تازيون خبرون

Daily Archives: January 1, 2018

گوهر خان پنهنجو فيشن برانڊ متعارف ڪرائڻ جي تيار ڪري ورتي

ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ اداڪارا گوهر خان ماڊلنگ ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ فيشن ۾ به پير رکي ڇڏيو آهي.ميڊيا مطابق گوهر خان پنهنجي ذاتي برانڊ متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي ۽ جلد ئي پنهنجي برانڊ جو افتتاح پڻ ڪندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گوهر خان ماڊلنگ وارن ڏينهن ۾ اختيار ڪيل پنهنجي فيشن کي ئي ورجائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن جو چوڻ آهي ته مان فيشن طور اهو لباس نئين انداز سان آڻينديس جيڪو استعمال ڪري چڪي آهيان

 

سپر اسٽار رجني ڪانت سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

چنائي(شوبزنيوز) تامل ۽ بالي ووڊ سپر اسٽار رجني ڪانت سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ مطابق چنائي ۾ سياست ۾ اچڻ جو اعلان ڪندي هن چيو ته سياست ۽ تامل ناڊو جي حڪومت جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ اها کل جوڳي بڻجي وئي آهي، هو سمجهي ٿو ته اهو سولو ڪم ناهي پر آئون اهو ڪري ڏيکاريندس. هن چيو ته تامل ناڊو جي رياستي اسيمبلي جي سڀيني سيٽن تي اميدوار بيهاريا ويندا جڏهن ته لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ پڻ اميدوار بيهاريا ويندا.رجني ڪانت چيو ته مون شهرت يا دولت لاءِ سياست ۾ اچڻ جو اعلان نه ڪيو آهي ڇوجو اهي شيون مون وٽ اڳ ئي گهڻيون آهن مان رڳو ان ڪري سياست ۾ آيو آهيان ته هتي سياست ايتري گندي ٿي وئي آهي جو باقي دنيا اسان تي کلي رهي آهي.

 

پاڪستان لاءِ ٻه هزار سترهن هر لحاظ کان بهترين رهيو: آءِ سي سي چيئرمين

نئين دهلي: آچر 31 ڊسمبر 2017: آءِ سي سي چيئرمين ششانڪ منوهر 2017ع کي پاڪستان لاءِ بهترين سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي ششانڪ منوهر چيو ته سريلنڪن ٽيم تي 2009ع تي حملي کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ جا دروازا ڪيترن ئي سالن تائين بند رهيا، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ڀارت کي آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي جي فائنل مئچ ۾ شڪست ڏئي نه رڳو ٽرافي کٽي ورتي پر ڪرڪيٽ جي دنيا جو پاڻ ڏانهن زبردست ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب رهي.هن اهو پڻ چيو ته اهو ئي سبب آهي جو آءِ سي سي جي ورلڊ اليون پاڪستان جو دورو ڪيو، ان دوران سرفراز اليون ٽي-20 سيريز پنهنجي نالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جنهن ملڪ جي ٽيم تي حملو ڪيو ويو، اها ئي ٽيم پاڪستان جي سرزمين تي هڪ ٽي-20 مئچ کيڏي دنيا ڏانهن مثبت پيغام ڏئي ڇڏيو.ششانڪ منوهر چيو ته آئون پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پي سي بي جي ورتل ڪوششن جي ساراهه ڪريان ٿو، ان کان اڳ پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي شڪست ڏئي آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي

 

ايشز جو پاڪ-ڀارت سيريز سان ڪوبه مقابلو ناهي: وسيم اڪرم

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ منصوبابندي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صرف هڪ هفتو پهريان ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو ويندو آهي، مصباح ۽ يونس خان کانپوءِ پاڪستان ٽيسٽ ۾ هيٺين درجي جي ٽيم بڻجي وئي آهي. هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ماضيءَ کي نظر ۾ رکندي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ هاڻي حڪمت عملي نظر نٿي اچي جهڙي طرح هڪ شاعر کي شعر جي آمد ٿيندي آهي، اسان جي ڪرڪيٽ آرگنائيزرن کي به اوچتو ٽورنامينٽ جي آمد ٿيندي آهي، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. وسيم اڪرم ٽيسٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته مصباح ۽ يونس خان کانپوءِ پاڪستان هيٺين درجي جي ٽيم بڻجي وئي آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته ايشز جو پاڪ ڀارت سيريز سان ڪوبه مقابلو ناهي، ايشز کي چار پنج ملين ماڻهو ڏسندا آهن پر پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ هڪ ارب انسان بيتاب ٿي ويندا آهن. ان عمراڪمل کي مشورو ڏيندي چيو ته عمراڪمل کي ميڊيا بدران صرف بيٽنگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

تو کان پوءِ ايندڙ هر نئو سال تنهنجي ياد جو نوحو کڻي اچي ٿو: مسرورسيال    

چار سال گذري ويا تنهنجي لبن تان مرڪ نه هٽي آهي تون اڄ به مرڪندي هر شهري ڏانهن نهارين ٿو ائين لڳي رهيو آهي تنهنجي مرڪ ڪٿي شهرين جي بي حسي تي ڪو پيغام ته ناهي ، ها مون کي ياد آ  جڏهن ڪير تو اڳيان  وڏيون ڳالهيون  ڪندو هو ۽ ٻٽاڪون هڻندو هو  ته تون مرڪندي کانئن نهاريندو هئين ، شهر جي چوواٽن تي تنهنجون لڳل تصويرون به مرڪندڙ انداز واريون آهن ڪٿي تون شهرين جون وڏيون ڳالهيون ۽ ٻٽاڪون ته نه ٻڌي رهيو آهين .. ها بلڪل مون کي ته ائين لڳي رهيو آهي ، تنهنجي شهادت کان پوءِ ائين لڳي رهيو هو تنهنجا قاتل بچي نه سگھندا … پر بچي ويا …. ڪئين بچيا ، ڪنهن بچايا اُها به تون ڄاڻندو هوندي ۽ هن ڳالھه کان به باخبر آهين ته اسان جي معاشري  جي وڏي ستم ظريفي اِها هجي ٿي ته ڪير به مظلوم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نٿو هجي ، ڪير مقتول جي حمايت ۾ نٿو هجي پر جيڪڏهن هجي به ٿو ته لفاظي حد تائين ….! ها قاتل کي بچائڻ لاءِ هر هڪ نڪري اچي ٿو نه رڳو نڪري اچي ٿو پر پنهنجي سموري طاقت سان نڪري اچي ٿو ، جنهن سبب مظلوم جو آواز مظلوم بڻجي وڃي ٿو قاتل جي حمايت به ڏاڍن جا ڪوٽ پهري اچي ٿي توکي به ته چار سال گذري ويا آهن رات جي رهزنن پٺيان وار ڪري تنهنجي جسم ۾ گولي پار ڪري هليا ويا هئا سا به ان رات جنهن رات دنيا نئين سال جون خوشيون ملهائي رهي هئي ، ها هر سال جيان رات جا 12 وڄندي ئي هٿيارن جا منهن کوليا وڃن ٿا جن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي اڄ به ساڳيا ٺڪاءُ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ خوف ورائي ويندو آهي دل مان اُهي دعائون نڪرنديون آهن ته مولاءَ سڀن کي محفوظ رک وري ڪو شان نه ماريو وڃي .مونکي اِها به حيرت هوندي هئي ته شهرجي چوواٽن تي تنهنجون مرڪندڙ انداز واريون تصويرون ڇو لڳايون وينديون آهن هي ڪير لڳائيندو آهي جڏهن مون غور ڪيو ته پڪ ٿيم ته هي تصويرون ان ڪري لڳايون وينديون آهن ته هن شهر جي خوف ۾ ورتل شهرين ڏانهن تون بي خوفائتو ٿي ڏسندو رھه ۽ کين اِهو پيغام ڏيندو رھه ته گولي کائيندي پنهنجي جان گھوريندي به آءُ خوفائتو ناهيا .. ته منهنجي شهر جا رهواسي تون طاقت هوندي به خوف جي ور چڙهيل ڇو آهين …. هي تصويرون تنهنجون ادڙيون لڳرائي رهيون آهن ۽ اِهو به پيغام ڏئي رهيون آهن ته قاتل تون ڀل ته ڏھه ڪوٽن ۾ پاڻ لڪائيندو رھه پر اسان جي ڀاءُ جو مرڪندڙ چهرو تو کي لڪڻ جا ٿاڪ مٽائڻ تي مجبور ڪندو رهندو ۽ هڪ  ڏينهن ان ٿاڪ تي اچي پهچندي جتان پڪڙيو ويندينءِ . شهيد شان ڏهر جو قاتل بزدل ئي آهي ان ڪري ته ان چار سال گذرڻ باوجود پاڻ کي ظاهر نه ڪيو آهي اسان کي ڏک اِهو ئي وڏو آهي ته اسان جي  پياري بهادر، بي ڊپي  دوست جو قاتل ڀاڙي ، بزدل نڪتو . هي به قدرت جو اصول آهي ته سچائي کي ڪوڙ هٿان ظاهري شڪست ڏئي سچائي جي آزمائش ڪندو آهي سو شان ڏهر اُهو سچ آهي جيڪو قلم جي نوڪ مان نڪرندو آهي جنهن سان مظلومن جي آواز کي طاقت ملندي آهي جنهن جي قلم مان نڪرندڙ مس کي شهيد جي خون کان به وڌيڪ فضيلت ڏني وئي آهي ، ان ڪري ته شهيد پنهنجي خون جو نذرانو ڏئي پاڻ ابدي زندگي ماڻي ٿو پر عالم پنهنجي قلم جي تحرير سان هزارين زندگين کي جئدان ڏئي ٿو شان جي قلم ڪيترن زندگين کي جئدان ڏنو آهي اُها انهن مظلومن کي خبر جن لاءِ هو قلمي ويڙھه ڪندو هو آخري وقت به شهر جي ميڊيڪل سٽي بلاڪ ۾ انهن مظلومن جي مدد لاءِ بيٺل رهيو جو اتي مريض بيٺل هئا جن کي سخت مدد جي ضرورت هئي ، جيڪا مدد شان ڪئي هئي سا مدد جان جي نذراني تائين تڪميل وٺي ٿي . شان ڏهر جنهن جو نالو ذاڪر حسين هو سندس ادبي  نالو تخلص  شان هو ۽ ذاڪر به ذڪر ڪندڙ هوندو آهي مطلب شان بيان ڪندڙ هوندو آهي تون به ته ذاڪر سان گڏ شان بيان ڪندڙ هئي مولا غازي عباس علمدار عليه السلام  جي علم پاڪ تي تنهنجي اُها نوڙت به ياد اٿم جڏهن تون هڪ وڏي مصيبت ۾ ڦاٿل هئين پر علم پاڪ جي زيارت کان پوءِ مرڪندو نظر ايندو هئين ائين لڳندو هو ته ڪا مصيبت يا پريشاني باقي ناهي رهي ، محرم ۾ عزاداري  تنهنجي دل ۾ موجود ڪربلا جي عڪاسي ڪندڙ هوندي هئي ، تنهنجا اُهي جملا به ياد آهن جيڪي مون کي چيا هئا …. اسين ڪيترن ئي رستن تي ڊوڙندا وتون پاڻ کي ڪيترو به لبرل ۽ سوشلسٽ سمجھون پر ڊوڙندي ڊوڙندي به واٽ ٻي نٿي ملي اچي مولاءَ جي در تي پهچي وڃون ٿا اسين ڪيترو به پاڻ کي  مختلف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پر اسان جي سڃاڻپ وري به هڪ عزادار واري ئي آهي ، وري پوءِ پاڻ ئي سوال ڪندي چوندو هنئين ته جڏهن واٽ انهيءَ تي اچڻو آهي ته ٻيا رستا ڇوٿا وٺجن خير رستا سڀ ڏٺاسين … خبر پئي ته …. اسان جو رستو اُهو ئي آهي جيڪو ڪربلا ڏانهن وڃي ٿو . شان ڏهر وڏو عرصو ڪراچي ۾ گذاريو ۽ اتي ئي صحافت ڪئي پر جڏهن پنهنجي ڳوٺ واپس وريو ته هن ڳوٺ کي پنهنجي سوچن جو مرڪز بڻايو هو ، هڪ ڏينهن جڏهن شان قلم خريد ڪيا ۽ اسڪولن جا دورا ڪيا ڪلاسن ۾ وڃي استادن کي قلم ڏئي کين قوم جي ٻچڙن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون هيون ۽ هن چيو ته مون وٽ اوهان کي ٻيو ڪجھه ڏيڻ لاءِ ناهي هي قلم به ٿوري قيمت وارو آهي پر هن جو مقام ۽ شان وڏو آهي . استادن تنهنجي هن طريقي کي ساراهيو هيو

تون چاهين پيو ته باڊھه مان ئي صحافت ڪرين ها  پر مون سميت دوستن جو اسرار هو ته تنهنجي لاءِ لاڙڪاڻو وڌيڪ بهتر آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اردو جي هڪ نجي ٽي وي چينل جو بيورو چيف ٿي ٿوري عرصي ۾ لاڙڪاڻي جي  صحافت ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ اهڙو نالو پيدا ڪيو جو صحافين ۽ صحافت لاءِ فخر بڻجي وئي . اسان کي اوهان تي فخر آهي ته شان جو وڏو شان آهي تنهنجو شان بيان ڪرڻ لاءِ تنهنجون ڀيئنر ادي فوزيه ڏهر ادي نعيمه ڏهر تنهنجي جنم ڀومي ۾ اچي تنهنجون يادون تازيون ڪن ٿيون ها شان تون وڏي شان وارو آهين جو تنهنجون ڀيئنر ڀائرن وارو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن تنهنجي قاتل جي ڳولا ۽ تنهنجي خون سان انصاف لاءِ مسلسل جدوجھد ۾ آهن سندن جدوجھد ڀاءُ جي سچائي ۽ بيگناهي کي ثابت ڪرڻ آهي ۽ قاتل کي دنيا ۾ نروار ڪرڻ آهي اِهو طريقو ۽ حوصلو هنن ڪربلا کان ورتو آهي کين خبر آهي ته ڀائرن جي بيگناهي کي ڪهڙي انداز سان ثابت ڪرڻو هوندو آهي ، تنهنجي شهادت کان پوءِ قاتلن جا پيرا کڄڻ بند نه ٿيا آهن ان ڪري به ته تون ذاڪر حسين هئين ۽ اِهو ئي تنهنجو وڏو شان هو ذڪر ڪڏهن بند ٿيڻو ناهي ڪڏهن تنهنجي صورت ۾ ته ڪڏهن ادي فوزيه ۽ ادي نعيمه جي صورت ۾ جاري رهڻو آهي ، جيڪي بيگناھه ڀاءُ جي قتل تي هڪ ذاڪره بڻجي سندس بيگناهي کي بيان ڪنديون رهن ٿيون . اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن قاتل وائکا ٿيندا ۽ تنهنجي قتل جون حقيقتون سامهون اينديون .

 

 

 

2017ع جا ڪجهه اهم ملڪي واقعا: شفيق الرحمان شاڪر

پاراچنار حملو؛ 21 جنوريء تي پاڪستان جي قبائلي علائقي واري شهر پاراچنار ۾ هڪ خود ڪش بم حملي دوران گھٽ ۾ گھٽ 20 ماڻهو مارجي ويا ۽ پنجاه کن زخمي ٿيا.هي شهر شيعا مسلم آباديء جي اڪثريت تي مشتمل آهي ۽ افغان بارڊر سان مليل آهي.جنهن وقت بم ماڪو ٿيو ان وقت بازار ماڻهن سان ڀريل هئي.پاڪستاني طالبان جي هڪ گروپ ان حملي جي ذميداري قبول ڪندي چيو ته هنن ان مسلم آباديء کي صرف ان ڪري نشانو بنايو جو اهي شامي صدر بشارالاسد جي حمايت ڪري رهيا هئا. ان حملي جي نوعيت بابت مختلف موقف سامهون آيا.ڪجھه رپورٽن مطابق  ڌماڪيدار مواد ڀاڄين جي ڪنهن پيتيء ۾ لڪايو ويو هو جڏهن ته ٻين رپورٽن مطابق  اهو آپگھاتي حملوهو. .ياد رهي ته 2015ع ۾ به ساڳي مارڪيٽ ۾ ان قسم جو ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ اٽڪل 25  ماڻهو شهيد ۽ پنجاه کن زخمي ٿيا هئا.

سيوهڻ سانحو؛ 16  فيبروري اهو بدنصيب ڏينهن هو جڏهن سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار کي هڪ آپگھاتي بم حملي ذريعي رت سان لال ڪيو ويو.هن سانحي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 200 معصوم ماڻهو جن ۾ ٻارن ۽ عورتن جو وڏو انگ شامل هو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا،  ڌماڪو ان هنڌ ٿيوجتي روزانو ڌمال لاء زائرين گڏ ٿيندا آهن.  هي هڪ دردناڪ سانحو هو جنهن ۾ هرطرف انساني جسمن جا عضوا،زائرين جو ٽڙيل پکڙيل سامان ۽ ٻارن جا وکريل رانديڪا نظر آيا ٿي .

پاڪستان جي ڇهين آدمشماري؛پاڪستان ۾ 1998ع کانپوء مختلف سببن ڪري ماڻهن جي ڳڻپ نه ٿي سگھي. مارچ 2017ع ۾ ڇهين آدمشماري شروع ڪئي ويئي جيڪا مڪمل ٿيندي ؟ي ان جي تڪراري نتيجن تي بحٿ مباحثا شروع ٿي ويا، آئيني گھرجن موجب هر ڏهن سالن بعد ملڪ ۾ لازمي آدمشماري ڪرائڻي آهي پر هتي قصو ئي نرالو آهي.حڪومتي ادارن تي عوام جي عدم اعتماد واري ڪيفيت سبب هن ڪم ۾ به فوج کي گهليو ويو.اٽڪل 190،000سويلين عملي سان گڏوگڏ اٽڪل ٻه لک فوجي عملي به هن عمل ۾ حصو ورتو.

انتظامي ايڪو

گھرن جو انگ

ڪل آبادي

1998 کان 2017ع تائين سراسري سالياني واڌ جي شرح

پاڪستان

32،205،111

207،774،520

2.40

پنجاب

17،103،835

110،012،442

2.13

سنڌ

8،585،610

47،886،051

2.41

خيبر پختون خواه

3،845،168

30،523،371

2.89

بلوچستان

1،775،937

12،344،408

3.37

فاٽا

558،378

5،001،676

2.41

اسلام آباد

336،182

2،006،572

4.91مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران آدمشماريء جي نتيجن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو.قومي اسيمبليء ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاه موجب شماريات ڊويزن جي انگن اکرن کي فوجي عملي طرفان گڏ ڪيل انگن اکرن سان ڀيٽايو وڃي.پي پي پي طرفان انهن نتيجن کي نوازليگ حڪومت جي دنيتي قرار ڏنو ويو جڏهن قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ نمائندن،پي ٽي آئي،ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي به انهن نتيجن تي ڪنهن نه ڪنهن انداز سان پنهنجن شڪن شبهن جو اظهار ڪيوآهي .جنهن جي نتيجي ۾ نئين آدمشماريء جي بنياد ٿيندڙ نين تڪبندين جو بل به گھڻي عرصي تائين رولڙي جو شڪار رهيو ۽ نيٺ حڪومت جي خاطرين بعد پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويو.

نوازشريف جي نااهلي؛سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 28 جولائي تي پاناما پيپرز ڪيس ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف نيب کي ريفرنس احتساب عدالت ۾ موڪلڻ جا /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02

حڪم ڏنا.سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کانپوء نوازشريف وزيراعظم جي عهدي تان سبڪدوش ٿي ويو پر هن عدليا خلاف مهم جي شروعات ڪري ڇڏي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.سپريم ڪورٽ ۾ نوازشريف خلاف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد احمد ۽ جماعت اسلاميء جي سربراه سراج الحق اهي درخواهستون داخل ڪيون هيون.نوازشريف جي نااهليء جي نتيجي ۾ وفاقي ڪاينا ه تحليل ٿي ويئي.مسلم ليگ نون طرفان شاهد خاقان عباسيء کي نئون وزيراعظم نامزد ڪيو ويو جنهن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو

بينظير قتل ڪيس جو فيصلو؛ 31 آگسٽ تي پاڪستان جو هيء هڪ تڪراري ٽريل پراسرار انداز ۾ ملڪ جي اڳوڻي فوجي صدر جنرل پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيئي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جي فيصلي سان نيٺ پڄاڻيء تي پهتو.ٻن پوليس اعليٰ عملدارن  کي  پنهن جي فرضن ۾ غفلت سبب ست سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي پر ان قتل جو اصل ذميدار ڪير آهي، ڪورٽ ان جو فيصلو نه ڪري سگھي جڏهن ته قتل ۾ نامزد ڪيل سمورا ملزم باعزت بري ڪيا ويا. هن ڪيس جو هڪ ٻيو سمجھه ۾ نه ايندڙ نڪتو اهو به آهي ته ان پوري عدالتي عمل دوران پاڪستان پيپلز پارٽيء جي قيادت ان معاملي ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي.

اسلام آباد ۽ لاهور ڌرڻا ؛ اسلام آباد ۾ فيض آباد واري هنڌ تحريڪ لبيڪ يا رسول اللہ طرفان ٽن هفتن جو ڌرڻو هنيو ويو ۽ انهيء سان گڌ لاهور توڙي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ساڳئي قسم جا ڌرڻا هنيا ويا جن جو پس منظر اهو جو حڪومت پاران نومبر ۾ انتخابي سڌارن جي حوالي سان پارليامينٽ مان هڪ بل منظور ڪرايو ويو جنهن ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ آئين ۾ ختم نبوت جي حوالي سان موجود حلف نامي جي لفظن ۾ ترميم ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا ۽ تحريڪ لبيڪ پاران ان وقت جي وفاقي وزير قانون جي استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو جيڪا گھر حڪومت طرفان نه مڃڻ جي نتيجي ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو ۽ ملڪ جي گاديء واري شهر ۾ زندگي مفلوج بڻجي ڪري رهجي ويئي. آخرڪار ڳالهين بعد اهو ڌرڻو زاهد حامد جي استعيفا ڏيڻ تي ختم ٿيو.

ايڊيشنل آئي جي تي آپگھاتي حملو؛ 24 نومبر تي پشاور ۾ ڪي پي ڪي جي ايڊيشنل آئي جي پوليس آسرف نور ۽ سندس هڪ محافظ هڪ آپگھاتي حملي ۾ شهيد ٿي ويا.هن جي ڪاروان کي حيات آباد ۾ نشانو بنايو ويو.جڏهن ته ڇهه پوليس وارا زخمي به ٿيا.پوليس مطابق هڪ آپگھاتي حملي آور پنهنجي موٽر سائيڪل آئي جيء جي جيپ سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ زوردارڌماڪو ٿيو.

چرچ تي آپگھاتي حملو؛ 17 ڊسمبر تي دهشتگردن طرفان ڪوئيٽا ۾ هڪ چرڇ کي آپگھاتي حملي  جونشانو بنايو ويو جنهن ۾ گھٽ ۾ نو ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته اٽڪل 60 ماڻهو زخمي ٿيا. چرچ جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن ٻن حملي آورن مان هڪ کي حملي کان پهرين ماري وڌو پر ٻيو حملي آور ڌماڪيدار مادي سان دعائيه هال ٻاهران  ڌماڪو ڪيو جتي آچر تي دعائيه تقريب شروع هئي.پوليس موجب چرچ ۾ ان وقت اٽڪل 400 ماڻهو موجود هئا ۽ جيڪر پوليس بروقت ڪاروائي نه ڪري هاته گھڻو نقصان ٿئي ها.دهشتگرد تنظيم داعش حملي جي ذميداري قبول ڪئي.

 

 

 

عوام تحريڪ جي اي پي سي….!

لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جي صدارت هيٺ مرڪز منهاج القرآن ۾ ماڊل ٽائون سانحي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جماعت اسلامي، پي ايس پي، جماعت اسلامي، ايم ڊبليو ايم سميت 40 کان وڌيڪ سياسي پارٽين شرڪت ڪئي. اي پي سي جي 10 نقطن واري گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اي پي سي ماڊل ٽائون سانحي ۽ ختم نبوت ترميم جي سخت مذمت ڪري ٿي. ماڊل ٽائون سانحو رياستي دهشتگردي جو بدترين واقعو هو جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله سميت پنجاب حڪومت ملوث آهي جن حددخليون هٽائڻ جي آڙ ۾ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معصوم ماڻهن تي گوليون وسايون. ختم نبوت جي قانون ۾ تبديلي ڪروڙين مسلمانن جي ايمان ۽ پاڪستان جي آئين تي حملو آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ ان قانوني دهشتگردي ۾ سڌا سنوان ملوث آهن جڏهن ته ايماني اساس تي حملي جي ماسٽر مائنڊن جا نالا هن وقت تائين سامهون ناهن آندا ويا، ن ليگ جي اقتدار ۾ رهڻ جو جواز ختم ٿي ويو آهي، ختم نبوت ترميم جي ذميوارن کي سزا ملڻ تائين تڪرار برقرار رهندو، اي پي سي ذميوارن ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي. ماڊل ٽائون سانحي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سموريون مخالف ڌر پارٽيون گڏ ٿي جدوجهد ڪنديون، باقر نجفي ڪميشن شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي سانحي جو ذميوار قرار ڏنو، ان ڪري هو ۽ سندن سمورا ساٿي 7 جنوري 2018ع تائين استعيفيٰ ڏين، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو. 8 جنوري تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جيڪا اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي ۽ تحريڪ قصاص جو فيصلو ڪندڙ مرحلو شروع ڪيو ويندو. ماڊل ٽائون ۾ پنجاب حڪومت جي درندگي سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو آهي، سياسي پارٽيون عدالتن، فوج ۽ ٻين ادارن سان گڏ آهن، نواز شريف ملڪي تاريخ ۾ ڪرپشن جو آغاز ڪيو، هن اسيمبلي ميمبرن کي پيسا ڏئي رشوت جو آغاز ڪيو، اڄ نواز شريف چوي ٿو ته هو نظرياتي ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.متحده پڌرنامي تي اعتراض ڪندي چيو ته شهباز ۽ راڻا ثناءُالله کي ذميوار سڏڻ تي اعتراض آهن. جي آءِ ٽي رپورٽ بعد ڪنهن جو نالو کنيو وڃي، اي پي سي ۾ شيخ رشيد جي اسيمبلين تان استعيفيٰ جي تجويز رد ڪئي وئي. اسيمبلين تان استعيفيٰ جي پ پ سان گڏ تحريڪ انصاف به مخالفت ڪئي.