تازيون خبرون

Daily Archives: November 10, 2017

ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي شهر بريلي جي انتظاميه پريانڪا چوپڙا جو نالو ووٽر لسٽ مان  خارج ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پريانڪا بريلي ۾ ووٽ جي حق کان محروم ٿي وئي آهي پريانڪا چوپڙا جو شمار بالي ووڊ سان گڏوگڏ هاليووڊ جي به مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي باوجوجد پريانڪا پاڻ کي محب وطن شهري چوندي آهي ۽ اڪثر ڀارت سان محبت جو اظهار ڪندي رهندي آهي جڏهن ته ڀارتي حڪومت پريانڪا جي باري ۾ ائين نه ٿي سمجهي تڏهن ته ان جو نالو ووٽر لسٽ مان خارج ڪري ان کي ۽ ان جي والده کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي

 

پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت ۾ پرفارم نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اتي انتهاپسندي عروج تي آهي: حميرا ارشد

لاهور(شوبز نيوز)حميرا ارشد جو چوڻ آهي ته راڳ لاءِ هڪ اڪيڊمي ٺاهڻ چاهيان ٿي  جنهن لاءِ حڪومت کان سهڪار جي اپيل آهي اڪيڊمي ٺاهڻ جو مقصد موسيقي کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين ٽيلينٽ جي پروموشن آهي هن جو چوڻ آهي ته منهنجو جنون راڳ آهي ۽ مان هميشه دل سان ڳائيندي آهيان جڏهن به راڳ ڳائڻ اسٽيج تي ويندي آهيان منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مان ٻڌندڙن کي پنهنجي پرفارمنس سان متاثر ڪيان هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهان ٿي ته پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت وڃي پرفارم نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اتي انتهاپسندي عروج تي آهي

 

اسد شفيق ۴ سالن دوران وڌيڪ معاوضو وٺندڙ قومي ڪرڪيٽر

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) سينيٽ قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي ڪرڪيٽرن کي ميچ فيس جي مد ۾ معاوضن جا تفصيل پيش ڪيا ويا جنهن مطابق اسد شفيف ۱۱ ڪروڙ ۱۹۹ لک روپين سان سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ ڪرڪيٽر آهي بين الصوبائي وزارت رابطا سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي ڪرڪيٽرن کي گذريل ۴ سالن دوران ميچ فيس جي مد ۾ معاوضن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا اسد شفيق ۱۱ ڪروڙ ۱۹ لک روپين سان سڀني کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ ڪرڪيٽر آهي پرزائيڊنگ آفيسر طاهر مشهدي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطا وزارت جي لکت جواب ۾ پليئرز کي ڏنل معاوضن جا تفصيل پيش ڪيا.

 

۱۵ سالن جي ڀارتي بالر رنس ڏيڻ بغير سموري ٽيم کي آئوٽ ڪري ڇڏيو

دلي(اسپورٽس نيوز)ڀارت ۾ ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ۱۵ سالن جي پيسر بغير ڪا  رنس ڏني سموري ٽيم کي ئي پويلين موڪلي ڇڏيو راجسٿان سان تعلق رکندڙ ليفٽ آرم پيسر آڪاش چوڌري ڀور سنگهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ دوران ديشا ڪرڪيٽ اڪيڊمي جيپور طرفان کيڏندي پرل اڪيڊمي جي خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هن هڪ به رنس ڏيڻ بغير پوري ٽيم کي پويلين وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پيسر جي شاندار ڪاڪرردگي سبب مخالف ۷ اوورن ۾ ۳۲ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا ۷ بيٽسمين کي کاتو کولڻ جو موقعو ئي نه مليو.