تازيون خبرون

Daily Archives: December 22, 2017

شاديءَ لاءِ هاڻي سنجيده ۽ درست شخص جي ڳولا آهي: پريانڪا چوپڙه

ممبئي(شوبز نيوز)  ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙه چيو آهي ته شاديءَ لاءِ هاڻي سنجيده ۽ درست شخص جي ڳولا آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪاره پريانڪا چوپڙه چيو آهي ته شادي ڪنهن رٿابندي موجب ناهي ٿيندي، شاديءَ لاءِ ڪنهنن سنجيده شخص جي ڳولا هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص ملي ويو ته ضرور ان سان لائون لهندس اڃا تائين اهڙو ڪو شخص ناهي مليو. اداڪاره پريانڪا چوپڙه ڀارتي فلم( اي ڪڊ لائيڪ جيڪ) ۽ از ناٽ رومينٽڪ ۾ جلوه ڏيکاريندي

 

پاڪستاني خوبصورت اداڪارا ماهره خان پاران پنهنجي 33 هين سالگره ملهائي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهره خان اڄ پنهنجي 33 هين سالگره ملهائي رهي آهي.ڊراما سيريل همسفر مان شهرت حاصل ڪندڙ ماهره خان پاڪستان جي بهترين اداڪارائن ۾ شامل آهي. سالگره جي موقعي تي ماهره خان اڌ رات جو پنهنجي پٽ اذلان سان ڪيڪ ڪٽيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن کي هن مهل تائين هزارين لائيڪس به ملي چڪا آهن.ماهره خان پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات 2006ع وي جي طور ڪئي ۽ 2011ع ۾ شعيب منصور جي فلم ”بول“ وسيلي لالي ووڊ فلم نگري ۾ قدم رکيو جنهن ۾ هن معاون اداڪاره جو ڪردار نڀايو. ماهره خان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان ڪيترائي ايوارڊز به پنهنجي نالي ڪيا آهن جن ۾ لڪس اسٽائل ايوارڊ، پاڪستان ميڊيا ايوارڊ، هم ايوارڊ، هم اسٽائل ايوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. تازو ئي ماهره خان کي دبئي مصالحه ايوارڊز ۾ ايشيا جي بااثر عورت جي اعزاز سان نوازيو ويو

 

ايفرو ٽي ٽوئنٽي جا اسپانسر فرار، سعيد اجمل ۽ ٻيا رانديگر يوگنڊا ۾ ڦاسي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز) انڊين ڪرڪيٽ ليگ ۽ ابوظهبي جي ماسٽرز ليگ کانپوءِ يوگنڊا ۾ ٿيندڙ ايفرو ٽي ٽوئنٽي ليگ جو به تختو ڪلٽي ٿي پيو، اسپانسرز ٽورنامينٽ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا جنهن سبب پاڪستان جا ڪيترائي رانديگر يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ ڦاسي پيا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پوري دنيا جي ليگز ۾ پنهنجن رانديگرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ رانديگر بنا ڪنهن تصديق جي پرڏيهي ليگز  ۾ شرڪت جو معاهدو ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب انهن کي ڪيس جي دفاع ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.هاڻ يوگنڊا ۾ پاڪستاني رانديگر بي يارو مددگار پيل آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته هو رلي ويا آهن، انهن وٽ پئسا به ختم ٿي چڪا آهن ۽ واپسي لاءِ ٽڪيٽ به ناهي. يوگنڊا  ۾ ايفرو ٽي ٽوئنٽي ليگ جي انتظامين اوچتو حيران ڪندڙ فيصلو ڪندي ليگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ رانديگر پريشاني جي حالت ۾ واپسي جا منتظر آهن.ٽورنامينٽ ۾ اڪثر پرڏيهي ڪرڪيٽر پاڪستان جا هئا جڏهن ته ويسٽ انڊيز، ڀارت ۽ آمريڪا کان علاوه مقامي رانديگرن ۾ ليگ ۾ شرڪت ڪئي.پاڪستان جي رانديگرن کان علاوه پرڏيهي ڪرڪيٽر ٽئين درجي جا هئا جن جو تعداد 22 ٻڌايو پيو وڃي.متاثر پاڪستاني رانديگرن جو چوڻ آهي ته انهن سان جيڪو معاوضو طئه ٿيو هو ان ۾ هڪ روپئي جي به ادائيگي نه ٿي آهي.اڳوڻو ڪپتان عامر سهيل ڪمينٽيٽر جي حيثيت سان ڪمپالا ويو هو اهو رانديگرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري رهيو آهي.پاڪستان جا جيڪي رانديگر يوگنڊا ۾ ڦاٿل آهن انهن ۾ اسٽار ڪرڪيٽر سعيد اجمل، ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمران خان جونيئر، ياسر حميد ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽر مختار احمد به شامل آهي

 

ڀارت پاڪستان ۾ ايشين ايمرجنگ ڪرڪيٽ ڪپ جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارت پاڪستان ۾ ايشين ايمرجنگ نيشنز ڪرڪيٽ ڪپ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ مطابق 6 ملڪن واري ايونٽ جا حق آڪٽوبر ۾ لاهور ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران پاڪستان کي ڏنا ويا هئا ان اجلاس ۾ ڀارت شريڪ نه ٿيو هو. پر هاڻي تازو ئي دبئي ۾ ٿيل ميٽنگ ۾ ڀارت ان فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڀارت جو چوڻ آهي ته اسان سان مشورو ڪرڻ بنا ميزبان ملڪ جي چونڊ ڪئي وئي ان ڪري اسان پنهنجي ٽيم نه اماڻينداسين. ٻئي طرف سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن پنهنجون ٽيمون اماڻڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي

 

سوال نئين نسل ۽ نصاب جو!: عرفان منان

دنيا جي ھر قوم جو نئون نسل وڏي اھميت رکندڙ ھوندو آھي، ايندڙ وقت جون واڳون پڻ ايندڙ نئين نسل کي ئي سنڀالڻيون پونديون آھن. نئين نسل کي سماج اڏيندڙ به چئي سگھجي ٿو. ڇوته سماجن جي اندر جيڪي به کوٽون موجود ھونديون آھن، انهن کي نئون نسل ئي ختم ڪرڻ جي پوري سگھ رکي ٿو. حاصل مطلب ته ھڪ بھتر معاشرو ٺاھڻ جي لئه بھترين ۽ متحرڪ نئين نسل جي گھرج هوندي آھي. ان حوالي سان جيڪڏھن نئون نسل ذھني، فڪري ۽ شعوري طور تي تندرست ۽ صحتمند ھوندو ته سماج به چڱي طرح ٺيڪ ٿي سگھندو. ھاڻي اھو نئون نسل ڪئين پيدا ٿيندو؟ ان جي پالنا تربيت ڪئين، ڪھڙي طرح ۽ ڪير ڪندو؟ اھي تمام سنجيده سوال ۽ نقطا آھن، جيڪي پنھنجي جوھر ۾ وڏي معني ۽ مطلب رکن ٿا ۽ اھي حل ٿيڻ جوڳا به آھن. عام طور تي چيو ويندو آھي ته وڏا ننڍن تي مھربان ۽ ڇپر ڇانو ھوندا آھن. حقيقت ۾ ڏسجي ته وڏن جي ٻاجھ جو ھٿ سدائين ننڍن جي لئه وڏي وٿ ثابت ٿيو آھي. اھي وڏا ئي ھوندا آھن، جن جي آڱر پڪڙي ننڍا زندگي جي پھرين وک کڻي ھلندا آھن. زندگي جي پھرين وک کڻي ھلڻ جي لئه ننڍن کي ڪنھن سھاري جي ضرورت پوندي آھي. تنھن ڪري نئين نسل جي واڌ ويجھ ۽ پالنا ۾ انھن جي وڏن جو ھٿ عمل دخل نھايت ئي وڏي اھميت وارو آھي. ھاڻي اھو وڏن تي منحصر آھي، ته ھو پنھنجي نئين نسل کي سماج جي وارثي ڪرڻ لئه ڇا ڇا سيکارن ٿا. اھو به سچ آھي، ته ٻار جي سکيا جو پھريون ھنڌ، ان جو گھر ۽ ان جا والدين ھوندا آھن. دنيا جو ھرھڪ ٻار پنھنجي ڄمار جا پھريان درس پنھنجي گھر وارن کان ئي پرائيندو آھي. ادب، اخلاق، چال چلت، رھڻي ڪھڻي، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ جا ڍنگ طور طريقا ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ نئين نسل کي سيکارڻ جا شروعاتي مرحلا ھوندا آھن. گھر کان پوءِ نئين نسل جي سکيا جي جاءِ معاشرو آھي. سچ پچ ته معاشرو ئي وڏو استاد ۽ سونھون ھوندو آھي. سماج مان ڪڏھن ڪڏھن اھڙا به سبق سکڻا پوندا آھن، جيڪي نه والدين سيکاري سگھندا آھن، ۽ نڪي ڪنھن مڪتب مان ئي حاصل ٿيندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن اھڙا سبق نئين نسل لئه ڏکيا به ھوندا آھن، ته وري سولا به ھوندا آھن. نئون نسل شعوري ۽ غيرشعوري طور تي اھي سبق سمجھندو، سکندو، ٻڌندو ۽ تجربا ڪندو واڌ ويجهه ڪندو رھندو آھي. ڪيئي واقعا، وارتائون، ڳالھيون، ۽ يادگيرون نسل جي نابالغ ۽ ڪچي ذھني دنيا ۾ ڪنھن واچوڙي وانگر ڦرنديون رھنديون آھن. انھن جا اثر ھنن جي دماغن جي زمين تي، سلن جيان ڦٽندا ۽ ڪڏھن سڪندا رھندا آھن، پر ڪڏھن ائين به ٿيندو آھي، جو اھي ڪڏھن سٺي سوچ جا سوين سنگ پچائي وجھندا آھن. جنھن جي نتيجي ۾ نئين نسل جو ذھن تمام آسودو ۽ يا وري شاھوڪار بنجي ويندو آھي. نئين نسل جي اھم ۽ فيصلاڪن جاءِ ان جو ڪنھن اسڪول درسگاهه ۽ مڪتب ۾ ويھڻ ھوندو آھي. اتي ويھڻ کان پوءِ ھن جي حياتيءَ جي ھڪ اھم دور جي شروعات ٿيندي آھي. جتان جو ماحول، استادن جو رويو، مڪتب جا ٻيا ٻار ۽ تدريس وارو عمل، مطلب ته ھن لئه سڀ ڪجھ نئون ھوندو آھي. ھن لئه اھا ھڪ عجيب ۽ پُراسرار جاءِ ھوندي آھي. ڪتاب، ٿيلھو، پينسل، ويھڻ واري ڪرسي يا بينچ ڄڻ ان جا روز جا ساٿي بنجي ويندا آھن. ان کان سواءِ استاد، خاص طور تي ھن جي نظرن جو مرڪز بنيل ھوندو آھي. ڇو ته ھو ان کي پڙھائيندو ۽ سيکاريندو رھندو آھي. حقيقت ۾ استاد جو نئين نسل جي بھتر ترتيب ۾ وڏو ھٿ ھوندو آھي. اھا استاد جي ئي حڪمت عملي ھوندي آھي. جو ھو ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي شاگردن کي تدريس وارو عمل چڱي طرح ڪرائي سگھندو آھي. ڇاڪاڻ ته ھر ٻار جي ذھني سطح جدا جدا ھوندي آھي، پر استاد ۾ اھا سگھ ۽ صلاحيت ھوندي آھي، ته ھو ھر ھڪ شاگرد جي ذھني سطح پروڙي، ان کي سيکاري سگھي. شروعاتي وقت ۾ جيڪو ٻار کي پڙھايو، لکايو ۽ سمجھايو ويندو آھي، ان کي ھو ڪافي وقت تائين چڱي طرح پرجھي ناھي سگھندو، پر تدريس واري عمل کي روز دھرائڻ ڪري آھستي آھستي کيس ڪجھ نه ڪجھ سمجھ ۾ ايندو رھندو آھي. ان وقت ان جي ذھني قوت ايڏي وڏي جوان نه ھوندي آھي، جو ھو ان شين کي مڪمل طور تي سمجھي سگھي، پر جئين جيئن سندس عمر وڌندي رھندي آھي، تيئن تيئن سندس سمجھ واري سطح ۾ واڌارو ايندو رھندو آھي. پوءِ جڏھن ھو عمر جي ان ڏاڪي تي رسندو آھي، جنھن کي ذھني بلوغت وارو دور سڏجي ٿو. ته پوءِ کيس جيڪو به سمجھائبو آھي، ان کي ھو بھتر انداز سان سمجھي سگھڻ جي قابل بنجي ويندو آھي. ڪنھن اسڪول، مڪتب، درسگاهه جي تدريس وارو سڄو معاملو نصاب تي مشتمل ھوندو آھي. ان جي ئي آڌار تي شاگرد جي لکائي پڙھائي وارو سلسلو ھلندو رھندو آھي. شاگرد کي اھي ئي شيون سمجھايون ۽ پڙھايون وينديون آھن. جيڪي نصابي ڪتابن ۾ درج ٿيل ھونديون آھن. انھن مان ئي انھن جون ٽيسٽيون ۽ امتحان ورتا ويندا آھن. تعليمي سرشتي اندر نصاب جي وڏي افاديت آھي. جھڙي قسم جو نصاف ھوندو، شاگرد به اھڙي ئي قسم جو تيار ٿيندو. ڇاڪاڻ ته نصاب شاگرد جي ڪچي ذھن تي سڌو لاڳو ٿيندو آھي ۽ ان جو اثر به ھو سڌو کڻندو آھي.

دنيا جي ھر اسڪول، يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ پنھنجي پنھنجي قسم ۽ نموني جو نصاب ھوندو آھي. اھڙي طرح اھو نصاب واسطيدارن تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪيو ويندو آھي. دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليمي نصاب کي ڇڏي، اسان خاص طور تي سنڌي نصاب جو ٿورو جائزو لھنداسين، جنهن ۾ ڪافي جھول نظر ايندا. سڀ کان اول اسين سنڌي ٻاراڻي ڪتاب تي سرسي نگاهه رکنداسين، ته ان ۾ به غلطيون پسي سگھبيون. جڏھن ابتدائي ڪتابن ۾ ئي جھول ھجن، ته پوءِ پڙھندڙ پاڻ ئي فيصلو ڪن ته مٿين ڪتابن جو ڪھڙو حشر ھوندو. ٻاراڻي ڪتاب جي رڳو سنڌي الفابيٽ کي ڏسجي، مثال؛ تصويري الفابيٽ جو (گ) وارو اچار ٻارن کي گاف_گڏهه ڪري پڙھايو ويندو آھي. لفظ گڏهه اڻ وڻندڙ آھي. (خ) وارو اچار ٻارن کي خي_خچر ڪري پڙھايو ويندو آھي. جيڪو به اڻ وڻندڙ آھي. (ڪ) وارو اچار به ٻارن کي ڪاف_ڪتو ڪري پڙھايو ويندو آھي. اهو به اڻ وڻندڙ آھي. اھڙي طرح وري (ج) وارو اچار جيم_جتي ڪري پڙھايو ويندو آھي. اھڙي قسم جا الاھي اچار تصويرن سميت الفابيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آھن. جيڪي نه هئڻ گهرجن. ساڳئي ئي ڪتاب جي سبقن جو جائزو لھبو، ته انھن ۾ پڻ پڙھندڙن کي غلطيون محسوس ٿينديون. سنڌي ٻولي تمام شاھوڪار ٻولي آھي. انھن اچارن جا ڪيئي متبادل اچار سنڌي ٻولي ۾ ملي ويندا. جيڪي انھن اڻ وڻندڙ اچارن جي جاءِ تي شامل ڪري سگھجن ٿا. پر اسان جا تعليمي ادارا الائي ڪھڙي سبب ان ڪم کان قاصر لڳا پيا آھن. ھتي جيڪڏھن اسين پرائمري نصاب جي سڀني درسي ڪتابن جي خامين جو ذڪر ڪنداسين، ته وڏي ڊيگھ ٿي ويندي. حقيقت ۾ پرائمري تعليم نئين نسل جي لئه وڏي اھم آھي. تعليمي نظام جي اندر پرائمري تعليم، ريڙهه جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي. ان ئي تعليم جي آڌار ٻار جو بنياد ٺھندو آھي. جيڪڏھن اھائي ٺيڪ نه ھجي، ته پوءِ مٿين ڪلاسن ۾ پهچڻ ان ٻار لئه ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ ڄڻ ته ھو مشڪلات جي ڌٻڻ ۾ ويندو ڦاسندو، جتان ان جو نڪرڻ محال ٿي پوندو.

ھاير اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب جا به حال، اسان سڀني جي اکين اڳيان آھن. اڄ ڪلھ اھو بحث ھلي رھيو آھي، ته پاڻ واري ملڪ جو سمورو تعليمي نصاب ساڙ، تعصب ۽ ڪوڙ تي مبني آھي. ان معاملي تي سينيٽ ۾ به پڻ وڏيون ۽ گرما گرم تقريرون ۽ بحث ھلي رھيا آھن. جن تحت اھا گھر ڪئي پئي وڃي، ته نصاب ۾ تبديلي آندي وڃي. پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته، اھا تبديلي ڪير آڻيندو ۽ ڪڏھن ايندي؟ پر جيڪڏھن نصاب ۾ تبديلي اچي به وڃي ته پوءِ جيڪو تعصب ۽ ساڙ وارو نصاب اسان جي نئين نسل کي ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پڙھايو ۽ لکايو ويو. جنھن جي نتيجي ۾ ان جو ذھني، عقلي، شعوري ۽ فڪري تباھي ٿي، ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ ان ايڏي وڏي نسلن جي مھا ھاڃي جو حساب ڪتاب ڪنھن کان ۽ ڪئين وٺجي؟ اھي اھڙي قسم جا سوال آھن، جن جا جواب اھو نسل طلبي رھيو آھي، جنھن کي اھڙي قسم جو نام نھاد نصاب پڙھائي انھن جي ذھنن جو نقصان ڪيو ويو. وطن ۽ قوم جي حقيقي ھيرن کي غدار چيو وڃي پيو. ڦورو، لٽيرن، سفاڪن ۽ قاتلن کي عوام دوست چيو وڃي ٿو. مذھب جي آڙ وٺي بي گناهه انسانن جي رت سان راند ڪندڙن کي نصاب ۾ انسان دوست ڪوٺيو وڃي پيو. نصابي ڪتابن ۾ ڏسيل تاريخ سنڌ جي تھذيب، تاريخ ۽ ثقافت سان بلڪل ٺھڪندڙ نه آھي. جن اسان جي ديس مٿان ناجائز ڪاھون، ڦريون ڪري معصوم ٻارن، عورتن، ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ سان ڪٺو. جن سنڌ جون سوين لائبرريون ۽ علمي درسگاهه ساڙيا، اھي اسان جا قومي ھيرا لڳا پيا آھن.

ڪوڙ ٻيو تاريخ ڇا لکندي اڃان.

رھزنن جا معتبر نالا ٿيا. (ايوب کوسو)

جيڪر نئين نسل جي نصاب سان ان قسم جي ھٿ چراند ڪئي ويندي، ته پوءِ ان جو جيڪو نتيجو نڪتو آھي. ان جي به سڀ ڪنھن کي خبر آھي. نسلن جي پالنا ائين ناھي ٿيندي. سماج ائين بھتر ناھن ٿيندا. اھڙي روش سان اسان پنھنجي نئين نسل کي پنھنجي ئي ھٿن سان آڙاهه ۾ اڇلي رھيا آھيون. اسين سمجھون ٿا ته ڄاڻي واڻي اھڙي ماحول کي ھٿ سان جوڙيو وڃي پيو. ڪوڙو ۽ تعصبي نصاب جوڙي نئين نسل کي جاھل رکڻ جي ايامن کان وٺي ڪوشش جاري آھي. نئين نسل کي ھڪ ايجنڊا تحت حقيقي تاريخ ۽ ڄاڻ کان پري رکيو پيو وڃي. وقت جي حڪمرانن جي ھر دور ۾ اھائي ڪرت رھي آھي، ته سماج جي نئين نسل کي ڄٽ ۽ جاھل رکجي. ڇاڪاڻ ته انھن کي نئين نسل کا خوف آھي. جيڪڏھن نئون نسل حقيقي تعليم پرائي ويو، ته پوءِ ان رھزن ۽ ڦورو طبقي جا ھٿ سان جوڙيل عوام دشمن ڪارا قانون ھڪ ڏينھن به ھلي نه سگھندا. اھو نئون نسل ئي آھي، جيڪو سماجن کي درست دڳن تي پنڌ ڪرائڻ جي سگھ رکي ٿو. ھو شعور ۽ سمجھ يافته ھوندو ته غلط ۽ صحيح ۾ پرک ڪري سگھندو. پوءِ ان کي بيوقوف بنائڻ تمام اوکو ھوندو. تنھن ڪري ھڪ گھري سازش سٽي، نئين نسل کان نج سچايون لڪايون ويون آھن. ڪوڙي تاريخ، ڪوڙو نصاب پڙھائي، انھن کي ڪاپي تي ھيرائي، انھن جي مٿان صدين تائين حڪومت ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. تنھن ڪري ان ڳالھ جي سخت ضرورت آھي، ته ان نازڪ مسئلي تي اھل دانش، اھل ڏاھپ، اھل ساڃاهه ۽ اھل شعور ڌريون متحد ٿي، سرڪار تي سخت دٻاءُ وجھن، ته ان کان مدي خارج، دقيانوسي ۽ تعصب وارو نصاب تبديل ڪرائن، ۽ ان جي جاءِ تي سچو، نج حقيقتن ۽ موسيقي ۽ مصوري تي مشتمل صحتمند، ۽ ھر تعصب، ساڙ ۽ ڪوڙ کان آجو نصاب منظور ڪرائي، تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪيو وڃي. ان کان سواءِ نصاب تيار ڪندڙ ادارن ۾ ويٺل ڪٽر، تعصب پرستن فردن کي نيڪالي ڏئي، ان جي جاءِ تي اھل روشن خيال نوجوانن کي ڀرتي ڪري، انھن کان بھتر خدمتون ورتيون وڃن. نصاب تيار ڪرڻ کان پوءِ حقيقي تعليمي ماھرن کان ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي وڃي. نصابي ڪتابن ۾ قوم ۽ وطن جي حقيقي اڳواڻن جا سبق شامل ڪيا وڃن، ته جئين ايندڙ نئون نسل انھن جي سچي پچي جدوجھد ۽ قوم جي لئه کنيل انھن جي بھتر قدمن کان واقف ٿئي. سچ پچ جيڪڏھن ائين ٿي وڃي، ته اسان جو نئون نسل تمام ذھين ۽ سمجھو ٿي ويندو، ان طرح ھڪ باوقار معاشرو قائم ٿي سگھندو، جيڪو انتھائي پسندي ۽ تعصب کان آجو ھوندو. اهڙي طرح اسان جو ڳاٽ دنيا جي ٻين قومن ۾ ھماليه وانگي مضبوط ۽ اوچو رھندو.

ڇڏ تون ويھڻ کي، ٿورو آھي پنڌ،

اوچو رھندو ڪنڌ، دنيا جي ديسن ۾. (عرفان منان)

 

احتجاج ڪندڙ 40 ماسترياڻين سميت 150 استادن جي لٺبازي بعد گرفتاري

2014ع جي ڊسمبر مهيني ۾ اين ٽي ايس پاس ڪندڙ ڪراچي سميت مختلف ضلعن گھوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ_ڪشمور، بدين، دادو ۽ ٻين سمورن ضلعن جي 15 هزار استادن جو 3 سال ڪانٽريڪٽ وارو مُدو مڪمل ٿيڻ باوجود کين پڪو نه ڪرڻ خلاف ڪالهه استادن پاران ايم اي جناح روڊ کان سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن علي حسن، عمران وحيد، محمد عظيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو. جن کي پوليس سنڌ سيڪريٽريٽ ويجھو برنس روڊ تي روڪي ورتو. جتي استاد ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. استادن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بلاڪ ٿي ويا ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون. جنهن بعد پوليس جي اٽالن ڌرڻي واري پهچي استادن مٿان بدترين تشدد ڪندي مٿن لٺبازي شروع ڪري ڏني ۽ 40 ماسترياڻين سميت 150 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري آرٽلري، صدر ۽ ٻين ٿاڻن تي لاڪپ حوالي ڪيو ويو. پر ان باوجود به احتجاج ختم نه ٿيو. جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ استادن جي وفد سان ملاقات ڪري تعليم کاتي جي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي. تعليم کاتي جي اختيارين استادن جي مستقلي لاءِ 29 ڊسمبر تي کاتي جي ڪامورن جي گڏجاڻي پڻ گھرائي وئي آهي.

استاد اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 3 سالن جو ڪانٽريڪٽ وارو مدو مڪمل ٿيڻ باوجود اسان کي پڪو ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار تيار ناهي. جنهن ڪري 15 هزار استاد پريشان آهن. اسان جي پرامن ۽ حقن جي حاصلات لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس ذريعي تشدد ڪرائي پڙهيل لکيل نوجوانن کي آخر سنڌ سرڪار ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي؟ اسان اين ٽي ايس جهڙي ساک رکندڙ اداري جي ٽيسٽ بعد جي ايس ٽي، ايڇ ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جا آرڊر ورتا هئا. ڪراچي ڊويزن جي استادن جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ بعد پگھارون به بند ڪيون ويون آهن. جيڪا ناانصافي آهي. اسان کي جلد معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ٻڌايو ويو آهي ته اسان جي مستقلي واري سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻيل آهي. لٺبازي سان سنڌ حڪومت اسان جي حقن تي ڌاڙو نه ٿي هڻي سگھي. اسان کي پڪو نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين.

پوليس پاران گرفتار ڪيل استادن کي ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جي مداخلت بعد آزاد ڪيو ويو.استادن تي تشدد بعد تعليم کاتي پاران رڳو 6 مهينن جي مُدي ۾ واڌ، صوبائي وزير تشدد جو نشانو بڻيل استادن کي مطمئن رهڻ جو مشورو پڻ ڏنو  ۽ استادن تي تشدد واري عمل بعد چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪنهن کي به بي روزگار ڪرڻ جي حق ۾ ناهي. استادن جي ڪانٽريڪٽ واري مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ ڪري رهيا آهيون. ان 6 مهينن جي وڌندڙ مُدي دوران استادن جون پگھارون به جاري رهنديون.