تازيون خبرون

Daily Archives: November 1, 2017

شاهد ڪپور پنهنجي زال سان گڏ ”هيلو“ ميگزين جي ٽائيٽل جي زينت بڻجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي زال ميرا راجپوت سان ميگزين ”هيلو“ جي نئين شماري جي ٽائيٽل پيچ جي زينت بڻجي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب شاهد ڪپور پنهنجي زال ميرا راجپوت سان رسالي ”هيلو“ جي نئين شماري جي ٽائيٽل جي زينت بڻيو آهي جنهن ۾ هن ڪاري رنگ جو لباس پهريو آهي جڏهن ته سندس زال کي سائي رنگ جي ڪرتي سان گڏ گلابي لهنگو پهريل نظر اچي ٿو

 

فلم ”وينٽيلٽر“ تي ۵ ايوارڊ ملڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي: پريانڪا چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا پروڊيوسر طور تي پنهنجي پهرين مراٺي فلم ”وينٽيلٽر“ جا ۵ ايوارڊ کڻڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته کيس مراٺي فلم فيئر ايوارڊز ۾ پروڊيوسر طور تي پهرين مراٺي فلم ”وينٽيليٽر“ جا ۵ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪرڻ تي گهڻي خوشي آهي ۽ اهو وقت منهنجي ۽ فلم لاءِ فخر جوڳو آهي. هن ۱۱ جيٽ مابوسڪر کي بهترين ۽ ريجنل اسٽوري، بهترين اسڪرين پلي ۽ بهرين ڊيبوٽ ڊائريڪٽر، اميٽر بگٿ کي بهترين ايڊيٽنگ ۽ بهترين سائونڊ ڊيزائننگ تي نجي موريا ۽ ايلين ريگو کي ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ سان محبت ٿي وئي آهي: مڪي آرٿر

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته هن کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ سان محبت ٿي وئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته آسٽريليا کان پوءِ پاڪستاني ٽيم سان ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو آهي ۽ مون کي ٽيم جي بهتري لاءِ هر ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. هن چيو ته ابوظهبي ٽيسٽ م ناڪامي مايوس ڪندڙ هئي پر اسان ٽيسٽ ٽيم ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته مصباح الحق ۽ يونس خان جي وڃڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه وڃائڻو پئجي رهيو آهي

 

پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو پلان آهي: نجم سيٺي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي ايندڙ سال ٿيندڙ ٽئين پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ڪراچي ۾ منعقد ڪرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ صحافي طرفان نجم سيٺي کان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪراچي ۾ پي ايس ايل جو فائنل منعقد ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته ڇا فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو؟ جنهن تي نجم سيٺي جوابي ٽوئيٽ ڪيو ”درست“ نجم سيٺي جو اهو جواب ڪنهن حد تائين صحيح آهي جڏهن ته ذريعن مطابق پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

 

ميان نواز شريف ويڪلم ٽو پاڪستان..؟: غلام مصطفيٰ جمالي

ميان نواز شريف جي سياست جا به ڪيترائي رنگ آهن،شايد انهي جي خبر ميان صاحب به ناهي جيڪڏهن هجي ها ته ميان نواز شريف ائين ڪڏهن به نه چوي هان ته “مجهي کيون نڪالا”پنهنجي سياست کان اڻڄاڻ ميان نواز شريف احستاب اندر پيش نه ٿيو جنهن ڪري احستاب عدالت ميان نواز شريف مٿان نه رڳو ڪاوڙ وارو لهجو اختيارڪري پر ميان نواز شريف خلاف گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيان،۽ عدالت سڳوري چيو ته ميان نواز شريف کي عدالت جي تقصد جي ڪابه خبر ناهي انڪري ميان نواز شريف عدالت جي توهين ڪري رهيو آهي.ٻئي پاسي ميان نواز شريف پنهنجي گهر واري ڪلثوم نواز جي بيماري جي ڪري به پريشان حال آهي جيڪا ڳلي جي ڪينسر جي مرض اندر لنڊن جي هڪ اسپتال اندر زيراعلاج آهي.

هڪ طرف اهڙِي صورتحال آهي ته ٻئي پاسي ميان نواز شريف ٽن ريفرنس خلاف بار بار پنهنجي بيان ۾ چيو رهيو آهي ته مون خلاف جيڪي ٽي ريفرنس احستاب عدالت اندر داخل ڪرايا ويا آهن انهن ٽن ريفرنس مان هڪ ريفرس تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري،پر عدالت سڳوري ميان نواز شريف جي موقف ۾ چيو آهي ته ميان نواز شريف جي خلاف جيڪي ٽي ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن انهن جو موقف الڳ الڳ آهي انڪري ميان نواز شريف تي ٽي ريفرنس داخل آهن ۽ ميان نواز شريف خلاف ٽن ريفرنس تحت ڪاروائي ڪئي ويندي.

احستاب جي جي گهرائڻ تي ميان نواز شرف نه آيو.!جڏهن ته ميان نواز شريف لنڊن اندر پنهنجي گهر واري وٽ موجود هو.پر اوهان جي اهو به ياد هوندو ته ميان نواز شريف عدالت جي گهرائڻ ته پاڪستان نه آيو پر سعودي عرب پهتل پاڪستان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي بيمار گهر واري کي ڇڏي ڪري سعودي عرب پهتو،ڪيڏي به افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو ميان نواز شريف پاڪستان جي عدالت جي باربار گهرائڻ ته پاڪستان ته نه آيو پر پنهنجي من پنسد رکرايل وزيراعظم سان ملڻ لاءِ سعودي عرب ضرور پهتو.هڪ طرف پاڪستان جي عدالت پاڪستان جي سياست جي هٿ هلڪو رکي رهي آهي انڪري پاڪستان جي سياستدان باربار توهين عدالت ڪري رهيا آهن.انڪري جيڪڏهن اهڙي عمل کانپوءِ عدالت مٿن ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري عدالت ۾ آڻڻ جي نوٽس جاري ڪري ٿي ته سياستدانن جا رڙو رڙ نڪري ويندي آهي ۽ سندس هاءِ گهوڙا گهوڙا بند ناهي ٿيندي.

ڏٺو وڃي ته ميان نواز شريف عدالت سڳوري جي چوڻ تي پاڪستان نه آيو ۽ عدالت کيس گرفتار ڪري جو حڪم پڻ جاري ڪيو،آئون سمجهان ته پاڪستان اندر سياسي اڳواڻن جي عدالت جي تقصد جي ڪابه خبر ناهي انڪري هر سياستدان عدالتن جي توهين ڪرڻ ۾ پورو آهي.ميان نواز شريف پاڪستان نه آيو ۽ نه ئي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.انڪري احتساب عدالت ميان نواز شريف جي خلاف وارنٽ جاري ڪيا ۽ ميان نواز شريف جي خلاف جيڪي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا آئون سمجهان ٿو ته ميان نواز شريف انهي جو حقدار جو ڇو ته ميان نواز شريف پاڪستان جي وزيراعظم سان ملڻ لاءِ جده وڃي سگهي ٿو ته ڇا پاڪستان جي عدالت جي گهرائڻ تي پاڪستان نه ٿو اچي سگهي.اها به ڳالهه غور ڪرڻ گهرجي آهي ته پاڪستان نه اچڻ جو جواز ميان نواز شريف پنهنجي گهر واري جي بيماري ٻڌائي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ميان نواز شريف کان ڪير سوال ڪري ته اوهان جده ويا هئا ءٌ وزيراعظم خاقان عباسي سان ملاقات ڪري ۽ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪري ان وقت ڇا بيگم ڪلثوم نواز صحتياب هئي ڇا.؟

پاڪستاني احستاب عدالت ميان نواز شريف کي بار بار گهرايو پر ميان نواز شريف پاڪستان نه آيو جنهن کي وٺي ڪري ڪيترائي سوال پيدا ٿيا ۽ پاڪستان جي مخلتف سياستي ماڻهن توڙي تجزيرڪارن ۽ ڪالم نگارن به پنهنجي پنهنجي موقف ۾ اهو چيو ته ميان نواز شريف هاڻ پاڪستان نه ايندو ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿيندو.ايتري حد تائين جو پاڪستان جي سئينير سياستدان اعتراز احسن به اهو بيان ڏنو ته ميان نواز شريف هاڻ پاڪستان نه ايندو ته ميان نواز شريف شايد اهو سوچي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو پاڪستان ايندو ۽ احستاب عدالت ۾ پيش ٿيندو ته مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو ويندو انڪري ميان نواز شريف پاڪستان نه ايندو ۽ ميان نواز شريف اهڙو فيصلو پاڪستان پيپلزپارٽي جي وزيراطلاع شرجيل ميمڻ جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ڪيوآهي.

ميان نواز شريف جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته ميان نواز شريف پاڪستان مسلم ليگ جو اهم اڳواڻ آهي ۽ جنرل ڪائونسل جو چونڊيل صدر پڻ آهي ميان نواز شريف مٿان ن ليگ جون سموريون زميواريون آهن جيتوڻيڪ هو هن وقت نااهل آهي ۽ مٿس احتساب عدالت اندر ڪيس هلندڙ آهي پر پوءِ به پارٽي جو سموريون زميواريون سندس مٿان آهن.انڪري ڪهڙي حال ۾ ميان نواز شريف ٻاهر نه ٿو رهي سگهي.ڀلي ميان نواز شريف خلاف ڪيس وڃن ۽ کيس گرفتار ڪيو وڃي پر ميان نواز شريف ٻاهر نه رهندو.جيڪڏهن ميان نواز شريف ٻاهر رهيو ته سندس سياسي ڪيئر هميشه لاءِ تباهه تي ويندو.جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن پاران اهو چيو ويو هو ته پارٽي هاڻ مريم نواز سنڀاليندي پر مريم نواز خد اهو چيو ته هو صرف ۽ صرف پارٽي جي ڪارڪنن آهي ۽ پارٽي جا سمورا اختيار ميان نواز شريف وٽ موجود آهي.۽ اهو به چيو هو ته ايندڙ الڪيشن اندر اليڪشن مهم دوران جيڪي پوسٽر ۽ پينافليڪس ٺهرايا ويندا انهن سمورن پينا فيلڪس توڙي پوسٽرن تي ميان نواز شريف جون تصويرون لڳايون ويندو.انڪري شايد اهو عوام کي ٻڌايو ويو ته پارٽي جي قيادت ميان نواز شريف ڪندو ۽ باقي سڀ سندس پويان هلندا.

پر سڀني سوالن جو هڪ ئي جواب هو ته ميان نواز شريف پاڪستان ڪڏهن ايندو.ٽي تاريخ تي ميان نواز شريف جي احستاب عدالت اندر ڪيس جي ٻڌڻي آهي جنهن جي باري ۾ خد عدالت سڳوري سخت لفظن ۾ چيو ته ميان نواز شريف ڪهڙي حال ۾ عدالت اندر پيش ٿي نه ته کيس گرفتار ڪيو وڃي.انڪري ميان نواز شريف سوچيو ته هاڻي ڪم گهڻو ٿي ويندو بهتر اهو ئي ٿيندو جو پاڪستان وڃجي پوءِ جيڪو ٿيندو ڏٺو وڃبو.انڪري ئي ميان نواز شريف پاڪستان جي پي آءِ اي جي جهاز ذريعي پاڪستان اندر جو فيصلو ڪيو هو.جنهن جهاز ميان نواز شريف کي اسلام آباد ائيرپورٽ تي لاٿو ۽ اهڙي ريت ميان نواز شريف پاڪستان پهچي ويو.

هڪڙي ڳالهه ته واضِع ٿي وئي ته ميان نواز شريف پاڪستان پهچي ويو ۽ جنهن جنهن ماڻهن جو خيال هو ته ميان نواز شريف پاڪستان نه ايندو انهن جي شڪ به ختم ٿيو ته سندس خيال به غلط ثابت ٿيا.پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ميان نواز شريف سان عدالت ٽي تاريخ تي ڪهڙو ٿي رويو رکي.ميان نواز شريف کان اهو ته ضرور پڇيو ويندو ته اوهان عدالت جي باربار گهرائڻ تي ڇو به آيا ته شايد ميان نواز شريف جي وڪيل وٽ اهو موقف هوندو ته ميان نواز شريف جي گهر واري جي حالت خلاب هئي انڪري ميان نواز شريف کيس اڪيلو ڇڏي ڪري پاڪستان نه ٿي اچي سگهيو پر جيڪڏهن عدالت سڳوري سندس وڪيل کان اهو پڇي ته ميان نواز شريف پاڪستاني وزيراعظم خاقان عباسي سان ملڻ لاءِ جده ويو ته اتي سندس گهر واري جو کيس لاچار ڇو ڪون هو.ڇا خاقان عباسي جو ڏس پاڪستان جي اعليٰ عدليه کي به مٿي هو ڇا.؟آئون سمجهان ٿو اهڙي عدالتي سوال جو پاڪستان جي سابق وزيراعظم ميان نواز شريف وٽ ڪو به جواب نه هوندو.

 

نواز ليگ سرڪار جا ويندي ويندي کنيل عوام دشمن قدم: صاحب خان ڀٽي

احتساب عدالت جي حڪم کانپوءِ نيب ريفرنسز  ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسين ۽ حسن نواز جي ملڪيت ضبط ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪوآهي، ان حوالي سان احتساب  عدالت ٻنهي ڄڻن جي ڪمپنين ۾ موجود شيئر کي ضبط ڪرڻ نيب کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نواز ليگ وارا چئي رهيا آهن ته کين  فيئر ٽرال ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، ٻئي طرف وري حسن ۽ حسين نواز چئي رهيا آهن ته هو برطانوي شهري آهن، جنهن سبب  پاڪستان جو قانون مٿن لاڳو نه ٿو ٿئي. پر ان باوجود  عدالت  ٻنهي ڄڻن کي طلب ڪندي رهي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ٻئي ڄڻا عدالتن  ۾ پيش به ٿي  چڪا آهن، جيئن ته هاڻ حالتون ٿوريون تبديل ٿي  ويون آهن، جنهن سبب نوازشريف جي اولاد کي به خدشا وڌي ويا آهن ، ان جي ڪري ئي هو ڏيهه واپس اچڻ کان  لنوائي رهيا آهن،

هونئن ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهري واري بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب آهي، جنهن سبب نوازشريف سندس سار سنڀال لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي، جنهن تي هر هڪ يقين به ڪري رهيو ته واقعي  هو پنهنجي گهر واري جي طبيعت خراب هجڻ سبب ڏيهه واپس نه پيو اچي،  اوچتو هو سعودي پهتو ۽ اتي ڪجهه اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ  عمرو ادا ڪرڻ بعد  ڏيهه اچڻ بدران اتان ئي دبئي هليو ويو هو، جنهن کان پوءِ هر هڪ پريشان ٿي ويو ته جيڪڏهن بيگم ڪلثوم نواز جي ايڏي طبيعت خراب هئي ته نوازشريف سعودي عرب ۽ پر ڏيهه واپس اچڻ بنا هليو ويو، جيڪا هن ملڪ جي عوام  کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ڪجهه عرصو اڳ  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دبئي ۾ اجلاس سڏائيندو هو ۽ طبيعت خراب هجڻ سبب ڏيهه نه ايندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ڊاڪٽر اجازت نه ڏئي رهيا هئا،

هاڻ وري نوازشريف لنڊن ۾ ويهي پارٽي اڳواڻن کي گهرائي مشاورت ڪري رهيو آهي، اسحاق ڊار به نيب ريفرنسز  ۾ ڦاٿل آهي، جڏهن ته نوازشريف  جي ناٺي ۽ نوازشريف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ٿيل آهن، ان سڄي صورتحال مان سڀ کان وڌيڪ فائدو تحريڪ انصاف کي ٿي رهيو آهي، جنهن جي هر هڪ جلسي ۾ ماڻهو وڏي تعداد ۾ پهچي وڃن ٿا، ايئن لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي هاڻي صرف تحريڪ انصاف ئي  بچي آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ايم ڪيو ايم پاڪستان مان نيڪ ماڻهو پي ايس پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ايئن ئي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جا نيڪ ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن، هونئن  ته تحريڪ انصاف سربراهه پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تي سخت تنقيد ڪندو آهي، پر جيڪڏهن ان پارٽي  جو ڪو اهم اڳواڻ پارٽي ڇڏي سندس پارٽي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان وقت ان شخص خلاف ڪجهه به نه چيو ويندو آهي، ان سوال بابت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاڻ به وضاحت ڏئي چڪو آهي ته جيڪي ماڻهو سندس پارٽي ۾ اچي رهيا آهن، اهي فلٽر جيان صاف ٿي رهيا آهن. بهرحال هن وقت نواز ليگ جا سمورا دڳ بند ٿيندي نظر اچي رهيا آهن

جئين ته نوازشريف جو تعلق پنجاب سان آهي، جنهن سبب  ماڊل ٽائون سانحي، ڊان ليڪس ۽ ٻين ڪيسن ۾ کيس ڪا سخت سزا نه ڏني ويندي، باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته  عوامي مسلم ليگ شيخ رشيد اڳ ئي اشارو ڏئي چڪو آهي ته عمران خان کي ڪنهن به ڪيس ۾ نااهل قرار نه ڏنو ويندو. پر جيئن ته هاڻ حالتن ۾ ٿوري تبديلي آئي آهي ۽ نواز ليگ عدالتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ پارٽي ۾ پيدا ٿيل اختلافن جو مقابلو ڪري رهي آهي پر هاڻ نوازشريف کان پارٽي جا معاملا سنڀالڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه اڳواڻ  سندس پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان  به شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه نواز ليگ جا  ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز  پارٽي ڇڏي رهيا آهن.

بهرحال  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف  چئي رهيو آهي ته  جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سندس ڪڙي نظر آهي، ايتري قدر جو نوازشريف اهو به چيو آهي ته کانئنس  ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جو پلاند ورتو پيو وڃي ۽ ساڻس ناانصافي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن واقعي نوازشريف سان ناانصافي ٿي آهي ۽ کانئنس انتقام ورتو پيو وڃي ته پوءِ آخر نواز ليگ ان جو پلان عوام کان ڇو وٺي رهي آهي، خاص طور تي سنڌ  کان انتقام ڇو ورتو پيو وڃي، هن وقت ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ ان وقت ملڪ ۾  مني بجيٽ آڻڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي، جيئن ته ملڪ ۾ اهي افواهون هلي رهيون آهن  نواز ليگ حڪومت وڃي رهي آهي پر  ان باوجود نواز ليگ جا اڳواڻ عدليا  ۽ مقدس ادارن خلاف ڳالهائڻ کان رڪجي ئي نه رهيا آهن. هن وقت جيئن ته نواز ليگ جي واپس گهر وڃڻ  جو وقت اچي ويو آهي، تيئن ئي نوازشريف  غريب عوام تي مهانگائي جو بم ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هاڻ سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن، ته آخر  نوازليگ کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڄ پيٽروليم شين ي اگهن ۾ واڌ جو قدم کنيو ويو،

ان کان علاوه وفاقي سرڪار پاران ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو اعلان به ڪيو ويو آهي، جنهن تي سنڌ پاران سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪجهه ئي ڏينهن اچي سندس اقتدار ۾ اچي بچيا آهن، جنهن جو انتقام عوام کان ئي وٺجي، جنهن جي شروعات هنن سنڌ کان ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته نوازليگ چاهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ هجي سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن، جنهن سبب آئين ترميم ڪري بنگالين، بهارين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي انهن کي هن ملڪ جي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو  آهي ته سنڌ دشمن هاڻ سمجهن ٿا ته انهن سنڌ جي آواز کي هميشه دٻائي ڇڏيو آهي، پر اها انهن جي ڀُل آهي، جيڪڏهن  نوازليگ کي  مذهب جي نالي تي ڌارين کي شهريت ڏيڻ جو ايڏو شوق آهي ته پنجاب ۾ ڏئي، سنڌ ڪنهن جي  جاگير نه آهي، هن ملڪ کي ان ڪري نه ٺاهيو ويو هو جو  هن ملڪ کي مذهب جي نالي تي  عالمي يتيم خانو بڻايو وڃي.

جڏهن نوازشريف  کي نااهل ڪيو ويو هو ته ان وقت سڀ سمجهي رهيا هئا ته ساڻس ناانصافي ٿي آهي پر هاڻ جڏهن نوازشريف پنهنجو اصل چهرو عوام کي ڏيکاريو آهي، تنهن مان لڳي رهيو آهي ته عدالتون درست آهن،  ڇاڪاڻ ته ڌارين کي  شهريت ڏيڻ ۽ ۽ مهانگائي جو طوفان آڻڻ جي نواز ليگ جيڪا ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهو عدالتي فيصلن جو عوام کان انتقام آهي، جيڪي به نواز ليگ پاران فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان سان نه عوام کي فائدو ٿيندو ۽ نه ئي ڪو نواز ليگ کي ٿيندو ، پر جيڪڏهن نواز ليگ پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته مائنس ون فارمولو  شايد ان تي به استعمال ٿي سگهي ٿو،  ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي به اهو ئي بحث ٿي رهيو آهي ته ٽيڪنو ڪريٽس حڪومت اچڻ واري آهي، جڏهن  ته اهي به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ڪنهن به وقت ڪا وڏي تبديلي به اچي سگهي ٿي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال به چيو آهي ته ڪجهه ڳجها هٿ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. هاڻ به جيڪڏهن  نواز ليگ عوام دشمن فيصلا ڪرڻ بند نه ڪيا ته نوازشريف اڳيان هوندا  پر سندس پٺيان ڪير به نه هوندو ۽ هو اڪيلو ٿي ويندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

نئين تڪبندين جو فيصلو

قومي اسيمبلي ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو هو، جنهن ۾  قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور، جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڪرم خان دراني، مسلم ليگ (ف) جي غوث بخش مهر، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر، متحده قومي موومينٽ جي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي سميت قانون واري سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، نادرا چيئرمين، شماريات واري اداري جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس شروع ٿيڻ تي پارلياماني اڳواڻن کي اجلاس جي اهميت ۽ فوري ضرورت جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ 2017ع جي آدمشماري جي شروعاتي نتيجن موجب نئين تڪبندين تي تفصيلي مشاورت ٿي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي نئين تڪبندين بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اجلاس ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن قومي اسيمبلي جون سيٽون 272 رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تڪبندين جي حوالي سان ڦيرڦار آبادي ۽ آدمشماري جي بنياد تي ٿيندي. ان ڏس ۾ سمورين پارلياماني سياسي پارٽين سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي.نئين تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن کي وقت ڏيڻ چاهيون ٿا. تڪبندين ۾ توسيع ۽ ڦيرڦار آبادي ۾ اضافي جي بنياد تي ٿيندي.اڄ يا سڀا ڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوري ورتي ويندي، اسان جي ڪوشش آهي ته سمورن معاملن کي بهتر نموني سان جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچايو وڃي. تڪبندين ۾ ڦيرڦار رڳو قومي اسيمبلي ۾ ٿيندي صوبائي اسيمبلين ۾ نه. نئين تڪبندين سان سيٽون نه وڌنديون تنهن هوندي به بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد جي هڪ، هڪ سيٽ وڌي ويندي، نئين آدمشماري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ صوبن جي نمائندگي جي سراسري جاچڻ لاءِ آئيني بل تيار ڪيو ويو آهي ۽ پارلياماني اڳواڻن بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جون 9 سيٽون گهٽ ٿي وينديون جنهن ۾ 7 جنرل ۽ 2 مخصوص سيٽون آهن، خيبرپختونخواهه جي قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن جو اضافو ٿيندو جن مان 4 جنرل ۽ هڪ مخصوص سيٽ شامل آهي، بلوچستان ۾ مجموعي طور تي قومي اسيمبلي جي 3 سيٽن جو اضافو ٿيندو جن ۾ 2 جنرل ۽ هڪ مخصوص سيٽ شامل آهي. اسلام آباد جي سيٽ ۾ هڪ اضافو ٿيندو جڏهن ته سنڌ جي قومي اسيمبلي جي موجوده سيٽن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي 342 سيٽن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 272 سيٽن تي ميمبر سڌوسنئون چونڊجي اچن ٿا جڏهن ته اقليتن جي لاءِ 10 ۽ عورتن جي لاءِ 60 سيٽون مخصوص آهن، جن کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ پارٽين جي وچ ۾ نمائندگي جي تناسب سان ورهايو وڃي ٿو.