تازيون خبرون

Daily Archives: November 9, 2017

ڊسٽريب يوٽرز پاران فلم پدماوتي خريد ڪرڻ کان انڪار

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي رياست راجسٿان جي ڊسٽري بيوٽرز بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا  پڊوڪون جي نئين ايندڙ فلم پدماوتي خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم پدماوتي شوٽنگ جي وقت کان ئي مسئلن جو شڪار آهي ۽ فلم جي شوٽنگ دوران به ۲ ڀيرا مختلف جاين تي فلم جي سيٽ تي حملا ڪيا ويا هئا فلم راجسٿان جي راڻي پدمني تي ٺهيل آهي ۽ راجسٿان ججي راجپوت ڪرني سينا ڊائريڪٽر تي ڪهاڻي ۾ تاريخي حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي ڪرني سينا ۽ ڀارتي حڪمران پارٽي طرفان فلم جي نمائش روڪڻ ۽ رليز کان اڳ ڏيکارڻ جي مطالبي کانپوءِ هڪ ٻي مشڪل ۾ گهيرجي وئي ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق راجسٿان ۾ پروڊيوسرن کي فلم جي ڊسٽري بيوشن رائيٽس وڪرو ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي آهي ۽ ڊسٽريبيوٽرز فلم خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

فلم ” سڙڪ 2“ ۾ عاليه ڀٽ ۽ سڌارٿ ملهوترا ڪاسٽ

ممبئي( شوبز نيوز) بالي ووڊ سندري عاليه ڀٽ ۽ سڌارت ملهوترا کي فلم” سڙڪ 2 ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي ”سڙڪ 2“ 1991 جي سپر هٽ فلم ”سڙڪ“ جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ سنجي دت ۽ عاليه ڀٽ جي وڏي ڀيڻ پوجا ڀٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو . ان حوالي سان پوجا ڀٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم ۾رومانوي ڪهاڻي سان گڏوگڏ دٻاءُ ۽ تڪرار به ڏسي سگهبو، جنهن مان سنجي دت گذري چڪو آهي. پر ڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهي خبرون اچي رهيون هيون ته جلد فلم”سڙڪ 2“ جي لاءِ هڪ نئي جوڙي کي ڪاسٽ ڪيو ويندو ۽ جڏهن ته هاڻي ان حوالي سان عاليه ڀٽ ۽ سڌارت ملهوترا جا نالا سامهون آيا آهن.عاليه ڀٽ ۽ سڌارت ملهوترا ان کان اڳ اسٽوڊنٽ آف دي ائير ۽ ڪپور اينڊ سنز ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

 

اظهر محمود کي فهيم اشرف ۾ عبدالرزاق جي جهلڪ نظر اچي وئي

لاهور: بالنگ ڪوچ اظهر محمود کي فهيم اشرف ۾ عبدالرزاق جي جهلڪ  نظر اچي وئي اظهر محمود چيو آهي ته فهيم اشرف صلاحيتن سان مالامال آل رائونڊر آهي اميد آهي ته هو عبدالرزاق ۽ مون کانپوءِ پيدا ٿيندڙ خال ڀرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو سريلنڪا خلاف ٻئين ٽي ٽوئنٽي ۾ هيٽ ٽرڪ ۽ ٽئين ميچ جي آخري اوور ۾ ۲ ڇڪا ان جي روشن مستقبل جي خوشخبري ٻڌائي رهيا آهن.

 

آئي سي سي ٽي 20 رينڪنگ بابر اعظم ھڪ درجي پوئتي ھليو ويو، ويرات ڪوھلي ٽاپ

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب بابر اعظم هڪ درجو پوئتي ٿيڻ کانپوءِ ڏهين پوزيشن تي هليو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ٽاپ 20 ۾ ٻيو ڪو به پاڪستاني بيٽسمين موجود ناهي. آءِ سي سي جي تازي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ موجب بيٽسمينن ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي ٽاپ تي آهي، جڏهن ته ايرون فنچ جو ٻيو، ايون ليوس جو ٽيون، ڪين وليمسن جو چوٿون، گلين ميڪسويل جو پنجون، ايليڪس هيلز جو ڇهون، جو روٽ جو ستون، هاشم آملا جو ستون ۽ مارٽن گپٽل جو اٺون نمبر آهي. ان فهرست ۾ پاڪستاني نوجوان مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم هڪ درجو پوئتي ٿيڻ کانپوءِ ڏهون نمبر ماڻيو آهي، جڏهن ته شروعاتي 20 بيٽسمينن ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به پاڪستاني شامل ناهي. ڏکڻ آفريڪا جي اي بي ڊويليئرز جو رينڪنگ ۾ 20هون نمبر آهي، جڏهن ته پاڪستان جو شعيب ملڪ 25هين ۽ احمد شهزاد 27هين نمبر تي آهن. بالرن ۾ پاڪستان جي عماد وسيم جو ساڳيو ٻيو نمبر آهي، ان کانسواءِ ٽاپ 40 بالرن ۾ ٻيو ڪو به پاڪستاني شامل ناهي. فهرست ۾ شاداب خان 44هين ۽ محمد عامر 48هين نمبر تي موجود آهي. رينڪنگ ۾ جسپريت بمرا پهرين، راشد خان ٽئين، سيموئل بدري چوٿين، عمران طاهر پنجين، سنيل نارائڻ ڇهين، مفتفيض الرحمان ستين، شڪيب الحسن اٺين، جيمز فالڪنر نائين ۽ اِش سوڌي ڏهين نمبر تي آهن. آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين، آسٽريليا جو گلين ميڪسويل ٻئي، افغانستان جو محمد نبي ٽئين، ويسٽ انڊيز جو مارلن سميوئلز چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو جي پي ڊومني پنجين نمبر تي آهي. ان فهرست ۾ شعيب ملڪ جو نائون ۽ محمد حفيظ جو ٻارهون نمبر آهي. ٽيمن جي رينڪنگ ۾ ڀارت هٿان نيوزيلينڊ کي شڪست کانپوءِ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم جو ٻيو ۽ ڀارت جو پنجون نمبر آهي.27

 

شاعرِمشرق علامه اقبال ۽ حقيقتِ حُسن…: منير ڊومڪي

اردو ادب ۾ مير تقي مير،مرزا اسد الله خان غالب ۽ فيض احمد فيض وڏا معتبر ۽ معزز نالا آهن،جن کان بغير اردو شاعري اڻ پوري ليکبي،ان جي باوجود به انهن عظيم شاعرن منجهان اهڙوڪو به شاعر نه هو،جيڪو علامه اقبال جي قد ڪاٺ جو  هجي.اهوانهيءَ ڪري جو مٿيان شاعر اردو شاعريءَ جا نرالا ۽ نامور تخليقڪار ضرور آهن،پرعلامه اقبال کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو برِاعظم جو نامور شاعر سان گڏوگڏ ”شاعر مشرق“ جوخطاب ماڻيندڙ واحد ۽ مها شاعر آهي.

شاعر علامه اقبال اردو ادب جو اهو اعلى پائي جو شاعر آهي،جيڪو شعر جي منفرد ترنم ۽ موسيقيءَ جي ذريعي پنهنجي احاسسن جو نماءُ ڪري ٿو.هو پنهنجي مخصوص ۽ عمده لفظن جي ذريعي منظر ڪشي به خوب ڪري ٿو ۽ هن جي وڏي خصوصيت اها به آهي ته هن جي شاعريءَ جي هڪ هڪ سٽ فلسفي واري خيال سان معمور آهي.اهو ئي سبب آهي جو پڙهندڙ جڏهن هن جي شاعري کي پڙهي ٿو ته پوءِ هو ان ڳالهه کي طئي ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو، ته آخرڪار علامه اقبال پنهنجي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو، يا شاعري ڪري ٿو يا پڙهندڙن کي ڪا فلاسفيڪل ڳالهه ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو.اسان اڄوڪي هن مضمون ۾ شاعر اقبال جي نظم ”حقيقتِ حُسن“،جيڪو هن جي شاعريءَ جي پهرئين مجموعي”بانگِ درا“ جومشهور نظم آهي،ان تي هڪ نظر وجهنداسين.

انساني تاريخ ۾ ازل کان وٺي انسان حُسن ۽ ان جي حيرت جو شڪار رهيو آهي.پر حساس شاعر،اعلى فن جا پڄاري ۽ فلاسفيڪل فطرت ۽ ذهن جا ماڻهو حُسن واري عنوان جي قربت ۾ قيد وڌيڪ رهيا آهن.يوناني ڏاهي افلاطون لاءِ هن دنيا جي سونهن دوکي واري جڏهن ته هن دنيا کان مٿائين عرش واري دنيا واري سونهن حقيقي ۽ پرفيڪٽ سونهن هئي.ارسطو جو سونهن بابت تصور اهو هوندو هو ته جيڪڏهن انسان جو جسماني سرشتو ۽ ان جا حصا پاڻ ۾ ڳنڍيل سالم ۽ مضبوط آهن، ته پوءِ اهو انسان خوبصورت انسان آهي ڀلي پوءِ اهو ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪيئن به هجي.فلاسفر اناٽول فرانس مطابق ”اسان اهو ڪڏهن به نه ڄاڻي سگھنداسين ته آخر ڪا به شيءِ(خوبصورت آهي ته اها شيءِ)خوبصورت ڇو آهي“.فلاسفر باماگارٽن جنهن پهريون ڀيرو سونهن واري علم ”ايسٿيٽڪس“وارو اصطلاح جوڙيو ته هو به ان خوف ۾ رهيو ته شايد ماڻهو سونهن کي صرف مجسمن ۽ پنهنجن مهه جبينن تائين محدود علم وارو علم نه سمجھن.جرمن فلاسفر ڪانت،جنهن جو علامه اقبال تي گھرو اثر هو،هن مطابق سونهن ان خوبيءَ جو نالو آهي،جيڪو اسان کي ڪنهن شيءِ جي ذريعي خوش ڪري.(ان شيءِ جو استعمال وارو سوال اهميت جوڳو ناهي).هڪ ٻئي جرمن فلاسفر نٽشي جي خيال ۾ سونهن ۽ بدڪاري جو تعلق بائيلاجڪل آهن،جيڪا به شيءِ نسلي طور هاڃيڪار ثابت ٿي آهي اها بدصورت آهي. فلاسفر اسپنوزا جي نظر ۾ ڪا به شيءِ ان ڪري خوبصورت هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ان شيءِ جي تمنا ڪئي ويندي آهي.مطلب ته سونهن جي ڪا به حتمي وصف ڪانهي،جنهن سان متفق ٿجي.

علامه اقبال جيئن ته عالمي سطح جو وڏو فلسفي شاعر هو، هن پنهنجي نظم ”حقيقت حسن“۾ ٻين فلاسافرن وانگر سونهن جي ڪا هڪ عدد وصف ڏيڻ بجاءِ سنڌو سنئون سونهن جي فطرت کي ”ايڪسلپور“ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.علامه اقبال جي فلسفانه شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو به آهي ته پنهنجي هن نظم جي شروعات ۾ حسن جهڙي هڪ مجرد شيءِ لاءِ ماڻهو وارو استعارو استعمال ڪري خدا کان حسن بابت سوال ڪيو وڃي ٿو:

خدا سي حُسن ني اڪ روز يه سوال ڪيا،

جهان ۾ ڪيون نه مجهي توُني لازوال ڪيا؟

هن نظم جي هن پهرئين شعر ۾ شاعر اقبال ڄاڻي واڻي ”ڪ“ اکر جو پهرين سٽ ۾ ٻن لفظن ”اڪ ۽ ڪيا“ ۾ ۽ ٻي سٽ جي لفظن ”ڪيون ۽ ڪيا“سان تجنيس حرفي طور استعمال ڪري ان اکر جو ورجاءُ ڪري پنهنجي فلاسفيڪل سوال جي اهميت تي زور ڀري ٿو.جيئن ته سوال به ”اڪ“آهي ۽ ٻي سٽ جو لفظ ”ڪيون؟“ان ”اڪ“ سوال جي جواب جو متلاشي ۽ حسن جي ابدي فطرت جي کوجنا جي ڪوشش ڪري ٿو.نظم جي هن پهرين شعر ۾ علامه قبال پڙهندڙن کي پنهنجي فلفسي سوچ جو به ٻڌائي ٿو، اهو اِهو ته ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ”ڇا“وارو سوال ايترو اهم نه هوندوآهي،جيترو ڪي ”ڇو“ وارو سوال اهميت جي حامل هوندو آهي. سوال جڏهن پڇيو ويندو آهي ته ان جي جواب جو به اشتياق به اوترو ئي هوندو آهي،ته آخرڪار ان سوال جو ڪهڙو جواب هوندو؟نظم جي ٻئي بند ۾ مٿي پڇيل سوال جو جواب ملي ٿو:

مِلا جواب ڪي تصوير خانه هي دنيا،

شبِ درازِ عدم ڪا فسانه هي دنيا.

جواب  ڊگھو اهو مليو ته سونهن پنهنجي فطرت ۾ لازوال ناهي،سونهن ان ڪري فاني آهي ته هي دنيا،جنهن جون حسن وانگرتجعليون اسان کي نظر اچن ٿيون هڪ تصوير خانه کان علاوهه ٻي ڪجهه به ناهي.هن دنيا جي ڪهاڻي ان وڏي رات جي مثل آهي،جنهن رات جي پنهنجي ڪا دائمي حيثيت ڪانهي،اها رات به هن دنيا وانگرهڪ ڏينهن کٽڻي آهي.نه فقط اهو پرهن دنيا جي رنگ ۽ حقيقت به هر گھڙي بدلجندڙ آهي،سو حُسن جي فطرت به غيرمستقبل مزاجي واري فطرت آهي.

هوئي هي رنگِ تغير سي جب نمود اس ڪي،

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

شاعر اقبال جي هن نظم جي ٽئين بند جي ٻي سٽ ۾ پڙهندڙن کي حُسن جي اصل ۽ ابدي حقيقت جي جي باري ٻڌايو وڃي ٿو،اِهو ته دنيا ۾ ماڻهوءَ کان وٺي مرونءَ تائين هراها شيءِ حسين آهي،جنهن کي زوال آهي، يعني جيڪا شيءِ رواجي ۽ فاني آهي.شاعر جي هيءَ سٽ توجهه طلب آهي.انسان هجي ،ڪا شيءِ هجي يا حُسن هجي جيڪڏهن مستقل طور اهي سڀ هن دنيا ۾ موجود هوندا ته پوءِ انهن ۾ يڪسانيت ۽ بوريت پيدا ٿيندي.بنا ”سيمي ڪالن“ ۽ ”ڪامان“ جي رنڊڪ سان مٿين بند جي ٻي سٽ سرجندڙ شاعر اقبال جي ان سٽ جي اها معنى به اخذ ڪري سگھجي ٿي، ته حقيقت جي حقيقت به هر گھڙي بدلجندڙ آهي،تڏهن ئي ته اها حسين آهي:

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

نظم جي چوٿين بند ۾ حُسن جي حقيقت جي هاڪ جتي ڪٿي زمين توڙي اُڀ ۾ ڦهلجي وڃي ٿي.خدا ۽ حُسن جي وچ ۾ ٿيل ڳجهه واري ڳالهه ٻولهه جلد ”اوپن سيڪريٽ “ٿئي ٿي ۽ ان کي ڪنهن ڪنڊ پاسي مان چنڊ ٻڌي وٺي ٿو.لازمي ڳالهه آ هي جڏهن چنڊ تائين ڳالهه پهتي،ته پوءِ ڇا اها ڳالهه سج يا صبح واري ستاري کان ڳجھي رهندي؟

ڪهين قريب ٿا، يه گفتگو قمر ني سُني،

فلڪ پي عام هوئي،اخترِ سحر ني سُني.

انسان به ڪيڏو نادان هوندو آهي،زمين تي بيهي جڏهن مٿي فلڪ تي نهاري ٿو، ته پوءِ ٿوريءَ جهٽ لاءِ پڪ ڪري وٺي ٿو ته فلڪ ۾ موجود سج،چنڊ تارن ۽ ڪتين جي تاثير ۽ سونهن ائين تاحيات روشن ۽ چمڪندڙ رهندي ۽ اها آسماني مخلوق ائين مستقل طور مٿي عنبر ۾ قائم دائم شادو آبادرهندي.۽ جيڪڏهن زمين ۽ دنيا ۾ ڪو نه رهندو ته اهو ماڻهو هوندو،جيڪو پيدا ئي مرڻ لاءِ ٿيندو آهي،پر شايد ماڻهو اياڻو اهو وساريون ويٺو آهي ته:

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

چنڊ حُسن جي حقيقت ٻُڌي پڪ سان افسرده ٿيو هوندو،ڇو ته ان کي خبر آهي ته جيئن انسان ننڍو ٿي جوان ٿئي ٿو پوءِ مئچور ۽ پيريءَ کانپوءِ هن جو ”زوال“اچي ٿو،ايئن ئي چنڊ جا جڏهن پهريان جوڀن وارا ڏينهن هوندا آهن ”نئون چنڊ“ته اهو پهرئين مرحلي ۾ ٻار هوندو آهي،ٻئي مرحلي ۾اهو ”اڌ “چنڊ ٿئي ٿو،يعني جوان ٿئي ٿو،ٽئين مرحلي ۾ ”مئچوئر“ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ ان جو سونهن به ڦٽي وڃي ٿو ۽ ان جو زوال اچي ٿو.نظم ۾اڳتي هلي ٻڌايو وڃي ٿو ته پرهه ڦٽي جي وقت، صبح صادق واري تاري ۽ ان تاري چنڊ کان جيڪا سونهن جي جيڪا حقيقت ٻڌي،ان پرهه ڦٽي جي حسين ۽ دلفريب وقت صبح واري ماڪ ،جنهن جي سونهن نيڻن کي فرحت ڏيندڙ هوندي آهي ان کي اها (مايوس) خبر ٻڌائي ته اها نازڪ ماڪ پنهنجي دلفريبي تي ناز نه ڪري،ڇوته ٿوريءَ جهٽ لاءِ مسرت جهڙي مرڪ سجائيندڙ ماڪ کي اها خبر هجڻ گھرجي، ته سونهن پنهنجي فطرت ۾ فاني آهي اها تاحيات ماڻهو توڙي فطرت جي ٻي مخلوق وٽ نه رهندي آهي.

سحَر ني تاري سي سُن ڪر سُنائي شبنم ڪو،

فلڪ ڪي بات بتادي زمين ڪي محرم ڪو.

ماڪ جي مسرت جيڪا ٿورڙي ديراڳ،جڏهن ان کي حُسن جي حقيقت جي پروڙ نه هئي،اها ان جي مسرت ڏيک هاڻي ڳوڙهن جي شڪل اختيار ڪري صبح جي ٻهڪندڙ گل کي ان خبر جو پيغام ڏي ٿي ته هو به روڻهارڪو ٿي وڃي ٿو،ڇو ته ان اڳيان اها لڪيل حقيقت نروار ٿي آهي ته پرهه ڦٽي جي ان سهڻي گل جي سونهن به صرف صبح جي وقت تائين مشروط آهي، نه ته ٽاڪ منجھند جي وقت اهو گل به ڪنهن بدنصيب بيوهه عورت وانگر اجڙيل ۽ وکريل نظر ايندو.سونهن جي حقيقت جو الميو صرف ان گل تائين محدود نه رهيو،ان صبح جي گل جي ڀرسان نئين گل مکڙي،جيڪا اڃا نسرڻ واري شروعاتي مرحلي مان ئي گذري پئي،جڏهن ان تي اها حقيقت عيان ٿي ته ان جي دل به غم سان ڳوري ٿي وئي.

ڀر آئي پهول ڪي آنسو پيامِ شبنم سي،

ڪلي ڪا ننها سا دل خون هوگيا غم سي.

نظم جي هيل تائين ذڪر مان بظاهرپڙهندڙن کي علامه اقبال جي هن نظم جو عنوان حقيقت حُسن محسوس ٿئي ٿو،پرنظم ۾ شاعر دنيا ۽ ان سان منسلڪ ٻين شين جي ابدي حقيقت جي باري ۾ به ٻڌائي ٿو.ترنم، فلاسفيڪل خيال ۽ خوبصورت لفظن جو انتخاب ۽ امتزاج هن نظم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏن ٿا،پراڃان به هن نظم جو ”حقيقتِ حُسن“ شاعر علامه اقبال جي حسين ۽ نرالي پيشڪش ۾لڪيل آهي،اها به ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾.

نظم ”حقيقت حُسن“ جي آخر ۾ ان ڏکوئيندڙ حقيقت جي خبر پوي ٿي ته جڏهن ٻهڪندڙ گل ۽ نئي گل مکڙي جي سونهن تاحيات نه رهندي، ته پوءِ چمن ۾ عارضي عرصي لاءِ ترسندڙ بهار جي موسم به روئيندي هلي وڃي ٿي. ۽ بهار جي موسم به روئندي هلي ڇو نه وڃي؟ آخرڪار اها بهار جي موسم ڪيستائين بهار ۽ حسين و جميل رهندي؟هڪ ڏينهن ان کي خزان جي موسم ويران ڪري ويندي.۽ خوبصورت  نوجوان جيڪو صبح سويران چمن ۾ سير و تفريح لاءِ آيو هو:

چمن سي روتا هوا موسمِ بهار گيا،

شباب سير ڪو آيا ٿا،سوگوار گيا!

اهو نوجوان به سوڳوار ٿي هليو ويو ان حقيقت تي ويچاريندي ته موسم ۽ ماڻهن ٻنهي جي مقدر ۾ زوال آهي،پراها به حقيقت آهي ته جنهن حقيقت ته اسان توهان سڀني کي ويچارڻ گھرجي ته:

وهي حسين هي حقيقت زوال هي جس ڪي.

Muneerdomki84@gmail.com

 

 

ڪراچي شهر جي گهٽ آباديءَ جي ذميوار سنڌ حڪومت…؟؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آدم شماري جي نتيجن جي  خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران شماريات کاتي پاران جواب داخل ڪيو ويو ،جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت 2015ع ۾ لاهور کي مڪمل طور تي شهري علاقو قرار ڏنو آهي .جڏهن ته سنڌ سرڪار ڪافي عرصي تائين ڪراچي جي حد کي وسيع نه ڪيو آهي .هن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جون ست ديهون شهري قرار ڏنيون آهن .جڏهن ته 1988ع ۾ ڪراچي جي آبادي 90لک 33هزار  هئي ۽ 2017ع ۾ ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ49 لک آهي .جواب ۾ شماريات کاتي چيو آهي ته پنجاب ۾ شهري آبادي 2.74جڏهن ته سنڌ ۾ 2.46 سالياني شرح ۾ اضافو ٿيو. آدم شماري 2017ع جي فيلڊآپريشن صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي وچ ۾ ٿيو آهي .جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشرن کي سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر مقررڪيو ويو هو .هن ۾ ٻڌايو ويو ته تفصيل جمع ڪرڻ جيڪي ڪم ڪيو آهي هو صوبائي حڪومت جا ملازم هئا .شماريات کاتي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته پنجاب جي ملڪ جي ڪل آبادي مان حصو گهٽ ٿيو آهي. ان ڪري قومي اسمبيلي ۾ پنجاب جون سيٽون گهٽ ۽ قومي مالياتي ڪميشن ۾ به حصو گهٽ ٿيو آهي. گذريل آدم شماري جي مقابلي ۾ بلوچستان جي آبادي ۾ 88 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جڏهن ته ڪراچي جي آبادي ۾ 59 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جڏهن ته لاهور جي آبادي ۾ 116 سيڪڙو اضافو رڪارڊٿيو آهي. ٻڌايو ويو ته لاهور شهر جي حد ۾ 2015ع ۾ وسيع ڪيون ويون قصور جون ٻه يونين ڪونسلز لاهور ۾ شامل ڪيون ويون آهن. حدون وسيع ڪرڻ کان اڳ لاهور جي آبادي وڌڻ جي شرح ڪراچي سان گهٽ 57.93سيڪڙو هئي .جيڪڏهن لاهور جي پراڻي حد کي برقرار رکيو وڃي ٿو ته لاهور جي آبادي 81لک 23هزار هوندي .گڏيل مفادن جي ڪونسل ۾ آدم شماري جا نتيجا پيش ڪيا ويا . ڪهڙي به صوبي جي وڏي وزير آدم شماري جي نتيجن تي اعتراض نه ڪيو .گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي مرضي سان نتيجو جاري ڪيو ويو .ان جواب ۾ دعوي ڪيو ويو ته آدم شماري صاف ۽ شفاف ڪئي وئي .سمورن قانونن کي مدنظر رکيو ويو .جڏهن ته عدالت درخواست گذار کي ان جواب تي جواب داخل ڪرڻ لاءِ 6 ڊسمبر جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .درخواست گذار پاڪستان قومي موومنيٽ جي چيئرمين اقبال ڪاظمي داخل ڪئي هئي .درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو هو ته آدم شماري جا سرڪاري نتيجا درست نه آهن .زبان ،نسل ۽ مذهب جي بنياد تي ڪهنن جا بنيادي حق کسڻ نه گهرجي.