تازيون خبرون

Daily Archives: December 12, 2017

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي پوليس جي لٺبازي، واٽر ڪينن جو استعمال

ڪراچي (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ريڊ زون جنگ جو ميدان بڻجي ويو، آبادگارن ۽ هارين پاران بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش تي پوليس لٺبازي، شيلنگ، واٽر ڪينن جو استعمال ۽ ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، تفصيل موجب سومر تي آبادگارن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي، انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي احتجاجي آبادگارن بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هنگامو ٿيو، پوليس پاران لٺبازي، ٺونشا ۽ پٿر وسايا ويا، آبادگارن جي پٿراءَ تي پوليس به کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي، سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس اهلڪارن ڪيترن ئي مظاهرين کي تحويل ۾ بورڊ بيسن ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ سبسڊي جو طريقي ڪار طئي ئي ناهي ٿيو ۽ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، بلاول صاحب حڪم ڏنو آهي ته گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ سهيل انور سيال چيو آهي ته شگر ملن طرفان زور زبردستي جي ڪا شڪايت ناهي ملي، شگر ملون اسان کي بليڪ ميل نه ٿيون ڪري سگهن، ايڪٽ تحت وڌيڪ 4 ڏينهن تائين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي پر انهن نه مڃيو، سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاق کان مطالبو ڪنداسين ته پاليسي جلد کان جلد اسان تائين پهچائي، اسان آءِ جي معاملي تي وفاق کي خط لکيو هو، جواب جو انتظار آهي.

 

سياسي پارٽين سان رابطا پاڻ ڪرڻ جو فيصلو، حڪومت خلاف فائنل رائونڊ، زرداري نئين حڪمت عملي جوڙي ورتي

مٺي  (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي جي مخالف اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اسيمبلين کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گھرجي، نوازشريف پاليمينٽ کي اهميت نه ڏني هاڻي نوازشريف کي به پارليمينٽ نه بچائيندي، آمريڪي صدر جون پاليسيون دنيا جي صورتحال کي خراب ڪري رهيون آهن گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي سنڌ ۾ پ پ جي خلاف ٿيندڙ اتحاد  کي هميشا وانگر هن دفعي به شڪست ٿيندي خورشيد شاهه سان ٿر جو دورو ڪندڙ اسلام آباد جي صحافين جي وفد ملاقات ڪ ئي ۽ مٺي شهر ۽ ٿر جي سونهن جي واکاڻ ڪئي، خورشيد شاه صحافين کي ٻڌايو ته مٺي منهنجو گھر آهي مان مٺـي ان وقت ڏٺو هو جنهن وقت ان جي آبادي صرف 10 هزار تي ٻڌل هئي ۽ شهر ۾ صرف ڪڇي هوٽل هوندو هو سکر  کانپوءِ مٺي منهنجو ٻيو گھر آهي. اسان جي دوست جگديش ملاڻي اسان جگو جي نالي سان سڏيندا هئا سي، هن شهر جي صحافين کان  تعريف ٻڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مان به سوچيو ته هي شهر مان به ڏسان ۽ پنهنجو پراڻيون يادون تازيون ڪريان، مٺي شهر هاڻي جگديش وارو شهر ناهي هاڻي هي سنڌ جو هڪ ماڊل شهر بڻجي چڪو آهي خورشيد شاهه مٺي شهر جي تفريح هنڌ گھڏي ڀٽ جو دورو ڪيو، مٿانهين واري هنڌ کان شهر جو نظارو ڏسي خورشيد شاهه شهر جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هي نظارو ائين  آهي جيئن دامن ڪوهه مان اسلام آباد جو نظارو هجي هن پوائنٽ تي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، هن شهر  جا اندريان رستا سڀ خوبصورت آهن، مٺي هڪ پڪنڪ پوائنٽ بڻجي چڪو آهي هن هنڌ کي مڪمل طور تي سياحتي هنڌ بڻائڻ جي ضرورت آهي ثقافتي کي گھرجي ته اهو هن هنڌ کي سياحتي هنڌ بڻائي ته جيئن آس پاس جي   علائقن  کانسواءِ ٻين صوبن جا ماڻهون به هتي پڪنڪ ملهائڻ اچن ان موقعي تي هن چيو ته مان جلدي ٻيهر ٿر جو دورو ڪندس، اسلام ڪوٽ کان ننگر پارڪر ۽ ٿرڪول جو دورو پڻ ڪندس، ان موقعي تي ان سانگڏ مٺي جوچونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ششيل ملاڻي ، درشن ملاڻي ۽ ڇندرشرما موجود هئا، خورشيد شاه ملاڻي هائوس  مٺي ۾ صحافين سان ڳالهائندي وفد کي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ عام چونڊن آئين مطابق وقت تي ٿين، هن چيو ته بلاول ڀٽو ٽيهه نومبر تي چيو آهي ته اسان جمهوريت ۽ پارليمينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن تنهن  ڪري اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن، سوالن جي جواب ڏيندي هن چيو ته آصف زرداري تازو ئي اسلام آباد  جي جلسي ۾ چيو ته اسان حڪومت کي گھر موڪلڻ لاءِ اسميبلي تان استعيفيٰ به ڏئي سگھون ٿا، پارٽي قيادت ۾ تظاد بابت هن چيو  ته آصف زرداري جي ڳالهه  ۾ ان لاءِ وزن آهي ته هن ملڪ جو حالتون خراب  ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي خورشيد شاهه چيو ته پ پ جو چٽو موقف آهي ته پارليمينٽ مضبوط  ۽ مستحڪم هجي نوازشريف  ڪڏهن به پارليمينٽ کي اهيمت ناهي ڏني، هن چيو ته ادارا ملڪ جي عوام جو جآواز آهن ۽ انهن جي ڀلائي لاءَ ڪم ڪن ٿا انهن  کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان   چيو هيو ته پاناما سميت سمورا ملڪي مسئلا پارليمينٽ ۾ حل ڪريون اجلاس به سڏايا ويا ٽي او آر بڻايا ويا اٺ ميٽنگون ڪيون پر نوازشريف ائين نه ٿيڻ ڏنو. شايد هو سمجھي رهيو هو ته عدالتن ۾ ويهه کان ٽيهه سال ڪيس هلندا هن سمجھو هن دفعي به ائين ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري جي پاڻ ۾ حڪومت بچائڻ لاءِ دوستي جو عمران خان جي دعوا غير ضروري آهي عمران خان جي سياست بچائي اها ئي  ان لاءِ وڏي ڳالهه آهي، خورشيد شاهه چيو ته  نوازشريف پنهنجا پاڻ رستا بند ڪيا آهن  هن آصف زرداري کي دعوت ڏني پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ان سان گڏ سيد ناصر شاهه، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ايم اين اي فقير  شير محمد بلالاڻي ، ضلعي چيرمين ڊاڪٽر  غلام حيدر سميجو ۽  چندر شرما به ان سان گڏ هئا.

 

قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن وارو بل پيش نه ٿيڻ تي مخالف ميمبرن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊي ۾ شامل ٿيڻ باوجود فاٽا سڌارن وارو بل پيش نه ڪرڻ تي مخالف ميمبرن واڪ آئوٽ ڪندي ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ فاٽا سڌارن وارو بل پيش نه ڪرڻ تي پ پ، تحريڪ انصاف ۽ فاٽا ميمبر سخت احتجاج ڪندي پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا، جڏهن ته فاٽا ميمبرن قومي اسيمبلي ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. فاٽا مان مسلم ليگ ن جي ميمبر شهاب الدين به اسيمبلي ايجنڊي ۾ تبديلي تي احتجاج ڪيو ۽ ايجنڊي جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب بل پيش نه ڪرڻ تي وضاحت ڏيندي چيو ته بل تي وڌيڪ صلاح ڪرڻي آهي، ان ڪري اهو پيش نه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ايجنڊي مان فاٽا سڌارن وارو معاملو وقفي طور پوئتي ڪيو ويو، معاملو ٻيهر ايجنڊي ۾ شامل ڪيو ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي اهو معاملو هلي رهيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي معاملو ايجنڊي ۾ شامل ڪري ڪڍيو ڇو ويو؟. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر مداخلت ڪري ايوان جو ماحول ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، ٻن ٽن ڏينهن اندر بل ايوان ۾ اچي ويندو. مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته ٽيڪنيڪي بنيادن تي بل ايجنڊي ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.  تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ رات اڳ سڄي پارليامينٽ کي ايجنڊا موڪلي وئي، جنهن ۾ فاٽا سڌارن وارو بل موجود هو پر اڄ ڏنل ايجنڊي مان فاٽا بابت بل ڪڍيو ويو. تحريڪ انصاف جي امجد علي خان ڪورم جي نشاندهي ڪئي ته ڳڻپ دوران ڪورم پورو نه نڪتو، جنهن سبب اجلاس سڀاڻي صبح ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. وفاقي وزير قادر بلوچ مخالف ميمبرن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن سڀ حڪومتي ترجيحون رد ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.27

 

پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري ۾ دير سبب حديبيا ڪيس ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن: نيب چيئرمين

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري ۾ دير سان حديبيا ڪيس ۾ ڏکيايون ٿي رهيون آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري ۾ دير سان ڪيس متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته حديبيا پيپر ملز ڪيس ۾ ان ئي سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، هن چيو ته نيب چيئرمين جي حيثيت سان عدالتن اڳيان پيش نٿو ٿي سگهان، حڪومت کي نالا ٻڌائي ڇڏيا آهن، هاڻ بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي، واضح رهي ته سپريم ڪورٽ حديبيا پيپرز ڪيس ۾ نيب پاران التوا جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ ڪيس جي حقيقتن بابت لائيو شو تي به پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

 

عمران صاحب پارليمينٽ تي حملو ڪري پوليس وارن جا مٿا پاڻ سان دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ پيش ٿي شرم ته ضرور آيو هوندو : مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) مملڪي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب پارليمينٽ تي حملو ڪري  پوليس وارن جا مٿا ڦاڙڻ سان عدالت ۾ پيش ٿي شرم ته ضرور آيو هوندو، ماڊل ٽائون  سانحي جا ٺِڪيدار نه بڻجو  جواب ڏيو ته پارليمينٽ تي حملو ڇو ڪيو ۽ پوليس مٿان تشدد ڇو ڪيو عمران صاحب توهان عدالتن کي ڪهڙو جواب ڏيندا توهان ته عائشه گلالئي جو جواب نه ٿا ڏئي سگھو هن چيو ته عمران صاحب اوهان ته اڄ ڪنٽينرن ۾ بيٺا آهيو ۽ ڪي پي ڪي  جي اسڪولن ۾ گھٽ داخلا جي ڪري هڪ هزار اسڪول بند ٿي ويا آهن مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب پوري عوام پارليمينٽ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملو ڪندڙ جي سزا جي انتظآر ۾ آهي، هن چيو ته عمران صاحب اوهان جي جنگ جيڪڏهن ڪرپشن جي خلاف هجي هان ته اوهان  ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن کي بند نه ڪريو ها ، جيڪا اڄ تائين بند آهي هن چيو ته عمران صاحب اوهان پنهنجي پنهجي حڪومت ۽ پنهنجن وزيرن جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ شور ڪري رهيا آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان پاڻ پارٽي جي فنڊنگ مان جوا کيڏڻ  جو اعتراف ڪري چڪا آهيو.  هن چيو ته عمران صاحب اوهان گذريل چئن سالن ۾ ايترا ڪوڙ ڳالهايا آهن جو اوهان کي هاڻي شرم به نه  ٿو اچي.

 

نوازشريف پارليمينٽ کي اهميت نه ڏني هاڻي پارليمينٽ به نوازشريف کي نه بچائيندي : خورشيد شاهه

مٺي  (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي جي مخالف اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اسيمبلين کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گھرجي، نوازشريف پاليمينٽ کي اهميت نه ڏني هاڻي نوازشريف کي به پارليمينٽ نه بچائيندي، آمريڪي صدر جون پاليسيون دنيا جي صورتحال کي خراب ڪري رهيون آهن گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي سنڌ ۾ پ پ جي خلاف ٿيندڙ اتحاد  کي هميشا وانگر هن دفعي به شڪست ٿيندي خورشيد شاهه سان ٿر جو دورو ڪندڙ اسلام آباد جي صحافين جي وفد ملاقات ڪ ئي ۽ مٺي شهر ۽ ٿر جي سونهن جي واکاڻ ڪئي، خورشيد شاه صحافين کي ٻڌايو ته مٺي منهنجو گھر آهي مان مٺـي ان وقت ڏٺو هو جنهن وقت ان جي آبادي صرف 10 هزار تي ٻڌل هئي ۽ شهر ۾ صرف ڪڇي هوٽل هوندو هو سکر  کانپوءِ مٺي منهنجو ٻيو گھر آهي. اسان جي دوست جگديش ملاڻي اسان جگو جي نالي سان سڏيندا هئا سي، هن شهر جي صحافين کان  تعريف ٻڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مان به سوچيو ته هي شهر مان به ڏسان ۽ پنهنجو پراڻيون يادون تازيون ڪريان، مٺي شهر هاڻي جگديش وارو شهر ناهي هاڻي هي سنڌ جو هڪ ماڊل شهر بڻجي چڪو آهي خورشيد شاهه مٺي شهر جي تفريح هنڌ گھڏي ڀٽ جو دورو ڪيو، مٿانهين واري هنڌ کان شهر جو نظارو ڏسي خورشيد شاهه شهر جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هي نظارو ائين  آهي جيئن دامن ڪوهه مان اسلام آباد جو نظارو هجي هن پوائنٽ تي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، هن شهر  جا اندريان رستا سڀ خوبصورت آهن، مٺي هڪ پڪنڪ پوائنٽ بڻجي چڪو آهي هن هنڌ کي مڪمل طور تي سياحتي هنڌ بڻائڻ جي ضرورت آهي ثقافتي کي گھرجي ته اهو هن هنڌ کي سياحتي هنڌ بڻائي ته جيئن آس پاس جي   علائقن  کانسواءِ ٻين صوبن جا ماڻهون به هتي پڪنڪ ملهائڻ اچن ان موقعي تي هن چيو ته مان جلدي ٻيهر ٿر جو دورو ڪندس، اسلام ڪوٽ کان ننگر پارڪر ۽ ٿرڪول جو دورو پڻ ڪندس، ان موقعي تي ان سانگڏ مٺي جوچونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ششيل ملاڻي ، درشن ملاڻي ۽ ڇندرشرما موجود هئا، خورشيد شاه ملاڻي هائوس  مٺي ۾ صحافين سان ڳالهائندي وفد کي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ عام چونڊن آئين مطابق وقت تي ٿين، هن چيو ته بلاول ڀٽو ٽيهه نومبر تي چيو آهي ته اسان جمهوريت ۽ پارليمينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن تنهن  ڪري اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن، سوالن جي جواب ڏيندي هن چيو ته آصف زرداري تازو ئي اسلام آباد  جي جلسي ۾ چيو ته اسان حڪومت کي گھر موڪلڻ لاءِ اسميبلي تان استعيفيٰ به ڏئي سگھون ٿا، پارٽي قيادت ۾ تظاد بابت هن چيو  ته آصف زرداري جي ڳالهه  ۾ ان لاءِ وزن آهي ته هن ملڪ جو حالتون خراب  ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي خورشيد شاهه چيو ته پ پ جو چٽو موقف آهي ته پارليمينٽ مضبوط  ۽ مستحڪم هجي نوازشريف  ڪڏهن به پارليمينٽ کي اهيمت ناهي ڏني، هن چيو ته ادارا ملڪ جي عوام جو جآواز آهن ۽ انهن جي ڀلائي لاءَ ڪم ڪن ٿا انهن  کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان   چيو هيو ته پاناما سميت سمورا ملڪي مسئلا پارليمينٽ ۾ حل ڪريون اجلاس به سڏايا ويا ٽي او آر بڻايا ويا اٺ ميٽنگون ڪيون پر نوازشريف ائين نه ٿيڻ ڏنو. شايد هو سمجھي رهيو هو ته عدالتن ۾ ويهه کان ٽيهه سال ڪيس هلندا هن سمجھو هن دفعي به ائين ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري جي پاڻ ۾ حڪومت بچائڻ لاءِ دوستي جو عمران خان جي دعوا غير ضروري آهي عمران خان جي سياست بچائي اها ئي  ان لاءِ وڏي ڳالهه آهي، خورشيد شاهه چيو ته  نوازشريف پنهنجا پاڻ رستا بند ڪيا آهن  هن آصف زرداري کي دعوت ڏني پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ان سان گڏ سيد ناصر شاهه، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ايم اين اي فقير  شير محمد بلالاڻي ، ضلعي چيرمين ڊاڪٽر  غلام حيدر سميجو ۽  چندر شرما به ان سان گڏ هئا.

 

آصف زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد ممڪن ناهي: عمران خان

اسلام آباد  (اين اين آءِ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان چيو آهي ته  آصف زرداري جي هوندي پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪنهن به قسم جو اتحآد نه ٿو ٿي سگھي. ماڊل ٽائون سانحو سڀني  پاڪستانين جو ڪيس آهي جنهن تي سموريون جماعتون متفق آهن. اقتدار جي جنگ هجي هان ته پ پ ۽ نوازشريف سان هڪ ٿي وڃان هان. دهشتگردي ٽوڙ  جي عدالت ۾ حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائندي عمران خان چيو ته  جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها رياست جي وسيلن تي طاقت جي لاءِ استعمال ڪري ٿي ماڊل ٽائون ۾ جيئن گوليون هلايون ويون. اهو عمل ڪنهن قانون مطابق نه هيو. پوليس شريف خاندان جي ذاتي ملازم بڻيل هئي. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ جيڪو ڪجھه ٿ يو ان جو جمجهوريت ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي، احتجاج ڪندڙ هٿين خالي ه ئا پوليس کان 14 ماڻهن کي مارايو ويو تنهن ڪري  هي سانحو سڀني پاڪستانين جو ڪيس آهي. عمران خان چيو ته نون ليگ وارن اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪ ئي ته اهي چور آهن ته  ٻيا به چور آهن مون تي اليڪشن ڪيمشن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن سميت دهشتگري جا  ڪيس ڪيا ويا، ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته ڪيئن ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري منهن بند ڪرايو وڃي ۽ مان پوئتي هٽي وڃان عمران خان چيو ته اهو تاثر ڌيڻ جي ڪوشش ڪ ئي وئي ته منهنجو ۽  پاناما ڪيس هڪ جھڙو آهي پاناما ڪيس ۾ نوازشريف 30 هزار ڪروڙ رپيا ٻاهر موڪليا منهنجي پيسن ۾ سٺ لک جي فليٽ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ سٺ دستاويز پيش ڪيا پر نوازشريف سڄي ڪيس ۾ فقط هڪ قطري خط ڏنو، هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪنهن کي اها غلط ڦهمي نه هجڻ گھرجي آصف زرداري جي  پ پ جو ڪو چيرمين هوندي اسان  ان سان ڪوبه اتحاد نه ٿا ڪري سگھيون هن چيو ته جيڪڏهن هي اقتدار جي جنگ هجي هان ته پ پ  ۽ نوازشريف سان گڏ ٿي وڃان ها پر هيءَ ڪرپشن جي خلاف جنگ آهي ته زرداري جي پارٽي سان ڪيئن اتحاد ڪريان.