تازيون خبرون

Daily Archives: December 29, 2017

مشهور ڳائڻي شڪيرا راڳ کان پري رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبيا(شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي شڪيرا راڳ کان پري رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق مشهور ڳائڻي شڪيرا ڳلي جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڊاڪٽرن ان کي گانو نه ڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ڳائڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ سال جون تائين راڳ جا جوهر نه ڏيکاري سگهنديس منهنجو علاج جاري آهي ۽ ڊاڪٽرن مون کي آرام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ڳائڻي چيو ته مان جلد ميوزڪ انڊسٽري ۾ واپسي ڪنديس، شڪيرا پنهنجي بهترين راڳ سبب هزارين ڪروڙين دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.ان جو گانو واقا واقا ان جي شهرت جو سبب بڻيو هو ۽ ڳائڻي چيو ته هوءَ صحتياب ٿي وڌيڪ بهتر گانا ٺاهيندي.

 

ثانيا مرزا پاران پاڪستان جي دوري دوران مختلف دعوتن ۾ شرڪت

لاهور(اسپورٽس نيوز) مشهور ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي جوڙي اڪثر خبرن ۾ ان رهندي آهي ۽ اڄ ڪلهه بحث جو موضوع آهي ثانيا مرزا هاڻوڪي پاڪستان جي دورو ڪيو جنهن دوران هن گهڻيون ئي دعوتون کاڌيون ۽ پنهنجن جي محبت به حاصل ڪئي.ثانيا مرزا پنهنجي مڙس شعيب ملڪ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آئي، جتي هن پنهنجي سست سان وقت گذاريو ۽ دوستن جي دعوتن ۾ شرڪت ڪئي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ دوري لاءِ روانگي کان اڳ ڪرڪيٽر محمد حفيظ، شعيب ملڪ ۽ ۽ ثانيا مرزا لاءِ دعوت جو بندوبست ڪيو، جنهن جون تصويرون محمد حفيظ جي گهرواري نازيا ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون

 

سپر اسٽارز جي گرل فرينڊز جي چوڻ تي مون کي فلمن مان ڪڍيو ويو: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري ڀارتي اداڪارا پرينڪا چوپڙا چيو آهي ته آئون پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترائي ڀيرا طاقت جي نشي جو شڪار بڻي آهيان ۽ ڪيترائي ڀيرا مون کي سپر اسٽارز جي گرل فرينڊز جي چوڻ تي فلمن مان پڻ ڪڍيو ويو آهي. بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ اهڙي صورتحال کي به منهن ڏنو آهي جڏهن کيس ڪنهن جي چوڻ تي فلم مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. جنهن جي چوڻ يا سفارش تي مون کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو ممڪن آهي ته اها هيرو يا هدايتڪار جي گرل فرينڊ هئي ۽ ان جي چوڻ تي مون کي ان وقت ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن آئون فلم سائن ڪري چڪي هئس ۽ آئون ڪجهه به نه ڪري سگھيس. مون کي فلم مان ان حالتن ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن آئون طاقتور ماڻهن جون خواهشون پوريون نه ڪري سگھيس. پريانڪا چوپڙا چيو ته هر ملڪ جون پنهنجون ثقافتي حدون هونديون آهن، هالي ووڊ اداڪارا ميريل اسٽريپ آمريڪا جي صدر ۽ بااثر ماڻهن خلاف آواز اُٿاريو ۽ هن پنهنجي گھر ٻاهران ٽرمپ جون مخالف شيون وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيون اسان جي ۽ ان جي سوچ ۾ گھڻو فرق آهي ۽ اسان کي ميريل اسٽريپ جي ان قدم کي ساراهڻ گھرجي. اداڪارا مستقبل جي حوالي سان اُميد ظاهر ڪندي چيو ته اسان جو نئون نسل جڏهن عورتن جي عزت ڪرڻ شروع ڪندو ته صورتحال تبديل ٿي ويندي. پريانڪا وڌيڪ چيو ته آئون عورتن کي متاثرين نه سمجهندي آهيان پر کين باهمت عورت جي روپ ۾ ڏسندي آهيان جيڪي پنهنجي هٿان ٿيندڙ ناانصافين باوجود زندگي ۾ اڳتي وڌنديون آهن.

 

انوشڪا ۽ ويرات شادي جون تقريبون ختم ٿيڻ تي ڏکڻ آفريڪا روانا

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڪرڪيٽر ويرات ڪولهي پنهنجي شادي جون تقريبون ختم ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا روانا ٿي ويا آهن.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق انوشڪا ۽ ويرات کي گذريل رات جو دير سان ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو. ان موقعي تي ويرات کي ٽريڪ سوٽ جڏهن ته انوشڪا کي ڪارو ۽ اڇو پٽا پٽي جمپ سوٽ ۽ بليڪ جيڪٽ پهريل هئا. ڀارتي اسٽار جوڙي نئين سال جي آجيان گڏ ڪندي جنهن کانپوءِ ويرات ڪولهي ڏکڻ آفريڪا سان شيڊول واري ڪرڪيٽ سيريز ۾ مصروف ٿي ويندو.واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ميچ 5 جنوري تي کيڏندي. ٻئي طرف انوشڪا واپس وطن اچي ممبئي ۾ آنند ايل راءِ جي فلم جي شوٽنگ شروع ڪندي، جنهن ۾ سندس سامهون هيرو جو ڪردار شاهه رخ خان ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ انوشڪا ورن ڌون سان گڏ فلم ”سئي ڌاگا“ جي شوٽنگ پڻ شروع ڪندي