تازيون خبرون

Daily Archives: December 25, 2017

شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا دهلي ۾ ٿيل پارٽي تي ڇائنجي وئي

ئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان ۽ فيشن ڊزائنر گوري جي ڌيءَ سهانا خان دهلي ۾ رٿيل پارٽي تي ڇائنجي وئي آهي. ميڊيا مطابق هڪ فيشن برانڊ جي پارٽي دوران سهانا خان ثابت ڪري ڇڏيو ته هوءَ پنهنجي والد ڪنگ خان ۽ والده گوري جيان ئي خوبصورت آهي. جڏهن ته ڪارو وڳو پهريل سهانا خان جي خوبصورتيءَ جي پارٽي ۾ شريڪ ماڻهن پڻ تعريف ڪئي

 

شوبز ۾ ڳائڻي بڻجڻ آئي هئس پر اداڪارا ٿي ويس: ڪنزيٰ هاشمي

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ڪنزيٰ هاشمي چيو آهي ته آئون شوبز ۾ ڳائڻي بڻجڻ آئي هئس پر اداڪارا بڻجي ويس، هن وقت ڪراچي ۽ لاهور ۾ ميگا پراجيڪٽس ۾ ڪم ڪري رهي آهيان. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ڪنزيٰ هاشمي چيو ته مونکي ڪنهن به سٺي فلم ۾ جاندار ڪهاڻي ۽ ڪردار مليو ته ضرور ڪم ڪنديس، هونئن ته مونکي ڳائڻ جو گهڻو شوق هو، جنهن ڪري اها سوچ رکي شوبز ۾ آئي هئس پر قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو جنهن ڪري اداڪاري جي شعبي ۾ اچي ويس.هن چيو ته ڊائريڪٽر محمد ذوالفقار مونکي ڊراما سيريل ۾ اهم رول لاءِ ڪاسٽ ڪري منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، منهنجي خواهش آهي ته آئون ڪنهن ڊرامي يا فلم لاءِ هڪ گانو رڪارڊ ڪرايان

 

 

پي ايس ايل جي فائنل پنجويهه مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندي: نجم سيٺي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي فائنل ڪرائڻ جو دارومدار سنڌ حڪومت تي آهي ۽ جيڪڏهن پي ايس ايل جي فائنل ڪراچي ۾ نه ٿي سگهي ته لاهور ان جو متبادل هوندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ هو ته 25 مارچ تي پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو ميچ سان شهر جو مثبت پهلو نظر ايندو.هن جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي ڪراچي ۾ فائنل جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڊي جي رينجرز سان ملاقاتون ٿيون، پي ايس ايل فائنل لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي جڏهن ته پوءِ به پي ايس ايل جي فائنل ڪرائڻ جو دارومدار سنڌ حڪومت تي آهي.نجم سيٺي چيو ته پرڏيهي ماهرن کي گهرائي سيڪيورٽي پلاننگ تي بريفنگ ڏيڻي پوندي، پي ايس ايل لاءِ سڀ کان اڳ سيڪيورٽي پلان بڻجندو جڏهن ته جيڪڏهن پي ايس ايل جي فائنل ڪراچي ۾ نه ٿي سگهي ته لاهور ان جو متبادل هوندو.هن چيو ته پوري ڪوشش آهي ته 15 فيبروري تائين ڪراچي اسٽيڊيم تيار ٿي وڃي.پي سي بي چيئرمين چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ ميچ کان بهتر دنيا جي ڪابه گيم ناهي جڏهن ته جيڪڏهن ڀارت کي ناهي کيڏڻو ته پهريان رابطو ڇو ڪيو. ايف ٽي پي ۾ ڀارت سان کيڏڻ اسان جو حق آهي ۽ ان لاءِ فائٽ ڪنداسين.

 

ڏکڻ آفريقا دوري لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي واپسي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ڏکڻ آفريقا دوري لاءِ 17 رڪني ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريقا دوري لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ سيمرز شردل ٺاڪر ۽ محمد شامي جي واپسي ٿي وئي جڏهن ته شادي ڪندڙ ويرات ڪوهلي ڪپتاني ڪندو. ڪيدار جاڌيو کي به چونڊيو ويو جڏهن ته سري لنڪا هوم سيريز ۾ شريڪ واشنگٽن سندر ۽ سڌار ڪول کي موڪل ڏني وئي. چونڊيل رانديگرن ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي، روهت، ڌون، اجنڪيا راهڻي، شيرياس ايئر، منيش پانڊي، ڪيدار جاڌيو، ڪارٿڪ، ڌوني، اڪشر پٽيل، يزويندرا چاهل، ڪلديپ ياديو، بمرا، ڀونيشور، پانڊيا، شامي ۽ شيردل ٺاڪر شامل آهن.

 

بيت المقدس مامرو ۽ آمريڪا جي گڏيل قومن ۾ شڪست: مسرورسيال  

آمريڪا پنهنجين غلط پاليسين سبب دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ان جو واضع ثبوت گڏيل قومن جي سلامتي واري اجلاس ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ آمريڪا کي بري شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي ڍهراءُ جي حق ۾ 128 ووٽ آيا مخالفت ۾ رڳو 9 ووٽ جڏهن ته 35 ملڪن ووٽ ۾ حصو ئي نه ورتو آمريڪا جي پوري ڪوشس هئي ته ٺهراءُ جي مخالفت ۾ اڪثريتي ووٽ اچن ان لاءِ هن ڌمڪين وارو انداز به اختيار ڪيو ۽ ملڪن جي امداد بند ڪرڻ واري ڌمڪي به ڏني پر ڌمڪي جو ڪوبه اثر نظر نه آيو ۽ آمريڪا پاران بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ واري اعلان کي رد ڪيو ويو .ڏسجي ته آمريڪا جي هي پاليسي ڪا هاڻ جي ناهي پر اڳ ئي اهڙي پاليسي جڙيل هئي ۽ هر دور جي صدر اڳيان رکي پئي  وئي پر ان وقت جي آمريڪي صدر حالتن کي نطر ۾ رکندي اهڙي اعلان ڪرڻ کان لنوائيندا رهيا جڏهن کان ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو صدر ٿيو آهي هن تڪراري پاليسين کي پنهنجي ٽيبل رکي ڇڏيو آهي  واري واري سان انهن  جو اعلان ڪندو پيو  وڃي جنهن سبب آمريڪا خلاف هڪ نئو ماحول جڙندو وڃي ٿو جئين اڳ  مختلف دورن ۾ حالتن مطابق ماحول جوڙيندا آيا ۽ مختلف ملڪن ۾ مداخلت ڪندا آيا جڏهن ايران ۾ ٻه هزار قديم شهنشاهي نظام کي شڪست ڏئي اسلامي انقلاب ڪامياب ٿيو ته آمريڪا ايران ۾ خميني جي آيل اسلامي انقلاب کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ايران کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ تڪراي پاليسي ڏني ان وقت عراق جي صدر صدام حسين کي مهري طور استعمال ڪيو ۽ ايران خلاف جارحيت ڪرائي ۽ دنيا ۾ پنهنجي بيٺڪي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عرب ملڪن سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن کي پڻ ايران خلاف استعمال ڪيو ويو

ايران جي اسلامي انقلاب جي باني حضرت آيت الله روح الله خميني چيو هو ته آمريڪا شيطانِ بزرگ آهي مطلب آمريڪا وڏو شيطان آهي تڏهن آمريڪا نواز عرب ۽ ٻيا مسلمان ملڪ هن جملي کي ڄڻ ڪفريه جملو سمجھي ايران خلاف آمريڪي مهم جو حصو بڻجي ويا هئا ۽ آمريڪا دوستي ۾ ايران دشمني تي لهي آيا هئا ان جي نتيجي ۾ عراق جي ان وقت جي حڪمران صدر  صدام جي  پٺي ٺپي ايران مٿان جارحيت ڪرائي وئي هئي تازو انقلاب جا زخم اڃا ختم نه ٿيا هئا ته وري مٿن جنگ مڙهي وئي ايران مٿان پابنديون لڳايون ويو هيون ۽ صدام جي ڀرپور مدد ڪئي وئي هئي نتيجي ۾ 9 سال جنگ جاري رهڻ کانپوءِ جنگ جو خاتمو ٿيو ته آمريڪا صدام کي خطرو قرار ڏيڻ لاءِ وري نئين شرارت ڪئي ڪويت مٿان صدام هٿان قبضو ڪرائي عراق ۾ مداخلت جو رستو ٺاهيو اهڙي طرح افغانستان ۾ مداخلت لاءِ طالبان جي حمايت ڪئي هئي کانئن به جيڪي ڪم ورتا ويا اُهي به تاريخ جو حصو آهن جنهن جو اصل سبب وري به ايران سان گڏ پاڪستان کي سوڙهو ڪرڻو هو پر پاڪستان ته آمريڪي پاليسين جو رکوالو بڻجندو رهيو ۽ چوڪيداري وارو ڪم ڪندو رهيو يارهن  اليون واقعي کان پوءِ افغانستان ۾ مداخلت جو رستو ملڻ شرط افغانستان ۾ گهڙي آيو جيڪو اڃا تائين موجود آهي هن وقت شام ۾ جيڪا هن شرارت ڪئي اُها به کيس راس نه آئي سعودي عرب به سندس نشاني تي آهي پر هن وقت به سعودي حڪمران آمريڪا جا ٻڌا ٻانها بڻيل آهن سعودي جون حالتون به چڱيون ناهن ۽ سعودي هن وقت گھرو ويڙھه طرف وڌي رهيو آهي ان جو مقصد به آمريڪي پاليسي آهي ان ڪري ته عربن کي مڪمل طور ڪمزور ڪري ۽ مسلمانن ۾ فرقي واريت کي هوا ڏئي انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي کين ڪمزور ڪيو پيو وڃي  هاڻ انهيءَ صورتحال کي ڏسي آمريڪا جي تڪراري صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ وڏي شرارت جو بنياد وڌو آهي مطلب بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ  قرار ڏيندي پنهنجو سفارت خانو تل ابيب مان بيت المقدس ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان  تڪرار اڀري اٿيو آهي اهڙي عمل سان مسلمان ملڪن جي اڪثريت ۾ ڳڻتي ڇائجي وئي آهي پر آمريڪا کي اسلامي ملڪن جي ڳڻتي جي پرواھه ئي ناهي ، جي پرواھه هجي ها ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ها بيت المقدس جيڪو مسلمانن سميت ٽن الهامي ڪتاب رکندڙ مذهبن لاءِ مقدس آهي ۽ هي ئي مقدس جاءِ آهي جنهن جي لاءِ صلبي جنگيون لڳيون هنيون 1948ع ۾ جڏهن برطانيه آمريت فلسطين جي ڌرتي کي ڌرتيءِ ڌڻين کان کسڻ لاءِ ٻه اڌ ڪيا  فلسطين جي سرزمين تي اسرائيل نالي رياست جو بنياد وڌو ويو تڏهن کان فلسطين پنهنجي جدوجھد جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو هو اسرائيلي رياست جي وجودکي ناجائز وجود قرار ڏنو ويو ان ناجائز وجود خلاف جيتوڻيڪ اسلامي ملڪن سميت نظرياتي ملڪن آواز اٿاريو ۽ هن جي  وجود کي به  ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو پر تنهن هوندي به اڳتي هلي سعودي عرب سميت ڪيترائي اسلامي ملڪ ڳجھه ڳوھه ۾ اسرائيل کي تسليم ڪري ويٺا هئا جڏهن ته ڪجھه اسلامي ملڪن ظاهري طور به تسليم ڪيو ايران ، شام سميت ڪيترائي ملڪ اڄ به ڪنهن به قيمت تي اسرائيلي ناجائز وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن پر فلسطين جي مالي توڙي اخلاقي مدد ڪندا رهيا آهن هن وقت به ايران ئي آهي جيڪو اسلامي ملڪن منجھان طاقتور ۽ مزاحمتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اسرائيل به پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ايران کي سمجھي رهيو آهي ان سان گڏ عرب ملڪ جتي اڄ به شاهي حڪومتون آهن پنهنجي لاءِ خطرو سمجھن ٿا ان ڪري اسرائيل جون ڳجھيون ايجنسيون ۽ عرب ملڪن جي دولت ايران خلاف استعمال ٿي رهي آهي . هن صورتحال ۾ جتي عراق ۽ شام ۾ داعش جي ناڪامين ۽ پسپائي کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪيو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته داعش توڙي ٻين شيطاني قوتن جي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ هڪ نئين شرارت ڪئي وئي آهي اِها شرارت آمريڪا کي مهانگي پوندي سندس اهڙي اعلان سان ڪيترائي عرب ملڪ پڻ غير محفوظ ٿي ويندا نتيجي ۾ عربن جي اڪثريت متحد ٿي ويندي ۽ اُهي ايران جي ويجھو ايندا اهڙي طرح اسلامي ملڪن جو اتحاد به وري نئين طريقي سان مضبوط ٿي سامهون ايندو ان سان گڏ فلسطين ۾ پڻ ماٺ پيل آزادي تحريڪ پڻ جاڳي پوندي حذب الله سميت سموريون انقلابي تنظيمون صف بنديون ڪنديون جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا سمورا وسيلا ايران توڙي ايران حمايتين خلاف استعمال ڪندا جنهن سان هڪ وڏو بحران پيدا ٿيندو ۽ امڪان آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿئي خير ڊونلڊ ٽرمپ پاران بيت المقدس کي اسرائيلي گادي جو هنڌ تسليم ڪرڻ واري اعلان سان جيڪا ڳڻتي پيدا ٿي آهي اُها اسلامي ملڪن توڙي عرب جي اڪثر ملڪن کي متحد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو  جنهن جو اندازو شايد ڊونلڊ ٽرمپ کي نه هوندو کيس اندازو تڏهن پوندو جڏهن آمريڪا خلاف نفرت ۾ انهن ملڪن ۾ به اضافو ٿيندو جن کي هُو پنهنجي جاگير سمجھندو رهيو آهي ۽ خود آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي هن فيصلي تي  تنقيد  جو منهن ڏسڻو پوندو امڪان آهن ته آمريڪا اهڙي فيصلي کي واپس به وٺي ڇڏي پر اُهو فلسطين حمايت ملڪن جو متحد ٿيڻ تي ممڪن آهي ۽ آمريڪا توڙي اسرائيل خلاف مضبوط تحريڪ هلائڻ ۾ ممڪن آهي…..  ڏسڻو اِهو آهي ته اسلامي ملڪ توڙي عرب ملڪ آمريڪا جي مخالفت ۾ صف بندي ڪن ٿا يا نه ، فلسطين جي آزادي ۽ اسرائيل جي غاصبيت خلاف هڪ ٿين ٿا يا نه  اِهو سوال هر طرف کان ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ چيو پئي ويو ته  جيڪڏهن ائين ٿي پيو ۽ متحد ٿي ويا ته آمريڪا به پنهنجين پاليسن تي نظر ثاني ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ ڪيل فيصلن تي عمل درآمد روڪي ڇڏيندوجيڪڏهن بدقسمتي سان اسلامي ملڪ متحد نه ٿيا ته پوءِ آمريڪا پنهنجي جارحيت جو سلسلو ائين آساني سان جاري رکندو ايندو جئين هڪ صدي کان جاري رکيون پيو اچي ، خير ان جو جواب ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واري اجلاس  ۾ آمريڪا سميت سندس اتحادي ملڪن کي ملي ويو آهي ته سندن پاليسي خلاف 128 ملڪن ووٽ ڏئي سندس پاليسي کي رد ڪري ڇڏيو آهي انهن ۾ آمريڪا جا ويجھا ساٿي ملڪ به آهن جن ۾ برطانيا ، فرانس ، جاپان وغيره  شامل آهن  ، آمريڪا گڏيل قومن ۾ پنهنجي شڪست کي به پنهنجي ڏاڍ واري رويي سان ڏسي رهيو آهي ۽ آمريڪي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن ووٽنگ جو اثر آمريڪا تي نه پوندو ۽ هو پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪندو اِهائي هڪ جارحيت رکندڙ جي سوچ هوندي آهي پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته آمريڪا پنهنجي شڪست تي پريشان ضرور آهي جيڪڏهن هن پاليسي تبديل نه ڪئي ته پوءِ آمريڪا پاڻ تبديل ٿي ويندو ۽ ۽ دنيا ۾ پڻ تبديلي اچي ويندي ممڪن آهي آمريڪا مخالف بلاڪ طاقتور ٿي سامهون اچي ۽ دنيا ۾ هڪ طاقتور بجاءِ ٻه طاقتور بلاڪ سامهون اچي وڃن ..

 

اقتصادي راهداري تي ٿيندڙ سياست ۽ پاڪستان جي امن جو سوال.!: غلام مصطفيٰ جمالي

موجوده حڪومت جي ڪوششن سان چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي.جنهن تي ڪم  تيزي هلي رهيو آهي،جنهن کي”سي پيڪ”به چيو ويندو آهي.جڏهن ته اهو به وقت هو جڏهن پاڪستان بيروني سرمائيڪاري جي حساب سان پويان وڃي رهيو هو.۽ پاڪستان جي معشيت بهتر ٿيڻ جا به ڪي اثرات نظر نه اچي رهيا هئا.انهي پريشاني واري عالم ۾ پاڪستان جو ويهجو رهندڙ پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ چين جنهن کي پاڪستان جو خيرخواهه چئجي ته به ڪجهه غلط نه ٿيندو.انهي پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي معيشت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ46ارب رپين ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪندي اقتصادي منصوني جي شروعات ڪري ڏني .جڏهن ته اها سيڙپڪاري پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي.هي اهو منصوبو انهي وقت جوڙيو ويو هو.جڏهن پاڪستان سان دنيا جا ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهي جو تصور ڪرڻ کان به لهرائي رهيا هئا.جڏهن ته ان وقت پاڪستان جي معيشت کي ڪرندي ڏسي ڪري.پاڪستان جو هڪ پاڙيسري ملڪ انڊيا جيڪو صدائي ٻين جي ڪلهن تي تير هلائڻ جو ماهر آهي.انهي نه رڳو پاڪستان جي معيشت کي ملڪ اندر سندس ايجنسي“را“ جي مٿان دهشتگردي ڦهلائي ڪري نه رڳو ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پر پاڪستان جي ٻئي پاڙيسري ملڪ افغانستان اندر پنهنجي ايجنسي جا اڏا قائم ڪري.پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۽ سنڌ جي شهر شهرن اندر موت جي راند کيڏي.جڏهن ته انهي دهشتگردي اندر پاڪستان هڪ  سياسي پارٽي جو شامل هجڻ جا ڪيترائي انڪشاف مليا آهن.جيڪا پاڻ کي سنڌ جي خيرخواه پارٽي سمجهي ٿي.جنهن کي دنيا وار ايم ڪيو ايم جي نالي سان سڃاڻن ٿا.هن وقت موجوده حڪومت جي ڪوشش ۽ خاص طور جي پاڪستان جي انهي دلير فوجي قيادت  جي ڪوشش جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري گهٽ آهي.ملڪي فوج نه رڳو قوم ۽ ملڪ جي امن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي.پر انهي ملڪ جي معيشت ۽ پاڙيسري ملڪن جا پنهجا تعلقات بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن.۽ انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو،افغانستان پاڪستان سان پنهنجا تعلقات بهتر ڪيا آهن.پر افغانستان اندر موجوده را کي به پاڪستان اندر دهشتگردي نه ڪرڻ  جي وارنگ ڏني وئي آهي.جڏهن ته پاريسري ملڪ جا بهتر ٿيندڙ تعلقات يقينن انهي ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان پنهنجي وڌندڙ معيشت جي مشن جي سفر تي روان دوان آهي.۽ انهي پاڙيسري ملڪ جا بهتر ٿيندڙ تعلقات پاڪستان اقتصادي ارهداري کي پڻ وڏو فائدو پهچائيندا.ڇو ته ڀارت هميشه پاڪستان جي اقتصادي راهداري جي خلاف رهيو آهي.جڏهن ته اقتصادي راهدي جو منصوبو شروع ٿيڻ کان پوءِ چين پنهنجي ايجنيئرن کي انهي منصوبي جي ويجهو ڪراچي اندر رهائش ڪرائي آهي.ان ڪري انڊيا اهو منصوبو جوڙيو هو ته ڪنهن به طريقي سان ڪراچي جو امن خراب ٿي.پوءِ انهي منصوبي کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ انڊيا پنهنجي ايجنسز کي افغانستان کان پاڪستان جي صوبي بلوچستان اندر پهچائي ڪري کين ڪراچي اندر داخل ڪيو.جڏهن ته انهي ڪراچي اندر انهي ڀارتي ايجنسي “را“ کي ڪراچي اندر انهي ايم ڪيو ايم سياسي پارٽي جي هٿي ملي جيڪا ڪراچي کي پنهنجي جاگير سمجهي ٿي.جڏهن ته انهي ايم ڪيو ايم ڪراچي جي امن امان خراب ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجهه نه ڪيو.جڏهن ته پاڪ آرمي ۽ ريجنرس جيڪي ڇاپا هڻي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن گرفتار ڪيا. انهن نه رڳو پنهنجو پنهنجو ڏوهه قبوليو پر انهي ڳالهه جو اعتراف پڻ ڪيو ته انهن جا ڀارتي ايجنسي “را“سان تعلقات آهن.۽ انهن ڪراچي اندر دهشتگردي ڦهلائڻ لاءِ ڀارتي انجنسي ”را“کان ٽرينگ پڻ ورتي هئي.جڏهن ته ڪراچي اندر ريجنرس  وڏي تعداد ۾ انهي گروهن کي گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون.جڏهن ته ڪيترائي دهشتگردن ڪراچي مان ڀڄي ويا.۽ ڪراچي انهي ريجنرز ۽ پاڪ آرمي جي ڪوشش سان دهشتگردي کان پاڪ ٿي ويو.ڪو وقت هو جڏهن ڪراچي اندر ڪو ڏهاڙو ملهائڻ به مشڪل هو.جڏهن ته پاڪستان جي آزادي وارو ڏينهن چوڏهن آگسٽ به ملهائڻ لاءِ ڪراچي واسي دهشتگردي جي ڊپ کان سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن کان رخ ڪندا هئا.

پر پاڪ آرمي ۽ ريجنرز جي امن ڪرائڻ کان پوءِ انهي دفعي ڪراچي اندر وڏي ڌام ڌوم سان قومي ڏهاڙو ملهايو ويو.هر گلي هر چوڪ تي جشن آزادي جا نعرا گونجڻ لڳا هئا.نه رڳو قومي آزادي وارو ڏهاڙو ملهايو ويو هو پر هن ڀيري سنڌ جي ثقافت جو ٽوپي اجرڪ وارو ڏهاڙو ملڪ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو هو.هر طرف سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا رنگ نمايا نظر آيا هئا.جڏهن ته اهڙي آزادي واري ماحول کي ڏسي ڪري نه رڳو اسان جي دوست چين ملڪ خوشي جو اظهار ڪيو پر اقتصادي راهدي جي منصوبي جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪئي..هن وقت بلوچستان جي بندرگاه گوارد اندر گهري سمونڊ اندر اهم ترين بندرگاهه جو ڪم شروع ڪيو ويندو.جنهن ڪري پاڪستان جي علائقي تجارت کي پڻ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.جڏهن ته ان سان گڏ چين،افغانستان، ۽ ٻين ايشائي ملڪن کي پڻ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ گوادر جي اهائي حيثيت هوندي.جيڪا دبئي ۽ سينگاپور جهڙن ملڪ کي عالمي حيثت آهي.اقتصادي راهدي منصوبي تحت انفراسٽرڪلچر جو پورو نظام ٺاهيو ويندو.جنهن ۾ موٽرويز، ايڪپسپريس ويز، جي اعليٰ ٻيا به جديد منصوبا جوڙيا ويا آهن.جڏهن ته انهن منصوبن ۾ هڪ اهم منصوبو انڊسٽريل زونز منصوبو ٺاهيو ويندو.۽ ريلوي جو جديد نظام شروع ڪيو ويندو.جيڪي ريلوي في 160ڪلوميٽر جي رفتار /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

سان هلايون وينديون.جيڪي موجوده هلندڙ ريلويز کان ٻه حصا وڌيڪ تيز رفتار هوندي.ان کان اعلاو پاڪستان کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ کان30ارب رپين ڊالرڊ جي ماليت جو پروجيڪٽ پڻ شروع ڪيو ويندو.جنهن سان پاڪستان مان لوڊشيٽنگ جو خاتمو ٿي سگهندو.جڏهن ته توانائي جي بحران جي ختم ڪرڻ لاءِ قدرتي گئيس جا اهم منصوبا به اقتصادي راهدي ۾ شامل ڪيا ويا آهن.انهي ڪري انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي به اقتصادي راهدي پاڪستان جي عوام جي تقدير بدلائي سگهي ٿو.انهي ڪري جڏهن ته اهڙا موقعا ايندا آهن ته زنده دل قومون پاڻ اندر سمورا اختلاف وساري ڪري انهي منصوبن تي هڪ تي انهي جي ڪامياب ڪرائڻ جون ڪوششون ڪندا آهن.پر پاڪستان اندر اهڙي صورتحال تمام گهٽ نظر اچي رهي آهي.جڏهن ته اقتصادي راهداري جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.ان ڏينهن کان وٺي پارٽين جا پاڻ ۾ اختلاف به وڌي ويا آهن.۽ هر پارٽي پنهنجي پنهنجي نظري سان اقتصادي راه داري کي ڏسي رهيو آهي.۽ پنهنجي پنهنجي نظرياتي سوچ مطابق انهي اقصادي راهداري جي باري ۾ بيان ڏئي رهيو آهي.جڏهن ته اها به هڪ حيقيت هئي ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهي دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيوآهي.جيڪا دهشتگردي پاڪستان حڪومت جي معيشت کي خاصو نقصان پهچايو ٻيٺي هئي.جڏهن ته انهي دهشتگردي جنگ ۾ پاڪستان جي جاني توڙي مالي تمام گهڻو نقصان پهتو هو.جڏهن ته 60هزار کان وڌيڪ پاڪستاني اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن،جڏهن ته پاڪستان جي ماليت جو اندازو لڳائجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيندو.جڏهن ته ان کان اعلاو پاڪستان اندر ڪرپشن جي بازار به خاصي گرم آهي جنهن جي پاڪستان جو خاصو پيئسو انهي ڪرپشن جي ڪري مڊي لارڊنگ ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو آهي.جڏهن ته جنگ جي صورتحال اندر دنيا جي ملڪ جو جائزو وٺو ته ٻئي عالمي جنگ ۾ پورو يورپ تباه ٿي چڪو هو.۽ ان وقت آمريڪا يورپ کي اقتصادي  بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ مارشل پلان عمل ۾ آندو.جنهن سان تباهه ٿيل مغربي يورپي ملڪ1948۾13ارب ڊالر جي سرمائڪاري ڪئي.جيڪا هن وقت موجوده دور اندر150ارب ريپن ڊالرن تي وڃي پهچي ٿي.ان وقت آمريڪا،۽سوويت يونين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي چڪي هئي. ان ڪري اهو پلان صرف مغربي يورپ جي لاءِ هو،جيڪو آمريڪا جي بلاڪ جو حصو هو.جڏهن ته مشرقي يورپ سوويت جو حصو هو.ان ڪري ان جي بحالي کي زميواري سوويت جي حصي ۾ آئي.جڏهن ته انهي جنگ جو اختتام1980سال جي آخر ڏهاڙي ۾ ٿيو.جنهن اندر سوويت وکرجي ويو ۽ آمريڪا دنيا جو ٺيڪدار بنجي ويو.ان وقت آمريڪا هن وڏي غلطي ڪئي.جنهن ڪري هن افغانستان ۽ فرنٽ لائين ملڪ پاڪستان ۽ فراموش ڪري ڇڏيو هو.جڏهن ته اهو موقعو هو جنهن ۾ آمريڪا کي گهجرجي ها ته افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ مارشل پلان جي طرزتي بحالي جنگ جو منصوبو پيش ڪري ها.انهي ته ان وقت جي صدر جارج بش جي انهي غلطي کي سزا کي پورو دينا ڀوڳي رهي آهي.پر ان کانپوءِ ڪو وقت آيو جڏهن انهي صدر جا جارج جوئينير دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪرڻ چاهي.جڏهن ته هو پنهنجي پيءِ کان به وڌيڪ غلطين ۽ خامين جو انسان بڻيو، جنهن جي ڪري.پوري خطي ۾ سندس اهميت نفرت ۾ تبديل ٿي وئي.جڏهن ته ان جي جڳهه چين ولاري ورتي. ۽ انهي پارو واري ملڪ چين پنهنجي چئني طرف پنج اقصادي راهدايون شروع ڪيون.۽ پاڪستان اقصادي راهدي انهي راهدارين جو حصو آهي.جنهن سان چين کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.۽ پاڪستان خوشحالي ۽ تريقي جي دور ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪندو.ان ڪري اقصادي راهداري جي ڪاميابي لاءِ هر پاڪستاني عوام جي هر ماڻهو جي انهي جي اختتام پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.جڏهن ته اقصادي راهداري کي وچ ۾ آڻي ڪري ڪنهن به سياسي پارٽي کي انهي جي نالي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.پاڻ اندر جيڪي سياسي پارٽين اندر اختلاف آهن انهن کي ختم ڪرڻ گهرجن ۽ اقصادي راهداي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪرڻ گهرجي

 

عدلتي فيصلي تي به شگر ملن عمل نه ڪيو…

عدالتي فيصلي کانپوءِ سنڌ ۾ 34 شگرملن مان ڪيترن ئي ملن جي انتظاميا طرفان انڊينٽ ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ آبادگارن کان شگر مل انتظاميا ڪمند وٺڻ لاءِ جاري ٿيندڙ انڊينٽ ڏيڻ بند ڪرڻ سبب آبادگار ڪمند جي ڪٽائي ڪرڻ لاءِ پريشان ٿي ويا. شگرملن جي انتظاميا خساري واري سلسلي کي ڏسندي شگرملن ۾ پهتل ڪمند جي پيڙائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ٻيو ڪمند وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن، شگرملن جي انتظاميا کنڊ جو ذخيرو هجڻ جواز ڄاڻائي وفاق طرفان کنڊ ايڪسپورٽ نه ڪرڻ ڪري شگرمل انتظاميا ڪمند جو اگهه 172 روپيا عدالتي حڪم تي ڏيڻ واري حڪم کانپوءِ ڳڻتي ۾ وٺجي ويا، شگرملن جي مالڪن طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته آبادگارن سڄي سنڌ جي آبادگارن کي اپيل ڪري ڇڏي آهي ته ڪمند جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ بند نه ڪن، ڪمند شگرملن تائين پهچائين ڀلي شگرملون انڊيڊ جاري ڪن يا نه ڪن. عدالتي حڪم تحت ڪمند شگرملن جي دروازن تائين پهچايو ويندو.

ايوان زراعت سنڌ جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان آبادگارن کي انصاف مليو آهي، پر شگرمل انتظاميا آبادگارن کي انڊينٽ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ شگرملون بند ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ ڪري رهيا آهن، جنهن سان آبادگارن ۾ سخت ڳڻتي آهي، سنڌ ۾ ساڍا 7 لک ايڪڙن تي ڪمند پوکيل آهي، اسان آبادگار ڪمند جي ڪٽائي جاري رکنداسين، ڀلي شگرملون گيٽ بند ڪن، پر اسان ڪمند سان ڀريل ٽرڪون ۽ ٽراليون شگرملن جي گيٽ تائين پهچائينداسين ۽ اسان عدالت کان اميد رکون ٿا ته اها اسان سان انصاف ڪندي، جيڪي شگرملون انڊينٽ جاري نٿيون ڪن، انهن سان پڇاڻو ڪرڻ لاءِ عدالت ڪين ڪمشنر کي حڪم جاري ڪري ته جيئن اهو معاملو حل ٿي سگهي، ڪين ڪمشنر سان لاڳاپيل عملدار موجب عدالت جي حڪم تي سمورين شگرملن کي پابندي سان ڪمند وٺڻ گهرجي انڊينٽ جاري ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪنهن به شگر مل خلاف ورزي ڪئي ته ان جي ڄاڻ عدالت تائين پهچائي ويندي.