تازيون خبرون

Daily Archives: December 26, 2017

پوري ملڪ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح رحه جو 142 هون جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، باني پاڪستان کي شاندار ڀيٽا پيش،قائد اعظم جي اصولن تحت ملڪ کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو: سياسي/ عسڪري قيادت

اسلام آباد/ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 142 هون جنم ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز بعد خاص دعائن سان ٿي، اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي واري هنڌن تي 21،21 توبن جي سلامي ڏني وئي، قائد اعظم محمد علي جناح جي 142 هين جنم ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل رهي،  پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪيڊٽس جي دستي قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جا فرض سنڀاليا. ان موقعي تي خاص مهمان ميجر جنرل اختر نواز ستي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي گارڊ جو معائنو ڪيو. مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته شهرين جي وڏي انگ به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ محمد زبير پڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري. صدر ممنون حسين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مختلف شعبن ۾ پيش ڏکيائين کي قائد اعظم جي اصولن جي روشني ۾ قانون ۽ آئين تي عملدرآمد ڪري ئي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ٻيئ طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد اعظم سڄي عمر مضبوط دليلن ۽ جمهوري اصولن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي حقن توڙي سڃاڻپ لاءِ ڪيس وڙهيو، قائد جي فڪر ۽ خيالن جي روشني ۾ هڪ مضبوط ۽ ترقي ڪندڙ ملڪ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي..وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ تعصبن کان هٽي ڪري ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، قائد اعظم جي اصولن کي زندگيءَ جو مقصد بڻائڻو آهي. پشاور جي اسلاميه ڪاليج ۾  تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڊسپلين جي اصولن تي عمل ڪندي شاگردن شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته قائد اعظم کي ڀارت جي تاحيات گورنر جي آڇ ٿي پر هن انڪار ڪيو. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم محمد علي جناح وٽ ڪوبه هٿيار نه پر تعليم جي طاقت هئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد اعظم جي اصولن کي اختيار ڪيو وڃي ته پاڪستان ڪنهن ملڪ کان پوئتي نه هوندو. هن چيو ته پاڪستان جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ اعليٰ تعليمي ڪميشن جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حقيقي ترقي تعليم جي ترقي کانسواءِ ممڪن ئي ناهي. هن چيو ته تعليم کان وڌيڪ ٻي ڪابه سيڙپڪاري ناهي، ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قائد اعظم محمد علي جناح جي 142 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل آصف غفور ٽوئيٽر تي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قائد اعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح انساني قدرن ۽ سماجي انصاف جو موقف پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد بڻيو ۽ اهڙي ويزن تي عمل ڪندي پاڪستان کي محفوظ ۽ مضبوط بڻائي سگهون ٿا.

 

ڪلڀوشن يادو سان گهر ڀاتين جي ملاقات، پاڪستان واعدو پورو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي سندس امڙ ۽ گهر واريءَ سان ملاقات ڪرائي وئي. ڪلڀوشن ياديو جي امڙ آونتي سوڌي ياديو ۽ گهر واري چينتڪاوي ياديو دبئي کان خانگي اڏام اي ڪي 612 ذريعي بينظير ايئرپورٽ پهتيون. خاص سڪيورٽي پلان  اوچتو تبديل ڪري ڪلڀوشن جي گهر وارن کي اسلام آباد  ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن پهچايو ويو.ڪجهه دير کانپوءِ  ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن کي پرڏيهي آفيس ۾ آندو ويو جتي سندن ملاقات ڪرائي وئي. ملاقات دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه به ساڻن گڏ آهي. ملاقات 2 وڳي 18 منٽن تي شروع ٿي جيڪا 40 منٽن تائين جاري رهي. ڪلڀوشن ياديو جي گهر وارن سان ملاقات لاءِ خاص ڪمرو تيار ڪيو ويو جنهن ۾ شيشو لڳايو ويو. شيشي جي هڪ پاسي ڪلڀوشن ياديو ويٺل رهيو جڏهن ته ٻي پاسي سندس امڙ، گهر واري ۽ ڀارٽي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ پرڏيهي آفيس انڊيا ڊيسڪ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فريحا موجود رهي. ملاقات جي وڊيو رڪارڊ به ڪئي وئي، جاسوس پنهنجي ڪٽنب سان انٽر ڪام ذريعي ڳالهايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس ٻاهر سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا ، ملاقات کانپوءِ ٻئي عورتون ساڳي ڏينهن واپس روانيون ٿي وينديون. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڪلڀوشن ياديو کي قونصلر تائين پهچ ڏيڻ جي ترديد ڪئي آهي. هن چيو ته ملاقات ۾ ڀارتي سفارتخاني جي آفيس جي موجودگي قونصلر تائين پهچ ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو جي ملاقات انساني همدردي جي بنياد تي ڪرائي پئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن جي گهر ڀاتين سان ملاقات آخري ناهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته  پاڪستان پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته اسلام اسان کي رحمدلي جو درس ڏئي ٿو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي انساني همدردي جي بنياد تي ملاقات جي اجازت ڏني وئي آهي. ڀارتي درخواست تي زال سان گڏ سندس ماءُ کي به ملاقات جي اجازت ڏني ۽ بعد ۾ درخواست تي ملاقات جو وقت به وڌايو ويو جڏهن ته قونصل تائين پهچ ناهي ڏني وئي ڇو ته قونصل کي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه آيو ۽ نه ئي هن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. هو رڳو تبصرو ڪندڙ جي حيثيت سان موجود رهيو. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن جي ڪيترن ئي اهلڪارن تي ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ حملن جو اعتراف ڪيو، ان کان سواءِ ڪلڀوشن مهراڻ بيس تي حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي مدد جو اعتراف ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو 17 ڀيرا پاڪستان ۽ ڀارت آيو ويو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن پاڪستان ۾ دهشتگردي جو چهرو آهي، ڪلڀوشن پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جو اعتراف ڪيو. ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته دهشتگرد ڪلڀوشن کي ڪيس ۾ صفائي جو موقعو ڏنو ويو، ميڊيڪل رپورٽ موجب ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو مڪمل صحتمند آهي. هن ٻڌيو ته ملاقات جو وقت 30 منٽ هو پر ڪلڀوشن جي ماءُ جي درخواست تي وقت وڌائي 40 منٽ ڪيو ويو.

 

ٻئي طرف  ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ۽ ان جي والده ملاقات ڪرائڻ تي پاڪستاني اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو. گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 2 سال اڳ بارڊر پار ڪري ايران کان پاڪستان داخل ٿيس.مان ڀارتي خفيه ايجنسي را لاءِ ڪم ڪري رهيو هوس ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي هٿان بلوچستان مان گرفتار ٿيس.ڀارتي جاسوس چيو ته گرفتاري کانپوءِ پاڪستاني اختيارين مون سان عزت سان پيش آيا ۽ مون تي ڪوبه تشدد نه ڪيو.ڪلڀوشن ياديو چيو ته مون پاڪستاني اختيارين کان انساني همدردي جي بنياد تي ملاقات جي درخواست ڪئي هئي.مان پاڪستاني اختيارين جو شڪرگذار آهيان جو انهن منهنجي درخواست کي قبول ڪيو ۽ گهروارن سان ملاقات ڪري.ٻئي طرف ڪلڀوشن ياديو جي والده به پٽ سان ملاقات ڪرائڻ تي پاڪستاني اختيارين جو شڪريو ادا ڪيو

 

فاٽا تي فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا، واعدو آهي فاٽا کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪبو: وزير اعظم

خيبرايجنسي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فاٽا بابت سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا. شاهد خاقان عباسي خيبر ايجنسي جي جمرود اسٽيڊيم ۾ اسپورٽس فيسٽيول جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا به ساڻس گڏ هو. قبائلين وزير اعظم جو شاندار استقبال ڪيو، قبائلي سردار ملڪ فيض الله جان وزير اعظم کي روايتي پڳ پارائي. تقريب کي خطاب ۾ وزير اعظم چيو ته قائد اعظم قبائلين سان جيڪي واعدا اهي پورا ڪنداسين. منهنجو واعدو آهي ته فاٽا کي ضرور قومي سٿ ۾ شامل ڪيو ويندو، فاٽا جي هر ايجنسي جي اندر هڪ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته فاٽا جي نوجوانن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون، فاٽا کي سهولتون نه ملڻ تي افسوس آهي، فاٽا جي عوام جي حمايت سان پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو.

 

قائد اعظم جي ويزن کي آمريتن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ انتهاپسندي نقصان پهچايو: بلاول ڀٽو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ قائد اعظم محمد علي جناح جي اصولن جي پيروي ڪندي رهندي. هڪ بيان قائد اعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهريون متفقه آئين ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب پورو ڪيو. هن چيو ته  جمهوري نظام ۽ ناقابل شخص دفاع جو بنياد رکي قائد اعظم محمد علي جناح جو خواب پورو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم جي ويزن کي آمريتن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ انتهاپسندي نقصان پهچايو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ قائد اعظم محمد علي جناح جي مشن ويزن جي علمبردار رهندي. هن چيو ته پاڪستان کي قائد اعظم جي اصولن تحت جمهوري ۽ ترقي پسند بڻايو ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي هڪ رول ماڊل جمهوري مسلم رياست بڻايو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾جمهوريت مضبوط ڪري ترقي پسند رواداري تي ٻڌل معاشرو قائم ڪيو ويندو.

 

تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پرامن نموني اقتدار منتقل ڪيو ويندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو پرامن نموني اقتدار جي منتقلي ٿيندي. قائداعظم  جي جنم ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ايندڙ وقت جمهوري نظام کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. هن چيو ته سموريون وفاقي اڪائيون ملڪي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن، حڪومت جي ڪوششن سان پاڪستان کي دنيا ۾ اڀرندڙ معيشت قبول ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ڏيوالي ٿيڻ جون ڳالهيون ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن، تعليم ۽ صحت جي سڌارن واري پروگرام تحت نمايان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو واعدو به پورو ڪيوويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ طلب کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو دهشتگردي خلاف ويزن مڪمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سڀني کي گڏجي پاڪستان کي جمهوري طاقت بڻائڻو آهي، اڄ سموري قوم عظيم اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم جي شخصيت سمورن پاڪستانين لاءِ مشعل راهه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته قائد اعظم مسلمانن کي ننڍي کنڊ ۾ انگريز سامراج کان ڇوٽڪاريو ڏياريو.

 

مريم نواز ڪڏهن به پنجاب جي وزير اعليٰ نٿي بڻجي سگهي: خورشيد شاهه

خيرپور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مريم نواز ڪڏهن به پنجاب جي وزير اعليٰ نٿي بڻجي سگهي. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته مريم نواز ڪڏهن به پنجاب جي وزير اعليٰ نٿي بڻجي سگهي. هن چيو ته ن ليگ تي پارليامينٽ ميمبرن جي استعيفيٰ سان ڪو به فرق نٿو پوي، چونڊون وقت تي ئي ٿينديون. هن چيو ته جڏهن طاهر القادري اسان جي خلاف هئو ته نواز شريف سندس ساٿ ڏئي رهيو هو، هاڻ جڏهن اسان طاهر القادري سان گڏ آهيون ته نواز شريف ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب سنڌ سان زيادتي ڪري رهي آهي، جڏهن ته نيب کي چئني صوبن ۾ بلا امتياز ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

 

قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ڏسيل گسن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي قوم جي خوشحالي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ڏسيل گسن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي قوم جي خوشحالي آهي، باني پاڪستان جي نظريي مطابق هن ملڪ کي هلائڻو آهي. هن اها ڳالهه اڄ گورنر سنڌ محمد زبير ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي 142هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته مون لاءِ اها اعزاز جوڳي ڳالهه آهي ته اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀريندي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو آهيان. وڏي وزير قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي قائداعظم ڏکڻ ايشيا جو عظيم اڳواڻ هو، اسان پاڪستان جي باني قائداعظم مُحمد علي جناح، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي فڪر تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي مفادن موجب ڪم ڪري رھيا آھيون ۽ ڪندا رھنداسين، اسان ان لاءِ ماضي جي قرباني ڏيڻ کان پري نه ھٽنداسين ۽ پنھنجن اڳواڻن اڳوڻي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نقشِ قدم تي ھلندي عوام جي چڱائي ۽ ڀلائي وارن رٿائن تي عمل ڪندا رھنداسين. وڏي وزير ڪرسمس تهوار جي موقعي تي ملڪ سميت سموري سنڌ جي عيسائي برادري کي مبارڪباد پڻ ڏني. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ اي ڊي خواجا، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر، ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

پاڻ کي ڪراچي جا مسيحا سمجهندڙ ئي ڦورو آهن: ناصر حسين شاھ

سکر(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪ سر زمين پارٽي جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال بوکلاهٽ جو شڪار آهي، سندس ڪالهوڪو جلسو ٿورڙن ماڻهن تي ٻڌل هو. تفصيل موجب ناصر حسين شاهه نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آدم شماري تي سڀ کان گهڻو احتجاج سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته 2005 تائين ڪي ايم سي سميت ٻيا ادارا بهتر هئا جڏهن ته ٻين تي الزام لڳائيندڙ پاڻ ذميوار آهن. هن چيو ته پاڻ کي ڪراچي جا مسيحا سمجهندڙ ئي ڦورو آهن، مصطفيٰ ڪمال بوکلاهٽ جو شڪار آهي.

 

عائشه گلالئي جو ”تحريڪ انصاف گلالئي“ جي نالي سان نئين سياسي پارٽي بڻائڻ جو اعلان

نوشهره (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عائشه گلالئي نئين سياسي پارٽي بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو نالو تحريڪ انصاف گلالئي هوندو. عائشه گلالئي جو ان بابت چوڻ هو ته پارٽي جو باقاعده آغاز نئين سال کان ٿيندو. هن چيو ته منهنجي پارٽي ۾ جهاز وارا نه پر غريب هوندا، خيبرپختونخواهه صوبي ۾ واپارين کي قتل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتان جي پوليس قاتلن کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

 

مان ڪرڪيٽ کيڏندو هيس ته قائم علي شاهه لولي پاپ کڻي گهمندو هو: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جلد مسلم ليگ ن جا سينئر اڳواڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندا. هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسان جا ڪيترن ئي مسلم ن جي ميمبرن سان رابطا آهن ۽ هو بادشاهت مان تنگ ٿي چڪا آهن تنهن ڪري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿين چاهين ٿا پر اڃا ساڻن معاملا طئي ٿي رهيا آهن. هن چيو ته جلد پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندس. عمران خان چيو ته جڏهن مان ڪرڪيٽ کيڏندو هيس ته قائم علي شاهه لالي پوپ کڻي گهمندو هو. هن چيو ته قائم علي شاهه مون کان ننڍو آهيان تنهن ڪري گهڻو فٽ نظر ايندو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ۽ سندس ساٿين خلاف گهڻيون شاهديون جمع ٿي چڪيون آهن، ملڪ ڦريندڙن جي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي، اسان جي جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ آهي.