ فلمي مصروفيتن جي باوجود پينٽنگز ٺاهي ٿي.سري ديوي هاڻ پنهنجين پينٽنگز کي فلاحي ادارن جي مدد لاءِ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ مهيني دبئي ۾ ٿيندڙ هڪ نمائش ۾ ان جي پينٽنگز کي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو

 

حسن علي شعيب اختر جو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو پهچي ويو

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي گهٽ عرصي ۾ شهرت جي بلندين تي پهچي ويو آهي ۽ دنيا جي وڏن وڏن بئٽسمينن لاءِ دهشت جي علامت طور اڀري آيو آهي.حسن علي نه رڳو آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو پر آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ به نمبر ون بالر طور پاڻ مڃرايو آهي ۽ هاڻ هو پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جو اهڙو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جنهن جي باري ۾ دنيا جو ڪو به بالر سوچي به نه ٿو سگهي.حسن علي لڳاتار 13 ون ڊي مئچن ۾ مسلسل وڪيٽون حاصل ڪندڙ پاڪستان جو ٻيو بالر بڻجي ويو آهي ۽ جيڪڏهن هن ايندڙ ٽن مئچن ۾ هر مئچ دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ به وڪيٽ حاصل ڪري ورتي ته شعيب اختر جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيندو. شعيب اختر لڳاتار 16 ون ڊي مئچن ۾ وڪيٽون حاصل ڪيون هيون

 

مشهور ريسلر گولڊ برگ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو

حيدرآباد(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمينٽ جو سپر اسٽار گولڊ برگ به پاڪستاني رنگ کي چار چنڊ لڳائيندو. پاڪستاني مداحن کي 51 سالن جي آمريڪي پهلوان گولڊ برگ جي پاڪستان اچڻ جي اميد لڳي وئي.انتظار اڃان وڌڻ لڳو ريسلنگ جي عالمي چيمپيئن ۽ پوري سال جي ناقابل شڪست گولڊ برگ جا اسٽائل، پڪي داءَ ۽ ايڪشن پاڪستان ۾ نظر ايندا.پرو ريسلنگ انتظاميه کي گذريل سال وڏي ڪاميابي ملي جڏهن ڊبليو ڊبليو اي جا وڏا نالا ان ايڪشن ٿيا.2018ع ۾ مشهور ريسلر گولڊ برگ جي اچڻ سان رونقون ٻٽيون ٿي وينديون

 

سر سسئيء ۾ سلوڪ جي سمجھاڻي.: شفيق الرحمان شاڪر

جهڙيء طرح سهڻي ميهار جي قصي ۾ سلوڪ وارن لاء عجيب تمثيل رٿيل آهي ساڳئي نموني سسئي پنهونء جي داستان ۾ به ساڳي تمٿيل سمايل آهي.فرق صرف اهو جو سهڻيء جي ڳالهه ۾ دنيا ۽ طريقت جي سفر جي ڏکن ڏاکڙن کي درياء سان تشبيهه ڏني ويئي آهي پر سسئيء جي قصي ۾ دنيا ۽ سلوڪ جي مشڪلات کي رڻ پٽ سان ڀيٽيو ويو آهي.سسئيء مان مراد سالڪ جيڪو پنهنجي ”پنهون“ يعني محبوب حقيقي جي تلاش ۽ جستجو ۾ آهي.ڀنڀور ۽ ان جا ڀاڻ،دنيا ۽ ان جون نعمتون آهن،ڪيچ محبوب جو مڪان آهي جتي پهچڻ لاء پهريان ته ڏاگھن،ڏيرن ۽ ڏونگرن جهڙن ٽن زبرداست دشمنن يعني نفس،دنيائي لاڳاپن ۽ خوديء جي چنبي مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻو پوي ٿو جهڙيء طرح سسئي ڪيترين ئي دوردراز منزلن ۽ مسافتن جهڙوڪ وندر،وڻڪار،پٻ ۽ هاڙو وغيره مان لنگھي نيٺ وڃي ملڪ الموت سان ملاقي ٿئي ٿي.ان اڻانگي پنڌ ۾ سسئيء کي ڇا ڇا نه صعوبتون سهڻيون پون ٿيون ۽ ڪيئن نه جيء جھورڻو پوي ٿو،

ڪڙهي  ۽  ڪڙي،  پر  ۾  پير   پنهونء  جو،

سڪ    ٻڌائين   سندرو،  جانب  لئي   جڙي،

لڪن ساڻ لطيف چئي، منڌ جھيڙي ۽ جهڙي،

پڻي  تان نه پڙي،  جي عمر سڀ ايئن ڪري.

سڪ ۾ سڙندي به ٿي وڃي پر پير اڳتي ڀريندي ٿي وڃي،پنهنجي محبوب لاء سڪ جو سندرو مضبوط ڪري ٻڌائين،جڏهن لڪن ۽ جبلن تان پنڌ ڪري ٿي ته رستي جي رڪاوٽن سان جھيڙو به ڪري ٿي ۽ جسماني ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ سبب ڳرندي به ٿي وڃي پر سندس نياز ۽ نوڙت جي اها انتها جو پنهنجي سڄي ڄمار جي اهڙن صدمن کي به پنهونء جي پيرن جي خاڪ تان قربان ڪرڻ لاء تيار آهي.جڏهن درد جي اذيت حد کان وڌي ٿي ته محبوب کي پڪاري ايلاز ڪرڻ لڳي ٿي ته

آء   اورانهون    سپرين،  وڃ  م آڳانهون،

ٿڪي   کڻي    ٿرن ۾،  ٻاڪاريو  ٻانهون،

درد جون دانهون، مون مارينديون موٽ تون!

سلوڪ جي سفر ۾ صبر ۽ شڪر اهڙا ٻه مضبوط هٿيار آهن جن سواء هن راهه تي هڪڙي وک اڳتي هلڻ ناممڪن آهي.سسئيء وٽ اهي ٻئي شيون اتم درجي ۾ موجود آهن،

صبر  ۽ شڪر کي،  وٺي  آئون   ويٺي،

ڏکيء سين ڏيٺي،ڪا ڪج اچي ڪڏهن.

سالڪ کي صوفي طريقي جون ست منزلون لنگھي پار پوڻو آهي جهڙيء طرح سسئي رڻ پٽ جون سموريون منزلون طيء ڪري وڃي محبوب سان ملي ٿي.اهي ست منزلون هي آهن؛ طلب،عشق،معرفت، استغنا،توحيد، حيرت ۽ فقر.آخري منزل ماڻڻ کان پوء سالڪ محبوب جي هستيء ۾ هيڪ ٿي فنا جو درجو حاصل ڪري ٿو جيڪو دراصل هن لاء بقا جي منزل هوندي آهي.

ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو ڀوري! ڀانئيو،

پنڌ  نه  ڪر پهاڙ  ڏي،  وجود   ئي    وڻڪار،

ڌاريا  ڀانئج ڌار،  پڇ  پريان  ڪر   پاڻ  تون.

عالم جو هر جزو پنهنجي اصل ڏي تاڻيندو آهي ۽ اهو ترقي ڪري نيٺ پنهنجي اصل سان ملي ان ۾ سمائجي وڃي ٿو.سسئي به چوي ٿي ته محبوب جو وصال مونکي اڳي پوء ضرور نصيب ٿيڻو آهي پر جيڪر هن حياتيء ۾ ئي مشاهدوماڻي وٺجي ته ڀاڳ ڀلارا ٿي پون.

اول   آخر    آهه،   هلڻ    منهن جو  هوت  ڏي،

پورهيو  سندو   پورهيتين،والي! ڪيم وڃاء،

سو مون ٿورو لاء،جيئن جيئري ملان جت کي.

دراصل صوفين جون رياضتون ۽ مجاهدا به ان مقصد لاء هوندا آهن ته جيئن جيئري جانب جو جمال پسي سگھن.عشق جو درياء به عجيب آهي جو ان مان جيڪو جيترو پيئندو اوتروئي سندس اڃ زاجھامڻ بجاء وڌندي آهي،

سدا سائر سير ۾، اندر لهي نه اڃ،

پسڻ جو پرين جو،سا سڀاهي سڃ،

تيلاهه مرن اڃ، سدا سائر سير ۾.

جڏهن سچو سالڪ پنهنجن حواسن ۽ ٻين ٻاهرين سمورين شين کان پاڻ کي پرڀرو ڪري پنهنجي روح اندر جھاتي پائي ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو ته هيء ڪائنات حقيقت ۾ ڪجھه به نه آهي بلڪه ڪنهن اولڙي يا پاڇي مثال آهي ۽ ڪنهن به شيء کي حقيقت ۾ بقا ڪانهي.وهم يا آگيان جي ڪري انسان دوئيء ۾ ڦاسي ٿو.هڪڙي مطلق هستيء سواء بيون سڀ شيون نيست آهن جيڪر اندر جي اک سان ڏٺو وڃي ته وحدت ئي وحدت آهي،

پيهي  جا     پاڻ  ۾  ڪيم   روح    رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس  پاڻ،  سسئي  تان   سور هئا.

جيستائين انفرادي هستيء کي نه ميٽيو هوم تيستائين طرح طرح جي مصيبتن ۽ مونجھارن ۾ مبتلا هيس پر جڏهن پنهنجي ذات جي جھنجھٽ کان جان ڇڏايم ته ڏٺم ته پنهون ته آئون پاڻ آهيان.

هوت     تنهن  جي    هنج   ۾ ،   پڇين  ڪوه   پرياڻ،

“ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” تنهنجو توهي ساڻ،

پنهن  جو    آهين    پاڻ،        آڏو      عجيبن      کي.

ساري ڪائنات انسان جي اندر ۾ سمايل اهي جو فيلسوفن موجب انسان “ عالم اصغر” آهي پر اها پروڙ پاڻ سڃاڻڻ سواء نٿي پوي. محبوب جي ڪاڪل جو ڪٺل يعني خدائي جال ۽ جمال جو جليل شخص شهيدن ۾ شمار ٿئي ٿو. عام طور تي جڏهن ڪو مرندو آهي ته ان کي غسل ڏيئي پاڪ ۽ صاف/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02

ڪفن اوڍايو ويندو آهي ته جيئن هو نجاست سبب خدا جي ديدار کان محروم نه رهجي وڃي پر شهيد کي سندس رت ۾ رڱيل ڪپڙن ۾ ئي دفن ڪيو ويندو آهي جو انهن خدا جي راهه ۾ پنهنجي خن سان غسل ڪيو آهي انهيء ڪري شهيد بنان ڪنهن ظاهري پاڪائيء جي خدا جو مشاهدو ماڻڻ جا مستحق آهن اهڙيء طرح عشق حقيقيء جي شهيدن کي به غسل ۽ ڪفن جي ضرورت نه آهي،

ڪاڪل ڪٺي جا، ڪفن تنهن ڪين ٿئي،

منجھه   شهادت  سا،  لڏي  ۽   لاڏ ڪري.

سالڪ هڪ اوٺار وانگي آهي جهڙيء طرح اوٺار کي اٺ کي تڪڙو هڪلڻ لاء لڪڻ جي ضرورت پوي ٿي اهڙيء طرح سالڪ کي به پنهنجي نفس کي سنئين راهه تي آڻڻ لاء رياضت ۽ مجاهدي جي مهميز جي گھرج ٿئي ٿي،

ڪامون مڇيجاه، گھڻيون گھرجن آن اوٺيا!

هي  وڻ  نه  لهنداه،  هو  وڻ اوڏاهين گھڻا.

سهڻي لطيف جي اوٺار کي صلاح آهي ته ڪامون يعني لڪڻ ڪپي وٺ جن جي هن رستي ۾ گھڻي گھرج پوي ٿي.اڳيان اهي لڪڻ ڪپڻ نلئي توڇي وري وڻ هٿ نه ايندا.هي وڻ يعني هيء دنيا  ۽ منجھس نفس کي سڌارڻ لئي جيڪي ذريعا ۽ موقعا موجود آهن سي مرڻ کان پوء توکي هث نه ايندا سو جيڪي ڪرڻو آهي هتي ئي ڪري وٺ. انهيء ڪري حديث شريف ۾ دنيا کي آخرت جي کيتي سڏيو ويو آهي.هن دنيا جا وڻ يعني آخرت جون نعمتون ته توکي ابد تائين ميسر رهنديون پر آخرت جي تياريء جو رستو دنيا مان ئي گذري ٿو.

 

ڪيرجوڀن کي سنڀالي…!!: منير ڊومڪي

ڪي ماڻهو ڪنهن وڏي گھراڻي يا ڪنهن نامور ادبي ڪٽنب ۾ پيدا نه ٿي ڪري به تخليقي دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ۽ مقام ماڻي ۽ ٺاهي ويندا آهن.اهڙن ڀاڳ وارن انسانن منجهه خيرپور ناٿن شاهه دادو جو سينيئر تخليقڪار محترم فياض بلوچ به هڪ آهي.ادب،شاعري ۽ فياض بلوچ هڪ ئي ٽڪنڊي جا ٽي نقطا آهن.هو ڳچ عرصي کان مضمون به لکندو رهيو، ته هن ڪهاڻي واري صنف تي به خوب لکيو آهي،پرشاعري هوند هن جو پنهنجو عڪس آهي.

تخليق       Creation:

شاعرفياض بلوچ جي پراميد سوچ ۽ نرالي ذاتي جستجو ۽ هماليه حوصلي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته عمومي طورماڻهو سرڪاري ملازمت ريٽائرمينٽ پڄاڻان چپ ڪري گھر ۾ ننڍڙن ٻارن جي دل وندرائڻ وارو ڪم ڪندا آهن، پر18گريڊ ۾ بطور ٽيچر ايجوڪيٽر ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اڄ هن البيلي تخليقڪار جي پهرين قلمي ڪمائي “ڪيرجوڀن کي سنڀالي”هن جي مخلص ساٿين جي حوصلا افزائي ۽ شاعريءَ سان مثالي عشق ۽ “پيار” جي ڳچي هار بڻجي سنڌ جي مختلف ڪتاب خانن جي زينت بڻجي چڪي آهي:

اسلوب Diction:

فياض جديد عهد جي سنڌي غزل جي صنف جو هڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو آهي.هو پنهنجي نياري شاعريءَ ۾نوان استعاره ۽ اڻ ڇهندڙ تشبيهون ڪتب آڻي ٿو،جيڪي سنڌ جي اڪثر شاعرن جي ڪويتائن ۾ڪين ملن ٿيون:

سمجهه منهنجي حُسن جي نشي ۾ وئي،

ڦٽ پراڻي جيان زندگي ڀر جُهران!

**

سج ڪَڪر لِڪ لِڪوٽي راند ڪِن،

اُڀ ۾ ٿا ساز شي هلن گڏ گڏ…

**

چنڊ تارن جي روشني ڍُرڪي،

تيئن ٿا ڍُرڪن ڪمال اکين جا!

شاعريءَ جو تصور   Concept of Poetry:

هربرجستي شاعر جي ٻين خصوصيتن مان هڪ نمايان خصوصيت اها به هوندي آهي ته هو هميشه شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي شاعري جوهڪ الڳ تصور پڻ پيش ڪندو آهي.شاعر فياض بلوچ شاعريءَ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد خيال ڏنو آهي.هن جي شاعريءَ جو تصور اهو آهي ته صرف اهو ماڻهو ئي عاشق ۽ شاعر ٿي سگھي ٿو،جيڪو عشق ۽ شاعريءَ کي پارٽ ٽائيم مشغلو نه سمجهي.دل لڳي ۽ شاعري سنجيده نوعيت جون ڊيوٽيون آهن،جن لاءِ ڳچ وقت درڪار آهي سائين:

شاعري وقت ٿي گُهري سائين،

دل لڳي وقت ٿي گُهري سائين!

۽ ٻي ڳالهه ته:

ڳالهه دل جي سڌي ڪرڻ “فياض”،

شاعريءَ ۾ کڻڻ منع آهي!

شاعر جي ڄاڻ: Poet’s Knowledge

بطور تخليقڪار بلوچ ادب جي جديد ۽ جديد پڄاڻان ٽرينڊس کان به ڀليءَ ريت واقف لڳي ٿو ۽ انهن لاڙن ۾ جيڪي موجوده شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ عنوانن جي چونڊ ڀليءَ ريت نٿا ڪري سگھن،انهن جي برعڪس، شاعر فياض نه فقط جديد ۽ جديد پُڄاڻان موضوعن کي چونڊي ٿو،پرانهن جو اظهار به پنهنجي شاعريءَ ۾ججهي مقدار ۾ڪري ٿو:

سمورا منجهائي ڇڏن فلسفا ٿا،

زماني ۾ سوچن جو ڪهرام آهي!

**

وار گردي جا هت وسن تبرا،

وار لفظن جا پيار ٿو سمجهين،

هت رواجن جي ٽياس تي ماڻهو،

مرڪ ڪوڙي بهار ٿوسمجهين!

**

دوستي دشمني هلن گڏ گڏ،

کِل خوشي ۽ غمي هَلن گڏ گڏ!

منهن تي ڳوڙها،گِلا ٿي ٿئي پر پُٺ،

بندگي گندگي هَلن گڏ گڏ..!

**

مٽائي ڏٺا گس جياپي جا جيئن پئي،

جياپو ٻين وٽ پيل سام آهي،

اصولن ۾ مشڪل رهڻ آهي ٿيندو،

هتي ڪنهن نه ڪنهن جو رکيل دام آهي!

فڪريا شاعري     Thoughtful Poetry

ان کان علاوه فياض جي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ فڪريا شاعري به خوب ملي ٿي،جنهن فڪرانگيز شاعري جي اڄوڪي سنڌي ادب ۾ اڪثر اڻاٺ آهي،پربلوچ جي شاعري ڄڻ ته ان ادبي بحران کي پاڻمرادو ختم ڪرڻ جو هڪ ذريعو بڻي ٿي.

درد ڀوڳڻ مذاق ٿو سمجهين،

ائين،سوچڻ مذاق ٿو سمجهين،

ٿا حقي روپ ٿي وڃن نقلي،

روپ مٽجڻ مذاق ٿو سمجهين،

مک تي مُرڪون هلي سجائي ٿو،

غم ۾ مرڪڻ مذاق ٿو سمجهين.

**

هوش بيهوش ٿي غم ۾،

عقل تي ناز ڪين ڪنهن پاتو.

**

بدنصيبي عجيب آهه “فياض”،

زندگي وئي بهار جي پويان.

اهم خصوصيت     Essential Feature:

بلوچ صاحب جي شاعريءَ جي وڏي خصوصيت اها به آهي ته هو تازن واقعن ۽ مسئلن تي به پنهنجي قلم جي نوڪ کي خوب هلائي ٿو:

روڊ رستا بلاڪ ٿي ويا هِن،

ڪين کُليا، ڪلاڪ ٿي ويا هِن،

شهر ۾ ڪو مَتو ممڻ آهي،

فون نمبر جو لاڪ ٿي ويا آهن.

جڏهن معصوم عوام جي مقدس ووٽ کي وٺڻ وارا ان ووٽ کي بيڪار سمجهن ۽ ان جي سرعام تذليل ڪن،ته پوءِ عوام جي جذبن جي نمائندگي ڪندڙ انهن جا اصل نمائيندا شاعر چپ ڪيئن ويهي سگھن ٿا.

ووٽ بيڪار ٿي ويو پنهنجو،

موٽ ۾ زور گارتي آهي.

ان سان گڏوگڏ ڪنهن سماجي هڏڏوک وانگر فياض پنهنجي ارد گرد موجود غربت ،سماجي بک،بيوسي ۽ بد حالي کي ڏسي چپ نه ٿو ويهي،بلڪه انهن بابت اڻ ڳڻيا سوال به اٿاري ٿو:

ڪربلا مسڪين جي گھر،

ٿي رهي گڏ هر پهر ۾

**

کوڙ نظريا بک گھٽائڻ لاءِ ٺَهيا،

پر ڪٿي ٿي بک ختم آهي ڏسان؟

روزگاري ڏوڪڙن تي ٿي کپي،

بيوسن لئه ڪٿ ڪو ڪم آهي ڏسان؟

تاريخي شخصيتن تي شاعري     Poetry on Historical Figures:

شاعر فياض بلوچ تاريخي شخصيتن تي به شاعري ڪري ٿو،محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي پنهنجي زبردست ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو ته:

ڊسمبر اچي ڦٽ کولي ٿو،

دليون آهن رنجور اڃان،

تو تي سلام شهيد جمهوريت،

عام نه ملي جهمور اڃان،

تنهنجو قاتل مفرور اڃان،

ڏينهون ڏينهن آ،مغرور اڃان!

رومانويت جو عنصرElement of Romanticism:

بلوچ جي شاعري رومانويت سان سرشار آهي ۽ ان جو اظهار به  مفصل آهي.

چنڊ تارن جي لِڪ ڇَپ وَڻي ٿي،

پيار وارن جي لِڪ ڇَپ وڻي ٿي،

هڪ ٻئي کي هوا ۾ چُمن وڻ،

سا نظارن جي لِڪ ڇَپ وڻي ٿي!

**

ڳل پري تنهنجا چُمي کان،

تو ڇني سوغات ڏاڍي!

**

گلابن جا ڏسي گل ياد آيا،

اوهان جا خوبصورت ڳل سجايل!

ذاتي پيڙاءَ  Personal agony:

شاعري سنجيده ۽ رومانوي خيالن کان علاوه شاعر جي اندروني دنيا جي ويرانگي ۽ ڏک جو اظهار به هوندي آهي.اها اندر جي غم ۽ ويرانگيءَ جي شدت ڇا هوندي آهي،اهو ته ڪوشاعر فياض کان پڇي:

لڙي آيو نه دل ڏي ڪومسافر،

رهيا ويران دل جا سڀئي خزانا!

**

وڇوڙن جي راتين ۾ “فياض”،

ڪٽي آهي جاڳي جواني.

ذاتي سورن ۽ دردن کان علاوه هن سهڻي تخليقڪار کي ڪنهن پرين پياري جا ڏک به آهن:

هٿ نه آيو،پرين جو پيار ڪڏهن،

وقت ويو بي مهار جي پويان!

**

ساهه مُرڪن مان ڇڏائي ويو پرين،

زندگي هئي بي ثمر تون ڪيئن هئين؟!

عمليت     Pragmatism:

جڳ مشهور لاطيني شاعر ۽ نقاد ڊانٽي شاعريءَ ۾ موضوعن جي چونڊ بابت پنهنجي هڪ تنقيدي تصنيف ۾ چيو آهي ته هڪ سٺي شاعر لاءِ شاعريءَ جا موضوع مذهبي نصحيت،قوميت ۽ عورت(محبوبا)لاءِ پيار وارا موضوع موزون آهن.ڊانٽي جن عنوانن کي شاعريءَ ۾ شامل ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ تجويز ڏي ٿو،اهي عنوان بلوچ جي شاعريءَ ۾ ورجاءُ وارا موضوع آهن.

هڪ وڏي تخليقڪار جو ڪم پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي صرف پنهنجي ڪومل جذبن جو اظهار ڪرڻ واروڪم نه هوندو آهي.شاعر ته عوام الناس جي لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي فيض ۽ نصحيت جو ذريعو به بڻائيندا آهن،فياض بلوچ به اهو شاعر آهي،جنهن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي راز بهيد ۽ پيچدگي کي پروجهڻ لاءِ پڙهندڙن کي نصحيت آميز نمايان شاعري ملي ٿي.

آ ته گڏجي ڪتاب کي سمجهون،

زندگيءَ جي نصاب کي سمجهون،

پيار تحمل،سکون وڌي اڳتي،

ڏينهن روشن جي تاب کي سمجهون،

ڪيئن زمانو،ڪَڍي ترا ٿو پيو،

پيچده،تنهن حساب کي سمجهون!

عشق جو تصور Notion of Love:

فياض بلوچ جي شاعري ۾ عشق و پيار جو تصور هن جو ذاتي نرالو ۽ منفرد  به ملي ٿو،جنهن تصور مطابق عشق انسان کي انسان بڻائي ٿو ۽ پيار هر مرض جو علاج به آهي:

عشق انسان ٿو بَنائي هت،

پيار درمان ٿو بنائي هت!

ته ساڳئي وقت روايتي عشق جو خيال به ملي ٿو:

عقل ڪمزور عشق جي آڏو،

عشق مستان ٿو بنائي هت!

ان سان گڏ هو عشق ۽ پيار جي فطرت جو جائزو به عزازت کان ڪري ٿو:

عشق جو راز ڪين ڪنهن پاتو،

راز نياز ڪين ڪنهن پاتو،

چار پل پيار جا غنيمت پر،

پيار آواز ڪين ڪنهن پاتو.

**

نه ٿي لهي پيار جي اڃان اُڃ،

پياس راهون،طويل آهن!

قوميت جو عنصر Element of Nationalism:

هن جي شاعريءَ ۾ وطن پرستيءَ جو پيار مثالي ۽ دل کي ڇُهيندڙ ملي ٿو.ڀلا! جيڪو شاعر پنهنجي چمن بابت هي دعويٰ ۽ نصحيت ڪري پوءِ اهڙو ڪهڙو بدنصيب هوندو جو ان ديس ۾ زندگي بسر نه ڪري!

پيار سان سارجان زندگي ڀر پيو،

ذهن کي ٺارجان زندگي ڀر پيو،

ڪين دنيا ۾ اهڙو چمن پُر امن،

سنڌ ۾،گھارجان زندگي ڀر پيو.

ذاتي پرينءَ کان علاوه شاعر فياض بلوچ جي شاعريءَ ۾ قوميت جو اٿاهه درد به ملي ٿو:

روز لُٽجن سنڌي هِتي يارو،

عام ڪٽجن سنڌي هتي يارو،

حق گھرڻ ۽ چوڻ تي روڊن تي،

سڀ تان وڍجن سنڌي هتي يارو،

دربدر ٿي زمين پنهنجي تي،

غير سڏجن سنڌي هتي يارو!

تصور حياتNotion of Life:

زندگي محبت ۽ سونهن هن جي شاعريءَ ۾ بار بار ورجاءُ وارا موضوع آهن.هن جي شعرن کي گھرائي سان پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ ان نتيجي پهچي ٿو ته جيترو شاعر جيون کي قريب کان ڏٺو آهي اوترو شايد ئي ڪنهن ان جو مشاهدو ڪيو هجي.شاعر فياض جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي وصف توڙي تلخ تجربا حقيقت تي مبني آهن:

گل ٽڙي ڪومائجن ٿا،

زندگي ٿي ائين نظر ۾!

**

زندگي جون مُسافتون ڏکيون،

پار نڪرڻ مذاق ٿو سمجهين!

سونهن بابت ويچار ۽ تصورConcept of Beauty:

فياض بلوچ جي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي واري ڪتاب“ڪير جوڀن کي سنڀالي”۾ سونهن جو تصور به وسيع ۽ جامع ملي ٿو.پڙهندڙ شاعر جي سونهن بابت گهري /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ڄاڻ ۽ ذاتي عملي تجربن جو ان ڳالهه مان بخوبي اندازو لڳائي سگهن ٿا، ته هڪ ته سونهن هن لاءِ شاعريءَ لاءِ اتساهه جو ذريعو آهي:

سونهن کان اتساهه ورتو،

هن ۽ هن کان چاهه ورتو.

ٻيو شاعر حُسن مطلق يا حقيقت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو،ٽيون فطرت جي سونهن بابت،چوٿون هو محبوب جي مزاجي حسن جي ماهيت ۾ پاڻ مهو ٿي وڃي ٿو،پنجون ۽ آخري هو معصوم ٻارڙن جي سونهن جو تذڪرو به ڪري ٿو.ان سان گڏوگڏ شاعر سونهن جي طاقت ۽ فطرت جو جائزو پڻ وٺي ٿو.شاعر جڏهن حسن بابت گفتگو ڇيڙي ٿو ته بي ڪيف مزاجي حقيقت کان اڳتي حسن مطلق يا حسن حقيقت ڏانهن پاڻ مرادو هليو وڃي ٿو:

گُفتگو حُسن يار تي ٿيندي،

ذڪر اذڪار در لڙي آيو!

فياض جڏهن فطرت جي سونهن بابت ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ته فطرت سان حال دل اوري ٿو،ٻيوهو فطرت جي حسن کي انساني ڏکن ۽ غمن کي گهٽائڻ جو علاج جو ذريعو به سمجهي ٿو.

چنڊ تارن سان رات ۾ دل جو،

حال البو ڪڏهن ڪڏهن آهي!

**

چنڊتارن سان دل ٿي وندري پئي،

غم ٻڌڻ جا هِراڪ ٿي ويا آهن!

شاعر فياض کي ته ٻارن جي وڻندڙ سونهن به فطرت جيڏي سحر انگيز لڳي ٿي.

سونهن آهن زمين جا تارا،

راند ٻارن جي لڪ ڇپ وڻي ٿي!

مزاجي محبوب جي سونهن جي ڳالهه ڪجي ۽ ان جي جسماني ثبات ڏسي ماڻهو چپ رهي ائين ٿي ئي نٿوسگھي:

اڇي اُجري جواني واهه جي آ،

عُقابي اک نشاني واهه جي آ.

**

هي اشارا غضب جا آهن ڪو،

تير ٽاري مجال اکين جا!

سونهن جي طاقت ۽ اثرPower and Influence of Beauty:

سونهن جو سڀ ڪمال ڏِس پيارا،

چو طرف کان جمال ڏِس پيارا،

سونهن تي ساهه ٿو ڏئي انسان،

سِرسهي هر وبال ڏِس پيارا.

**

نظرن،شڪار ڪيو آ،

هُن جئن حجاب کوليو!

شاعر فياض جي سونهن بابت دور دراز نظر ۽ نظريئي جي خبر ان مان به پوي ٿي ته،جن ماڻهن ۾ اسان کي سونهن نظر نٿي اچي يا اسان انهن کي بدصورت ڪوٺيون ٿا،پرشاعر کي اها گدلي ميري،بي ڍنگ صورت به لڀائي ٿي.اهو ئي فرق آهي هڪ عام ماڻهو ۽ تخليقڪار جي عقابي نظر ۾:

ظاهر ۾ ڀلي صورت گدلي ۽ هجي ميري،

بي جوڙ بدن جا سڀ سينگار لُڀائن ٿا.

سونهن جي ابدي فطرت جو جائزوExploring Eternal Nature of Beauty:

بلوچ جتي سونهن بابت پنهنجا جامع ويچار ونڊي ٿو ته اتي هو سونهن جي ابدي فطرت جو مشاهدو به ڳوڙهي نموني ڪري ٿو.ڪهڙي ابدي فطرت ؟ته سونهن  خواهه پوءِ اها ڪهڙي به هجي پنهنجي فطرت ۾ اها فاني آهي.

ساٿ تارا ٿا ڇڏن،

سونهن وارا ٿا ڇڏن.

**

سونهن چُٽڪو هٿان هليو ٿو وڃي،

بي بقائي جو حال ڏِس پيارا.

شاعر فياض بلوچ جي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي “ڪير جوڀن کي سنڀالي”۾ جتي هن جي شاعريءَ ۾ جدت،نواڻ،قومي رنگ ،ذاتي پيڙا،عوام الناس جو ڏک ،سگهارن خيالن جو بينظير اظهار،رومانويت،۽ حسن جا بي تهاشا جلوا پسڻ ۾ پئي آيا،اتي ئي هن ڪتاب ۾ مون کي ڪجهه جهول به نظر آيا.اهي هي ته هڪ شاعر فياض جا چند خيال ڪن جاين تي متضاد نظر آيا.ٻيو هو پنهنجي شاعري ۾ هڪ ٻه ويچارن جو ورجاءُ ڪري ٿو.ٽيون ۽ آخري نقص ته بلوچ جي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري جي اڻاٺ نظر آئي.

(ليکڪ انگريزي ادب جو استاد آهي.)

 

 

عدالت جا ساراهه جوڳا حڪم عمل درآمد جا منتظر…!!

چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي فين ۾ اضافي ۽ اسپتالن جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس سمورن خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي مالڪن ۽ سي اي اوز سان ڪاليجن جي عمارتن، فين جي اسٽرڪچر ۽ ليب جي سهولتن بابت حلفي بيان حاصل ڪيا.  چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون به نه آهن، هڪ اسپتال ۾ اها حالت هئي ته مريض کي ٽاڪو هڻڻ لاءِ ڌاڳو نه هو. چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کي حڪم ڪيو ته سمورين سرڪاري اسپتالن جي آڊٽ رپورٽ ۽ فراهم ڪيل دوائن بابت ڄاڻ بابت حلفي بيان جمع ڪرايو وڃي جڏهن ته جان بچائڻ  جي دوائن جي موجودگي جي رپورٽ به جمع ڪرائي وڃي. سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر بڻائڻ بابت پاليسي تيار ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي. حڪومت جي اشتهاري مهم جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو،

سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن جي دوري لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي جنهن ۾ سينيئر ڊاڪٽر ۽ وڪيل شامل هوندا، سرڪاري اسپتالن جي صورتحال تي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس جا بيان حلفي به طلب ڪيا. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته صحت شهرين جو بنيادي حق آهي، صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي، نوٽيس جو مقصد ايڪشن وٺڻ ناهي، اسپتالن جي حالت بهتر ڪرڻ آهي.  جيڪڏهن تعليم ۽ صحت جي ڪم نه ٿيو ته اورنج لائن سميت سمورا منصوبا بند ڪري ڇڏينداسين. شام وقت سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر خانگي ڪلينڪ ويندا آهن، ڊاڪٽر پنهنجون اسپتالون بند ڪري خانگي ڪلينڪن تي لکن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مصروف آهن اڄ ڪلينڪ نه هلندي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته سموريون ڪلينڪس بند ڪري ڇڏينداسين. مفت دوا نه ملي رهي آهي ۽ مشهوري تي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، پنجاب حڪومت پنهنجي مشهوري لاءِ ڪروڙين رپيا اشتهارن جي مد ۾ لڳائي رهي آهي، ٽي وي چينلز تي پنهنجي مشهوري بدران اسپتالن کي دوائون ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ جانورن کي کير وڌائڻ لاءِ لڳائي ويندڙ انجيڪشن (بوسٽن) تي بندش لڳائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته ان سان ڪينسر جو مرض ٿئي پيو، دٻي جي کير ۾ ڪيميڪل استعمال ٿي رهيو آهي، عدالت ينگ ڊاڪٽرن جي هڙتال تي به بندش لڳائي ڇڏي. عدالت غيرقانوني شادي هال ڊاهڻ خلاف منع نامي ڏيڻ کان به روڪي ڇڏيو. غيرقانوني هال ڊاهڻ کان ڇو روڪيون. عدالت وي آءِ پي چرپر لاءِ رستن جي بندش جو به نوٽيس ورتو.جيڪڏهن عدالت سڳوري جي حڪمن تي عمل ٿي ويو ته عوام جا اهنج ختم ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن حڪم ردي جي ٽوڪري ۾ هليا ويا ته بس عوام جو الله ئي حافظ آهي. عدالت سڳوري کي گهرجي ته ملڪ ۾ ترقي جون دعوائون ڪندڙن جي پرڏيهه ۾ علاج ته به پابندي مڙهي کيس هدايت ڪري ته هو پنهنجي ملڪ ۾ علاج ڪرائين جتي غريبن جو علاج ٿئي ٿو اتي هنن جو به علاج ٿيڻ گهرجي.